سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: فيروز دل افروز

باب ٻيو

صفحو :4

 

پردو چوٿون

پير خان جي جاءِ

[ هڪ ننڍي ميز ۽ ڪي ڪرسيون پيون آهن، سوسن ميز صفا ڪري ٿي، ۽ مڙسن جي بيوفائيءَ جي شڪايت ڪري ٿي. راڳ جي وچ ۾ ديانت اچي ٻڌي ٿو.]

سوسن:         * زاتيون مردن جون، ڇاتيون مردن جون،

بيوفا آهن – ذاتيون....

باتيون تن جون، گهاتيون تن جون، ناسزا آهن، ناروا آهن،
مڙسن سان دل لڳائڻ، جان جلائڻ، کپائڻ، ستائڻ،
پُر جفا آهن، پُر جفا آهن – ذاتيون.....
اهي هي سڀ برا آهن، ناروا آهن، ناروا آهن- ذاتيون...
[ديانت ظاهر ٿي سوسن کي سڏي ٿو.]

ديانت:         پياري! (سوسن ڇرڪ ڀري ٿي.)

سوسن:         ڪهڙي مُئي تنهنجي پياري آهي؟

ديانت: جيڪا ناز ڀري ناري آهي، سائي منهنجي پياري آهي

سوسن:         هيترا ڏينهن ڪٿي هوئين جو اڄ آيو آهين؟

ڪين رڳو مفت جي مال تي مٺايو آهين!

ديانت: (کلي) پنهنجن مشتاقن تي ڪا اهڙي بدگماني ڪجي، ههڙي دانا زال ٿي، ڪا اهڙي ناداني ڪجي! (ڀاڪر پائڻ جي ٿو ڪري.)

سوسن:         پري ٿي، ڪو شرم حيا آهي؟

ديانت: ملندن کي ائين ڪرڻ روا آهي. (وٺڻ جي ڪريس ٿو، ته سوسن پاسي ۾ ڌڪ هڻيس ٿي. ديانت، ڪوڙ ڪري، پاسري جهلي ويهي رهي ٿو.) آررر... ماري وڌي!

سوسن:         (ڊپ ۾) ڇا ٿيو، (وڃي ٻانهن کان وٺيس ٿي)

                ٻڌاءِ ته سهي ڇا ٿيو!

ديانت: ناز تنهنجي هنيو نگهه جو تير، هاءِ دل ۾ ۽ جگر ۾ چير!

سوسن: (ڍونگ سهي ڪري، پري ٿئي ٿي) توبهه، منهنجوَ ته ساه ڪڍي ڇڏيئه!

ديانت: ساهه تنهنجي دشمنن جو نڪتو، هاڻ آءُ ڪو پيار ڪر!

سوسن:         (انڪار مان)

([1]) اتي وڃ، منٿ مڃ، جت تنهنجو هوئي پيار

اُتي وڃ –اتي...

جتي ڏينهن رات وڃائين ٿو، نئون نئون نينهن لڳائين ٿو،

مُئيءَ جي جان جلائين ٿو – اتي....

(دوهرو)

پيارو لڳي سارو جڳ، جي پيارو هجي ساڻ،

جو پيارو نيارو رهي، سو پيارو پنهنجو پاڻ،

(شعر)

دل کسي منهنجي، لڪائي به رکي آهي تو،
نانگ جان نينهن هڻي پنهنجو ڪَکي آهي تو،

 

پوءِ نه محبت جي دوا تنهن کي مَکي آهي تو،
حجر جي درد جي لذت نه چکي آهي تو،
ڀلي مون سان ڀيرو ڀڃ – اُتي...................

 

[اندران پير خان جو آواز اچي ٿو.]

پير خان:       گهوڙي کي اڄ مصالحو کارائجئين، ۽ شام جو ياد ڪري گاڏي آڻجئين!

[آواز ٻڌي سوسن ڇرڪ ڀري ٿي.]

سوسن:         اڙي ميان آيو! ڪٿي لڪي پؤ، پوءِ، وجهه ڏسي نڪري وڃ!

[ديانت لڪي ٿو. سوسن اندر هلي وڃي ٿي پير خان اچي ويهي ٿو. مداري اچي خبر ڏئي ٿو.]

مداري:         نواب سفير جنگ جن آيا آهن.

پير خان:       ڀلي اچن.

[مداري وڃي ٿو. سفير جنگ ۽ عالمسوز اچن ٿا.]

سفير جنگ:   تسليمات.

پير خان:       ڀلي آيؤ، تسليمات.

عالمسوز:      بندگي، پير خان، بندگي.(ڪرسيون ڏيکاري) بسم الله، ويهو.

سفير جنگ:   مهرباني(سڀ ويهن ٿا.)

پير خان:       اوهان جي هن دشمن جو ڪو پتو پيو؟

سفير جنگ:   جي هائو، هڪڙي جاسوس پتو ڪڍيو، ۽ هزار روپيا انعام کٽيو.

عالمسوز:      اڪرام ڪوڙا سڪا بنائي ٿو، ۽ فيروز وٽس رهي ۽ پئي کائي ٿو.

پير خان:       اوهان ناحق هزار وڃايو، اسان پيسي ڪوڏيءَ بنا هن جو پتو لڳايو!

سفير جنگ:   (خوش ٿي) هان؟ تڏهن ته ڪنهن طرح ٻنهي کي گرفتار ڪرائجي، ته ٻُهڻيءَ ۾ پنجن هزارن جي رقم شمار ڪرائجي!

پير خان:       تڏهن پهرين روپيا گهرايو، ۽ ٻُهڻيءَ ڪرايو!

سفير جنگ:   اجهي ٿو گهرايان. (عالمسوز کي) عالمسوز، وڃ، ادي فلڪ جاه کان روپيا وٺي اچ، ۽ منهنجو ڪاغذ کنيو وڃ.

پير خان        :       (سڏي ٿو) ڪو آهي.

مداري:         آيو، جناب. (اچي سلام ڪري بيهي ٿو.)

پير خان:       وڃي گلاس ۽ شيشو کڻي اچ.

مداري:         حاضر جناب.

[مداري وڃي ٿو. سفير جنگ وات سان چوندو به وڃي، ۽ خط لکندو به وڃي.]

سفير جنگ:   ”برادر صاحب، عالي دستگاه، نواب فلڪ جاه، سلامت ،پير خان ٿاڻيدار صاحب جي معرفت اڄ هو اوهان جو ڪم ٿيندو، ۽ اڪرام سان گڏ افروز جو ڪم به ختم ٿيندو، معلوم ٿيو آهي ته ٻئي ڪوڙا سڪا ٿا ٺاهين، جي اها ڳالهه سچي آهي، ته ٻئي قابو آهن. پنج هزار رقم مقرر ٿي آهي. اڳواٽ ڏبي، هڪدم موڪلي ڏيو جو انهيءَ ڪم ۾ دير نه ڪبي. واسلام. – حقير، سفير.“

[مداري شراب ۽ گلاس آڻي رکي ٿو. سفير جنگ خط ويڙهي عالمسوز کي ڏئي ٿو. هو ميز تي کڻي رکي ٿو. پوءِ شراب ٿا پيئن.]

عالمسوز:      اچي، دوستن جي شادي دشمنن جي بربادي!

پير خان:       آمين!(ٽيئي پي بس ڪن ٿا، پير خان جي اشاري تي مداري شيشو ۽ گلاس کڻي وڃي ٿو) هاڻ اوهين لڪي ويهي رهو، ۽ اسان جو منصوبو ٻڌي، جلد روپيا آڻي ڏيو.

سفير جنگ:   چڱو.

[پير خان لڪڻ جي جاءِ ڏيکارين ٿو. هو ٻئي لڪي ويهن ٿا.]

پير خان:       (سڏي ٿو) مداري!

مداري:                 (اندران) حاضر.(اچي ٿو)

پير خان:       جو ماڻهو دالان ۾ ويٺو آهي، تنهن کي موڪلي ڏي.

مداري: حاضر، جناب

[وڃي ٿو. عالمسوز وري اچي ٿو، ۽ ميز ڏسي ٿو.]

عالمسوز:      شراب گم ڪري ڇڏيوَ؟

پير خان:       هائو، وري گهرائي وٺان؟

عالمسوز:      نه، خير، ڪو اچي ويندو.

[جلد ئي ڀڄي وڃي ٿو. مداري نثار کي وٺي اچي ٿو. نثار نئڙي سلام ڪري ٿو.]

پير خان:       نثار، جي سڪي سازن کي پڪڙائيندين، ته انعام ڪمائيندين ۽ سرڪاري گواهه به ٿيندين.

نثار:          حضور ، ائين سمجهو ته هو پڪڙيا پيا آهن.

پير خان:       چڱو، - پر متان ڦري وڃين! اڌ رات جو ضرور اچجئين.

نثار:   حضور کان ڦري ڪيڏي ويندس، مهل تي ضرور ايندس، مگر، ويس بدلائڻ جي خبرداري ڪجو، دروازو آءُ کليل ڇڏي ڏيندس، تنهن جي هوشياري  رکجو.

پير خان:       بهتر، هاڻ توکي موڪل آهي.

نثار:           بندگي.

[وڃي ٿو. پير خان، سفير جنگ ۽ عالمسوز کي سڏي ٿو.]

پير خان:       سائين، هاڻ هليا اچو. (ٻئي اچن ٿا.) ڪيئن ... ٻڌوَ؟

سفير جنگ:   هائو، واه جو ڄار پکيڙيو. اٿوَ!

[مداري اچي ٿو.]

مداري:         (پير خان کي) سرڪار، سوار آيو آهي.

پير خان:       چڱو، چئينس ته آءُ اچان ٿو. (مداري وڃي ٿو.)

                شايد حاڪم سڏيو آهي.

سفير جنگ:   ته آءُ به ٿو هاڻ وڃان.

عالمسوز:      سويرڪو شراب ڏاڍو عمدو هو!

پير خان:       هائو، ٿورو ٻيو به وٺو.

عالمسوز:      نه جناب، معاف ڪجو.

پير خان:       (سفير جنگ کي) اوهان جي گاڏي عدالت جي طرف ويندي؟

سفير جنگ:   هائو هلو.

پير خان:       مهرباني.

[ٽئي گڏ وڃن ٿا. عالمسوز، شراب جي فڪر ۾، خط ميز تي وساري وڃي ٿو. ديانت آهستي نڪري، هيڏي هوڏي نهاري، خط کڻي خوش ٿئي ٿو.]

ديانت: بندو گهڻو ئي ڄار پکيڙي، مگر خاوند ڪنهن کي به ناحق نه ڦاسائيندو: هن جو لکايل ڪاغذ، هن کي ئي آڏو ايندو!

[تڪڙو نڪري وڃي ٿو.ٻئي پاسي کان سوسن اچي ٿي.]

سوسن: (سڏي ٿي) ديانت ! ديانت!.... هي ته، هليو ويو! ويچاري پيار به ڪونه ڪيو – هاڻ وري جڏهن ڪي هٿ اچي. بهتر آهي ته ڪنهن طرح سان هن کي ڳولي ڪڍان،۽ جلدي ساڻس شادي ڪري وجهان، متان هو ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي اٽڪي، پوءِ وري اهڙو خوش طبع ماڻهو هٿ نه ايندو.

[ڳائي ٿي.]

[2] نٿو گڏجي، نٿو گڏجي، ڪو سچو غموار نٿو گڏجي!

 

خدا بندي کي شايد گڏجي پئي، دلدار نٿو گڏجي...

 

آهن لکين البيلا، الغرضا، بيدردا،
مگر اهڙو لاثاني، دل جاني، منٺار نٿو گڏجي.....

 

(وڃي ٿو)

[پردو ڪري ٿو]

 

پردو پنجون

تهخانو

[جاءِ ۾ هي سامان رکيو آهي: ميز، ڪرسيون، ٻاٽلي، گلاس، هٿيار، ٽامو، پتل، وغيره. سڀ سڪي ساز ويٺا آهن. شراب پين ٿا ۽ ڳائين ٿا.]

آها! پيو پيو ارغواني شراب، آڻي جواني شراب-

 

اها ها، او هو هو..........................!

پري پيڪر گلفام، جيءَ جو جوهر مدام،
مي احمر جو جام، زغفراني شراب-

 

آڻي جواني شراب – پيو..........

راجا آهي رندن جو، خواجا آهي زندن جو،
فرحت جو باني شراب، عجب جاني، لاثاني

 

درماني، شراب –

ڀري جلدي، پيو پياريو، آسماني شراب –

 

آڻي جواني...........

پيو بهتر کان بهتر شراب، پر پر ڪري ساغر شراب،
کائو پڻ تنهن سان ڪباب – ڪٿان لڀي لامڪاني شراب!

 

آڻي جواني.............

[سڀ، شراب پي اندر ماني کائڻ وڃن ٿا، اڪرام ۽ فيروز ٻاهر وڃن ٿا.]

اڪرام:        فيروز، اُداس ڇو ويٺو آهين؟

فيروز:  آءُ تنهنجي ڀلماڻسيءَ تي ڀليس: جي هن شيطاني ڪم جي مون کي پهريندي خبر پوي ها، ته نه توسان انجام اقرار ڪريان ها، ۽ نه هن جهنم خاني ۾ اچان ها: هاڻ ڀلائي ڪر، مون کي هن قيد مان آزاد ڪراءِ، ۽ پنهنجي عزت آبرو به بچاءِ!

اڪرام: آبرو ڇا آهي، اسين گهڻن ڏينهن کان پنهنجي ساهه تان آسرو کنيو وتون!

فيروز:  اڃا به دير ناهي، توبهه ۽ پيشمانيءَ جو دروازو کليو پيو آهي. (هٿ ٻڌي) پنهنجي لاءِ نه، من هن نيڪ نيت ملائڪ – سيرت ”دل افروز“  جي لاءِ پاڻ کي سڌارين، ۽ هيءَ ٻڏندي ٻيڙي تارين!

اڪرام: فيروز توکي آفرين آهي ! جيڪي تون چوين ٿو تنهن جو مون کي سچو يقين آهي، تنهنجي صلاح بيشڪ معقول آهي، ۽ تنهنجي ڳالهه مون کي قبول آهي: سڀاڻي کان وٺي آءُ هن ڪم کان توبهه ڪندس، هينئر جي ڪي ڪڇندس، ته هنن بدمعاشن جي هٿان پنهنجي رت ۾ پيو لڇندس.

فيروز:  خير، سڀاڻي پري ناهي.

[اتي دروازي تي ٻاهران ٽن ڌڪن لڳڻ جو آواز ٿئي ٿو.]

اڪرام: (ڇرڪ ڀري، اندر منهن وجهي، ٻين سڪي سازن کي چتائي ٿو.) خبردار ! (پوءِ ٻاهرئين در وٽ بيهي پڇي ٿو) ڪهڙو آهين مار؟

نثار:   (ٻاهران) آدم ۽ نثار.

(ايتري ۾ سڀ سڪي ساز اچي سوڙها ٿين ٿا.)

اڪرام: (ٻاهرين کان پڇي ٿو) مخفي لفظ؟

نثار:   ”سرسبز“.

[اڪرام هڪڙي کي اشارو ڪري ٿو.]

اڪرام: کول دروازو، اچن ٿا سنگتي،

پاڻ سان شاگرد پڻ هڪڙو وٺي.

[سڀ سڪي ساز، دروازي جي اڳيان ٻه قطارون ڪري، هٿيار کڻي بيهن ٿا. هڪڙو در پٽي ٿو. نثار ۽ آدم اچن ٿا. ساڻن پير خان به بدليل پوشاڪ ۾ اچي ٿو. اکين تي ڪپڙو ٻڌل اٿس، اهو سڪي ساز دروازو وري بند ڪري ٿو.  سڀيئي پير خان کي چوڌاري ڦري بيهن ٿا.]

اڪرام:        (پڇي ٿو) هن جو ضامن ڪير آهي؟

نثار:           آءُ.

اڪرام:        چڱو، دستوري قسم ڏيوس.

نثار:   (پير خان کي) ڪعبي ڏي منهن ڪري، گوڏن ڀر ٿي ويهه.

[ويهاريس ٿو، ۽ اڪرام ترار ڪڍي اُن جي چهنب پير خان جي سيني تي جهلي ٿو.]

اڪرام:        (پير خان کي) چؤ

ٿو کڻان آءُ قسم دل ساڻ اڄ يزدان جو،

[هو ائين چوي ٿو.]

جان پنهنجيءَ جو، ۽ پنهنجي دين ۽ ايمان جو:

(پير خان ائين چوي ٿو)

جي جماعت کي دغا ڏيان يا ڀڄان، تان هيءَ ترار،

(پير خان ائين چوي ٿو)

پار ٿئي سيني منجهان منهنجي ۽ منهنجيءَ دل مان پار.

(پير خان ائين چوي ٿو)

[ پوءِ نثار، پير خان جي اکين تان ڪپڙو لاهي ٿو.]

نثار:   (پير خان کي اڪرام ڏيکاري) هيءُ اسان جو مرشد مهربان آهي، هن جو نالو”سامي سلطان “ آهي.

[اڪرام هن کي هٿ ڏئي ٿو.]

اڪرام:        ٿيو هڪ نئون ڀاءُ آهي مريد،

پيو جام مي جا، جو اڄ آهي عيد!

[سڀ گلاس کڻي، ٻاٽليءَ مان انهن ۾ شراب وجهي گڏ ڳائين به ٿا، ۽ پيئن به ٿا.]

[3] نثار: واه، مبارڪ مجلس، مي جو جام!

سڀ سڪي ساز:پُرر پرپر، پرپر، پرپر، پرپر، پرپر، پر...!

نثار:           واه، هيءَ پري پيڪر ، حور اندام!

سڀ سڪي ساز:پُرر پرپر، پرپر،پرپر،پرپر،پرپر،پر.................!

نثار:           واه، آب جي صورت آتش فام،

راحت پرور، عشرت آور، بيشڪ نيڪ انجام،

گوهر افشان، دل افروز، لعل بدخشان، محنت سوز:

 

کولي دم کي، ماري غم کي، حاصل تنهن مان

                                            ٿئي آرام-

آرام.....آرام...... آرام! واه..............

سڀ:   واه مجلس، جم جو جام، روح پرور، تنهنجو نام،
ميءِ گلگون، خوش انجام، ڪڙو مٺو، پختو خام،
لذتدار، ميءِ گلفام، تنهنجا رام خاص ۽ عام:
واه، گلگون بهشت اثر رندي جام!- واه......

 

[سڀ سڪي ساز راڳ ڳائي، شراب پي بس ڪري، ڪجهه کائين ٿا. انهيءَ وچ ۾ نثار، آدم کي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪائي بهاري ٿو، ۽ چويس ٿو.]

نثار:   آدم، هن ڪنڊ ۾ لڪي ويهه (تپاچو ڪڍي ڏئيس ٿو)- وجهه وٺي، اڪرام تي ڇوڙ، ۽ هڪدم فيروز تي خون جي تهمت رک- ڀلي ته اڪرام مري مردار ٿئي، ۽ فيروز گرفتار ٿئي! ائين ڪرڻ سان نواب سفير جنگ جو مطلب پورو ٿيندو، نواب فلڪ جاه جو بخت  کلندو، ۽ توکي تمام وڏو انعام ملندو.

(پوءِ نثار، لڪي، ٻاهرئين در جو اندريون ڪڙو لاهي ڇڏي ٿو، ۽ وري اچي سنگتين وٽ بيهي پير خان کي اشارو ڪري ٿو. انهيءَ اشاري تي ، پير خان منهن پاسي ڪري سيٽي وڄائي ٿو، سڀ سڪي ساز ڇرڪ ڀري پير خان کي وڪوڙي وڃن ٿا. اڪرام ترار ڪڍي مٿي ڪري ٿو. سپاهي دروازو پٽي اندر اچن ٿا. فيروز، ڪن سپاهين کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي، خالي تپاچو ڪڍي هنن کي ڊيڄاري ٿو. سپاهي وڃي هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهن ٿا، پر انهيءَ وچ ۾ آدم اڪرام کي تپاچي سان گولي هڻي ٿو. اڪرام ڪري پوي ٿو. آدم جهٽ ۾ ٻين سان گڏجي وڃي ٿو. سڀ حيران ٿي اڪرام کي ڏسن ٿا.)

اڪرام:        آه......دغا.....!

[فيروز اڪرام کي وڃي ڀاڪر وجهي ويهاري ٿو.]

فيروز:          هاءِ، هي ڪهڙو واقعو، ڪهڙو خراب نتيجو!

پير خان:       (اڪرام وٽ اچي) خون! خون ڪنهن ڪيو؟

(هيڏي هوڏي ڏسي ٿو.)

نثار:   (فيروز ڏي اشارو ڪري) اجهو، هي خوني، ۽ هن جو تپاچو!

فيروز:  ڪوڙو آهين! مون فقط خالي تپاچو هنن تي ڊيڄارڻ لاءِ کنيو، گوليءَ جو ڌڪ ٻئي پاسي کان آيو.

پير خان:       ڪوڙ ٿو ڳالهائين!

آدم:           برابر هن تپاچو هنيو، -  مون پاڻ ڏٺو!

اڪرام: ڪڏهن نه، هر گز نه.... (نثار کي) آخر، نثار، تو مون کان وير ورتو!

نثار:   جيڪو پنهنجي دوست جي وعدي کان نٽائيندو، سو اهوئي نتيجو پائيندو.

اڪرام: هاءِ، ... هوءِ.... مران ٿو. فيروز، خدا کي پرتين، دل افروز کي دعائون ڏج... هن جي سنڀال رکج! (ڏک ۽ سور ۾ ) هاءِ، الله، الله وڃان ٿو....

[اڪرام مري ٿو. انهيءَ وچ ۾ ڪن سپاهين ڪن سڪي سازن کي جهليو آهي. پير خان ۽ نثار ۽ آدم، فيروز ۽ اڪرام جي مٿان بيٺا آهن. پردو ڪري ٿو.]

***


*  ”جهنگلو“ - قهروا

([1] ) ”بهار“ - ٺمري

[2]  ”ماند“ - زلو

[3] انگريزي طرز “Solders in the park”

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com