سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: فيروز دل افروز

باب ٻيو

صفحو :3

باب ٻيون

 

پردو پهريون

باغيچو. قبرستان. هڪڙو گهر.

[هڪڙي پاسي گهر جي دالان ۾ ٽي ڪرسيون پيون آهن، چائدان رکيو آهي. باغ جي وچ ۾، سفير جنگ ۽ عالمسوز ڳالهيون ڪندا اچن.]

عالمسوز:      (گهر ڏيکاري) اهو اڪرام جو گهر آهي. نڀاڳي جيئري ئي وڃي قبرستان وسايو آهي.

سفير جنگ:   عالمسوز، آءُ ته تڏهن خوش ٿيان، جڏهن اڪرام خود قبر ۾ پوي، يا شهر- نيڪالي مليس. هو لطيفان جي موت جو شاهد آهي، هڪڙي ڏينهن نيٺ هو مون کي خوار ڪندو.

عالمسوز:      اوهين بيفڪر رهو، مون پٺيانئس جاسوس ڇڏيو آهي، سو سگهوئي هن جي ڏوهه جو پتو ڪڍندو، ۽ هن کي جهلائيندو.

سفير جنگ:   شاباس، آءُ اوهان کي خوش ڪندس. ڀلا، فيروز هتي ڏهاڙي اچي ٿو؟

عالمسوز:      هائو، ڏهاڙي اچي ٿو، ۽ ماءُ جي قبر تي گل وجهي وڃي ٿو.

سفير جنگ:   اوهان کي ڪيئن خبر پيئي ته اڪرام فيروز جو مددگار آهي؟

عالمسوز:      (قبر ڏيکاري) اها شهناز جي قبر آهي، جا اڪرام جوڙائي آهي.

سفير جنگ:   انور به هتي هر روز ايندو آهي؟

عالمسوز:      هائو، فيروز انهيءَ کي به ساڻ آڻيندو آهي.

سفير جنگ:   تڏهن اڄ هڪڙو ڪم ڪريو، جو انور کي ٺڳاري گل اندام جي گهر پهچائي ڏيو.

عالمسوز:      چڱو.

[سفير جنگ وڃي ٿو. عالمسوز هڪڙي پاسي کان لڪي بيهي ٿو. دل افروز، سوسن ۽ نسترن اچي ڪرسين تي وهن ٿيون.]

دل افروز:       دل اُداسي ٿي رهي، آهي اندر ۾ انتظار،

 ڪي وڻي ڪين، آهيان گرچه منجهه باغ بهار.

 سوسن:        (کلي) هوءِ سڄڻ سامهون ته جيڪر ڇو نه سڀڪا

 

شيءِ وڻي –

نسترن:         شمع ري پروانو، گل ري ساهه ڪيئن بلبل

 

کڻي!

سوسن:         هو فيروز، جو هر روز باغيچي ۾ ايندو آهي، تنهن کي ڏسي ته تنهنجي دل گل وانگي ٽڙندي آهي!

دل افروز:       (نٽائي ٿي) ادي، چانهه نٿي ٺاهين ته پيون؟

سوسن:

دل سندو سوز ڇپائڻ سان ڇپي ڪين سگهي،
عشق ۽ مُشڪ لڪائڻ سان لڪي ڪين سگهي!

 

[ ٽيئي ڄڻيون چانهه ٺاهڻ ۽ پيڻ ۾ مشغول ٿين ٿيون. فيروز، انور سميت، قبرستان جي پٺيان اچي ٿو، گلن جي ڇٻي رکي، قبر جي سير انديءَ کان لوبان دکائي، هٿ کڻي دعا گهري ٿو. انور ماٺ ڪري بيهي ٿو. نسترن، دل افروز کي آزمائي ٿي.]

نسترن:         ادي، هاڻ هلو ته گهر هلون، ٿڌ ٿي پوي.

[نسترن ۽ سوسن اٿن ٿيون]

دل افروز:       ادي، مون کي ته ٿڌي هوا وڻي ٿي.

سوسن: ادي، ڀلا تون ويٺي رهه...... ڀلي هو جوان به اچي!

دل افروز:       (چرچي مان) تڏهن صاف ڇو نٿي چوين ته هو توکي وڻي ٿو!

سوسن: چڱو ڀلا، مون کي وڻي ٿو، - تڏهن ويجهو ته وڃي ڏسانس! (ويجهو وڃي، فيروز کي ڏسي، وري اچي ٿي) اجهو، هيڏي ٿو اچي!

[فيروز اُٿي ٻئي پاسي کان بيهي ٿو.]

دل افروز:       (هن کي چتائي ڏسي) هائو، ادي، هائو، ڀڄو ته پاسي ٿيون، پرائو مڙس ٿو اچي.

نسترن: پرائو مڙس! چڱو ڀلا، هلو. (هلن ٿيون. دل افروز پٺتي رهجي ٿي) ڇو، هلي نٿي سگهين ڪيئن؟

دل افروز:       (ڪوڙ ڪري) ادي، ڪنڊو آهي. ڪي ڇا لڳو آهي. (پير جهلي ڏسي ٿي.)

سوسن: (کلي) ڪٿي؟ - پير ۾ يا ... دل ۾ لڳو آهي.

دل افروز:       (آڏيءَ اک سان فيروز کي ڏسي.) ويچارو اُداس بدحواس آهي.

نسترن: سچ پڇين ته مٽيءَ سان گڏيل الماس آهي!

سوسن: جي آءُ تنهنجيءَ جاءِ تي هجان، ته جيڪر وٽس وڃي حال پڇانس.

نسترن: جي آءُ هجان، ته اصل گهر وٺي وڃي اُتي پڇانس!

دل افروز:       بابو گهڻو ئي سڏيندو اٿس، پر ڪين ايندو آهي، خبر ناهي ڇو  ٿو ايتري لڄ ڪري.

سوسن:         ادي، بس، هاڻ هل، وڌيڪ ڏسڻ نقصان آهي!

دل افروز:       ڇو، لڪي ڏسڻ ۾ ڪهڙو زيان آهي؟

 اڪرام:       (اندران) دل افروز؟

[آواز ٻڌي، دل افروز ڇرڪ ڀري ٿي.]

دل افروز:       بابا، آئي.

[ٽيئي وڃن ٿيون.]

فيروز:          (گل وجهي، دعا گهري چوي ٿو)

امان، آءٌ رات ڏينهن ڪريان تنهنجي حق دعا،
سا ڀي ڪندو قبول ڪرم ساڻ شل خدا،
دنيا ۾ موٽي تنهنجو ٿئي نانءُ جابجا،
عزت ۽ آبروءَ سان پڻ رهون سدا.
شل تنهنجو روح پاڪ، خدا کي قريب هوئي،
شل آخرت تنهن کي به جنت نصيب هوئي!

 

انور:            ادا، امان زمين ۾ الاجي ڪيئن رهندي        هوندي – ويچاريءَ کي ڏاڍي سردي لڳيندي    هوندي!

فيروز:          ادا،

هن کي نه آهي خاڪ جي سرديءَ جي ڪا خبر،
گرميءَ کان سج جي تنهن کي نڪو خوف يا خطر،
 دنيا جي درد غم جو مٿس ناهي ڪو اثر.
هوءَ ٿي رهي اتي جتي پهچي نه ڪو ضرر،
جنهن گهر ۾ آهي، سڏ جي ٿو”داراالقرار“ سو.
آرام ۽ قرار جو باغ و بهار سو.

 

انور:            تڏهن امان وري اسان جي گهر نه ايندي؟

فيروز:  نه، ادا، امان خدا وٽ ئي رهندي هاڻ تون هيءَ گلن جي ڇٻي کڻي گهر هل، ته آءُ اڪرام جي گهران ٿيندو ٿو اچان.

انور:    چڱو ادا، پر جلدي اچجئين.

[ فيروز، اڪرام جي گهر لنگهي وڃي ٿو. انور اڳڀرو هلي ٿو، ته عالمسوز ظاهر ٿئي ٿو.]

عالمسوز:      بابا، خوش آهين؟ (پيار ڪريس ٿو)

انور:    هائو.

عالمسوز:      چاچي توکي سڏيو آهي. اڄ وڏو جلسو ۽ تماشو ڪيو اٿس.

انور:    چاچي ته اسان کي گهران لوڌي ڪڍيو، پوءِ سڏي ڪيئن ٿو؟

عالمسوز:      نه نه، جيڪي ڪيو سو تنهنجي ڀاءُ ڪيو، چاچهين ته توکي اڄ به سڏيو آهي.

انور:    ادي کان موڪلايو، ته پوءِ هلان.

عالمسوز:      ڀاڻهين کي به سڏيو اٿس، اُهو به ايندو.

انور:    تڏهن ته چڱو، آءُ به هلندس.

[ٻئي وڃن ٿا. فيروز ۽ اڪرام، ڳالهيون ڪندا، نڪري اچي گهر جي ايوان ۾ بيهن ٿا.]

فيروز:  ادا، جي ڀانئين ته آءُ تنهنجو سنگتي ٿيان، ته مون کان خدا جي واسطي ڪوبه ڳجهه نه لڪاءِ: مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪهڙو ڌندو ڪندو آهين، ۽ گذاران ڪيئن ٿيندو اٿئي؟

اڪرام: تون قسم کڻندين ته ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندين؟

فيروز:  آءُ پنهنجيءَ جان جو قسم ٿو کڻان، دين ايمان جو قسم ٿو کڻان!

اڪرام: تڏهن ٻُڌ ...(هيڏي هوڏي نهاري، آهستي) مون پنهنجي ۽ تنهنجي ڪم پوري ڪرڻ لاءِ هڪڙي ٽولي بنائي آهي، انهيءَ ٽوليءَ مان خدا گهريو آهي ته اسان جي ڀلائي آهي.

فيروز:  (ويچار ڪري) اُنهيءَ ٽوليءَ ۾ آءُ به شامل ٿي سگهندس يا نه؟

اڪرام: نه، ٻاهريون ڪوبه ان ۾ اچي نه سگهندو.

فيروز:  جي اُنهيءَ ۾ آءُ به شريڪ ٿيڻ گهران، ته پوءِ؟

اڪرام: جي اُنهيءَ سان گڏجڻ گهرندين، ته آءُ توکي گڏي ڇڏيندس، مگر، جي دغا ڏيندين، جيئرو نه رهندين!

فيروز:  چڱو، آءُ راضي آهيان.

اڪرام: انجام اقرار ڪرڻو پوندءِ، قسم کڻڻو پوندءِ.

فيروز:  پنهنجيءَ ماءُ جي نيڪناميءَ جي لاءِ ائين به ڪندس.

اڪرام: شاباس(وڌيڪ آهستي) اڄ اڌ رات جو مون سان اچجئين! پر، پوءِ ڦري نه وڃجئين!

فيروز: ڪڏهن نه.

[دل افروز در وٽ اچي، فيروز کي ڏسي وري وڃي ٿي. اڪرام هن کي ڏسي سڏي ٿو.]

اڪرام: ڌيءَ، ڀلي اچ، لڄ نه ڪر، فيروز ميان آيو آهي –سؤ ڀيرا سڏيو اٿمانس، تڏهن مس اڄ آيو آهي.

[دل افروز شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي اچي ٿي.]

دل افروز:       بابا، تون ڪالهه رات نه آئين، مون کي اڪيلائيءَ ۾ ننڊ ئي نه آئي.

[آڏيءَ اک سان فيروز کي ڏسي ٿي.]

اڪرام: ڇو؟

دل افروز:       ڀلا، بابا، اوهين وڃو هليا، مون وٽ نڪو سنگتي نه ساٿي، فڪر ۽ ڊپ ۽ انتظار جي ڪري ننڊ ڪٿان ايندي؟

اڪرام: بس، هاڻ اڳتي فيروز مان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آهي، ۽ پاڻ ٻنهي جو غمخوار آهي.

دل افروز:       جي هو پنهنجو غمخوار آهي، ته اسان جو سردار آهي.

اڪرام: وڃ، ابا، وڃي چانهه ٺاهي آءُ.

دل افروز:       چڱو، بابا. (وڃي ٿي ويندي، پنهنجي منهن) منهنجي دل به ائين ٿي چوي!

اڪرام: (فيروز کي) ڏٺئه، مون کي بابا ڪيو ٿي سڏي، آءُ گهر ۾ ناهيان ته بي آرام ٿي ٿئي.

فيروز:  پنهنجي پيءُ سفير جنگ کي سڃاڻي ڪين ٿي؟

اڪرام: نه (ٿڌو ساهه کڻي) جي آءُ سڀاڻي مري وڃان، ته تون هن جي سنڀال ڪجئين.

فيروز:  بيشڪ ڪندس، دل ۽ جان سان ڪندس، دين ايمان سان ڪندس.

اڪرام: شل سلامت رهين! اڄ تون کڻي اتي ئي رهه، منهنجو هڪڙو سنگتي ۽ رازدار آهي، جنهن جو نالو نثار آهي، انهيءَ کي سڏي ٿو اچان، ۽ رات جي تياري ٿو ڪريان.(وڃي ٿو.)

فيروز:  (اڪيلو، هٿ کڻي)

شڪر، يار رب، جو مون کي نيڪ مددگار مليو،

 

لطف سان تنهنجي، مون بي يار کي هڪ يار مليو

 

[ دل افروز چانهه ٺاهي، مُرڪندي، اچي فيروز کي چانهه ڏئي ٿي.]

دل افروز:       سائين، اجها چانهه، ڪريو نوش جان، پوءِ هڻو ڪنهن ڪُٺيءَ جي دل کي ڪان.

فيروز:  آءُ پاڻ زماني جي گردش کان ڪٺو وتان، سو ٻين کي ڪيئن ڪُهندس ۽ ڪان هڻندس؟

دل افروز:       اهو انڪار بلڪل باطل آهي، جو ماڻهن کي قتل ڪري ٿو، سو قاتل آهي!

فيروز:  ڪير قاتل ٿيو؟ ڪنهن قتل ڪيو؟

دل افروز:       (شرم سان) اوهان جي محبت ۾ آءُ قتل ٿي آهيان، اوهين حسن جي ترار کڻي اچي منهنجا قاتل ٿيا آهيو!

[ٻئي گڏ ڳائن ٿا.*]

فيروز:  آءُ آهيان گردش جو ماريو- ويچارو، آوارو، هاريو.....

دل افروز:       جيئن تون پيارو، ماريو، هاريو، آءُ ڀي  آهيان – آءُ....

فيروز:  آءُ آهيان بي زر، بي گهر، بي ثمر،

دل افروز:       آءُ ڀي آهيان بي سر، بي ياور.

فيروز:  آءُ بد اختر.

دل افروز:       توکان بدتر، آءُ ڀي آهيان – آءُ....

فيروز:  بدنامي، ناڪامي، ناداري، ناچاري-

دل افروز:       تن ۾ ڏيندس آءُ ياري، مون کي لڳندي سا پياري.

فيروز:  آءُ آهيان آفت جو ماريو –

دل افروز:       تو تان واريو، دل کي هاريو، آءُ ڀي آهيان – آءُ...

فيروز:  بيبي آءُ سچ ٿو چوان، آءُ هڪڙو بدنصيب ۽
بدنام ماڻهو آهيان، منهنجي محبت متان توکي به بدنام ڪري!

 

[اتي اڪرام اندران سڏي ٿو.]

اڪرام: فيروز!

فيروز: آيو.... (ويندي چوي ٿو) جيڪي چيم، تنهن کان بي دل ۽ خفي نه ٿجئين، مون تي رحم ۽ افسوس ڪندي رهج.

[فيروز وڃي ٿو.]

دل افروز:       (اڪيلي، ڳائي ٿي.)

*نه گل هوءِ، وڻي ڪيئن بلبل کي لاله راز،

 

آهه گلزار ان کي خار، ڪو جنهن جو ناهي دلدار، ڙي.....

 

دلڙي آهي مصيبت ۾، سونهي نٿو سينگار،

 

ڪاري ڪٽاري لڳائي توساري،جلائي جي باغ بهار،ڙي

 

چين اچي نا، رَين کُٽي نا، نَين وهي جل – ڌار،

 

گلَ ري چمن جي ناهي سونهن ڪائي، گل آهه ڳچيءَ جو،

 

هار، ڙي....

[دل افروز غمگين ٿي وڃي ٿي، ته نثاراچي ويهي ٿو.]

نثار:   (نشي ۾ ڳائي ٿو)

[1]پيٽ ڀري دارون، جي پئين کڻي يار تون،

 

ٿئين مچي هڪدم، رستم جان تيار تون!

 

نوش ڪرين نشو، جي روز مزيدار تون،

 

وجهين ڀڃي مُڪن سان پنهنجي ديوار تون – پيٽ

 

سور پوي يا ٿئي بيخوابي، پيءُ پيالو ڪرشتابي،

 

 

دل کي ٺاري آتش آبي، آجو مرض کان نت شرابي،

 

پُر ڪر شراب سان پنهنجو گهر ٻار تون – پيٽ...

 

[دل افروز اچي ٿي، ۽ نثار کي ڏسي کيڪاريس ٿي.]

دل افروز:       اچو، سائين.

نثار:   (محبت مان) ڪيئن، پياري! پوءِ نيٺ خيال ڪري رهينءَ يا نه؟ اڃا منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو اٿئي- شادي مرادي يا نامرادي؟

 

دل افروز:       مون پنهنجي دل ”فيروز“ کي ڏيئي ڇڏي آهي. بابي به اها ڳالهه پسند ڪئي آهي، ۽ هاڻ اسان کي شاديءَ جي اُميد وڏي آهي.

نثار:

       1 دلڙي ويچاري، تو وٽ اي پياري، مون تان ڦاسائي ڇڏي ڏني،
      تو به کڻي سا، تير هڻي سا، زخمي بنائي ڇڏي ڏني!
     پاڻ پَسائي، لؤن ڀي لڳائي، اکيون ملائي ڇڏي ڏني!
     ناز ادا سان، جور و جفا سان، سخت ستائي ڇڏي ڏني!

 

آئيني سان ٿا رکن دشمني صورت وارا،
خاڪ ۾ دل کي ملائن ٿا ڪدورت وارا،
مارجي نت ٿا وڃن مفت محبت وارا،
وڃي راحت کي رسن نيٺ مصيبت وارا:



 

غم ۽ الم ۾، لڄ ۽ شرم ۾، مون ته ٻڌائي ڇڏي   ڏني،  ظلم ستم سان، فند فهم سان، تو ته اُڏائي ڇڏي ڏني!

 

دل افروز:       مون کي ته فيروز پسند آهي، منهنجي   ڳچيءَ ۾ هن جي محبت جو ڪمند آهي: هو فيروز، ۽ آءُ دل افروز!

نثار:   آءُ جواهر، فيروز پهڻ: تو ڪيئن جواهر ڇڏي پهڻ پسند ڪيو، ۽ پاڻ کي انهيءَ بيعقليءَ جي ڪمند ۾ بند ڪيو!

دل افروز:       بي آب جواهر کان آب وارو پهڻ بهتر آهي!

نثار:   منهنجي نااُميديءَ مان پس پيش توکي ضرر آهي.

دل افروز:       انسان ويچارو ڏکن لاءِ پيدا ٿيو آهي.

نثار:   اهڙي انسان کي حيف آهي، جو پاڻيهي اچي کَڏ ۾ پيو آهي!

 

دل افروز:       بس، منهنجي ته هن سان دل ٻجهي ويئي آهي.

نثار:   جي ائين آهي ته مون به چڱي رٿ ڪئي پڪ ڄاڻ، اوهان سڀني تي آفت اچي پيئي آهي.

دل افروز:       جيڪا قسمت!

نثار:   وڃ ڙي ماري، او ناڪاري ناري!

نادانيءَ سان تون رهجئين، بي ڌيانيءَ سان تون

رهجئين، هشياريءَ سان – وڃ ڙي...

ڏٺي ڏٺي تنهنجي هيءَ چريائي، صفائي، سچائي،

رُکائي، برائي، جدائي –

وڃ ڙي وڃ، وڃ وڃ وڃ وڃ...

ناري! وڃ وڃ وڃ وڃ وڃ ...

ناري! وڃ وڃ وڃ وڃ وڃ ..

وڃ ڙي........

 

نه هوندي اهڙي ڪائي جهڙي تهڙي – توئي جهڙي

 

تون آهين ناري، مت جي ماري، تنهنجي خواري،

 

ٿيندي ياري،

سمجهي مون تان بد ڪرداري تنهنجي ساري – وڃ ڙي....

 

دل افروز:       (بي برواهيءَ سان) تنهنجي ڊيڄاري آءُ ڪين ڊڄنديس!

نثار:   پنهنجي پيءُ کي سڃاڻين ٿي؟ هن جي بُرن ڪمن کي ڄاڻين ٿي؟

دل افروز:       منهنجي پيءُ جهڙو نيڪ ۽ ناميارو ٻيو ڪير هوندو؟

نثار:   نيڪ ۽ ناميارو يا... (آهستي) ٺڳ ۽ ڪوڙن سڪن ٺاهڻ وارو!

دل افروز:       (ڊپ ۾) نثار، خدا جي واسطي مون کي نه ڊيڄار!

نثار:   آءُ قسم کڻي چوان ٿو ته جي منهنجي ڳالهه نه مڃيندينءَ، ته ضرور پنهنجو پيءُ وڃائيندينءَ!

دل افروز:       (ڊپ ۾) تڏهن، مون تي رحم ڪر، مون کي خيال ڪرڻ جي مهلت ڏي.

نثار:   مهلت ڇا جي؟ (دڙڪي سان) هينئر جو هينئر جواب ڏي، نه ته انهيءَ جو حساب ڏي!

دل افروز:       جي مهلت کان انڪار آهي، ته اتي جو اتي جواب ڏيڻ دشوار آهي.

[ دل افروز چڙ ۽ خوف ۾ هلي وڃي ٿي.]

نثار:   ڌيءَ ته صفا جواب ڏنو، هاڻ جي پيءُ به اهڙو ئي سُنڪو جواب ڏنو ته پوءِ، نثار، تون سرڪار سان ملي وڃ، ۽ تهخاني جو ڳجهه ظاهرڪري، اڪرام کي شهر – نيڪالي ڏيار – پوءِ دل افروز کي پيو محبت جا پيالا پيار!

[خيال ڪري ٿو، ته اڪرام اچي ٿو.]

اڪرام: نثار، جنهن فيروز جو نه، ذڪر مون تهخاني ۾ ڪيو هو، تنهن قسم کڻي پنهنجي ٽوليءَ ۾ شامل ٿيڻ جو انجام ڪيو آهي.

نثار:   اهو ته تمام چڱو، مزو ٿيو.

اڪرام: يار، نثار منهنجون ٽي مرادون آهن، جي اُهي ٽيسئي پوريون ٿين، ته جيڪر تهخاني جي مهنداري توکي ڏيئي، آءُ وڃي خدا کي ياد ڪريان.

نثار:   ڪهڙيون ٽي؟

اڪرام: هڪڙي، ”سفير“ کان وير وٺڻ، ٻي، نڪاح نامي جو پتو ڪڍڻ.....

نثار:   ۽ ٽين؟

اڪرام: فيروز سان دل افروز جي شادي ڪرڻ.

نثار:   (دهلجي) هان؟

اڪرام: هائو، پنهنجي جيئري مون ڪنهن اشراف خانداني ماڻهوءَ جي هٿ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي، تنهن ڪري فيروز کي مدد ڏيڻ جو هميشه دل ۾ خيال پئي ٿيو آهي.

[اندران دروازي مان فيروز جهاتيون پيو پائي.]

نثار:   هو جهاتيون ڪير پيو پائي؟

اڪرام: اهو ئي فيروز آهي، جو پيو واجهائي.

نثار:   تڏهن آءٌ ڇڏيان، ۽ نراس رهان؟

اڪرام: (عجب ۾) دل افروز جي طمع تنهنجي دل ۾ ڪڏهن آئي!

نثار:   گهڻن ڏينهن کان، مگر مون پئي ڇپائي. ڪوڙن سڪن ٺاهڻ ۾ جو آءٌ توسان شريڪ ٿيس، سو فقط دل افروز جي طمع تي، پر جي هاڻ تون به مون کي ائين جواب ڏيندين ته ٺهيو، - پوءِ پاڻيهي پيو حساب ڏيندين!

اڪرام: (چڙي) قسمت ۾ جيئن هوندو تيئن ٿيندو، پر دل افروز جي شادي توسان ته ڪين ڪندس.)

نثار:   (ڪنڌ لوڏي) ائين! تڏهن هيءُ ڏس.... (کيسي مان هڪڙو سرڪاري اشتهار ڪڍي. هن کي ڏيکاري پڙهي ٿو)- ”جيڪو ڪوڙن سڪن ٺاهڻ وارن کي گرفتار ڪرائيندو، تنهن کي پنج هزار رپيا انعام به ملندو، جي پاڻ اُنهن جي ٽوليءَ مان هوندو، ته اُنهيءَ کي معافي ملندي، ۽ هو سرڪاري شاهد شمار ڪرڻ ۾ ايندو“!

اڪرام: (خوف ۾) تڏهن تون مون کي ڦاسائيندين؟ جماعت جو قول قرار وساري ڇڏيندين؟

نثار:   ”پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ؟

اڪرام: چڱا مڙس، حرص هوس جي ڪري عهد پيمان نه ٽوڙ، قسم کڻي دين ايمان نه ٻوڙ!

نثار:   ايمان پوي کڏ ۾:عشق ۾ ايمان ڇا آهي، جاني نه هوندو ته جان ڇا آهي؟ يا دل افروز جي ٻانهن، يا ٻنهي جي موت جي دانهن! بس، هاڻ الهه واهي.

[وڃڻ جي ڪري ٿو. اڪرام ٻانهن کان وٺي روڪيس ٿو.]

اڪرام: بيهه ته سهي، دوست ٿيو ٿو وڃين، يا دشمن؟

اڪرام: (خيال ڪري) ٻه چار ڏينهن؟ (وري خيال ڪري) چڱو، آءُ خيال ڪندس.

نثار:   (پنهنجي منهن) هي ڀانئي ٿو ته هن کان نٽائيندس پر  آءُ اڄ ئي ٿو پڪڙايانس! (اڪرام کي) اڄ رات آءُ به هڪڙو نئون شاگرد آڻيندس.

اڪرام: چالاڪ ۽ هشيار آهي؟

ڏاڍو آزمودگار آهي ۽ ٽوليءَ  ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

اڪرام: هيءُ بي ايمان جيڪي چوي ٿو، سو ضرور ڪري ڏيکاريندو، ۽ مون کي ڦاسائيندو، بهتر آهي ته ڏينهن ٻن ۾ دل افروز جي شادي ڪري ڇڏيان، پوءِ جيڪا قسمت، (گهر ڏي وڃي ٿو.)

[پردو ڪري ٿو]

 

پردو ٻيو

جوان بخت جو گهر

[فلڪ جاه ۽ عنايت خان ڳالهيون ڪندا اچن.]

فلڪ جاه:      ڇا چيئه – دل نٿي چئي؟ ڪهڙي سبب؟ اڃا چار ڏينهن مس نوڪري ڪئي ٿيا اٿئي ته هينئر ئي دل ۾ وسوسا پيا اٿئي.

عنايت خان:    جڏهن اوهان جي سالي کي منهنجي هلت چلت پسند نه آهي، تڏهن منهنجو اوهان وٽ رهڻ به فائديمند نه آهي.

فلڪ جاه:      چڱو، آءُ ادي سفير کان پڇندس. پوءِ توکي جواب ڏيندس.

عنايت خان:    بندگي.

[هلي ٿو، ته سامهون سفير جنگ اچي ٿو. عنايت هن کي جهڪي سلام ڪري ٿو. هو عنايت کي چتائي ڏسي ٿو. عنايت هليو وڃي ٿو.]

سفير جنگ:   ادا، مون کي هي شخص فيروز جو جاسوس نظر ٿو اچي.

فلڪ جاه:      جاسوس آهي!- انهيءَ جو دليل ڪهڙو؟

سفير جنگ:   جڏهن کان هي آيو آهي، تڏهن کان مون هن کي هر وقت ڪَنَ ڏيندو، خيال ڪندو، وجهه ڳوليندو ڏٺو آهي.

فلڪ جاه:      جي هن جي اها گهت آهي، ته، ضرور ڪا حرڪت آهي، اوهين جانچ ڪري ٻڌايو ته ڪهڙي مصلحت آهي.

سفير جنگ:   آءُ اجهو ٿو هن جو پتو ڪڍان

[ٻئي نڪري وڃن ٿا، ته انور کينهي سان راند ڪندو اچي.]

[2] نيڪيءَ کي تون هڪ زيور چؤ،

 

ڪو ناهي تنهن کي ڪنهن پر ڀؤ،

 

رهن سڀ سدا سکيا، سدا خوش خورم،

 

ڪنهن کي نيڪي وسري نه ڪڏهين-

 

نيڪيءَ کي.......

جتي ڪٿي آهي هيءَ خبر،

 

نيڪيءَ مان آهي نيڪنامي،

 

نيڪيءَ مان آهي ڍؤ

 

نيڪيءَ کي .......

[انور کينهو اڇلائيندو اندر وڃي ٿو. ٻئي پاسي کان فيروز ۽ عنايت خان ڳالهيون ڪندا اچن.]

عنايت خان:    اچو، سائين، اندر اچو، ٻاهر بيٺا ڇا ٿا ڪريو؟

 

فيروز:  آءُ پنهنجي ننڍڙيءَ ڀاءُ کي ٿو ڳوليان- شايد ڪو هن کي ٺڳاري وٺي ويو آهي.

عنايت خان:    اوهين نواب جوان بخت جا وڏا پٽ آهيو نه؟

 

فيروز:  ادا، تون ڪير آهين جو مون تي قياس

ڪرين، ۽ منهنجو نالو نشان ٿو پڇين؟

عنايت آءُ انهيءَ خاندان جو جهونو نوڪر آهيان، مون اوهان جي بابي جو نمڪ چکيو آهي، مگر هاڻ ته قسمت داڻو پاڻي هتي آڻي رکيو آهي.

فيروز:  جي تو نمڪ چکيو ۽ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ ته بابي جي نڪاح  جو حال به ڪي ڄاڻين ٿو.

عنايت: (خيال ڪري) جيڪڏهن آءُ ڄاڻان ٿو، ته انهيءَ مان ڪهڙو فائدو؟

فيروز:  تنهنجيءَ شاهديءَ ڪري جي مون کي پنهنجو حق ملندو، ته انهيءَ مان اوهان کي ڪنهن سبب ڪري چئي نٿو سگهان، مگر جڏهن ڪو موقعو آيو ته ڏٺو ويندو.

فيروز:  ڀلا، ڪا ته نمڪ جي نشاني بتاءِ، ۽ مون کي پنهنجي ڀاءُ سان ملاءِ!

عنايت: چڱو، اوهين هتي بيهو ته آءُ اجهو ٿو اچان، ۽ ننڍي صاحب زادي کي ڪنهن بهاني سان وٺيو ٿو اچان. (ويندي، پاڻمرادو) بهتر آهي ته جنهن پاسي فائدو ڏسان، انهيءَ پاسي ليٽ رکان.

[عنايت وڃي ٿو.]

مون کي دنيا جي ماري بيوفائي،

 

۽ قسمت جي ڪُهي ٿي نا  رسائي،

 

ملي ٿو ڪونه ڪو همدرد همراهه،

 

نه واحد ري سجهي ٿي واهه ڪائي.

 

[انور ڊوڙندو اچي، فيروز هن کي پيار مان ڀاڪر پائي ٿو]

فيروز:  ادا، تون هيڏي ڪيئن آئين؟

انور:    مون کي چاچي جو ماڻهو وٺي آيو هو.

فيروز:  دغا باز توکي ٺڳاري وٺي ويا هئا، تون ناحق هنن جي ڳالهين تي لڳين.

[اتي فلڪ جاه ڪاوڙ مان ڪاهي اچي ٿو.]

فلڪ جاه:      انور، هيڏي اچ! (انور ڊپ کان فلڪ جاه وٽ وڃي ٿو) خبردار، هوڏي ويندين ته مار کائيندين! (فيروز کي) تون هتي ڇو آئين؟

 فيروز: ڀاءُ جي لاءِ آيو هوس.

فلڪ جاه:      (ڪاوڙ مان) ڀاءُ سان تنهنجو واسطو ڪونهي. نالائق، وري جي انهيءَ جي لاءِ ايندين ته آءُ ماريندوسئين!

فيروز:  (عاجزيءَ سان) بيدرد چاچا، جي مُئلن کي مارڻ ۾ وڏائي آهي ته ڀلي مار، آءُ حاضر آهيان، مگر پنهنجي ڀاءُ جي بدبخت پٽ تي قياس ڪر، ۽ مون کي پنهنجو ڀاءُ ڏي: اهو ئي هڪڙو منهنجي پيءُ – ماءُ جي نشاني آهي، ۽ اهو ئي هڪڙو دنيا ۾ منهنجو يار جاني آهي، جنهن تي منهنجو جياپو ۽ منهنجي زندگاني آهي!

فلڪ جاه:      اسين رحم ۽ ڀلائي ڪري هن معصوم کي پنهنجي گهر آڻي سنڀاليون ٿا، سا ڀلائي به ويئي، هينئر ڀاءُ کي وٺڻ آيو آهي!

فيروز:  ڀلائي يا برائي – خدا ڏسڻ وارو آهي.

انور:    (ڊپ ۾، هٿ ٻڌي، فلڪ جاه کي )  چاچا  سائين، ادي کي به پاڻ وٽ کڻي رکو: ماءُ – پيءُ کان سواءِ ڇورا آهيون، چاچي کان سواءِ ٻيو ڪنهن جا گهورا آهيون؟

فيروز:  انور، صبر ڪر، هل مون سان گهر – جي نه هلندين، ته سگهوئي پڇتائيندين!

فلڪ جاه:      (ڪاوڙ ۾)

[3] وڃ ڙي کريل، لئيءَ مان وڃي لَڪڻ ڀڃ،

 

وڃ وڃ وڃ – ڀڄ، ٽر، وڃ! – ڃ ڙي...

نڪري وڃ، دور ٿي، ٻاهر وڃ، نڪر هن گهر مان!

 

پنهنجي منهن وڃ- - وڃ ڙي......................................
­­­­­

وڃي کَر، وڃي بَر، وڃي مر – چريا، کريا، لُچا، وڃ !
­

جتي ڪٿي، هيڏي هوڏي، وڃي پن – ٽري وڃ!

 

هليو وڃ – وڃ ڙي ................................................

 

فيروز:  عاجزيءَ سان)

هوئي عدل سان روا، ته سسي پڻ وڍائجي،

 

پر ظلم ۽ ستم سان نه ڪنهن کي ستائجي،

 

دنيا جو دور لطف ڪرم ۾ لنگهائجي،

 

غفلت سان آخرت به نه پنهنجي وڃائجي:

 

سمجهج خدا جو قهر رنجائڻ غريب جو،

 

چرچو نه ڄاڻجئين، تون ستائڻ غريب جو،

 

فلڪ جاه:      تون ويندين، يا ڌڪا ڏياري ڪڍئين!

فيروز:  (نااُميد ٿي) آءُ وڃان ٿو. (اکيون ۽ هٿ آسمان ڏي کڻي) اي خداوند، جي تنهنجي خدائيءَ ۾ انصاف آهي، ته تون منهنجو انصاف ڪر، ۽ هي زمين جو پردو ظالمن جي ناپاڪ ظلم کان صاف ڪر!

[چڙ ۾ هليو وڃي ٿو.]

[4] انور: اسين آهيون مسڪين بيوس بيچارا!

 

عمر ساري، ڪئيسين زاري، هنجون جاري،
منهنجي جان هاري، منهنجي جان، سينو پارا پارا-

 

اسين...........

ڪو ساٿي ناهي، ڪو سنگتي ناهي، ڪو حامي ناهي،
منهنجي جان، جو ٿياسين ڏاڍو لاچار، اي پرورد گار،
تنهنجي قدرت جا ڪينهن ڪنارا –

اسين.........

فلڪ جاه:      عنايت خان، هيءُ بدمعاش ضرور ڪا خرابي ڪندو، ۽ هن ٻار کي اُڏائي وٺي ويندو، تنهن جي ڏاڍي سنڀال رکجئين، ۽ هي ڪمبخت جيڪي چئي ٿو تنهن جو شاهد رهجئين. (انور کي) انور، تون اندر وڃ.

عنايت خان:    (بيپرواهيءَ سان) هون، هن جو ڇا، پر آءُ هن جي پيءُ جو به شاهد آهيان!



 

 

 

فلڪ جاه:      (گهنڊ وجهي) يعني؟

عنايت خان:    يعني، جيڪي چوان ٿو سو ڌيان ڏئي ٻڌو.

فلڪ جاه:      (حيران ٿي) چؤ ڇا ٿو چوين؟

عنايت خان:    (هيڏي هوڏي ڏسي، آهستي) نواب جوان بخت جا اوهين ڀاءُ آهيو؟

 فلڪ جاه:     هائو، ڇو؟

عنايت خان:    ۽ شهناز بيگم اوهان جي ڀاڄائي هئي؟

فلڪ جاه:      (ڪنڌ لوڏي) اُونهُون،

عنايت خان:    اُنهون نه، پر هائو!

فلڪ جاه:      هوءَ نڪاح ٻَڌل نه هئي.

عنايت خان:    هوءَ بيشڪ نڪاح ٻَڌل هئي، ۽ فيروز ۽ انور انهيءَ نڪاح واريءَ زال جا سچا پچا پٽ آهن!

فلڪ جاه:      نڪاح ٻَڌل هئي، ته نڪاح نامو ڪٿي آهي؟

عنايت خان:    اصل نڪاح نامو ڪونهي، مگر انهيءَ جو سچو نقل ضرور ڪٿي رکيل آهي.

فلڪ جاه:      نڪاح جا شاهد؟

عنايت خان:    هڪڙو الله، ٻيو بندو (پاڻ ڏيکاري).

فلڪ جاه:      (حيرت ۾) تون شاهد آهين؟

 عنايت خان:   (هٿ ٻڌي) هائو، حضور، هڪڙو آءُ، ۽ ٻيو هڪڙو نوڪر.

فلڪ جاه:      اُهو ٻيو ڪٿي آهي؟

عنايت خان:    هو خدا جي گهر ويو، ۽ آءُ اوهان جي گهر آيس.

فلڪ جاه:       هو مري ويو؟

عنايت خان:    هائو، هو مري ويو، - پر حق به ڪڏهن مئو آهي؟ شاديءَ کان پوءِ، آءُ موڪل وٺي پنهنجي وطن ويس، وري آيس، ته ٻڌم ته نواب صاحب گهوڙي تان ڪري پيو، ۽ مري ويو.

فلڪ جاه:      پوءِ؟

عنايت خان:    پوءِ نيٺ حضور ۾ منهنجي رسائي ٿي، ۽ نوڪري ملي. هاڻ ته حضور جي قسمت ۽ منهنجي به قسمت گڏ جي پيئي. (اوچتو ڍونگ ڪري)  پر ... هوءِ هوءِ، منهنجو مٿو ٿو ڦري، زبان سُڪيو ٿي وڃي! ڪو آهي؟ سگهو اچي! (ويجهيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو) سائين، معاف ڪجو. (نوڪر فلڪ جاه ڏي ڏسي ٿو. هو ڪنڌ جو اشارو ڏئي ٿو. نوڪر هلي ٿو)  ٿورو گلاب به ملائجئينس! (وري نوڪر کي) ٻُڌين ٿو، ذور برف به وجهجئينس!

[نوڪر وڃي ٿو.]

فلڪ جاه:      (خفي کان) ڌڻيءَ جي اڳيان ايتري بي ادبي احمقائي تمام آهي.

عنايت: (کلي) سائين، ٿُڪ ته اُڇلايو، ڪاوڙ حرام آهي! هاڻ، انهيءَ نڪاح نامي واري معاملي جي فيصلي لاءِ ڪو انجام ڪريو، ۽ انعام ڏيو.

فلڪ جاه:      انهيءَ معاملي جو فيصلو عدالت مان ٿي ويو آهي.

عنايت: عدالت جي اک انڌي ٿي ويئي آهي. هيءُ ٻانهو انهيءَ جو سوجهرو بنجي آيو آهي.(هيڏي هوڏي ڏسي) جي ونڊي ورڇي کائيندؤ ته مزا پيا ماڻيندؤ.

فلڪ جاه:      تون ڪهڙي مدد ڪندين؟

عنايت: آءُ شاهديءَ جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندس، ڳجهه لڪل رکندس.

فلڪ جاه:      اُنهيءَ جو اُجورو يا بيانو؟

عنايت: ڏهه هزار انعام ۽ هڪ هزار عمر لاءِ ساليانو. (نوڪرشربت آڻي ڏئيس ٿو، ۽ پوءِ هليو وڃي ٿو. عنايت پي چپن جو سواد وٺي ٿو.) هاءِ هاءِ هانُو ئي ٺري پيو! (فلڪ جاه کي) حضور، اوهين به پي ڏسو. (گلاس آڇي ٿو) حجاب نه ڪريو.

فلڪ جاه:      مون کي اُڃ ڪانهي.

نايت وري شربت پي پورو ڪري ٿو.)

عنايت: واه واه، شربت انار آهي، ڏاڍو مزيدار آهي!

هاڻ تڏهين ٻڌايو ته ڪهڙو ويچار آهي؟

فلڪ جاه:      وڃ، وڃي سفير جنگ کي مون ڏي موڪل، ته انهيءَ سان صلاح ڪري پوءِ توکي جواب ڏيان.

Text Box: 91
92
100

 

نايت خوشيءَ مان سلام ڪري وڃي ٿو.) (اڪيلو) يا الله، هي ڪهڙو حال آهي، جي هن جي شادي سچي، ۽ نڪاح بحال آهي، ته منهنجي اقبال جو جلد ئي زوال آهي! (سفير جنگ اچي ٿو، تنهن کي، آهستي) ادا، هيءُ عنايت ته سچي پچي آستين جو نانگ ٿي پيو!

 

سفير جنگ:   مون ته اڳي ئي ٿي چيو.

فلڪ جاه:      ادا، هي نڪاح جائز ٿو ڪرائي، ۽ پاڻ کي شاديءَ جو شاهد ٿو ٺهرائي!

سفير جنگ:   ڀلي ٺهرائي، ڪير ٿو هن کان ڊڄي! هاڻ آءُ ڇا ڪريان. پاڻ سان ملائي ڇڏيانس، يا اصل کپائي ڇڏيانس!

فلڪ جاه:      قسمت جي نا رسائي آهي، ته ملائي ڇڏڻ ۾ دانائي آهي.

سفير جنگ:   (خيال ڪري) دلجاءِ ڪريو، ويٺا موجون ماڻيو، آءُ وڃيو ٿو هن کي ملايان، ۽ چئن ڳالهين ۾ پنهنجو غلام بنايان.

فلڪ جاه:      شل انهيءَ ۾ فتحمند ٿيو.

لڪ جاه نڪري وڃي ٿو]

سفير جنگ:   (سڏي ٿو) عالمسوز!

عالمسوز:      (ٻاهران) آيو، سائين.

المسوز، ديانت سان گڏ اچي ٿو.]

سفير جنگ:   (ديانت کي) ديانت اسان کي پاڻ ۾ ڪا مخفي صلاح ڪرڻي آهي.

عالمسوز:      (ديانت کي) تون ڪتابخاني ۾ هلي ترس.

ديانت: حاضر (ويندي، پنهنجي منهن) صلاح الاجي شاديءَ جي يا ڪنهن جي برباديءَ جي!

[ديانت وڃي ٿو، ليڪن لڪي بيهي ٻڌي ٿو.]

سفير جنگ:   (آهستي) عالمسوز، عنايت ته جوان بخت جي شادي جائز ڪري ٿو، ۽ پاڻ کي نڪاح جو شاهد چوي ٿو!

عالمسوز:      (خوف ۾) تڏهن ته هن کي ٺاهي ڇڏڻ بهتر آهي، نه ته پاڻ کي وڏو خوف خطر آهي.

ديانت: (پنهنجي منهن) بابا پاڻيهي خبر پوندي – ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي“!

سفير جنگ:   خير، هن کي ته آءُ ٺاهي وجهندس، مگر نڪاح نامي جو جهڳڙو صفا ڪرڻ گهرجي.

ديانت: (پنهنجي منهن) جهڳڙي صفا ڪرڻ کان اڳي، پهرين تنهنجو جنازو کڻڻ گهرجي.

عالمسوز:      فيروز ۽ اڪرام جي پورائي ته پير خان ٿاڻيدار ڪندو، جو سندن پٺيان آهي، باقي انور جي جيئرو رهيو، ته اهو ضرور ڪنهن ڏينهن دعوا ڪرڻ وارو ٿيندو!

ديانت: (پنهنجي منهن) دعوى ته اهڙي ڪندو جو اوهان جو منهن ڪارو ٿيندو!

سفير جنگ:   پوءِ ڪيئن ڪجي؟

Text Box: 93
94
102

 

عالمسوز:      انور کي، هوا کائڻ جي بهاني تي، منهنجي گهر ڏياري موڪلجو، ۽ هڪڙو حڪم نامو قلعي جي ناظر جي نالي لکائي ڏجو، اهو حڪم نامو ڏيکاري، انور کي آءُ پراڻي قلعي ۾ بند ڪرائيندس، ۽ هن جي گم ٿي وڃڻ جي افواهه اٿاريندس. اتي بند رهي رهي، نيٺ مري ويندو، ۽ هميشه جي لاءِ مٿي جو سور لهي ويندو.

 

ديانت: (پنهنجي منهن) معصوم ۽ بيگناهن کي خدا بچائيندو، مگر اوهان پليدن کي سگهوئي موت رسائيندو!

سفير جنگ:   تجويز تي چڱي آهي.

عالمسوز:      تڏهن ڪا جهڙي تهڙي آهي! انهيءَ تجويز سان ضرور جان بچندي – ”نانگ به مرندو، ۽ لٺ به نه ڀڄندي“.

ديانت: (پنهنجي منهن ) مگر اُها ساڳي لٺ هڪڙي ڏينهن اوهان جو مغز ڀڃندي!

سفير جنگ:   چڱو، هاڻ آءُ وڃان ٿو، حڪم نامي سميت، انور کي تنهنجي گهر ٿو موڪليان.

[ديانت لڪي ٿو، سفير جنگ وڃي ٿو.]

عالمسوز:      (سڏي ٿو) ديانت!

ديانت: سائين، هڪڙي ٺڳ جو قصو ٿي پڙهيم

عالمسوز:      انهيءَ جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟

ديانت: پڇاڙيءَ ۾ ٻه بيت لکيل هئا، اُهي مون ياد ڪري ڇڏيا.

عالمسوز:      ياد اٿئي ته ڀلا ٻڌاءِ.

ديانت: حاضر.

نٿا حرص ۽ هوس وارا نظر ڪن پُڄاڻيءَ تي،

 

بنائن محل ۽ ماڙيون هوا جون ٿا سي پاڻيءَ تي،

 

سڃا سکڻا سمهن ڌرتيءَ ۾، جي مُلڪن جا والي هئا،

 

”سڪندر ويو جڏهن دنيا مان، ٻئي هٿ ان جي

 

خالي هئا!

عالمسوز:      اهڙا خيال پچائيندي، ته دنيا ۾ چاڙهو ڪونه ٿيندءِ.

ديانت: نه ئي سهي، پر اوهين ته ٻڌايو ته نواب صاحب ڇا فرمايو؟

عالمسوز:      هڪڙي عمارت ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو اٿس.

ديانت:         مسجد، يا مسافر خانو؟

عالمسوز:      جڏهن جُڙي، تڏهن ڏسجي، هاڻي تون ڀلي وڃ، آءُ نواب صاحب وٽان وڃي عمارت جو نقشو ٿو آڻيان.

ديانت: ڀلي آڻيو. (عالمسوز وڃي ٿو. ديانت، اڪيلو) لعنت آهي توتي، اي بي ايمان – ”جهڙي نيت، تهڙي مراد!“ (خيال ڪري) ديانت،  هاڻ جيئن پڄي سگهي ٿي، ويچاري انور کي به بچاءِ، ۽ هنن دغابازن جي فريب جي ڀت به اصل پاڙ کان ڪيراءِ!

(وڃي ٿو.)

[پردو ڪري ٿو.]

 

 

پردو ٽيون

رستو

[اشرف هليو اچي، ۽ پيسي جي شڪايت ڪندو اچي.]

اشرف:

هوس جو دام ۽ ايمان جو آزار آهي پيسو،

 

عقل ۽ هوش جي گردن جي لاءِ هٿيار آهي پيسو،

 

خوشامد ۽ عرض ۽ دشمني ۽ پيار آهي پيسو،

 

خدا کي پڻ وسا ري ڏئي، خسيس ۽ خوار آهي پيسو،

 

انهيءَ مان سڀ فساد آهن، انهيءَ مان شور ۽ شر آهه،

 

چون ٿا جنهن کي ماڻهو زر، سان جهيڙن جو

 

سدا گهر آهه،

[ديانت ڊوڙندو اچي ٿو.]

ديانت: اشرف، اشرف! عالمسوز ۽ سفير، انور کي قلعي جي تهخاني ۾ بند ڪرڻ جي صلاح ڪئي آهي -  اها ڳالهه مون پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي!

اشرف: پوءِ، انور کي ڪيئن هٿ ڪريون؟

ديانت: انهيءَ دم، هن رستي تان، هڪڙي  نوڪر سان گڏ، عالمسوز جي گهر ويندو – اُتان هن کي ڀرتي وٺي ويندا.

اشرف: اهو نوڪر غريبڙو آهي، يا چالاڪ هشيار آهي؟

ديانت: نواب جو سوار آهي، صبح جو حاضري ڏيڻ ايندو آهي، پوءِ شام تائين بازار ۾ ماڻهن جا خط ويٺو لکندو آهي.

ديانت: ۽ آءٌ ايتري ۾ انور کي لڪائي ڇڏيندس!

اشرف: (خيال ڪري) خط؟ - تڏهن چڱو وجهه آهي، آءُ هن کي ڳالهين ٻولهين ۾ ترسائيندس...

ديانت:

اشرف: (سامهون ڏسي) اجهو، اچي ٿو! هاڻ تون ڪنهن پاسي وڃ، ذرو رکي، پوءِ وري اچ.

[ديانت وڃي ٿو. سوار انور جو هٿ وٺيو اچي ٿو. ڪَڇ ۾ قلمدان ۽ جُزدان اٿس.]

انور:    (اشرف کي ڏسي) ماما اشرف، سلام!

اشرف: بابا، خدا سلامت رکيئي! (سوار کي) حضرت، اوهين منشي ٿا ڏسجو، ڀلائي ڪري هڪڙو خط ته لکيو ڏيو وڃو.

سوار:   هڪڙو روپيو ڏيندس.

اشرف: جلد لکندؤ ته روپيو ئي وٺندس.

سوار:   هن ٻار کي عالمسوز وڪيل جي گهر پهچائڻو آهي، ڇڏي، اجهو ٿو اچان.

[ديانت اچي سلام ڪري ٿو]

ديانت: سوار صاحب سلام ٿئي!

سوار:   سلام، سائين.

اشرف: (ديانت ڏي هٿ کڻي) هي ڪهڙو بزرگوار آهي؟

 سوار:  عالمسوز وڪيل جو رشتيدار آهي.

اشرف: هان؟ تڏهن ٻار کي ته هن جي هٿان ئي موڪلي ڏيو. مهرباني ڪري جلد خط لکي ڏيو، جو ٽپال جو وقت نزديڪ ۽ منهنجو گهر دور آهي ۽ خط جو اڄ وڃڻ بلڪ ضرور آهي.

سوار:   (ديانت کي) ادا، ڀلا تون ئي وٺي وڃ، هن کي جلد پهچائڻ جو حڪم مليل آهي.

ديانت: چڱو حرڪت ڪانهي، - آءُ ته هنن جي گهر جو ماڻهو آهيان!

انور:    (ديانت کي) مون کي گهمڻ لاءِ وڃڻو آهي، جلد وٺي هل، دير نه ڪر.

سوار:   (انور کي ) پٽ، تون هل، آءُ به تنهنجي پٺيان ٿو اچان، (ديانت  کي) سنڀال ڪجئين!.... هو فيروز سڃاڻين نه- جنوني، ديوانو؟ - انهيءَ کان بچائجئينس!

ديانت: هائو هائو، دلجاءِ ڪريو.

سوار:   آءُ به اچان ٿو، جو هڪڙو خط هٿو هٿ عالمسوز کي ڏيڻو آهي.

ديانت: (هلندي هلندي) جلد اچجئين – (پنهنجي منهن) هاڻ گهر کي ياد ڪجئين!

[ديانت انور جو هٿ وٺي وڃي ٿو. سوار جُزدان مان ڪاغذ ڪڍي ٿو، ۽ قلمندان پٽي قلم کڻي ٿو.]

سوار:   چؤ، سائين، ڇا ٿو لکائين؟

اشرف: هائو، لکو، آءُ چوندو ٿو وڃان، اوهين لکندا وڃو. (ٿورو ماٺ ڪري) برادر صاحب، مهربان، سموالقدر، بلند مڪان....

سوار:   [وات سان اهي ساڳيا لفظ چئي به ٿو، ۽ لکي به ٿو.]

اشرف: فيض بخش، فيض رسان...

 سوار:  ها، فيض بخش، فيض رسان...

اشرف: قبلئه دوجهان، ڪعبئه جاودان...

سوار:   قبلئه دوجهان، ڪعئبه جاودان...

اشرف: فريدون زمان، جمشيد دوران...

سوار:   (اشرف جي منهن ڏي ڏسي) خط ٿو لکائين، يا ڪتاب؟ هيترا سارا القاب!

اشرف: ڇو، منهنجو مربي ڀاءُ آهي! تنهنجو تنهن ۾ ڇا- تون پيسا وٺندين نه؟ هائو، لکو: بعد از سلام،

مالاڪلام عرض ته.....

سوار:   بعد از سلام،......

اشرف: (چڙي) چه چه چه چه... اهو ڊاهي ڇڏي، ڊاهي ڇڏ.

سوار:   (ليڪو ڪڍي) ڊاٺم.

اشرف: بعد از تسليمات، نياز  آيات، و بندگي، ده چندگي...

 سوار:  (اهو لکي) سڄو ڏينهن ويٺو خط لکندس، يا ڪو ٻيو به ڪم اٿم!

اشرف: اوهان جي ڪم سان منهنجو ڪهڙو ڪم، رپيو وٺندي يا ڊم!

سوار:   تڏهن ڊگهيون ڳالهيون نه ڪر، مطلب جي ڳالهه تي اچ.

اشرف: ڀلا، لک مطلب جي ڳالهه.

سوار:   چؤ.

اشرف: ڀاءَ منهنجا! اڄ هڪڙي چنڊول ڦاسائڻ لاءِ مون ڄارو وڌو...

 سوار:  ها.

اشرف: پر، اُنهيءَ ۾ چنڊول جي بدران هڪڙو چٻرو ڦاسي پيو!

سوار:   ها.

اشرف: جڏهن چٻرو مليو، تڏهن مون ڏاڍو کليو-

[ٽِهڪ ڏيئي کلي ٿو.]

سوار:   ها، لکيم،

اشرف: (خط ۾ ڏسي) ڪٿي آهي- منهنجي کل ڪٿي لکي اٿئي؟

سوار:   (ڏيکاري) هي ڇا آهي؟ (پڙهي ٿو) –مون ڏاڍو کليو“.

اشرف: کل جو آواز ۽ ٽهڪ ڪٿي لکيو اٿئي؟

سوار:   اڙي، کل جو آواز ڪيئن لکان؟

اشرف: تڏهن ڪاتب وري ڌوڙ جو ٿيو آهين! قلم کنيو اٿئي، يا حجام جي پاڪي!

سوار:   (چڙي) هاڻ سگهو ٿي، ٻيو ڇا لکڻو آهي؟

اشرف: بس، - زياده حد ادب، سڀ کي سلام.

سوار:   ها، لکي ڇڏيم.

اشرف: سڀ ڪير؟

سوار:   (چڙي) دوست بيگانا، سنوان ديوانا-

اشرف: واه ڙي جن جا سلام لکايان سي لکندين ڪي نه؟ لک: جانيءَ ۽ زباني کي سلام.

سوار:   ها، - جانيءَ ۽ زبانيءَ کي سلام.

اشرف: احمد ولد شاديءَ ۽ اسماعيل حيدرآباديءَ کي سلام.

سوار:   (چڙي) لاحول ولا....

اشرف: گهر کي ۽ در کي، ٺڪر کي ۽ ڀتر کي سلام.

سوار:   لکيم.

اشرف: دشمن کي هڪ، ۽ دوست کي ڏهه سلام.

سوار:   ها... دوست کي ڏهه سلام.

اشرف: لکندڙ، - اوهان جو حجام!

سوار:   (چڙ ۾، ڪاغذ اڇلائي) لکندڙ جي ڳور تي کَلو! خط ٿو لکائين يا مسخريون ٿو ڪرين؟

اشرف: مسخري ڇا جي؟ لکندڙ حجام نه ته ٻيو ڪير؟ خوشي منهنجي ! لکندين يا نه؟

سوار:   (ڪاوڙ ۾) ڪين لکندس!

[اتي جواهر خان اچي ٿو.]

جواهر خان:     اشرف، ڪهڙو هُل مچايو اَٿو؟

سوار:   سائين، مون کان پُڇو: هيءُ مون کان خط ٿو لکائي.

جواهر خان:     چڱو.

سوار:   هڪڙو روپيو لکاڻي ڏيڻي ڪيائين،....

جواهر خان:     دلچسپ خط جي لکاڻي رپيو! پوءِ؟

اشرف: پوءِ ٻپهر اچي ٿيا آهن، ته اڃا خط نٿو پورو ڪري- آءُ چوانس هڪڙي، ته هي لکي ٻي!

سوار:   جيڪي تو پئي چيو، سو مون پئي لکيو.

اشرف: (جواهر خان کي) ڀلا، ذرو ته پڙهي ڏسو، پوءِ انصاف ڪريو.

جواهر خان:     (خط وٺي پڙهي ٿو)- ”بردار صاحب مهربان، سموالقدر بلند مڪان، فيض بخش فيض رسان قبلئه دوجهان ڪعبه جاودان...“ (سوار کي) ميان، هي خط آهي يا انشا ؟ ڪتاب ته ڪين پوندو اهي ٽپال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟

سوار :  هن پاڻ لکايا، يا ڪنهن ٻئي لکايا؟

اشرف: ڪنهن لکايا – ڪهڙي گڏهه لکيا؟

جواهر خان:     ميان ڪاتب، ڀنگ پي خط لکڻ ويٺو هوئين ڪيئن؟

سوار:   (رنج سان) بس، هاڻ ٻيو آءُ ڇا چوان – منهنجي ئي چوڪ!

اشرف: مون کي ڪيترو نه نقصان پيو! ٽپال جو وقت به لنگهي ويو، هاڻ آءُ پنهنجو مٿو ڦوڙيان، يا تنهنجا هڏ گڏ ٽوڙيان؟

جواهر خان:     ادا، وٺ پنهنجو خط، وڙهو نه.

[اشرف چڙ ۾ خط وٺي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي ٿو.]

اشرف: سائين، وٺي ڇا ڪريان، هاڻ باهه ۾ کڻي وجهوس!

جواهر خان:     هاڻ ٺهيو، جيڪي گذريو سو گذريو، جهيڙو ڦٽو ڪريو، هاڻ اچو پنهنجي حال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟

سوار:   (لاچار ٿي) چڱو سائين، آءُ ڪوڙو، تون سچو- پاڻيهي خدا سمجهندوَ! (وڃي ٿو.)

جواهر خان:     (اشرف کي) ادا، هاڻ تون به پنهنجي ڪم پٺيان وڃ.

اشرف: هائو، جناب، تڪليف معاف ڪجو.

جواهر خان:     حرڪت ناهي. (وڃي ٿو.)

اشرف: [اڪيلو، کلي ٿو ۽ ڳائي ٿو.]

[5] واه واه واه، آيو ڪهڙو زمانو،

 

اڄ جو ٺڳي، سو آهي يگانو – واه واه...

 

سدا جو رهي مستانو، ٺڳيءَ جو بنائي بهانو،

 

سو سياڻو آهه فرزانو، ۽ مردانو، شانين شاهانو-

 

آيو ڪهڙو .....

ڪوڙي بازي، حيلي سازي، داءُ جو اُپاءُ آهي-

 

جڳ جو آهي اُلٽو ڪارخانو............

 

ٺڳيءَ مان کٽي جهان ۾ بشر، ٿئي زبان ۾ اثر،

 

خاندان ۾ بهتر،

گهَڻ – مانو - - آيو ڪهڙو..............

 

(وڃي ٿو.)

[پردو ڪري ٿو]

 

 

 


 


* ”ڪافي“ - قهرو

1 ”مانڊ “ - دادرو

 

[1]  ”بهاري جهنگلو“ - لاوڻي

 

[2]  ”ڀوپالي“ - ٺمري

[3]  ”ڪلياڻ“ – ٺمري.

[4]  ڪافي – زلو.

[5]  ”پيلر“ – لاوڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com