سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو : 9

ٽي ڀينر

 

ڊرامي جا ڪردار

پروزوروف، اينڊري

نتاشا، اينڊري جي مڱيندي ۽ پوءِ زال

اولگا

ماشا                                   اينڊري جون ڀينر

ارينا

ڪوليگن، ماشا جو مڙس ۽ ڇوڪرن جي اسڪول جو ماستر

وَرَ شينن، ليفٽيننٽ ڪرنل، بيٽري ڪمانڊر

ٽوزينيبيچ، فوج جو ليفٽيننٽ

سوليئوني، فوج جو ڪپتان

چيبوُٽڪِن: فوج جو ڊاڪٽر

فيڊوٽِڪِ: سيڪنڊ ليفٽيننٽ

روڊي: سيڪنڊ ليفٽيننٽ

فيراپانٽ: ميونسپل آفيس جو پٽيوالو

آنفسا: اڳوڻي نرس، 80 سالن جي پوڙهي.

 

 

 


 

 

ايڪٽ پهريون

 

ڏيک:

(پروزوروف جي گهر جي ڊرائينگ روم، ڊرائينگ روم جي ٿنڀن جي پٺيان ناچ هال ڏسڻ ۾ اچي ٿو، منجهند جو وقت آهي، ٻاهر اُس ٿي چمڪي ۽ موسم سٺي آهي. ناچ واري هال ۾ ماني کائڻ لاءِ وڏي ميز رکي پئي وڃي.

اولگا کي ماسترياڻيءَ واري نيري اسڪولي ڊريس پاتل آهي. هوءَ ڪڏهن بيهي ته ڪڏهن گهندي ڦرندي شاگردياڻين جون ڪاپيون ٿي جانچي.

ماشا کي ڪارو وڳو پاتل آهي، هوءَ ٽوپلو گوڏن تي رکي ڪتاب ٿي پڙهي. ارينا پنهنجن خيالن ۾ دريءَ وٽ بيٺي آهي.

اولگا:  بابا گذريل سال اڄوڪي ڏينهن پنجين مئي تي فوت ٿيو هو، اهو تنهنجي ڄمڻ جو ڏينهن هو، ان ڏينهن ڏاڍي ٿڌ هئي ۽ برف پئي هئي. مون سمجهيو هو ته مان بابا جي وفات جو ڌڪ سهي نه سگهندس ۽ مري ويندس. تون به ان ڏينهن مڙدي وانگر بيهوش پئي هئينءَ، پر ان سال کان پوءِ اسان ڪيڏي نه آرام سان بابا جي موت بابت پيا ڳالهايون. اڄ تو اڇا ڪپڙا پاتا آهن ۽ تنهنجو منهن ٻهڪي پيو (گهڙيال ٻارنهن جا ٺڪاءَ ٿو هڻي) ان ڏينهن به گهڙيال ائين ٺڪاءَ هنيا هئا (ماٺ) مون کي اهو وقت ياد آهي جڏهن بابا جولاش کڄيو هو. ٻاهر فوجي بينڊ ٿي وڳو ۽ قبرستان ۾ بابا جي لاش کي بندوقن جي سلامي ڏني ٿي وئي. بابا جرنيل هو، هڪڙي برگيڊ جو ڪماني هو، پر تنهن هوندي به بابا جي دفنائڻ لاءِ ڪي گهڻا ماڻهو ڪونه آيا هئا، ان ڪري جو ان ڏينهن مينهن ٿي پيو ۽ رستن تي برف پيل هئي.

ارينا:   هاڻي انهن ڳالهين مان ڪهڙو فائدو.

        (ٿنڀن جي پٺيان ناچ واري هال ۾ بيرن ٽوزينيبيچ، چيبوٽيڪن ۽ سوليئوني کاڌي جي ميز جي ڀرسان اچي بيهن ٿا.)

اولگا:  اڄ ڏينهن گرم آهي، اسين دريون کولي سگهون ٿا، پر اڃا صنوبر جا پن نه نڪتا آهن، اڄ کان ٻارنهن سال اڳ بابا کي هتي برگيڊ جي ڪمان ملي هئي ۽ بابا سان گڏ اسان ماسڪو ڇڏي هتي آيا هئاسين، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، مئي مهيني جا شروعاتي ڏينهن هئا، سارو ماسڪو گلن سان جهنجهيل ۽ اس ۾ وهنتل هو. يارنهن سال ٿي ويا آهن پر مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. اڄ مان ننڊ مان جاڳيس ته مون ڏٺو ته هر طرف چمڪندڙ اُس هئي، بهار هئي ۽ منهنجي دل خوشيءَ ۾ جهومڻ لڳي، دل چيو ته پنهنجي گهر موٽي وڃان.

(ٽوزينيبيچ:  کي چئي ٿو اجايون ڳالهيون.) اجايون ڳالهيون.

        (ماشا ڪتاب ۾ محو آهي ۽ سيٽي ٿي وڄائي).

اولگا:  ماشا، سيٽي نه وڄاءِ، توکي ٻين جو خيال ڪرڻ گهرجي (ماٺ) سارو ڏينهن اسڪول ۾ پڙهائڻ، شام جو ٽيوشن، مٿي ۾ سدائين سور ٿو رهي. پوڙهن وارا خيال ٿا دماغ ۾ اچن،گذريل ٽن چئن سالن کان جڏهن کان مون اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. مان سمجهندي آهيان ته منهنجي جواني ۽ طاقت ڏينهون ڏينهن مون مان نيپوڙبي پئي وڃي. رڳو هڪڙي خواهش وڌندي ٿي وڃي ته مان وڌيڪ طاقتور ٿيان.

ارينا:   ۽ اسين ماسڪو وڃون، گهر وڪڻون، سڀ لاڳاپا ٽوڙيون ۽ ماسڪو هلون.

اولگا:  مان ماسڪو ويندس، جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد ويندس.

(چيبوٽيڪن ۽ ٽوزينبيچ کلن ٿا).

ارينا:   اسان جو ڀاءُ پروفيسر ٿيندو ته ڪڏهن  به هت نه رهندو، پر اسان متان ماشا جي ڪري وڃي نه سگهون.

اولگا:  ماشا هر سال گرميون گذارڻ لاءِ اسان وٽ ماسڪو اچي سگهي ٿي.

        (ماشا سيٽي ٿي وڄائي).

ارينا:   ڌڻي ڪندو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو (دريءَ کان ٻاهر نهاري ٿي) ڪيڏو نه وڻندڙ ڏينهن آهي، الائجي ڇو اڄ مان ڏاڍي خوش آهيان. اڄ صبح مون کي ياد آيو ته اڄ منهنجي ڄمڻ جو ڏينهن آهي ۽ اوچتو منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وئي. مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد پيو جڏهن امان اڃا جيئري هئي. اڄ سارو ڏينهن منهنجي دل ۾ سٺا ۽ وڻندڙ خيال ايندا رهيا.

اولگا:  اڄ تنهنجو منهن ٻهڪي پيو، ڏاڍي سهڻي ٿي لڳين. ماشا به سهڻي آهي، اينڊري ٿلهو نه هجي ها ته وڌيڪ سهڻو لڳي ها. هن کي ٿولهه نٿي ٺهي. منهنجي عمر وڌندي ٿي وڃي، سنهي به ٿيندي ٿي وڃان، شايد ان ڪري جو اسڪول ۾ مان ڇوڪرين کان چڙيل ٿي رهان. اڄ موڪل  آهي ۽ مان گهر ۾ آهيان ته مٿي ۾ سور ڪونهي. مان ڪالهه کان اڄ پاڻ کي وڌيڪ جوان ٿي سمجهان. هونئن به منهنجي عمر رڳو اٺاويهه سال آهي. خير، خدا جي مرضيءَ سان جيڪو ٿئي ٿو سو بهتر ٿو ٿئي، پر مان سمجهان ٿي ته منهنجي شادي ٿيل هجي ها ۽ سڄو وقت مان گهر ۾ هجان ها ته جيڪر چڱو ٿئي ها (ماٺ) مان پنهنجي مڙس کي ڏاڍو ڀانيان ها.

ٽوزينبيچ:      (سوليئونيءَ سان ڳالهائيندي) تون اجايون ڳالهيون گهڻيون ٿو ڪرين، مان تنهنجون اجايون ڳالهيون ٻڌي ٿڪجي پيو آهيان (ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿئي ٿو) مون کان ٻڌائڻ وسري ويو ته اسان جو نئون ڪماني ورشينن اوهان سان ملڻ لاءِ ٿو اچي.

اولگا:  خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

ارينا:   ڇا هو وڏي عمر جو آهي؟

ٽوزينبيچ:      نه ايڏي وڏي عمر جو ته نه آهي. چاليهن پنجيتاليهن جو هوندو (هوريان هوريان پيانو وڄائي ٿو) چڱو ماڻهو لڳندو آهي. وڏي چڱائي اها اٿس ته بيوقوف نه آهي. رڳو ڳالهائي گهڻو ٿو.

ارينا:   سٺو آهي؟

ٽوزينبيچ: ها، ڏاڍو، پر هن ۾ هڪڙو عيب آهي ته هو پرڻيل آهي ۽ کيس هڪ سَسُ ۽ ٻه ڌيئون آهن ۽ ٻي ڳالهه ته اها هن جي ٻي زال آهي، جتي ويندو آهي اُتي سڀني کي ٻڌائيندو آهي ته هن کي زال ۽ ٻه ڌيئون آهن. مون کي پڪ آهي ته هو اوهان کي به ٻڌائيندو. هن جي زال بيوقوف لڳندي آهي، ڇوڪرين جهڙا وار ٺاهيندي آهي، ڳالهائڻ مهل وڏا ۽ ڏکيا اکر ڳالهائيندي ۽ فيلسوفن جهڙيون ڳالهيون ڪندي آهي. مڙس کي پريشان ڪرڻ لاءِ خودڪشيءَ جون ڪوششون ڪندي آهي. هن جي جاءِ تي مان  هجان ها ته کيس ڪڏهوڪو طلاق ڏيئي چڪو هجان ها، پر هو کيس برداشت ٿو ڪري ۽ سندس شڪايتون ڪندو ٿو رهي.

سوليئوني:     (ناچ واري هال مان چيبوٽڪن سان گڏ اچي ٿو) هڪ هٿ سان مان پنجاهه ۽ ٻن هٿن سان ٻه سؤ ڪلو کان به وڌيڪ بار کڻي سگهان ٿو. ان مان مون اهو نتيجو ڪڍيو ته ٻه ماڻهو هڪ ماڻهوءَ کان وڌيڪ طاقتور آهن ۽ هنن ۾ ٻيڻي نه پر ٽيڻي ۽ اڃا به وڌيڪ طاقت هوندي آهي.

چيبوٽڪن:    (اخبار پڙهندو اندر اچي ٿو) وارن جي ڇڻڻ کي روڪڻ جو نسخو ٻڌو، ٻه آؤنس نيفسٿالن ۽ اڌ بوتل اسپرٽ. ٻنهي کي ملائي روزانو استعمال ڪجي (نوٽ بڪ ۾ لکي ٿو) مون کي هي نسخو ڄاڻ گهرجي (سوليئوني کي) مون توکي سمجهايو ٿي ته بوتل کي ٻُجي ڏيئي ان مان شيشي جي نلڪي لنگهاءِ ۽ پوءِ پيٺل ڦٽڪيءَ جو ذرو کڻ...

ارينا: آون رومانوفچ، آون رومانوفچ.

چيبوٽڪن:    چئه منهنجي ٻارڙي، منهنجي حياتيءَ جي خوشي.

ارينا:   اڄ مان ايڏي خوش ڇو آهيان، ائين ٿو لڳيم ڄڻ اڇن سڙهن واري ٻيڙيءَ ۾ ترندي پئي وڃان. منهنجي مٿان هي نيرو وسيع آسمان آهي ۽ آسمان ۾ اڇا پکي پيا ترن.

        (پاٻوهه مان هن جا ٻئي هٿ چمي ٿو) منهنجا ننڍڙا اڇا پکي.

ارينا:   اڄ صبح مان ننڊ مان جاڳيس ۽ بستري مان ٿي اُٿيس ته اوچتو مون کي لڳو ته دنيا جي هر شئي جي حقيقت مون تي ظاهر ٿي پئي آهي. مون کي خبر پئجي وئي آهي ته مون کي ڪيئن جيئڻ گهرجي. پيارا آون رومانوفچ، هاڻي مون کي هر ڳالهه جي خبر پئجي وئي آهي، ماڻهوءَ کي محنت ڪرڻ گهرجي، ڪير به هجي هن کي پگهر جو پورهيو ڪرڻ گهرجي. اهائي زندگيءَ جي معنيٰ آهي. اها ئي حسرت آهي، اهائي خوشي آهي، ماڻهوءَ کي پورهيت هئڻ گهرجي، پرهه ڦٽيءَ جو ننڊ مان اُٿي ۽ گهٽين ۾ پٿر ڪُٽي، يا ٻڪرار هجي، ماستر هجي ۽ ٻارن کي پڙهائي، يا ريل جي انجڻ جو ڊرائيور هجي..... ڪا جواڻ جماڻ عورت اڌ منجهند جو ننڊ مان اٿي، هنڌ ۾ ڪافي پيئي، ٻه ڪلاڪ پاڻ کي سينگارڻ ۾ لڳائي، ان کان ته ماڻهو جانور هجي، ڍڳو هجي، گهوڙو هجي ۽ ڪم ڪري. ڏينهن تتي ۾ پورهيت جي اُڃ جي خبر ٿي، مان اهڙو پورهيو ڪرڻ ٿي گهران ۽ اڄ کان پوءِ جيڪڏهن مان صبح جو سوير ننڊ مان نه اُٿان ۽ سارو ڏينهن ڪم نه ڪيان ته پوءِ تون مون سان دوستي ٽوڙي ڇڏجانءِ.

چيبوٽڪن:    چڱو منهنجي مٺڙي.

اولگا:  بابا اسان کي ننڊ مان سوير اٿڻ سيکاريو ان ڪري ارينا سوير اٿندي آهي، پر نائين لڳي تائين منهن تي سنجيدگي طاري ڪري پاسا ورائيندي آهي (کلي ٿي.)

ارينا:   مون کي سنجيدو ڏسي توکي حيرت ٿيندي آهي جو تون مون کي اڃا ٻار ٿو سمجهين، مان ويهن سالن جي ٿي وئي آهيان.

ٽوزينيبيچ: مان تنهنجي پورهئي جي خواهش کي سمجهي سگهان ٿو، انڪري جو زندگيءَ ۾ مون ڪڏهن به پورهيو نه ڪيو آهي. مان پيٽبرگ جهڙي ٿڌي ۽ سُست شهر جي اهڙي گهراڻيءَ ۾ پيدا ٿيس، جنهن ۾ ڪنهن کي به پورهي ۽ پريشانيءَ جي خبر ئي ڪانه هئي. مون کي ياد آهي ته مان ڪيڊٽ ڪاليج مان موٽندو هيس ته منهنجو نوڪر منهنجو بوٽ لاهيندو هو، مان هن تي ڪاوڙ ڪندو هيس ۽ منهنجي ماءُ عجيب خوشيءَ مان مون ڏانهن نهاريندي هئي ۽ حيران ٿيندي هئي ته ٻيا مون ڏانهن ان ساڳئي نموني ڇو نه ٿا نهارين. منهنجا مائٽ هميشه مون کي پورهئي کان بچائيندا رهيا. مان نٿو سمجهان ته هو ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيا. هاڻي وقت اچي ويو آهي، وڏڦڙي جي وسڪار ڪرڻ وارو جُهڙ اسان ڏانهن وڌندو پيو اچي. اسان کي چست ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو زبردست طوفان پيو اچي. ڄاڻ پهچڻ وارو آهي، ويجهو اچي پهتو آهي، اهو اسان جي سستي، آرام پسندي، بيزاري ۽ پورهيي کان لنوائڻ واري عادت ۽ ان بيزاريءَ کي جنهن ۾ اسان جي سوسائٽي اندران ئي اندران ڳرندي پئي وڃي، ڪک پن وانگر اُڏائي کڻي ويندو، مان پورهيو ڪندس، پنجويهن ٽيهن سالن ۾ هر ڪو ماڻهو پورهيو ڪندو. ها، اسان مان هر ڪو ماڻهو پورهيو ڪندو.

چيبو ٽڪن: مان پورهيو نه ڪندس.

ٽوزينيبيچ: توکي پڇي ڪير ٿو.

سوليئوني:     خدا جو شڪر جو پنجويهن سالن ۾ تون هن دنيا ۾ ئي نه هوندين، ٻن ٽن سالن ۾ توکي اڌ رنگ ٿيندو ۽ تون مري ويندين يا وري ڪنهن ڏينهن مون کي توتي ڪاوڙ ايندي ۽ منهنجي پستول جي گولي تنهنجي مغز جي پار هوندي.

        (هو سينٽ جي شيشي کيسي مان ڪڍي پنهنجي سيني ۽ هٿن تي هڻي ٿو).

چيبوٽڪن:    اهو سچ آهي ته مون ڪڏهن محنت نه ڪئي، جڏهن کان مون يونيورسٽي ڇڏي آهي، ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ڪو ڪتاب نه پڙهيو آهي، رڳو اخبارون پڙهندو آهيان (کيسي مان اخبار ڪڍي ٿو)، اخبار مان ئي مون کي خبر پئي آهي ته ڪنهن زماني ۾ ڊوبروليل يوبوف نالي ڪو ماڻهو هو، پر هن ڇا لکيو تنهن جي خبر خدا کي آهي، مون کي ناهي (هيٺ کڙڪو ٿو ٿئي) هيٺان ڪو مون کي سڏي پيو. هو مون کي هيٺ پيا سڏين، ڪو مون سان ملڻ آيو آهي، مان اجهو ٿو موٽي اچان.

(ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏيندو تکو تکو ٻاهر وڃي ٿو).

ارينا:   هي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو.

ٽوزينيبيچ:     سچ ٿي چئين. وڃڻ مهل منهن مان ڏاڍو سنجيدو ٿي لڳو، پڪ هو تو لاءِ ڪا سوکڙي وٺي ايندو.

ارينا:   مون کي هن جي اها ڳالهه نٿي وڻي.

اولگا:  واقعي هو سدائين ڪو نه ڪو بيوقوفيءَ وارو ڪم ضرور ڪندو آهي.

ماشا:  ڪناري تي، وڪڙرٽ اڪ جو ٻوٽو آهي.

ان اڪ جي چوڌاري سوني زنجيري ٿي لڙڪي.

ها، سوني زنجيري..... (ماشا جهونگاريندي اُٿي ٿي).

اولگا:  ماشا، اڄ تون اُداس ٿي لڳين.

        (ماشا جهونگاريندي ٽوپلو پائي ٿي).

اولگا:  ڪيڏانهن ٿي وڃين؟

ماشا:  گهر ٿي وڃان.

اولگا:  عجيب ڳالهه آهي.

ٽوزينيبيچ:     ڀيڻ جي سالگرهه تي گهر ٿي وڃين.

ماشا:  پوءِ ڇاهي، شام تائين موٽي ايندس. خدا حافظ منهنجي پياري (ارينا کي پيار ڪري ٿي) هڪ ڀيرو وري مان تنهنجي صحت ۽ خوشيءَ لاءِ دعا ٿي گهران. بابا جڏهن جيئرو هو تڏهن سالگرهه جي موقعي تي ويهه ٽيهه آفيسر ايندا هئا ۽ گوڙ لڳو پيو هوندو هو. اڄ هڪ يا ٻه مس آيا آهن ۽ قبر جهڙي ويراني آهي، مان وڃان ٿي، اڄ مان اُداس آهيان، ڏکويل آهيان، منهنجي ڳالهين ڏي ڌيان نه ڏيو (سندس اکين ۾ لڙڪ آهن پر هوءَ کلي ٿي) پاڻ پوءِ ڳالهائينداسين، تيستائين مان ٿورو چڪر هڻي ٿي اچان.

ارينا: (خوشيءَ مان) چڱو.

اولگا:  (آلين اکين سان) ماشا، مان تنهنجي حالت سمجهين ٿي سگهان.

سوليئوني:     جڏهن ڪو مڙد فيلسوفياڻيون ڳالهيون ڪري ته معنيٰ ڪجهه بحثي، پر جڏهن عورت فيلسوفياڻيون ڳالهيون ڪري ته ان کي چئبو آهي.......... ڇا چئبو آهي؟

ماشا:  ڀوائتا انسان، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

سوليئوني:     ڪجهه نه.

”ان کان اڳ جو هو دانهن ڪري، آڇ هن کي ڪيرائي ڇڏيو. (هلڪي ماٺ)

ماشا:  (اولگا کي اڻ وڻندڙ انداز سان) رو نه.

        (آنفسا ۽ فيراپانٽ داخل ٿين ٿا).

آنفسا: هن پاسي کان اچ، تنهنجا جوتا صاف آهن (ارينا کي) هيءُ خط تعلقي ڪائونسل مان پروٽوپوپوف اوهان لاءِ موڪليو آهي.

ارينا:   سندس مهرباني، منهنجي پاران سندس ٿورو مڃجانءِ (خط وٺي ٿي).

فيراپانٽ: ڇا؟

ارينا:   (ڏاڍيان) منهنجي پاران ٿورو مڃجانءِ.

اولگا:  (نوڪرياڻيءَ کي) هن کي، ٿورو ڪيڪ ڏيئي. فيراپانٽ، وڃ ته ڪيڪ ڏئي.

فيراپانٽ: ڇا؟

آنفسا: اچ متان فيراپانٽ (هوءَ فيراپانٽ سان ٻاهر وڃي ٿي).

ماشا:  مون کي اهو بروٽوپوپوف ڪونه وڻي، ميخائيل پا پليچ يا اونيچ جيڪو به آهي، هن کي دعوت تي سڏائڻ نه گهرجي.

ارينا:   مون هن کي ڪونه سڏايو آهي.

ماشا:  چڱو ڪيو ٿئي.

        (چيبوٽڪن اندران اچي ٿو، هن جي پٺيان سندس نوڪر چانديءَ جو سماوار کڻي ٿو اچي. سڀني کي اها ڳالهه نٿي وڻي).

اولگا:  (هٿن ۾ منهن لڪائيندي) ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو سماوار آندو اٿئين (هوءَ ناچ واري هال ۾ رکيل ميز ڏانهن وڃي ٿئي).

ارينا:   آون رومانوفچ، توکي ڇا ٿيو آهي.

ٽيبوسن بيچ: (کلي ٿو) مون توکي اڳواٽ چيو ڪونه هو.

ماشا:  آون رومانوفچ اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي.

چيبوٽڪن:    منهنجون پياريون، منهنجون مٺڙيون، اوهان کان سواءِ منهنجو ڪو ڪونهي، اوهان کان وڌيڪ هن دنيا ۾ ڪا شئي پياري نه آهي. مان سٺ سالن جو ٿيڻ وارو آهيان، اڪيلو ۽ بنهه معمولي ماڻهو آهيان. سٺ سالن جو پريشان حال پوڙهو، اوهان لاءِ پيار کانسواءِ مون ۾ ٻي ڪا چڱائي ڪانهي. اوهان جو پيار نه هجي ها ته مان ڪڏهن جو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان ها (ارينا کي) منهنجي پياري ٻارڙي، مان توکي تڏهن کان سڃاڻان جڏهن تون ڄائي هئينءَ. مون توکي هنج ۾ کيڏايو آهي، مون کي تنهنجي ماءُ سان ايترو ته پيار هو...

ارينا:   ههڙي قيمتي سوکڙي ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.

چيبوٽڪن:    (هلڪي ڪاوڙ سان) بس هاڻي گهڻي ٿي (نوڪر کي) سماوار هتي رکُ (ارينا جي اهل ڪندي) هيڏي قيمتي سوکڙي...

        (نوڪر ناچ واري هال ۾ سماوار کڻي وڃي ٿو).

آنفسا: پيارا ٻارو، هڪڙو ماڻهو اوهان سان ملڻ آيو آهي، ڪرنل آهي، هن ڪوٽ لاٿو آهي ۽ هيڏانهن پيو اچي، پياري ارينا! هن سان چڱي نموني ملجانءِ (وڃي ٿي) منجهند جي مانيءَ کي به گهڻو وقت ٿي ويو آهي.

ٽيوسين بيچ: منهنجي خيال ۾ ورشينن هوندو.

        (ورشينن اندر اچي ٿو)

ٽيوسين بيچ: ليفٽيننٽ ڪرنل ورشينن!

ورشينن:       (ماشا ۽ ارينا کي چئي ٿو) اجازت هجي ته مان پنهنجي واقفيت ڪرايان، مان ورشينن آهيان، اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اوهين ڪيتريون نه وڏيون ٿي ويون آهيو.

ارينا:   ويهو، اسان کي به ڏاڍي خوشي ٿي آهي.

ورشينن:       (خوشيءَ مان) مان ڏاڍو خوش آهيان، اوهين پاڻ ۾ ٽي ڀينر هيون، مون کي ٽي ننڍڙيون ٻارڙيون ياد آهن، مون کي اوهان جون شڪليون ياد نه آهن، ايترو ياد آهي ته اوهان جي والد ڪرنل پروزوروف کي ٽي ڌيئون هيون، اهو مون کي چِٽيءَ طرح ياد آهي، جو مون اوهان کي پنهنجين اکين سان ڏٺو هو، وقت ڪيئن نه اُڏامي ٿو وڃي.

ٽيوسن بيچ:   ڪرنل ورشينن ماسڪو مان آيو آهي.

ارينا:   ماسڪو مان! اوهان ماسڪو مان آيا آهيو؟

ورشينن:       ها، تنهنجو والد اُتي ڪماني هو ۽ مان هن وٽ آفيسر هيس (ماشا کي) مون کي تنهنجي شڪل ٿوري ياد پوي ٿي.

ارينا:   او اولگا، (ناچ واري هال ڏي منهن ڪري سڏي ٿي) اولگا، هيڏانهن ته اچ.

        (اولگا ناچ واري هال مان ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿي).

ارينا:   ڪرنل ورشينن ماسڪو مان آيو اٿيئي.

ورشينن:       تون پڪ اولگا سر جيفنا آهين، سڀ کان وڏي ۽ تون ماشا آهين…… ۽ تون ارينا آهين. سڀ کان ننڍي.

اولگا:  اوهين ماسڪو مان آيا آهيو؟

ورشينن:       ها….. مان ماسڪو ۾ پڙهيو آهيان ۽ ماسڪو ۾ ئي نوڪريءَ ۾ گهڙيو هيس، ماسڪو ۾ گهڻو وقت رهيس ۽ نيٺ پوءِ مون کي هتي ڪماني ڪري موڪليو ويو ۽ هاڻ مان اوهان جي سامهون آهيان، مون کي اوهان جي ايتري يادگيري ڪانهي، پر ايتري يادگيري آهي ته اوهين ٽي ڀينر هيون، اوهان جي والد جي شڪل منهنجي دل تي اُڪريل آهي. هينئر به اکيون ٻوٽيان ته هن جي تصوير اکين اڳيان اچي ويندي، ماسڪو ۾ مان ڪڏهن ڪڏهن اوهان جي گهر به ايندو هيس.

اولگا:  مان سمجهندي هيس ته ماڻهو مون کان وسرندا ناهن پر……

ورشينن:       منهنجو نالو اليگزينڊر اگنات…… ييفچ.

ارينا:   اليگزينڊر اگنات ييفچ، اوهين ماسڪو مان آيا آهيو، ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي.

اولگا:  اوهان کي خبر آهي ته اسين به ماسڪو وڃي رهڻ وارا آهيون.

ارينا:   اميد ته سرءُ ڌاري اسين ماسڪو ۾ هونداسين، ماسڪو ۾ اسان جو گهر آهي، اسين اُتي ڄايون هيون سين..... پراڻي باسمياني گهٽيءَ ۾.

        (ٻئي خوشيءَ مان کلن ٿيون).

ماشا:  اوچتو پنهنجي شهر جي ڪنهن ماڻهوءَ سان ملڻ ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي (يڪدم) هاڻي مون کي ياد پيو، اورگا، ٿورو ياد ڪر، تنهن زماني ۾ هڪڙو آفيسر هوندو هو، مشڪريءَ ۾ سڀ هن کي ميجر سڏيندا هئا......

ورشينن:       (کلندي) ها ٺيڪ ٿي چئين، عشق جو بيمار ميجر!

ماشا:  تڏهن اوهان کي مڇون هيون... اوهان جي عمر چڱي وڏي ٿي وئي آهي (لڙڪن گاڏڙ آواز سان) ڪيڏي نه وڏي...

ورشينن:       تنهن زماني ۾ مان جوان هيس ۽ هو مون کي عشق جو بيمار ميجر سڏيندا ها، مون کي عشق ٿيو هو، پر هاڻي اها ڳالهه نه آهي.

اولگا:  تڏهن اوهان جو هڪڙو وار به اڇو نه هو، هاڻي اوهان پڪي وهيءَ جا ته لڳو ٿا پر پوڙها نٿا لڳو.

ورشينن:       وري به منهنجي عمر ٽيتاليهه سال آهي، اوهان کي ماسڪو ڇڏي گهڻو وقت ٿيو آهي ڇا؟

ارينا:   يارنهن سال ٿيا آهن. ماشا، عقل سک، نه رو (آلين اکين سان) هاڻي تون مون کي به رئاڙيندينءَ.

ماشا:  مان ڪٿي ٿي روئان..... اوهين ڪهڙي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا.

ورشينن:       باسميني اسٽريٽ ۾.

اولگا:  اسين به ان گهٽيءَ ۾ رهندا هئاسين.

ورشينن:       ڪجهه وقت لاءِ مان نيميتسڪي اسٽريٽ ۾ رهندو هيس، اتان مان پنڌ ڪراسني بئريڪس ويندو هيس، مون کي ياد آهي ته اُتي رستي ۾ هڪڙي ويران پل هئي، مان ان پل تان لنگهندو هيس، پل جي هيٺان وهندڙ پاڻيءَ جو آواز ايندو هو ۽ مون کي سخت اڪيلائي ۽ اُداسيءَ جو احساس ٿيندو هو (ماٺ) هت تمام ويڪرو درياءَ آهي جيڪو ڏاڍو شاندار لڳندو آهي.

اولگا:  ها، پر هتي ٿڌ ڏاڍي ٿي پئي ۽ مڇر به گهڻا آهن.

ورشينن:       واقعي؟ مون سوچيو ٿي ته هتان جي آب و هوا سٺي ۽ صحيح معنيٰ ۾ روسي آهي. ٻيلا، درياہه، صنوبر جا وڻ، صنوبر جا وڻ ڪيڏا نه ساوا ۽ پيارا آهن. اهي وڻ مون کي ڏاڍا وڻندا آهن. هتي ماڻهو وڌيڪ مزي سان زندگي گذاري سگهي ٿو، رڳو هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هتي اسٽيشن شهر کان پندرنهن ميل يا اڃا به وڌيڪ پري ڇو آهي؟

سوليئوئي:     مان ٻڌائي سگهان ٿو ته ائين ڇو آهي؟ (سڀ هن ڏانهن نهارين ٿا) اسٽيشن ويجهي هجي ها ته ايڏي پري نه هجي ها ۽ اها جيئن ته پري آهي ان ڪري ويجهي ٿي نٿي سگهي.

        (اڻ وڻندڙ خاموشي).

ٽيوسين بيچ: وسِلي وسييلچ، تون صفا مشڪرو آهين!

اولگا:  هاڻي مون کي ياد پيو ته مون اوهان کي ڏٺو آهي، مون اوهان کي سڃاتو.

ورشينن:       اوهان جي والده سان منهنجي چڱي واقفيت هئي.

چيبوٽڪن: ڏاڍي سٺي عورت هئي، ڌڻي کيس جنت ۾ جاءِ ڏي.

ارينا:   امان جي قبر ماسڪو ۾ آهي.

اولگا:  نوووڊيوچي واري قبرستان ۾.

ماشا:  امان جي شڪل مون کان وسرندي ٿي وڃي، اسان کي به ائين ئي ماڻهو وساري ڇڏيندا، اسان به وسري وينداسين.

ورشينن:       ها، اسان کي به ماڻهو وساري ڇڏيندا، اهائي اسان جي تقدير آهي، ان لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي، اڄ جيڪي به شيون اهم ۽ معنيٰ واريون ٿيون لڳن، ڪو وقت ايندو جو اهي ساڳيون شيون به معمولي ۽ بنهه غير اهم لڳنديون ۽ اسين انهن کي وساري ڇڏينداسين (ماٺ)، عجيب ڳالهه آهي ته اسين سمجهي نٿا سگهون ته ايندڙ زماني ۾ ڪهڙي شئي اهم ۽ عظيم سمجهي ويندي ۽ ڪهڙي معمولي  رواجي ۽ کل جهڙي. شروع ۾ ڪاپرنيڪس ۽ ڪولمبس جون ايجادون ۽ ڪارناما کل جهڙا سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ معمولي ماڻهن جون بيوقوفيءَ واريون لکڻيون عظيم سچايون تصور ٿينديون هيون. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو وقت به اچي جو جنهن نموني اسان زندگي پيا گذاريون ته ان کي ماڻهو عجيب، بيوقوفن واري ۽ ڪنهن حد تائين ناپاڪ سمجهن، رياڪاريءَ واري سمجهن.

ٽيوسن بيچ:   ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسان جي زندگيءَ کي شاندار سمجهيو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي. هڪڙي ڳالهه مڃڻي پوندي ته اسان جي دؤر ۾ تشدد نه آهي. وچ بازار ۾ ڦاهيون نه ٿيون ڏنيون وڃن، فاتح ملڪن کي فتح نٿا ڪن، پر تنهن هوندي به زندگيءَ ۾ وڏا سورَ آهن.

سو ليئوني:    (وڏي آواز ۾ ڄڻ چوزن کي پيو سڏي) ڪلڪ........ ڪلڪ....... ڪلڪ....... اسان جي بيرن صاحب کي سڀ کان وڌيڪ فيلسوفاڻيون ڳالهيون ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي.

ٽيوسين بيچ: ويسلي ويسيلچ، مهرباني ڪري منهنجي جان ڇڏ (اُٿي ٻئي هنڌ ويهي ٿو) هتي هي بيزار ڪريو ڇڏي.

سوليئوني:     (پهريون وانگر) ڪلڪ........ ڪلڪ......... ڪلڪ.

ٽيوسين بيچ:  (ورشينن کي) ايڏا ڏک ۽ ايذاءَ جيڪي چوڌاري نظر ٿا اچن، انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اسان جي سوسائٽي اخلاق جي مٿاهينءَ تي پهچي وئي آهي.

چيبوٽڪن:    بيرن، تو اڳهڻو چيو ته شايد اسان جي زندگيءَ کي شاندار سمجهيو وڃي، ماڻهو ڏاڍا ننڍا آهن (اُٿي بيهي ٿو) ڏس مان ڪيڏو نه ننڍو آهيان.

        (اسٽيج کان پري ڪووائلن وڄائي ٿو).

ماشا:  اينڊري ٿو پيانو وڄائي، اينڊري اسان جو ڀاءُ آهي.

ارينا:   اسان جو ڀاءُ وڏو پڙهيل، وڏو سمجهندار آهي. اميد ته پروفيسر ٿيندو. اسان جو بابا فوجي هو، پر اينڊري تعليم کي پنهنجو پيشو بڻائيندو.

اولگا:  اڄ اسان کيس ڏاڍو چيڙايو، لڳي ٿو کيس عشق ٿيو آهي.

ارينا:   پاڙي جي هڪڙي ڇوڪريءَ سان، ٿي سگهي ٿو ته اڄ هوءَ ملڻ لاءِ اچي.

ماشا:  هوءَ ڏاڍا عجيب نموني جا ڪپڙا پائيندي آهي، سندس ڪپڙا هوندا ته سٺا ۽ فيشني آهن، پر عجيب هوندا آهن. رواجي اسڪرٽ، اڻ وڻندڙ رنگ، مثال طور پيلو رنگ، ان تي واهيات جهالر ۽ مٿان ڳاڙهو بلاؤز، سندس چمڪندڙ ڳل ائين لڳندا آهن ڄڻ انهن کي ڇليو هجائين. منهنجي دل نٿي مڃي ته اينڊري اهڙي ڇوڪريءَ سان پيار ڪري سگهي ٿو. هن جو ذوق ڏاڍو سٺو آهي، هو رڳو اسان کي چيڙائڻ لاءِ هن سان پيار جي ڳالهه ڪندو آهي. مون ٻڌو آهي ته هو لوڪل ڪائونسل جي چيئرمين پروٽوپوپوف سان ٿي شادي ڪري. اها جوڙي سٺي ٿيندي (پاسي واري در ڏانهن منهن ڪري) اينڊري، ٿورو هيڏانهن ته اچ.    (اينڊري اچي ٿو)

اولگا:  هي منهنجو ڀاءُ اينڊري سر گيبيچ آهي.

ورشينن:       مان ورشينن آهيان.

اينڊري:                منهنجو نالو اينڊري پروزوروف آهي (منهن تان پگهر اگهي ٿو) منهنجي خيال ۾ اوهين نوان ڪماني آهيو.

اولگا:  خبر اٿيئي، ڪرنل ورشينن ماسڪو مان آيو آهي.

اينڊري:        واقعي! مبارڪ هجيو، منهنجون ڀينر اوهان کي سک سان ويهڻ نه ڏينديون.

ورشينن:       مان پهريان ئي اوهان جي ڀينرن کي پنهنجي ڳالهين سان بيزار ڪري چڪو آهيان.

ارينا:   هي ڏسو، اينڊريءَ مون کي تصوير جو هي ننڍڙو فريم ڏنو آهي (هن کي فريم ڏيکاري ٿي) اهو هن پاڻ ٺاهيو آهي.

ورشينن: (فريم ڏسي ٿو، هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا چوي) ڏاڍو سٺو آهي.

ارينا:   هي پيانو تي رکيل فريم ڏسو ٿا، اهو به اينڊري ٺاهيو آهي.

        (اينڊري هٿ لوڏي ٻاهر هليو وڃي ٿو).

اولگا:  اسان جو ڀاءُ ڏاڍو عقلمند آهي، وائلين وڄائيندو آهي. ننڍيون ننڍيون شيون ٺاهيندو آهي. هن ۾ وڏا ڳڻ آهن. اينڊري نه وڃ، هن کي کسڪي وڃڻ جي ڏاڍي خراب عادت آهي.

        (ماشا ۽ ارينا هن کي ٻانهن کان جهلي کلنديون هن کي واپس وٺي ٿيون اچن).

اينڊري:        مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو.

ماشا:  تون بيوقوف آهين، ڪرنل ورشينن کي عشق ۾ بيمار ميجر چوندا هئا، پر هو دل ۾ نه ڪندو هو.

ورشينن:       بلڪل نه.

ماشا:  مهنجي دل ٿي چوي ته توکي عشق ۾ بيمار وائلن وڄائڻ وارو سڏيان.

ارينا:   يا عشق جو بيمار پروفيسر.

اولگا:  هن کي عشق ٿيو آهي، اسان جي اينڊري کي پيار ٿيو آهي.

ارينا:   واهه واهه، وري وري چئه ته اينڊريءَ کي پيار ٿيو آهي.

چيبوٽڪن:    (پٺيان اچي ٻئي ٻانهون هن جي چيلهه جي چوڌاري ورائي ٿو) قدرت اسان کي هن ڌرتي تي رڳو پيار ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي (هو ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو اخبار اڃا تائين هن جي هٿ ۾ آهي).

اينڊري:        چڱو چڱو، هاڻي گهڻي ٿي (منهن تان پگهر اگهي ٿو) مون ساري رات اک نه ٻوٽي آهي. هينئر منهنجو دماغ جاءِ تي نه آهي. صبح جو چئين لڳي تائين پڙهندو رهيس، پوءِ سمهڻ جي ڪيم ته ننڊ نه آئي. اجايون ڳالهيون سوچيندور هيس، تان جو صبح ٿيو ۽ ڪمري ۾ اُس داخل ٿي. سوچيان ٿو جيستائين هتي آهيان انگريزي جو ڪو ڪتاب ترجمو ڪري وٺان.

ورشينن: ڇا اوهين انگريزي پڙهي ڄاڻو.

اينڊري:        ها، اسان جي پيءُ، شل کيس جنت نصيب ٿئي، اسان کي پڙهائي پڙهائي ٿڪائي ڇڏيندو هو. آهي ته بيوقوفيءَ جي ڳالهه پر پوءِ به مان چوان ٿو ته بابا جي وفات کان پوءِ مون تان ڄڻ ته بار هلڪو ٿي پيو. سال جي اندر مان ٿلهو ٿي ويس، ڄڻ منهنجو بُت وڏي بار کان آجو ٿي پيو. بابا جي ڪري مان ۽ منهنجون ڀينرون فرانسي، جرمن ۽ انگريزي ٻولي ڄاڻندا آهيون. ارينا کي ته اطالوي به ايندي آهي، اهي ٻوليون سکڻ لاءِ اسان کي وڏي محنت ڪرڻي پئي.

ماشا:  هن ننڍي هنڌ تي ايتريون ٻوليون ڄاڻڻ اجائي عياشي آهي، مان ته چوندس ته بنهه اجايو آهي، جيئن ڇهين آڱر اجائي هوندي آهي، اسان کي ڪيتريون ڳالهيون اچن ٿيون، جيڪي اجايون آهن.

ورشينن:       ڇا واقعي؟ (کلي ٿو) توکي ڪيتريون اجايون ڳالهيون اينديون آهن؟ مان سمجهان ٿو ته هن ڌرتيءَ تي ڪابه اهڙي جاءِ ڪانهي، ڀل اُتي ڪيتري به سڃ ڇو نه هجي، جتي ذهانت ۽ تعليم اجايون هجن، سمجهون کڻي ته هن شهر جي سوين هزارين رهواسين ۾، جيڪي بلاشڪ ته اڻ سڌريل ۽ غير مهذب آهن. اوهان رڳو ٽي آهيو، ظاهر آهي ته اهي ٽي ماڻهو سوين هزارين ماڻهن تي پنهنجي برتري قائم رکي نه سگهندا، پر آهستي آهستي جيئن جيئن زندگي اڳتي وڌندي، اوهين انهن ۾ ملي ويندا. سوين هزارين جاهل ۽ غير مهذب ماڻهن جو ميڙ اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏيندو، پر اوهين ائين ختم نه ٿيندا زندگيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيندا. اڄ اوهين رڳو ٽي آهيو، اوهان کان پوءِ شايد اوهان جهڙيون رڳو ڇهه عورتون هونديون، پوءِ ٻارنهن، ائين اوهان جو انگ وڌندو ويندو، تان جو اوهان جهڙيون عورتون گهڻائيءَ ۾ ٿي وينديون. ٻن ٽن سؤ سالن ۾ اسان جي هن پوڙهي ڌرتيءَ تي زندگي ڏاڍي سٺي، وڻندڙ ۽ حيرت جهڙي هوندي. ماڻهو اهڙي ئي زندگيءَ جي خواهش ٿو ڪري ۽ جيڪڏهن اهڙي زندگي اڃان وجود ۾ نه آئي آهي ته ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو ان جو تصور ڪري. انتظار ڪري ۽ ان جا خواب ڏسي. پاڻ کي اُن جي آڌرڀاءَ لاءِ تيار ڪري. ماڻهوءَ کي پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ ڏسڻ وائسڻ، سوچڻ سمجهڻ گهرجي ۽ اوهين شڪايت ٿيون ڪيو ته اوهان کي ڪيتريون اجايون ڳالهيون اچن ٿيون.

ماشا:  (ٽوپلو لاهيندي) مان مانيءَ تائين ترسان ٿي.

ارينا:   (ٿڌو ساهه کڻي) اسان مان ڪنهن کي گهرجي  ته هو اهي سڀ ڳالهيون لکي ڇڏي.

        (اينڊري اُتان کسڪي ٿو وڃي).

ٽيوسين بيچ: اوهان چيو ته ايندڙ زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي زندگي حيرتناڪ حد تائين سهڻي هوندي.، شايد اوهان سچ ٿا چئو، ان سٺي ۽ سهڻي زندگيءَ کان اسان گهڻو پري آهيون، پر اسان کي گهرجي ته اسان ايترو پري کان ان ۾ حصو وٺون، ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪيون ۽ ڪم ڪيون.

ورشينن:       (اُٿندي) ها واقعي، هتي اوهان وٽ ڪيڏا نه گل آهن (چوڌاري نهاري ٿو) اوهان جو گهر به ڏاڍو سٺو آهي. مون کي اوهان سان ريس ٿي ٿئي، مون ته ساري زندگي ڪبوتر جي کڏيءَ جهڙين فليٽن ۾ گذاري، جن ۾ ٻه ڪرسيون ۽ ديوان هوندو هو. تيل جي چلهي مان دونهون پيو نڪرندو هو، زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مون کي ههڙا گل نصيب نه ٿيا، پر ان لاءِ مون کي ڪو افسوس ڪونهي.

ٽيوسين بيچ: واقعي اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي، شايد اوهان جو خيال آهي ته مان هڪڙو جذباتي جرمن آهيان، پر مان جرمن نه آهيان، روسي آهيان، مون کي ته جرمن ٻولي ڳالهائڻ به نه ايندي آهي، منهنجو پيءُ يوناني گرجا جو پوئلڳ هو ۽ پڪو مذهبي هو.

ورشينن:       (اسٽيج تي گهمندي) اوهان کي خبر آهي ته مان ڏاڍو حيران ٿي سوچيندو آهيان ته اها ڪهڙي نه عجيب  صورتحال ٿئي جيڪڏهن اسان کي هڪ دفعو وري سوچ سمجهه سان نئين سر زندگي گذارڻ جو موقعو ملي..... سمجهو ته هن مهل تائين اوهان جيڪا زندگي گذاري ان کي اوهان هڪ پاسي رکي سگهو، ڄڻ اها غلط لکيل ڊرافٽ هئي ۽ اوهان نئين ڊرافٽ وانگر نئين زندگي شروع ڪري سگهو، جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ته مان سمجهان ٿو ته اوهان مان هرڪو پنهنجي پراڻي زندگيءَ کي نه ورجائيندو. اوهان مان هر ڪو ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهجي لاءِ نئون ماحول ٺاهيندو. ههڙي فليٽ جنهن ۾ گل هجن ۽ روشني هجي....... منهنجي هڪ زال ۽ ٻه ڌيئون آهن،  زال جي صحت سٺي نه آهي...... جيڪڏهن مون کي وري زندگي شروع ڪرڻ جو موقعو ملي ته مان شادي نه ڪندس، سچ پچ ته اصل نه ڪندس.

     (ڪوليگن اسڪول ماستر جي لباس ۾ اندر اچي ٿو).

ڪوليگن:      (ارينا جي ويجهو ايندي) منهنجي پياري ڀيڻ، سالگرهه مبارڪ هجئي، مان دل جي گهرائين سان توکي مبارڪ ٿو ڏيان، مان تنهنجي صحت ۽ انهن سڀني شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ دعاگو آهيان جيڪي تو جهڙيون نوجوان ڇوڪريون حاصل ڪرڻ جون خواهشمند هونديون آهن ۽ توکي هيءُ ڪتاب سوکڙي ٿو ڏيان (هن کي ڪتاب ڏي ٿو) هي ڪتاب اسان جي اسڪول جي گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ آهي، اهو ڪتاب مون لکيو آهي، معمولي ڪتاب آهي ۽ مون واندڪائيءَ ۾ لکيو آهي. اُميد ته تون هيءُ ڪتاب ضرور پڙهندينءَ. سڀني لاءِ صبح بخير. (ورشينن کي) اجازت هجي ته پنهنجي واقفيت ڪرايان. منهنجو نالو فوئڊر ڪوليگن آهي. مان گرامر اسڪول ۾ ماستر آهيان (ارينا کي) هن ڪتاب ۾ انهن سڀني شاگردن جي نالن جي فهرست ڏنل آهي جن گذريل پنجاهه سالن ۾ اسان جي اسڪول مان آخري امتحان پاس ڪيو (لاطيني ٻوليءَ ۾ چئي ٿو) هر ڪو ماڻهو پنهنجي وس آهر ڪم ڪندو آهي، وڏا ماڻهو وڏا ڪم ڪندا آهن ۽ ننڍا ماڻهو ننڍا ڪم ڪندا آهن.

ارينا:   اهو ساڳيو ڪتاب تون مون کي ايسٽر جي موقعي تي ڏيئي چڪو آهين.

ڪوليگن:      (کلي ٿو) هان؟ ته پوءِ موٽائي ڏي. يا ڪرنل کي ڏي. ڪرنل صاحب، هيءُ ڪتاب وٺو موقعو مليوَ ته پڙهجو.

ورشينن:       مهرباني (وڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو). اوهان سڀني سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.

اولگا:  اوهين وڃو ٿا؟ اوهين وڃي نٿا سگهو.

ارينا:   اوهان کي اسان سان ماني کائڻي پوندي، مهرباني ڪري ترسي پئو.

اولگا:  اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.

ورشينن:       (ٿورو جهڪي) مون اوهان جي سالگرهه جي پارٽيءَ ۾ اچي رخنو وڌو، ان لاءِ معافي، مون کي اوهان جي سالگرهه جي خبر نه هئي، مون ته اڃا تائين اوهان کي مبارڪ به ڪانه ڏني آهي (اولگا سان گڏ هال ڏانهن وڃي ٿو).

ڪوليگن:      دوستو، اڄ آچر جو ڏينهن آهي ۽ آچر آرام جو ڏينهن هوندو آهي. اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي عمر ۽ مرتبي جي حساب سان آرام ڪرڻ ۽ مزو ماڻڻ گهرجي، اسان کي گهرجي ته ايندڙ سياري تائين غاليچا ويڙهي رکون ۽ تِڏ کان بچاءُ لاءِ انهن تي پاؤڊر ڇڙڪڻ نه وساريون... روم جا رهاڪو ان ڪري صحتمند هوندا هئا جو هنن کي خبر هوندي هئي ته ڪڏهن ڪم ڪجي ۽ ڪڏهن آرام ڪجي... هنن جو زندگي گذارڻ جو خاص انداز هو، اسان جو هيڊماستر چوندو آهي ته زندگيءَ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه زندگي گذارڻ جو انداز آهي، جنهن ۾ انداز نه هوندو اها ختم ٿي ويندي. اهو ساڳيو اصول اسان جي روزاني زندگيءَ سان لاڳو آهي (کلندي ماشا جي چيلهه جي چوڌاري ٻانهن ورائي ٿو) ماشا جو مون سان پيار آهي. منهنجي زال مون سان پيار ڪندي آهي..... اسان کي غاليچن سان گڏ پڙدا به ويڙهڻا پوندا، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان. ماشا، اڄ هيڊماستر اسان کي دعوت ڏني آهي، پاڻ کي چئين لڳي هلڻو آهي. هيڊماستر اسڪول جي عملي ۽ سندن ٻارن سان سير جو بندوبست ڪيو آهي.

ماشا:  مان نه هلندس.

ڪوليگن:      (ڏک مان) ڇو نه هلندينءَ پياري.

ماشا:  ان بابت پوءِ ڳالهائينداسين (هلڪي چڙ مان) چڱو  هلندس، حالي مون کي ڇڏ (وڃي ٿي).

ڪوليگن:      چڪرچاڙيءَ کان پوءِ اڄوڪي شام هيڊماستر وٽ گذارينداسين. هن جي صحت خراب آهي، پر تڏهن به هو ڪوشش ڪندو آهي ته سڀني سان پير کڻي. هو تمام سٺو، نيڪ ۽ سچ پچ ته ساراهه جهڙو ماڻهو آهي. ڪالهه ڪائونسل جي ميٽنگ کانپوءِ هن مون کي چيو فاؤڊر ڪوليگن، مان ٿڪجي پيو آهيان، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان (ڀت جي گهڙيال ڏانهن ڏسي پنهنجي واچ ڏانهن ڏسي ٿو) اوهان جو گهڙيال ست منٽ اڳتي آهي. هن چيو مان ٿڪجي پيو آهيان.

        (پٺيان کان وائلين جو آواز اچي ٿو).

اولگا:  مهربانؤ...... اچو، پنهنجي پنهنجي جاءِ وِلاريو، ماني تيار آهي، اڄ اسان ارينا جي سالگرهه جو خاص ڪيڪ ٺاهيو آهي.

ڪوليگن:      پياري اولگا، ڪالهه رات مون ٻارهين تائين ڪم ڪيو، ڏاڍو ٿڪجي پيس، پر اڄ مان خوش آهيان (هو هال ۾ ٽيبل جي ڀرسان وڃي ٿو) منهنجي پياري اولگا.

چيبوٽڪن:    (اخبار کيسي ۾ وجهي ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏي ٿو) واهه سائين واهه، سالگرهه جو ڪيڪ!

ماشا:  (سختيءَ سان چيبوٽڪن کي) اڄ تون ڪجهه نه پيئندين، ٻڌين ٿو، تنهنجي صحت لاءِ پيئڻ ڏاڍو خراب آهي.

چيبوٽڪن:    خيال نه ڪر، پيئڻ هاڻي منهنجي ڪمزوري نه آهي، ٻن سالن کان مون شراب ناهي پيتو (بي صبريءَ سان) پر جي پيتم به ته ڇا ٿي پوندو.

ماشا: خبردار جو پيتو اٿيئي (ناراضگيءَ سان اهڙي نموني ٿي ڳالهائي ته جيئن هن جو مڙس نه ٻُڌي) اڄوڪي شام وري هيڊماستر وٽ خراب ٿيندي..... وڏي مصيبت آهي.

ٽيو سين بيچ: تنهنجيءَ جاءِ تي مان هجان ها ته ڪڏهن نه وڃان ها

چيبوٽڪن: نه وڃ پياري.

ماشا:  نه وڃ چوڻ ڪيترو نه سولو آهي، لعنت هجي ههڙي حياتيءَ تي، زندگي سهپ کان ٻاهر آهي (هال ۾ وڃي ٿي).

چيبوٽڪن:    (هن جي پٺيان وڃي ٿو) ٻڌ ته....... ٻڌ ته....

سوليئوني:     (ٽيوسن بيچ جي پاسي مان لنگهي هال ۾ ويندي) ڪلڪ........ ڪلڪ........ ڪلڪ.

ٽيوسن بيچ:   سوليئوني! هاڻي ته بس ڪر، گهڻي ٿي.

سوليئوني:     ڪلڪ........ ڪلڪ........ ڪلڪ

ڪوليگن:      (خوشيءَ مان) ڪرنل، اوهان جي صحت لاءِ.... مان هتي ماستر آهيان ۽ هن گهر جو ڀاتي آهيان. ماشا جو گهر وارو آهيان، ماشا تمام سٺي عورت آهي.

ورشينن:       مان اها ڪاري ووڊڪا پيئندس (پيئي ٿو) اوهان جي صحت لاءِ (اولگا کي) هتي مون کي سڀ ڪجهه سٺو ٿو لڳي.

        (ارينا ۽ ٽيوسن بيچ ڊرائينگ روم ۾ رهجي ٿا وڃن).

ارينا:   ماشا اڄ خوش نٿي لڳي، ارڙهن ورهين ۾ هن شادي ڪئي، ان وقت هن کي پنهنجو مڙس دنيا جي سڀني مردن کان وڌيڪ ذهين لڳندو هو، پر ائين نه آهي، هو تمام نرم دل آهي پر ذهين نه آهي.

اولگا:  اينڊري، هاڻي ته اندر اچ.

اينڊري:                (اسٽيج کان ٻاهران) اچان ٿو! (اندر اچي ٿو ۽ مانيءَ جي ميز ڏانهن وڃي ٿو).

ٽيوسن بيچ:   ڇا ٿي سوچين.

ارينا:   ڪجهه نه، مون کي سوليئوني صفا نٿو وڻي، مون کي هن کان خوف ٿو ٿئي، جڏهن به وات ٿو کولي بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري.

ٽيوسن بيچ:   ڏاڍو عجيب ماڻهو آهي، هو مون کي خار ڏياريندو آهي، پر ان وقت مون کي مٿس افسوس ٿيندو آهي، مان سمجهان ٿو ته هو شرميلو آهي، مون سان اڪيلو هوندو آهي ته سندس هلت تمام سٺي هوندي آهي، پر جيئن ماڻهن کي ڏسندو آهي عجيب حرڪتون ڪرڻ شروع ڪندو آهي..... حالي اندر نه وڃ، ماني شروع ڪن ته پوءِ وڃجانءِ ته جيئن مان ٻه گهڙيون توسان گذاري سگهان. ڇا ٿي سوچين؟ (ماٺ) تنهنجي عمر ويهه سال آهي، مان اڃا هاڻ ٽيهن سالن جو ٿيو آهيان، اسان جي آڏو زندگيءَ جا اڃا ڪيڏا سال آهن، تو لاءِ محبت سان ڀريل سال.

ارينا:   مون سان پيار جون ڳالهيون نه ڪر.

ٽيوسن بيچ:   (اڻ ٻڌو ڪري) مون ۾ زندهه رهڻ، محنت ڪرڻ ۽ پاڻ پتوڙڻ جي وڏي تڙپ آهي ۽ اها تڙپ تنهنجي محبت جي ڪري آهي، تون منهنجي آهين ۽ تنهنجي ڪري زندگي به سهڻي ٿي لڳي. ڇا ٿي سوچين؟

ارينا:   تون چئين ٿو ته زندگي سهڻي ٿي لڳي. ٿي سگهي ٿو ته زندگي رڳو ڏسڻ ۾ سهڻي لڳندي هجي. اسان ٽن ڀينرن لاءِ هن اڃا تائين ته زندگي سهڻي نه آهي. سچ پڇين ته زندگي اسان کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، جيئن باغ ۾ ڪک پن زمين ۾ پوربا آهن، منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا آهن. مان اجايو پئي رئان (هوءَ تڪڙ ۾ لڙڪ اگهي مرڪي ٿي) اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڪم.... ڪم... ڪم. اسين خوش نه آهيون جو اسين زندگيءَ جو اونداهون پاسو ٿا ڏسون ۽ ڪم جو صحيح مطلب ۽ اهميت نٿا سمجهون. اسين اهڙي گهراڻيَ ۾ پيدا ٿياسين جنهن کي ڪم کان نفرت هئي.

        (نتاليا آونوونا اچي ٿي. هن کي گلابي لباس پاتل آهي ۽ چيلهه ۾ سائو پٽو ٻڌل آهي).

نتاشا:  هو ته کاڌي جي ميز وٽ وڃي بيٺا آهن. مون کي اڳي ئي دير ٿي وئي آهي (هوءَ آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي لباس ٺيڪ ٿي ڪري) مان سمجهان ٿي ته منهنجي وارن جي اسٽائيل ايتري خراب نه آهي (ارينا کي ڏسي ٿي) ارينا، مبارڪ هجئي (ارينا کي سڪ مان ڀاڪر پائي ٿي) اوهان وٽ ته اڄ گهڻا مهمان آهن، مون کي هنن جي سامهون ويندي گهٻراهٽ ٿي ٿئي. اوهان جو ڇا حال آهي بيرن؟

اولگا:  (ڊرائينگ روم ۾ ايندي) نتاليا اونوونا اچي وئي! منهنجو سلام قبول ڪر پياري.

        (ٻئي ڀاڪر پائي ملن ٿيون).

نتاشا:  سالگرهه مبارڪ هجيوَ، اوهان وٽ چڱا مهمان گڏ ٿيا آهن، مان هنن جي آڏو ويندي گهٻرايان ٿي.

اولگا:  هنن جو خيال نه ڪر، هو سڀ اسان جا پراڻا دوست آهن (هيٺاهين آواز ۾) هي سائو پٽو ڇو ٻڌو اٿئي، نٿو ٺهي.

نتاشا:  اهو خراب سوڻ آهي ڇا؟

اولگا:  نه نه...... هن لباس تي ان رنگ جو پٽو نٿو ٺهي، عجيب ٿو لڳي.

نتاشا:  (روئڻهارڪي آواز ۾) واقعي نٿو ٺهي ڇا، پر هي سائو نه آهي، ناسي آهي.

        (اولگا سان گڏ هال ۾ وڃي ٿي).

        (هر ڪو ماني کائڻ لاءِ ڪرسيءَ تي ويهي ٿو، ڊرائينگ روم خالي ٿي وڃي ٿي).

ڪوليگن:      ارينا، منهنجي دلي خواهش آهي ته توکي سٺو گهوٽ ملي، هيءَ تنهنجي شاديءَ جي عمر آهي.

چيبوٽڪن:    نتاليا! تنهنجي لاءِ به اسان جي اهائي خواهش آهي.

ڪوليگن:      نتاشا کي ته اڳ ۾ ئي مڙس نظر ۾ آهي.

ماشا:  (ڪانٽي کي پليٽ تي هڻي ٿي) مون کي شراب جو گلاس ڏيو ته جيئن اسان پنهنجي خوشين سان ڀريل زندگيءَ لاءِ جام خالي ڪيون.

ڪوليگن:      محفل جي آداب جو امتحان ورتو وڃي ته توکي ڏهن مان پنج مارڪون ملڻ گهرجن.

ورشينن:       ڏاڍو مزيدار شراب آهي، ڇا جو ٺهيل آهي؟

سوليون:        ڪارن ڀنورن جو!

ارينا:   ڪيڏي نه ڪراهت واري ڳالهه ڪئي اٿئي.

اولگا:  رات جي مانيءَ لاءِ روسٽ ڪڪڙ ۽ صوفن جو ڪيڪ هوندو، شڪر آهي جو اڄ سارو ڏينهن هتي هوندس. شام جو به سڀ اچجو.

ورشينن:       مان به اچي سگهان ٿو؟

نتاشا:  هتي ڪو تڪلف ڪونهي.

چيبوٽڪن:    ”فطرت اسان کي رڳو پيار ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي، منهنجا پيارا!“ (کلي ٿو)

اينڊري:        (هلڪي چڙ سان) هاڻي اهو رينگٽ بند ڪر، بيزار نٿو ٿين؟

        (فيڊوٽڪ ۽ روڊي گلن جون کاريون کڻي اندر اچن ٿيون).

فيڊوٽڪ: هو ته مانيءَ تي ويهي رهيا آهن.

روڊي:  (ڏاڍيان) مانيءَ تي ؟ ها ها. هو ماني ٿا کائن.

فيڊوٽڪ: هڪڙو منٽ بيهو (هنن جو فوٽو ڪڍي ٿو) هڪڙو منٽ ٻيو (ٻيو فوٽو ڪڍي ٿو) هاڻي اوهين بيشڪ ماني کائو.

        (هو گلن جون کاريون کڻي هال ۾ وڃن ٿا، سڀ اُٿي هنن سان ملن ٿا، هلڪو گوڙ ٿئي ٿو).

روڊي:  (ڏاڍيان) سالگرهه مبارڪ هجيئي، گهڻي گهڻي مبارڪ هجيئي، اڄ موسم ڏاڍي سٺي آهي. اڄ سارو ڏينهن اسڪولي ڇوڪرن سان گهميو آهيان، اوهان کي خبر آهي ته ڇوڪرن کي مان جسماني ورزش سيکاريندو آهيان.

فيڊوٽڪ:      مس ارينا، هاڻي تون بيشڪ گهم ڦر (فوٽو ڪڍي ٿو) تون اڄ ڏاڍي سهڻي ٿي لڳين (کيسي مان لاٽون ڪڍي ٿو) مون تنهنجي لاءِ هي لاٽون آندو آهي، ڦرندو آهي ته وڻندڙ آواز ڪڍندو آهي.

ارينا:   ڪيڏو نه سٺو تحفو آهي.

ماشا:  ڪناري جي موڙ تي سائو اڪ بيٺل آهي،

اڪ جي چوڌاري سونهري زنجيري...

اڪ جي چوڌاري سونهري زنجيري (ٿڌو ساهه کڻي ٿي) مان ساڳي سٽ ڇو ٿي ورجايان، اڄ سارو ڏينهن منهنجي اندر ۾ اها سٽ هرندي رهي آهي.

ڪوليگن:      اوهان کي خبر آهي ته ميز جي چوڌاري اسين تيرنهن ڄڻا آهيون.

روڊي:  تنهنجو اهڙن پراڻن سوڻن ۾ ويساهه آهي ڇا؟

ڪوليگن:      تيرنهن ڄڻا ميز جي چوڌاري ويهن ته ان جي معنيٰ ته انهن مان ڪي هڪ ٻئي سان پيار ٿا ڪن، آون رومانوچ! هتي تون ته پيار نٿو ڪرين.

        (سڀ کلن ٿا).

چيبوٽڪن:    مان پراڻو گنهگار آهيان، پر تڏهن به چئي نٿو سگهان ته مس نتاليا اها ڳالهه ٻڌي گهٻرائجي ڇو وئي.

        (سڀ کلن ٿا، نتاشا تکي تکي هال کان نڪري ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿي، اينڊري هن جي پٺيان اچي ٿو).

اينڊري:        هنن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نه ڏي، هڪڙو منٽ ته ترس.

نتاشا:  مون کي ڏاڍي ڦڪائي ٿي، خبر نه آهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي، سڀ مون تي ٿي کليا، مان کاڌي جي ميز تان اُٿي آيس، اها چڱي ڳالهه ڪانهي، پر مان ڇا ڪيان.... ڇا ڪيان (ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ٿي).

Text Box: 40

 

اينڊري: منهنجي پياري، دل ۾ نه ڪر، پاڻ کي پريشان نه ڪر، هنن توکي ڏکوئڻ نٿي گهريو، مشڪري ٿي ڪيائون، هو سڀ سٺا آهن، اسان ٻنهي کي ڀائيندا آهن. هيڏانهن دري وٽ اچ، هتي اسان کي ڪوبه نه ڏسندو (هو ڪنڌ ورائي پٺيان نهاري ٿو).

 

نتاشا:  مان اهڙي دعوتن جي هريل نه آهيان جنهن ۾ ايڏا ماڻهو هجن.

اينڊري:        تون ڪيڏي نه جوان، ڪيڏي نه حسين آهين، منهنجي ننڍڙي ڇوڪري، مون تي اعتبار ڪر، مان ڏاڍو خوش آهيان، منهنجي دل محبت ۽ خوشي سان ڀريل آهي...... نه نه..... هو اسان کي نه ڏسندا، ٻڌاءِ، مان تنهنجي محبت ۾ گرفتار ڇو ٿيس، اهو ڪڏهن ٿيو، ڪيئن ٿيو، مون کي ڪا خبر ڪانهي، منهنجي پياري مون سان شادي ڪر، مان توسان پيار ٿو ڪيان، اهڙو پيار مون اڄ تائين ڪنهن سان نه ڪيو آهي.

        (ٻئي ڀاڪر پائين ٿا، ٻه آفيسر اندر اچن ٿا، هنن کي ڀاڪر ۾ ڏسي حيران ٿين ٿا).

(پڙدو ڪِري ٿو.)

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com