سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو : 3

ٻانهي: نه رڳو فتح ٿي عاليجاهه، پر دريا خان شاهه بيگ ارغون جي ڀاءُ، سيويءَ جي حاڪم، ابو محمد ميرزا جي سسي وڍي، سندس سسي نيزي ۾ ٽنبي، اهو نيزو بولان لڪ وٽ کوڙيو آهي ته جيئن جڏهن به شاهه بيگ سنڌ ڏانهن اک کڻي ته هن جي نظر پنهنجي ڀاءُ جي وڍيل سسيءَ تي پوي ۽ کيس سنڌ جي سرحد ڏانهن نهارڻ جي انجام جي خبر پئجي وڃي.

(ٻاهر ماڻهن جو شور تيز ٿي وڃي ٿو، ٻانهي ڊوڙي وڃي دريءَ وٽ بيهي ٿي ۽ دريءَ کان ٻاهر نهاري ٿي.)

ٻانهي: عاليجاهه، دريا خان هينئر محل ڏانهن پيو اچي. هو سرڪش گهوڙي تي سوار آهي، هن جي چهري تي فاتحانه مرڪ آهي، هن جي هڪ طرف سارنگ خان سمون ۽ ٻئي طرف راڻو نرمل سوڍو آهي. ماڻهو رڙيون ڪري هن جي آجيان ٿا ڪن ۽ هو هٿ لوڏي ماڻهن جي آجيان جو جواب ٿو ڏئي. ماڻهو هن تي گلن جي ورکا ٿا ڪن ۽ جن گلن کي دريا خان جو گهوڙو لتاڙي يا اورانگهي ٿو، تن لتاڙيل ۽ اورانگهيل گلن کي عورتون ڊوڙي وڃي کڻن ٿيون ۽ انهن کي پنهنجن چوٽن ۾ ٿيون سجائين، هينئر هُنَ محل وٽ گهوڙو جهليو آهي، هن جي گهوڙي هڻڪار ڪري نرا کنيا آهن. هو ٽپ ڏيئي گهوڙي تان لٿو آهي ۽ اوهان جا پير ڇهڻ لاءِ ڊوڙندو پيو اچي.

(ٻانهي دريءَ وٽان هٽي دروازي ڏانهن نهاري ٿي. ٿوري دير کان پوءِ دروازي مان دريا خان اندر داخل ٿئي ٿو. هن جي پيشانيءَ تي زخم آهن.)

دريا خان: عاليجاهه، مون هنن هٿن کي آزمايو ۽ سمن سلطانن جي تلوار جي لڄ رکي. ارغونن ۽ ترخانن جو لشڪر طوفاني سمنڊ وانگر ٿي ڇليو. هنن طوفان وانگر اسان تي حملو ڪيو، پر هڪ هڪ سنڌي جبل جيان زمين ۾ کپي ويو ۽ طوفاني سمنڊ جون ويرون ويرون جبل سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويون. پوءِ جڏهن سنڌين حملو ڪيو ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيا، جبلن ۾ ڏار پئجي ويا، قلعن جون حصارون ڪري پيون ۽ پٿر ڀُري ويا. عاليجاهه، سنڌ کي ڪو به فتح ڪري نٿو سگهي. عاليجاهه هن ٻانهي کي انهن هٿن چمڻ جي اجازت ملي. جن هٿن هن ٻانهي کي سمن سلطانن جي تلوار سونپي.

(دريا خان اڳتي وڌي ڄام نندي جو هٿ هٿ ۾ وٺي ٿو، ڄام نندي جو ڪنڌ هڪ طرف لڙي ٿو پوي. دريا خان کان دانهن نڪري وڃي ٿي.)

دريا خان: عاليجاهه!

مَرڪي: (دانهن ڪري ڊوڙي اچي مڙس جي مٿان ڪري ٿي)

سرتاج!

(پردو ڪِري ٿو)

 

ڏيک چوٿون

 

(ڄام نظام الدين جو محل، راڻي مَرڪي اداس آهي. ڪاهو ڏنور ڪنڌ جهڪائي بيٺو آهي.)

راڻي: وقت ڪيڏو نه ويري آهي. ڪيئن نه وار ڪري اسان کان اسان جو وَرُ ۽ سنڌ کان سخي سلطان کسي ورتائين.

ڪاهو: هر اڀرندڙ سج کي لهڻو آهي ۽ هر ڏينهن کانپوءِ رات کي اچڻو آهي. حياتيءَ جو سج موت جي هنج ۾ لهي ويندو آهي، وري نوان سج اڀرندا آهن، نوان ڏينهن ٿيندا آهن ۽ نوان شينهن ايندا آهن.

راڻي: سلطان نظام الدين ڄام نندي جي حياتيءَ جو سج وقت کان اڳ ئي لهي ويو. اسان جي پٽ ڄام فيروز شاهه جا ڪلها اڃا ڪمزور آهن ۽ اهي ڪمزور ڪلها سنڌ جي سلطانيءَ جو بار کڻي نٿا سگهن، اسان کي سمن سلطانن جو تخت ۽ هن محل جون ديوارون لڏنديون ٿيون نظر اچن.

ڪاهو: اڃا ڪاهو ڏنؤر جي تلوار کي زنگ نه لڳو آهي. منهنجي تلوار منهنجي ڀاڻيجي ڄام فيروز شاهه جي تخت جي حفاظت ڪندي ۽ منهنجون ٻانهون هن محل جون ٿوڻيون ۽ ٿنڀا ٿينديون.

راڻي: اسان کي پنهنجي ڀاءُ مان اها ئي اميد آهي.

ڪاهو: افسوس رڳو اهو آهي ته اسان پنهنجي ڀاڻيجي ڄام فيروز لاءِ رت جو آخري ڦڙو به وهائڻ لاءِ تيار آهيون، پر اسان جي ڀاڻيجي اسان جي عزت ۽ اسان جي خاندان جي ويريءَ کي ايڏو مان ڏنو آهي.

راڻي: شايد اسان جي ڀاءُ جو اشارو دريا خان ڏانهن آهي.

ڪاهو: ها، منهنجو اشارو ان ويريءَ ڏانهن آهي جنهن جو نالو وٺڻ مهل اسان جي زبان وهه ۾ وٽ کائيندي آهي. انتقام جي آڳ ۾ رت ٽهڪندو آهي ۽ اسان جي تلوار ويريءَ جو رت پيئڻ لاءِ مياڻ مان نڪرڻ لاءِ ڦٿڪندي آهي.

راڻي: دريا خان رڳو تنهنجو دشمن نه آهي، پر اسان جي قوم ۽ سمن جي تخت ۽ بخت جو به دشمن آهي.

ڪاهو: اهو ڄاڻندي به ته دريا خان ڪاريهر نانگ آهي ۽ ڄام فيروز ان نانگ جي منڍي مروڙڻ بدران هن کي کير ٿو پياري.

راڻي: ڄام فيروز جا هٿ اڃا ايترا حرفتي نه آهن جو ڪاريهر جي منڍي مروڙي سگهن. ان ڪاريهر جي منڍي مان مروڙينديس. پر في الحال هن جي قسمت زور آهي ۽ اسان جي هر تدبير تقدير هٿان هار ٿي کائي. اسان پنهنجي پٽ ڄام فيروز شاهه کي دريا خان کان بدظن ڪيو پر جڏهن ڄام جوڻي جي پٽ ڄام صلاح الدين گجرات جي بادشاهه محمود بيگڙي جي مدد سان ٺٽي تي حملو ڪيو، تڏهن دريا خان حرفت ۽ طاقت سان ڄام صلاح الدين کي ڀڄائي ڄام فيروز جو تخت بچائي ورتو.

ڪاهو: ڄام فيروز شاهه جو تخت نه بچايائين پر پنهنجو تخت بچايائين. هاڻي ڄام فيروز شاهه جو هن تي ايترو ته اعتماد ٿي ويو آهي جو ڄام فيروز شاهه رڳو نالي ماتر پيو حڪومت ڪري ۽ سنڌ جو اصل حاڪم دريا خان آهي.

راڻي: اسان ٻڌو آهي ته دريا خان جا پٽ محمود خان ۽ مٺڻ خان
دريا خان جي جاگير ڳاهيجن ۾ فوج پيا تيار ڪن.

ڪاهو: ها اهو سچ آهي. سوڍن جو سردار راڻو نرمل سوڍو، سارنگ خان سمون ۽ مخدوم بلاول به هن سان ملي ويا آهن.

(ڄام فيروز شاهه اندر اچي ٿو.)

فيروز: رات وهامڻ واري آهي پر اسان جي ماءُ ۽ مامي جي اکين ۾ اوجاڳا آهن.

راڻي: اولاد جو بخت سمهندو آهي ته مامتا جاڳندي آهي. فيروز، تون اسان جو سڪيلڌو پٽ آهي، اسان جون اکيون توکي ڄام نظام الدين ڄام نندي جهڙو حاڪم ڏسڻ ٿيون چاهين.

فيروز: اسان بابا سائينءَ جي مٽيءَ جي مٽ به نه آهيون پر اسين هنن جهڙا ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪنداسين.

راڻي: حڪومت هلائڻ لاءِ حاڪم کي شينهن جهڙي دليري ۽ لومڙيءَ جهڙي چالاڪي گهرجي، بادشاهن جي وک وک تي واسينگ هوندا آهن ۽ اسان هڪڙي واسينگ کي تنهنجي تاج ۾ ڏسي رهيا آهيون.

فيروز: اسان امڙ حضور جو اشارو نه سمجهيو.

راڻي: اسان جو اشارو دريا خان ڏانهن آهي.

فيروز: دريا خان اسان جو ٻانهن ٻيلي آهي. هن جي ٻانهن جي طاقت تي ته اسين حڪومت ڪري رهيا آهيون.

راڻي: ڇا ڄام فيروز جي ٻانهن مان سمن سلطانن واري اها طاقت ختم ٿي وئي آهي جنهن طاقت سان سمن ڏيڍ سؤ سالن تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. ڄام انڙ، ڄام تماچي ۽ ڄام نندي جي تلوار جي دهشت کان قلعن جون حصارون ڪري پونديون هيون ۽ بادشاهن جا تخت لڏي ويندا هئا. انهن دلاورن جو اولاد اڄ پنهنجي تخت جي حفاظت نٿو ڪري سگهي.

فيروز: اسان جي امڙ اسان کي غلط سمجهي رهي آهي. ڄام فيروز جي رڳن ۾ به ڄام انڙ، ڄام تماچي ۽ ڄام نندي جو رت آهي. اسان جون ٻانهون پنهنجي تخت جي حفاظت ڪري سگهن ٿيون..... پر دريا خان اسان جو ڀاءُ آهي.

راڻي: دريا خان تنهنجو ٿي نٿو سگهي پٿر کي تاج ۾ لڳائڻ سان پٿر هيرو ٿي نٿو سگهي. دريا خان کي ڀاءُ چئي تون سمن سلطانن جي توهين ڪري رهيو آهين.

فيروز: امان حضور اوهين ڇا ٿا چئو؟ بابا سائين جن دريا خان کي پنهنجو پٽ بڻايو هو.

راڻي: زبان سان پٽ سڏڻ سان جي ڌاريو پٽ ٿي سگهي ها ته پوءِ ڪا ماءُ سور سهي پنهنجي ڪُک مان پٽ نه ڄڻي ها. ڄام
نظام الدين پنهنجي هنج ۾ دريا خان کي نه پاليو پر نانگ کي پاليو ۽ هينئر اهو نانگ ڦڻ ڪڍي توکي ڏنگڻ ٿو چاهي.

فيروز: امان!

راڻي: اسان کي دريا خان جي بغاوت جي سازش جي خبر پئي آهي. هن جا ٻئي پٽ تنهنجي خلاف فوج تيار ڪري رهيا آهن. ماڻهن جون دليون هٿ ڪرڻ لاءِ دريا خان شاهي خزاني جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. تون تخت تي ٿو راڄ ڪرين ۽ دريا خان ماڻهن جي دلين تي.

فيروز: دريا خان اسان جي خلاف بغاوت نٿو ڪري سگهي. اها اڻ ٿيڻي آهي.

راڻي: حڪومت جي معاملن ۾ ڪا ٿيڻي اڻ ٿيڻي نه آهي. تنهنجو ناتجربيڪار اکيون دريا خان جي منهن تي صرف محبت جي مرڪ ڏسي سگهن ٿيون. پر اسان جون اکيون ان مرڪ پٺيان تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ جي هوس جا هڻ کڻ به ڏسي سگهن ٿيون.

فيروز: نه دريا خان ائين ٿي نٿو سگهي. واهرو ويري ٿي نٿو سگهي. راهبر رهزن ٿي نٿو سگهي.

راڻي: فيروز، اڄ توکي فيصلو ڪرڻو آهي، اسان پنهنجي اکين سان پنهنجي پٽ ۽ سمن سلطانن جي تخت ۽ بخت کي ختم ٿيندي ڏسي نٿا سگهون. هتي يا اسان رهنداسين يا دريا خان.

فيروز: امان!

راڻي: خدا حافظ

(راڻي مَرڪي ۽ ڪاهو ٻئي هليا وڃن ٿا. ڄام فيروز اڪيلو رهجي وڃي ٿو. هو ڪجهه سوچي ٿو ۽ چئي ٿو.)

فيروز: (ڪنڌ ڌوڻي ٿو) نه، ائين ٿي نٿو سگهي. ائين هرگز ٿي نٿو سگهي.

(پردو ڪِري ٿو.)

 

ڏيک پنجون

 

(ڄام فيروز جو محل، ڄام فيروز ۽ ڪاهو بيٺا آهن.)

ڄام: امان حضور جي ڳالهه سچي نڪتي، اسان پنهنجن جاسوسن کي دريا خان جي جاگير ۾ موڪليو ۽ اسان کي جاسوسن اچي ٻڌايو ته
دريا خان جا ٻئي پٽ اسان جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا آهن.

ڪاهو: هي ٻانهو چمڙا پوش ٿي دريا خان جي جاگير ۾ ويو هو ۽ هن ٻانهي پاڻ ڏٺو ته دريا خان جا ٻئي پٽ ۽ سندس دوست اوهان جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا آهن.

ڄام: اسان کي هينئر به يقين نٿو اچي ته دريا خان جنهن کي اسان پنهنجو ڀاءُ سمجهندا هئاسين، اسان جي خلاف بغاوت ڪري سگهي ٿو.

ڪاهو: عاليجاهه، باغي نه ڀاءُ هوندو آهي ۽ نه پٽ، هو صرف باغي هوندو آهي.

ڄام فيروز: ته ڇا انساني ناتا ۽ رشتا سڀ ڪوڙ آهن ۽ دوکو، دولاب ۽ ٺڳي ئي زندگيءَ جون سڀ کان وڏيون سچايون آهن.

ڪاهو: زندگي تمنائن جو فريب آهي، عاليجاهه، انسان ڪوريئڙي جيان پنهنجي چوڌاري تمنائن جو ڄار اڻيندو ٿو رهي ۽ پوءِ ان ڄار ۾ اهڙو ڦاسي ٿو وڃي جو هوس ۽ لالچ کان سواءِ هن کي زندگيءَ جي ڪا سچائي، ڪو انساني رشتو ۽ ناتو نظر نٿو اچي.

فيروز: ته ڇا هوس انسان جي ضمير کي به ماري سگهي ٿي.

ڪاهو: وطن کان بغاوت ڪرڻ وارو باغي سڀ کان پهرين پنهنجي ضمير کان بغاوت ڪندو آهي. بغاوت لاءِ مياڻ مان نڪتل تلوار سڀ کان اڳ باغيءَ جي ضمير کي قتل ڪندي آهي. دريا خان جو ضمير مري چڪو آهي.

فيروز: باغي هميشه بزدل ٿيندو آهي. جيڪو هوس کان هار کائي بغاوت لاءِ تلوار کي مياڻ مان ڪڍندو آهي. پر دريا خان ته دلير
سپه سالار آهي جنهن اڄ تائين ڪنهن به جنگ ۾ هار نه کاڌي. سو هوس کان ڪيئن هار کائي سگهي ٿو.

ڪاهو: جنگ ۾ سپاهيءَ جي تلوار وڙهندي آهي عاليجاهه ۽ نه
سپه سالار جي. سپاهي ئي جنگ هارائيندو آهي ۽ سپاهي ئي جنگ جيتيندو آهي، پر نالو هميشه سپه سالار جو ٿيندو آهي.

فيروز: جنگ ۾ سپاهيءَ جي صرف تلوار وڙهندي آهي پر
سپه سالار جو تدبر ۽ تلوار ٻئي وڙهندا آهن. جنهن تلوار ۽ تدبر سان دريا خان شاهه بيگ ارغون کي شڪست ڏني. جنهن تلوار ۽ تدبر سان اسان جي دشمن ڄام صلاح الدين کي شڪست ڏني ان تلوار ۽ تدبر سان هو اسان کي شڪست ڏيڻ ٿو چاهي. اسان هن کي هن جي عهدي تان معزول ٿا ڪريون ۽ پنهنجي مامي ڪاهو ڏنور کي سپه سالاريءَ جو عهدو ٿا سونپيون.

ڪاهو: ڪينَ جهڙي ڪاهوءَ جو ڪنڌ ايڏي وڏي بار کان جهڪي ويو آهي.

فيروز: اسان دريا خان کي سڏايو آهي ۽ هينئر جو هينئر فيصلو ڪرڻ ٿا چاهيون، ڪاهو.

ڪاهو: جي عاليجاهه.

فيروز: تو اسان سان ڪن ارغون ۽ ترخانن اميرن جي ڳالهه ڪئي هئي جيڪي شاهه بيگ کان ناراض ٿي اسان وٽ پناهه وٺڻ ٿا چاهين.

ڪاهو: عاليجاهه، هن ٻانهي اوهان سان ڪن دولت شاهي، نور گاهي ۽ ڪيبڪ ارغونن جي لاءِ عرض ڪيو هو ته هنن کي ٺٽي ۾ پناهه ڏني وڃي. هنن جي اچڻ سان شاهه بيگ جي طاقت گهٽجي ويندي ۽ اسان جي طاقت وڌي ويندي، پر دريا خان مخالفت ڪئي هئي ته ڌارين کي پناهه نه ڏني وڃي جو ڌاريو ڪڏهن به پنهنجو نه ٿيندو آهي.

فيروز: انڌي کي ساري دنيا انڌي نظر ايندي آهي ۽ باغيءَ کي هر هڪ مان بغاوت جي بوءِ ايندي آهي. مير قاسم ڪيبڪي ۽ ارغونن ۽ ترخان سردارن کي خلعتون ڏيئي سڏايو وڃي. هنن کي جاگيرون ڏنيون وڃن، ٺٽي شهر ۾ هنن جي رهائش جو خاص انتظام ڪيو وڃي ۽ ان پاڙي جو نالو مغل پاڙو رکيو وڃي. اسين هنن جي عزت افزائي ڪري هنن جون دليون جيتڻ ٿا چاهيون.

ڪاهو: ائين ئي ٿيندو عاليجاهه.

ڄام: هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.

ڪاهو: جيڪو حڪم.

(ڪاهو نوڙي سلام ڪري وڃي ٿو. دربان اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ڪري ٿو.)

دربان: مدارالمهام، امير الامراء، خانِ خانان دريا خان حاضر ٿيڻ جي اجازت ٿو گهري.

ڄام: اجازت آهي.

دريا خان: سنڌ جو ٻانهو، سمن سلطانن جي در جو دربان عاليجاهه جي سڏ تي لبيڪ ٿو چوي.

ڄام: دريا خان پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪَڍُ.

دريا خان: (حيرت مان) تلوار کي مياڻ مان ڪڍان!

ڄام: ها دريا خان تلوار کي مياڻ مان ڪڍ. اهو اسان جو حڪم آهي؟

دريا خان: اوهان جو حڪم اکين تي عاليجاهه، پر دريا خان جي تلوار کي مياڻ مان نڪرڻ لاءِ ڪڏهن به حڪم جي ضرورت نه ٿي آهي. جڏهن به سنڌ ۽ سمن سلطانن کي تلوار جي ضرورت پئي آهي. هيءَ تلوار پنهنجو پاڻ بُل کائي مياڻ مان نڪري آئي آهي.

ڄام: سپاهيءَ جي تلوار حاڪم جي حڪم جي محتاج ٿيندي آهي.

دريا خان: اڄ هن ٻانهي کي پنهنجي آقا ۽ ڀاءُ جي ڳالهين مان اجنبيت بکندي ٿي نظر اچي.

ڄام: اسان جي حڪم جي تعميل ۾ دير ٿي رهي آهي.

دريا خان: (تلوار ڪڍي ٿو) ٻانهو معافيءَ جو طلبگار ۽ ٻانهي جي تلوار حڪم جي منتظر آهي.

ڄام: دريا خان، اسان جي شاهي پوشاڪ جو هيءُ شه رڳ وارو ٻيڙو اسان کي تڪليف پهچائي رهيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته تون پنهنجي تلوار سان اسان جو هيءُ ٻيڙو وڍ پر ڏسجانءِ اسان جي
شه رڳ ۽ ٻيڙي ۾ ٿوري وٿي آهي. ڪٿي تنهنجي تلوار اسان جي شه رڳ نه وڍي وجهي.

دريا خان: منهنجي تلوار انڌي نه آهي، عاليجاهه. هن تلوار ۾ دشمن ۽ سڄڻ سڃاڻڻ جي ساڃهه آهي.

(دريا خان تلوار سان ڄام فيروز جي شاهي لباس جو ٻيڙو وڍي ٿو ته هن جي تلوار ٿوري ڏڪي ٿي.)

ڄام: دريا خان تنهنجي تلوار اسان جي شه رڳ جي ويجهو اچي ڏڪي ڇو رهي آهي؟

دريا خان: ان ڪري عاليجاهه، جو هن تلوار ڪڏهن به سڄڻ جي
شه رڳ کي ايتري ويجهڙائيءَ کان نه ڏٺو آهي. مون هيءَ ٻيڙي واري ڳجهارت نه سمجهي عاليجاهه.

ڄام: انسان خود ڳجهارت آهي، دريا خان، انسان ستارن جي گردش جا راز، ڪائنات جي وسعتن ۽ سمنڊ جي اٿاهه اونهاين ۾ لڪل ڳجهه سمجهي سگهي ٿو پر انسانن جي دل ۾ لڪل راز سمجهي نٿو سگهي.

دريا خان: هي ٻانهون عاليجاهه جي ڳالهين جي انت لهڻ کان عاجز آهي.

ڄام: دريا خان ڇا سنڌو دريا سنڌ کان منهن موڙي سگهي ٿو؟ ڇا کير ٿر جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي سگهي ٿو. ڇا ڪارن ڪڪرن مان مينهن ڦڙن بدران ٽانڊا وسي سگهن ٿا؟

دريا خان: نه عاليجاهه.

ڄام: دريا خان جنهن کي اسان مٽيءَ مان کڻي محل ۾ آندو، جنهن کي اسان ڪک مان لک بڻايو. جنهن جي اگهاڙي مٿي تي اسان عزت جي پڳ رکي. جنهن جو ليڙون ليڙون لباس لاهي اسان شاهي وڳو ڍڪايو. اڄ ان سمن سلطانن جي تخت ۾ اکيون وڌيون آهن ۽ اسان جي خلاف بغاوت جي سازش ڪئي آهي.

دريا خان: عاليجاهه، ڇا اوهان جي خلاف بغاوت جي سازش ٿي آهي.

ڄام: ها دريا خان اسان جي خلاف بغاوت جي سازش ٿي آهي.

دريا خان: مون کي ان باغي جو نالو ٻڌايو ته جيئن مان هن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيان جنهن سمن سلطانن جي تخت ڏانهن نهاريو آهي. ان دل کي سيني مان ڪڍي ڳجهن کي ڏئي ڇڏيان جنهن دل سنڌ جي خلاف سازش سٽي آهي.

ڄام: اسان هن جو نالو ٿا کڻو ته اسان جي زبان ٿي سڙي ۽ هن جو نالو دل ۾ ٿا رکون ته اسان جي دل ٿي جلي.

دريا خان: انتقام جي آڳ ۾ منهنجو سنڌَ سنڌَ سڙي رهيو آهي عاليجاهه، مان ان آڳ ۾ هن کي جلائي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. مان ماءُ جي اها ڪُک ساڙي ڇڏيندس جنهن ڪُک سنڌ جي غدار کي جنم ڏنو آهي. اها زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي ڇڏيندس، جنهن سنڌ جي غدار کي لولي ڏني آهي. اهي هٿ وڍي ڇڏيندس جن هٿن سنڌ جي غدار کي نپايو آهي. مان هن جو ماس ڳجهن کي کارائيندس ۽ هن جون هڏيون جانڊهه ۾ پيهائي سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر اڇلائيندس ته جيئن سنڌ جي مقدس زمين اهڙي غدار جي لاش کي سيني ۾ دفن ڪري ناپاڪ نه ٿي پوي. جلد ڪريو عاليجاهه، مون کي هن جو نالو ٻڌايو.

ڄام: اسان هن جو نالو کڻنداسين ته سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ ڏار پئجي ويندا ۽ مهراڻ اٿلي پوندو.

دريا خان: مهراڻ نه اُٿلندو عاليجاهه، پر سنڌ جو ٻچو ٻچو مستيءَ ۾ آيل مهراڻ وانگر اٿل کائي هن کي ٻوڙي ڇڏيندو، جلدي ڪريو عاليجاهه، مون کي هن جو نالو ٻڌايو.

ڄام: (ڄام فيروز دريا خان کي پٺي ڏئي بيهي ٿو ۽ پٺيرو چوي ٿو.) هن جو نالو، هن جو نالو (يڪدم دريا خان ڏانهن وري)
دريا خان آهي.

دريا خان: عاليجاهه.

ڄام: تون اسان جي خلاف بغاوت جي سازش ڪئي آهي. تون باغي آهين.

دريا خان: مان! عاليجاهه، مان....... مان باغي آهيان.

ڄام: ها، تون باغي آهين.

دريا خان: مان باغي آهيان! مان جنهن سنڌ ۽ سمن سلطانن لاءِ پنهنجي سنڌَ سنڌَ تي زخمن جا ياقوت جڙيا.

ڄام: اسان جي تاج ۾ جڙيل ياقوت تنهنجي زخمن جي ياقوتن کان وڌيڪ قيمتي آهن.

دريا خان: جنهن توکي هنن ٻانهن جي هندوري ۾ لوڏائي سرفروشيءَ جا لولاڻا ڏنا.

ڄام: سرفروشيءَ جا لولاڻا ڏيڻ وارو موت جا لولاڻا به ڏئي سگهي ٿو.

دريا خان: جنهن توکي چيچ کان جهلي هلڻ سيکاريو.

ڄام: چيچ کان جهلي گهمڻ سيکارڻ وارو انڌي کوهه ۾ ڌڪو به ڏئي سگهي ٿو.

دريا خان: ڄام فيروز، خدا جي واسطي مون کي بغاوت جو الزام نه ڏي. جي منهنجي زخمن کي زبان هجي ته منهنجو هڪ هڪ زخم توکي ٻڌائي ته منهنجي رت جو آخري ڦڙو به سنڌ ۽ سمن سلطانن لاءِ وهندو. اهو وقت ياد ڪر فيروز، جڏهن ڄام صلاح الدين تو تي تيرن جي بارش ڪئي هئي ۽ اهي سڀئي تير مون پنهنجي سيني تي سٺا هئا. (پنهنجي هٿن سان قميص ڦاڙي ٿو.) ڏس فيروز! منهنجي سيني جو هڪ هڪ زخم منهنجي وفاداريءَ جو خاموش داستان آهي.

ڄام: ٻانهي جو فرض آهي ته هو پنهنجي آقا لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي.

دريا خان: ته ڇا آقا جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي ٻانهي جي وفاداريءَ کي بغاوت سڏي.

ڄام: تو اسان لاءِ قربانيون ڏنيون ته اسان به توکي فرش تان کڻي عرش تي پهچايو. توکي ٻڪرار مان سپه سالار بڻايو، اهو وقت ياد ڪر دريا خان جڏهن تون مٿي ۽ پيرن اگهاڙو ٻڪريون چاريندو هئين. جڏهن پٿر تنهنجو ويهاڻو ۽ مٽي تنهنجو بسترو هئي.

دريا خان: مون کي ياد آهي. اڄ به منهنجي پيشانيءَ تي ٻڪرين جي کرن سان اڏايل پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ جي دز آهي، مان ان مٽيءَ کان ڪيئن بغاوت ڪندس؟

ڄام: باغي جڏهن فتحمند ٿيندو آهي ته فاتح سڏائي تخت تي ويهندو آهي ۽ جڏهن ناڪام ٿيندو آهي ته باغي سڏائي ڦاهيءَ جي تختي تي چڙهندو آهي.

دريا خان: جي سنڌ تي ساهه ڏيڻ جي سزا ڦاهيءَ جو تختو آهي ته پوءِ مان ڦاهيءَ جي تختي کي تخت سمجهندس. جي سمن سلطانن سان وفاداريءَ جو انعام سوري آهي، ته پوءِ مان سوريءَ کي سيج سمجهندس.

ڄام: اسان توکي موت جي سزا نه ڏينداسين، پر اهڙي سزا ڏينداسين جو زندگيءَ جي هڪ هڪ گهڙي تو لاءِ موت هوندي. اسان توکي عرش تان فرش تي اڇلائينداسين، سپه سالار مان ٻڪرار بڻائينداسين. تنهنجو مٿو اگهاڙو هوندو ۽ لباس ليڙون، ليڙون تون وري رڻن ۾ رلندين ۽ انهن ڏينهن کي ياد ڪندي جڏهن بخت تنهنجي در جو دربان هو. اسان توکي تنهنجي عهدي تان معزول ٿا ڪريون ۽ توکان تنهنجي پڳ ۽ تلوار کسيون ٿا جو تون نه ان پڳ لائق آهين ۽ نه تلوار لائق.

دريا خان: فيروز، تون منهنجي پڳ لاهيندين؟

ڄام: اها ئي تنهنجي سزا آهي.

دريا خان: (آهستي آهستي وکون کڻندو اسٽيج جي آڳر وٽ اچي بيهي ٿو.) او سنڌ! ڇا تنهنجي پيار جو اهو ئي انعام آهي ته جيڪو تنهنجي ٿرن ۽ برن تان هزارين جنتون قربان ڪري، جيڪو تنهنجي لُڪن کي هيرون ۽ ٻاٻري ڪنڊي کي گل سمجهي سيني سان لائي، جيڪو تنهنجي مٽيءَ جي ذري ذري کي پنهنجي رت سان گلاب جا گل بڻائي تنهن جي پڳ لاٿي وڃي، جيجل ماءُ، جي تنهنجي پيار جو اهو ئي انعام آهي ته پوءِ مان تنهنجو انعام قبول ٿو ڪريان ۽ پنهنجي پڳ لاهي تنهنجي سلطان جي پيرن ۾ ٿو رکان.

(دريا خان پڳ لاهي ڄام فيروز جي پيرن ۾ رکي ٿو ۽ چيلهه مان تلوار کولي اها به فيروز جي پيرن ۾ رکي ٿو ۽ پوءِ تکيون تکيون وکون کڻندو ٻاهر وڃي ٿو پر ٻاهرئين در وٽ اچي بيهي رهي ٿو.)

دريا خان: ڄام فيروز، مان وڃان ٿو ۽ وري هن محل ۾ پير نه پائيندس. پر جي سنڌ ۽ سمن سلطانن تي ڪو ڏکيو ڏينهن اچي ته پنهنجي هن ٻڪرار ڀاءُ کي ياد ڪجانءِ.

(دريا خان وڃي ٿو. پردو ڪِري ٿو.)

 

ڏيک ڇهون

 

(دريا خان جي محل سراءِ، ڪاهو ڏنؤر دريا خان جي پڳ پائي بيٺو آهي. چيلهه سان دريا خان واري تلوار لڙڪيل اٿس. هن جي هٿ ۾ شراب جو جام آهي. هو ڳيت ڏئي شراب جو جام خالي ڪري ٿو.)

ڪاهو: هي شراب نه آهي همير، پر دريا خان جو رت آهي. (کلي ٿو) دريا خان! دريا خان! ڪالهه تائين دريا خان ماڻهن جي دلين تي راڄ ٿي ڪيو پر اڄ هن کي ڪوبه ياد نٿو ڪري. ڪالهه تائين ساري سنڌ تي هن جي بخت جو سورج ٿي چمڪيو ۽ اڄ هن جي بخت جو سورج بدبختيءَ جي اونداهين ۾ الهي ويو آهي. هن جي
سپه سالاريءَ جي پڳ اسان جي مٿي تي ۽ هن جي تلوار اسان جي هٿ ۾ آهي پر اسان جي انتقام جي آڳ اڃا نه اجهامي آهي. اسان جي انتقام جي آڳ تڏهن اجهامندي جڏهن اسان جي دل جي راڻي هيمون پنهنجي هٿن سان اسان کي دريا خان جي رت جو جام ڀري پياريندي.

همير: زندگي ڍاري راند آهي. ڍاري جي هڪڙي چال ٻڪرار کي سپه سالار بنائي ڇڏيو ۽ ٻي چال سپهه سالار مان ٻڪرار.

ڪاهو: زندگي اٿاهه سمنڊ آهي همير. وقت جي وير ڪنهن کي بلندين تي پهچائي ٿي ۽ ڪنهن کي پاتال ۾ اڇلائي ٿي. وقت جي وير دريا خان کي بلندين تي پهچايو پر پوءِ وير وري موٽ کاڌي ۽ دريا خان پاتال ۾ وڃي پيو. هينئر اسان جو وارو آهي.

همير: ڄام فيروز شاهه جو ته دريا خان ۾ ڏاڍو ويساهه هو، پوءِ
ڄام فيروز هن کي باغي ڪيئن قرار ڏنو؟

ڪاهو: ان لاءِ اسان کي وڏا وس ڪرڻا پيا. اسان شروع کان وٺي پنهنجي ڀيڻ راڻي مَرڪي کي دريا خان جي خلاف ڪري ڇڏيو. دريا خان جا پٽ شاهه بيگ  جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا هئا، پر اسان پنهنجي ڀيڻ کي ٻڌايو ته اها فوج دريا خان ڄام فيروز جي خلاف تيار ڪري رهيو آهي ۽ مامتا ماريل ماءُ کي ان ڳالهه تي ويساهه اچي ويو. هن ڄام فيروز شاهه کي دريا خان جي سازش کان آگاهه ڪيو پر ڄام فيروز شاهه کي يقين ئي نٿي آيو ته ڪو دريا خان هن جي خلاف ٿي سگهي ٿو. هن پنهنجا جاسوس ڇڏيا ۽ اسان انهن جاسوسن کي خريد ڪيو ۽ هنن وڃي ڄام فيروز شاهه کي ٻڌايو ته واقعي دريا خان هن جي خلاف فوج تيار ڪري رهيو آهي.

همير: دريا خان کي پنهنجي تلوار تي ناز هو پر اوهان جي تدبر هن جي تلوار کي مڏو ڪري ڇڏيو.

ڪاهو: دريا خان اسان جي رستي تان هٽي چڪو آهي. هينئر سنڌ جو تخت ۽ تاج اسان جو آهي. اسان شاهه بيگ جي ڪن ارغونن ۽ ترخانن اميرن کي ٺٽي ۾ رهايو آهي جن جي معرفت اسان شاهه بيگ ڏانهن مخفي پيغام موڪليندا رهندا آهيون. ڄام فيروز شاهه شراب ۽ شباب ۾ گم آهي. دريا خان معزول ٿي چڪو آهي ۽ سپه سالاريءَ جي واڳ اسان جي هٿ ۾ آهي. هينئر شاهه بيگ سنڌ تي حملو ڪندو ۽ سنڌ جو تخت ۽ تاج ڄام فيروز کان ڦري اسان کي ڏيندو.

همير: جي شاهه بيگ پاڻ سنڌ جي تخت تي قابض ٿي ويو ته پوءِ؟

ڪاهو: هو ڪڏهن ائين نه ڪندو. هو اسان جو دوست آهي ۽ ارغون ڪڏهن به دوستيءَ ۾ دغا نه ڪندا آهن.

همير: شاهه بيگ کي هر وقت ظهير الدين بابر جو ڊپ آهي، هو کيس قندار ۾ سُک سان ويهڻ نه ڏيندو، انڪري هن جون اکيون سنڌ ۾ کتل آهن.

ڪاهو: شاهه بيگ جي منزل سنڌ نه پر گجرات آهي. هو سنڌ اسان جي حوالي ڪري پاڻ گجرات هليو ويندو.

(دربان اندر اچي ٿو)

دربان: سائين، مير قاسم ڪيبڪي اندر اچڻ ٿو چاهي.

ڪاهو: هن کي يڪدم اندر آندو وڃي.

(مير قاسم اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ٿو ڪري)

ڪاهو: مير قاسم، اسين تنهنجو ئي انتظار ڪري رهيا هئاسين. اسان جي دوست شاهه بيگ ارغون وٽان ڪهڙي خبر آندي اٿئي.

مير قاسم: دريا خان جي معزولي ۽ اوهان جي سپه سالاريءَ لاءِ
شاهه بيگ ارغون اوهان کي مبارڪون ڏنيون آهن.

ڪاهو: اسان پنهنجي دوست جون مبارڪون قبول ٿا ڪريون.

مير قاسم: اوهان جي حڪم موجب شاهه بيگ سنڌ تي حملو ڪيو آهي ۽ هن جون فوجون ٽلٽيءَ وٽ پهچڻ واريون آهن.

ڪاهو: مرحبا، شاهه بيگ مرحبا!

مير قاسم: رستي ۾ شاهه بيگ جي ڪنهن به رستا روڪ نه ڪئي، سردارن پنهنجي راڄ سان شاهه بيگ جو مقابلو ڪيو پر اوهان جي فوج هنن تي اوچتو پٺيان حملو ڪيو.

ڪاهو: اسان پنهنجي ارغون ۽ ترخان فوجي عملدارن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته جيڪو به شاهه بيگ جي رستا روڪ ڪري تنهن کي نيست و نابود ڪيو وڃي.

مير قاسم: ٽلٽيءَ وٽ سخت مقابلي جو امڪان آهي جو دريا خان جا پٽ ۽ دريا خان جا دوست فوجون وٺي مقابلي لاءِ تيار بيٺا آهن.

ڪاهو: انهن جي پرواهه نه آهي. تون ارغون، ترخان ۽ ڏنؤرن جا فوجي دستا وٺي وڃ ۽ اوچتو هنن تي پٺيان حملو ڪر. اڳيان
شاهه بيگ هوندو ۽ پٺيان تون.

(دربان اندر اچي ٿو.)

دربان: سائين خبر آئي آهي ته شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو آهي ۽ ٽلٽيءَ وٽ خونريز جنگ لڳل آهي.

ڪاهو: اسان کي خبر آهي. اسين پنهنجون فوجون روانيون ڪري رهيا آهيون. مير قاسم تون فوجون وٺي ٽلٽي پهچي وڃ ۽ اوچتو دشمن تي حملو ڪر.

مير قاسم: جيڪو حڪم.

(مير قاسم وڃي ٿو، پردو ڪري ٿو.)

 

 

ڏيک ستون

(ڄام فيروز شاهه جو محل، راڻي مَرڪي ڄام فيروز شاهه جي بادشاهي پڳ ۾ هيرا جڙي رهي آهي. اوچتو سپاهي اندر اچي ٿو.)

سپاهي: سائڻ، شاهه بيگ ارغون حملو ڪيو آهي.

مَرڪي: (هن جي هٿ مان پڳ ڇڏائجي هيٺ ڪري ٿي) شاهه بيگ حملو ڪيو آهي؟

سپاهي: هن جي سپهه سالار عيسيٰ خان ترخان، بکر پرڳڻي تي قبضو ڪيو آهي.

مَرڪي: (جوش مان) ڇا سنڌ جا سڀئي سورهيه مري ويا جو عيسيٰ ترخان بکر تي قبضو ڪيو.

سپاهي: شاهه بيگ جون فوجون ٺٽي پهچي ويون آهن.

مَرڪي: ڇا سنڌين جي غيرت ختم ٿي وئي آهي. سنڌين جون ڪهاڙيون ۽ تلوارون مڏيون ٿي ويون آهن. جو ارغون سورهين جي ديس کي لتاڙي ٺٽي پهچي ويا آهن.

سپاهي: بولان کان وٺي شاهه صدر لڪ تائين ڪنهن به هنن جي رستا روڪ نه ڪئي. پاڻ هنن کي فوجي رسد پهچندي رهي ۽ جي ڪنهن سرفروش سر تريءَ تي رکي ارغونن سان مقابلو ڪيو، ته اسان جي فوج هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.

مَرڪي: ته ڇا اسان جون فوجون شاهه بيگ سان ملي ويون آهن.

سپاهي: هن ٻانهي جي وات ۾ خاڪ، پر خبر پئي آهي ته
مدار المهام ڪاهو ڏنؤر شاهه بيگ سان ملي ويو آهي.

مَرڪي: منهنجو ڀاءُ ڪاهو ارغونن سان ملي ويو آهي.

سپاهي: دريا خان جي پٽن کي پهرين ئي انديشو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن شاهه بيگ سنڌ تي ضرور حملو ڪندو، انڪري هنن
شاهه بيگ لاءِ سرويچن جي فوج تيار ڪئي هئي ۽ جڏهن
شاهه بيگ ٽلٽيءَ وٽ پهتو ته دريا خان  جا ٻئي پٽ مٺڻ خان ۽ محمود خان دريا خان جا دوست سارنگ خان سمو، راڻو نرمل سوڍو ۽ سنڌ جو سورهيه مخدوم بلاول سرفروشن جي فوج وٺي شاهه بيگ جي سامهون ٿيا.

مَرڪي: ته ڇا دريا خان جا پٽ ڄام فيروز جي خلاف نه پر
شاهه بيگ جي خلاف فوج تيار ڪري رهيا هئا؟

سپاهي: هو شاهه بيگ جي فوج کي ائين وڪوڙي ويا جيئن جهنگ کي باهه وڪوڙيندي آهي. هو شاهه بيگ جي فوج کي جلائي ساڙي رک ڪري ڇڏين ها پر اوچتو مير قاسم ڪيبڪيءَ جي فوج وڏ ڦڙي جي وسڪاري وانگر هنن تي وٺي. هينئر شاهه بيگ ارغون فتح جا نغارا وڄائيندو ڳوٺ ۽ وستيون ساڙيندو. سنڌ جي سيني کي لتاڙيندو ٺٽي پهچي ويو آهي.

مَرڪي: شاهه بيگ ٺٽي پهچي ويو آهي ۽ هن کي روڪڻ وارو ڪو ڪونهي. ڄام فيروز ڪٿي آهي؟

سپاهي: ڄام فيروز شڪست کائي پير پٺي وٽ پناهه ورتي آهي.

مَرڪي: سنڌ کي سورن ۾ ڇڏي، پنهنجو سر بچائڻ واري پٽ کي جنم ڏيڻ کان اڳ منهنجي ڪک ڇو نه سڙي وئي. اهڙي پٽ کي ٿڃ جي بدران مون زهر ڇو نه پياريو. ڄام فيروز تو منهنجي ٿڃ ۽ لوليءَ کي لڄايو آهي. دريا خان، دريا خان تون ڪٿي آهين. تنهنجي وفاداريءَ کي غداري سمجهڻ واري ماءُ ۽ دشمن جي قدمن هيٺان لتاڙيل سنڌ توکي سڏي رهي آهي.

سپاهي: سائڻ دريا خان فوجي جٿو وٺي ٺٽي پهچي ويو آهي ۽ ٺٽي جي اڳيان سينو تاڻي بيٺو آهي.

مَرڪي: (خوشيءَ مان) دريا خان پهچي ويو آهي. هاڻي شاهه بيگ جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو هن جي ڀاءُ ابو محمد ميرزا جو ٿيو.

(سپاهي وڃي ٿو. راڻي مَرڪي اڪيلي رهجي وڃي ٿي اوچتو دريءَ مان تلوارن جا آواز ۽ ماڻهن جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ شعلا بلند ٿين ٿا، راڻي مَرڪي ڊوڙي اچي دريءَ وٽ بيهي ٿي ۽ دري کان ٻاهر نهاري ٿي. سپاهي اندر اچي ٿو.)

سپاهي: سائڻ، اوهان جي عزت خطري ۾ آهي. شاهه بيگ جون فوجون ٺٽي ۾ گهڙي آيون آهن. هنن شهر کي لٽڻ ۽ گهرن کي باهيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. سارو شهر جلي رهيو آهي بي هٿيار ۽ معصوم ماڻهن جو ڪوس ٿي رهيو آهي.

مَرڪي: دريا خان جي هوندي شاهه بيگ ٺٽي ۾ پير پائي نٿو سگهي.

سپاهي: شاهه بيگ جون فوجون دريا خان جي لاش کي لتاڙي پوءِ ٺٽي ۾ گهڙيون آهن.

مَرڪي: ته ڇا  دريا خان شهيد ٿيو؟

سپاهي: ها، دولهه دريا خان شهيد ٿيو. دريا خان وٽ رڳو چند جان فروشن جو جٿو هو ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي فوج سمنڊ جيان اٿاهه ۽ بي انت، دريا خان جڏهن تلوارن کي مياڻ مان ڪڍيو ته سمنڊ سانت ٿي ويو، ڇولين جو ڇوهه ختم ٿي ويو. دريا خان جي تلوار جي چمڪاٽ تي ارغونن جي گهوڙن ٽاهه کاڌو ۽ گهوڙا هڻڪاريندا پنهنجي ئي فوج کي سنبن سان لتاڙيندا وٺي ڀڳا. پوءِ محشر متو، قيامت ڪڙڪي، قهر پيو، دريا خان جو گهوڙو سنبن سان ارغونن کي لتاڙيندو، ارغونن جي رت سان سنڌ جي ڌرتيءَ کي ميندي مکيندو اڳتي وڌندو ويو. پر اوچتو ڪاهو ڏنور جي فوج شهر مان نڪري دريا خان تي حملو ڪيو ۽ دريا خان کي دشمن جي تلوار نه پر پنهنجن جي تلوار ماري ڇڏيو.

مَرڪي: دريا خان شهيد ٿيو. ٺٽو جلي رهيو آهي. سنڌ سڙي رهي آهي، سنڌ جون ٻنيون ۽ ونيون لٽجي رهيون آهن. بي گناهن جي دانهن ۽ ڪوڪن سان عرش لڏي رهيو آهي ۽ سنڌ کي بچائڻ وارو ڪو ڪونهي. ڪاهو: (اندر ايندي) اسان سنڌ کي بچائينداسين، جو هينئر سنڌ اسان جي آهي.

مَرڪي: تو هيءُ ڇا ڪيو ڪاهو، ڪيئن ڌارين هٿان سنڌ جو سَتُ لُٽايئه.

ڪاهو: شاهه بيگ ڌاريو نه پر اسان جو دوست آهي، هو اسان جي تاجپوشيءَ لاءِ آيو آهي. هي باهيون، دانهون ۽ رڙيون ڪاهو ڏنور جي تاجپوشيءَ جا شادمانا آهن. اسان جو دشمن دريا خان مُئو آهي. هاڻي سنڌ ۽ هيمون ٻئي اسان جون آهن.

مَرڪي: اڄ سنڌ جي ٻچڙن جون دانهون ٻڌي سنڌ جي پهاڙن جا پٿر به روئي رهيا آهن ۽ تون انهن دانهن کي پنهنجي تاجپوشيءَ جا شادمانا ٿو سڏين.

ڪاهو: جڏهن به تاريخ جو ورق ورندو آهي. تڏهن ماڻهن جو ڪوس ٿيندو آهي. سنڌ سڙندي شهر جلندا آهن ۽ ماڻهن جي رت ۽ رک تي نوان شهر ۽ نوان محل اڏبا آهن. سمن جي سلطان ڄام انڙ جڏهن همير سومري کي ڪهي سمن جي سلطانيءَ جو پايو وڌو هو، تڏهن شاهه طور جو شهر ائين ئي جليو هو، ائين ئي بي گناهن، جو ڪوس ٿيو هو ۽ ان رت ۽ رک سان سمن جي سلطانيءَ جو آغاز ٿيو هو. اڄ وري تاريخ جو ورق وري رهيو آهي. هنن باهين، دانهن ۽ انساني ڪوس سان تاريخ جو هڪڙو باب بند ٿي رهيو آهي ۽ ٻيو باب شروع ٿي رهيو آهي. اڄ سنڌ جي سلطاني سمن کان کسجي ڏنورن کي ملي رهي آهي. توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي، جشن ملهائڻ گهرجي جو اڄ تنهنجو ڀاءُ ڪاهو سنڌ جو سلطان ٿي رهيو آهي.

مَرڪي: (سوچيندي) جڏهن به تاريخ جو ورق ورندو آهي تڏهن سنڌ رت ۾ وهنجندي آهي. اڄ تاريخ جو ورق وري رهيو آهي. وقت پاسو ورائي رهيو آهي ۽ سنڌ جي سلطاني سمن سلطانن کان ڦرجي اسان جي قوم ڏنورن کي ملي رهي آهي. اڄ اسان جو ڀاءُ ڪاهو سنڌ جو سلطان ٿي رهيو آهي. ڀاءُ، تون سچ ٿو چوين ته هي باهيون ۽ دانهون تنهنجي تاجپوشيءَ جا شادمانا آهن. مان خوش آهيان ڀاءُ، مان بيحد خوش آهيان.

ڪاهو: اسان کي خبر هئي ته اسان جي تاجپوشيءَ جو ٻڌي اسان جي ڀيڻ خوش ٿيندي.

مَرڪي: (اڳتي وڌي پٽ تي پيل پڳ کڻي ٿي) ڀاءُ اچ ته مان پنهنجي هٿن سان توکي سنڌ جي سلطانيءَ جو تاج پارايان.

(ڪاهو اڳتي وڌي ٿو، راڻي مَرڪي آهستي پڳ مٿي ڪري ٿي. ڪاهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، مَرڪي يڪدم هن جي هانوَ ۾ خنجر وهائي ڪڍي ٿي.)

ڪاهو: آهه.....

مَرڪي: ڀيڻ نه چئو ڪاهو، پر سنڌ جو انتقام چئو.

ڪاهو: توهي ڇا ڪيو ڀيڻ؟

مَرڪي: جيڪو سنڌ جي هر ڄائيءَ کي ڪرڻ گهرجي.

(ڪاهو سٽ ڏئي خنجر ڪڍي ٿو، سندس سيني مان رت جو ڦوهارو ٿو نڪرڻ لڳي. هو خنجر کي هٿ ۾ جهلي ڏسي ٿو ۽ پوءِ اکيون کڻي ڀيڻ ڏانهن نهاري ٿو. هن جي نظر مَرڪيءَ جي هٿن ۾ جهليل سلطاني پڳ تي پوي ٿي. سندس اکين ۾ هوس چمڪڻ لڳي ٿي.هو تکو تکو ڀيڻ ڏانهن وڌي ٿو پر ٿاٻڙجي ڪري ٿو پوي، سهڪندو سهنڪدو اٿي ٿو ۽ هٿوراڙيون ڏيندو بادشاهي ڪرسي تي ويهي دانهن ٿو ڪري.)

ڪاهو: جشن ملهايو، شادمانا ڪريو، اسان تي شراب اوتيو. گل وسايو، اڄ اسان سنڌ جا سلطان ٿيا آهيون، ٻانهي!

(هن جي وات مان رت جي گرڙي نڪري ٿي ۽ هو اونڌي منهن فرش تي ڪري پوي ٿو. راڻي مَرڪي آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿي. تاج کڻي تخت تي رکي ۽ تلوار هٿ ۾ جهلي ٿي.)

مَرڪي: اڄ سنڌ سڙي رهي آهي. ٺٽو جلي رهيو آهي ۽ سنڌ واسين جو رت وهي رهيو آهي. اڄ سنڌ ۽ سنڌ جو هيءُ تاج غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو آهي. مان دولهه دريا خان جي هيءَ تلوار امانت رکي ٿي وڃان. وري ڪو دريا خان پيدا ٿيندو، جيڪو هن تلوار سان سنڌ جي غلاميءَ جا زنجير ٽوڙيندو ۽ سنڌ واسين جي ڪوس جو انتقام وٺندو.

(راڻي مَرڪي تلوار تاج جي ڀرسان رکي، تاج ۽ تلوار جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي پويان پير ڪري هلي وڃي ٿي. پس منظر ۾ ماڻهن جي دانهن جو شور وڌي وڃي ٿو ۽ دريءَ مان باهه جا شعلا بلند ٿيندا نظر اچن ٿا.)

(پردو ڪِري ٿو)

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com