سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:دنيا دورنگي

صفحو :2

پردو ٻيو

 

مڪان ٽمبڪٽو

 

(ٽمبڪٽو کي سندس بيبي ماريندي ٿي اچي)

 

تال طبله

 

دلربا: مئا اُلو بيحيا، تنهنجا آئي آهه قضا،

ماريا مار کائيندين، ڀنگي ذلت پائيندين،

هٽ حرامي، مرئي مامي!

ٽمبڪٽو: مرئي امان جان!

دلربا: هل هل، کوٻلا مئا ڀلا، موذي بي ايمان!

ٽمبڪٽو: ڪڍان تنهنجو جان؛

دلربا: ذڪر اي شيطان!

ٽمبڪٽو: يا رب هي رنگ نرالو، گڙ ٻڙ لڳي گهٽالو،

شيطان جي آهه خالو، ڪمبخت جو مهن ڪالو،

رنڊي آ مشٽنڊي آ، يا حلوي جي ڪا هنڊي آ،

يا ڦاٽڪ جي ڪا جهنڊي آ، ڇا کٽ پٽ آ،

ڇا سٽ پٽ آ،

ڇا گڙ ٻڙ آ، ڇا سڙٻڙ آ، ڇار ڳڙو جهڳڙو ٽنٽو آ.

ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) اي يارو، وات نه ڦاڙيو، اوهان تي به شال خدا صاحب اهڙا اوچتا موچڙا نازل ڪندو؛

پوءِ قدر پوندو- آمين!

سچ آ، دل ڏيڻ اڄ زال کي آهي ائين،

ٻئي هٿان ڏاڙهي پٽائڻ آءِ جيئين.

( دلربا سان) اي بيبي پڪوڙي، تنهنجي نڪ ۾ نوڙي، تو ته منهنجي ٽڪڻ موچڙن سان ٽوڙي، گردن مروڙي، مگر ............

دلربا: بس، اگر مگر او بي خبر، ٻي ڳالهه نه ڪر، جلد ايڊورڊ  شاهي کڙڪاٰءِ، پوءِ وڃي ڌوڙ منهن ۾ پاءِ.

ٽمبڪٽو: اي گل رعنائي ، تنهنجي گٽر مٽر شٽر ته منهنجي عقل ۾ نه آئي .

دلربا: نه آئي ته پاءِ منهن ۾ ڇائي ، ٻڪ اڍائي، مئا موٽا ، ڏنڊا ڏوٽا، ڀنگ گهوٽڻ جا سوٽا؛ گهر ۾ نه لڪڙي نه لٽو، نه چانور نه اٽو، نه کائڻ لاءِ رڪابي نه وٽو- تون اُلو جو پٺو! رڳو آڪڙ باز خان، نه مان جي شان جي، پڇان زمين جي ته ٻڌائين آسمان جي (پادر ٿي هڻيس).

ٽمبڪٽو: اي بيبي، بعضي عورتن جو پير منحوس ٿئي ٿو، يعني جيڪا بدبخت عورت گهر ۾ آئي ته سڀ ڪمائي ويئي اجائي، گهر ۾ الله جو نالو صفا صفائي، يعني بلڪل نپٽ ، اڳيون پويون مال صفا چٽ .

دلربا: ڇا مئا، آءُ منحوس، يا تون ڪنجوس!

ٽمبڪٽو: بس بس بيبي، غصو معاف ڪر، دل صاف ڪر ، اي پياري جان تنهنجو الله نگهبان- اڄ ڪلهه ڏڪار جا ڏينهن آهن، وڏا وڏا زميندار، جاگيردار، خاندان، ماندان پراڻي کٽ جا واڻ به پهنجا پراوا گڏهيون گهوڙا-

رليون ڏوڙا وڪڻي گذران ٿاڪن، پوءِ چؤ ته اسان غريبن جو ڪيئن گذران ٿيندو .

دلربا: مئا، اهي ڪاغذ جون ڪُنيون گهڻا ڏينهن چاڙهيون اٿئي، هتي خرچ ڪڍ، نه ته اجها ٿي ڪوپريءَ مان ڪپهه ڪڍانءِ.

ٽمبڪٽو: بيبي آءٌ ته آهيان مرد سپاهي، خرچان نه هڪ پائي، ڪڏهن دال زري گهرائي، هڪ روٽي به پچائي بچي ته بچائي، نه ته سڀ وڃان کائي.

ڇا آءٌ ڪمائي ڪري نٿو سگهان؟ پر پياري (امان جان) توبهه توبهه پياري جان ڇا ڪيان! توکي اڪيلو ڪيئن ڇڏي وڃان، دل نه ٿي گهري، متان منهنجي پر پٺ ڪو مئو ملعون توکي مٺو محبت جو معجون کارائي، ڪم ۾ گٽر مٽر شٽر وجهي نه ڇڏي، مگر في الحال ته گهر جو سڀ سامان پياري جان ڪيون ٿا چٽ نيلام، پوءِ بن آن گه باشد ديده شود.

دلربا: مئا مشنڊا، چڪر ڏنڊا، گهر ۾ سامان وري ڪٿان آيو؟

ٽمبڪٽو: اڙي، واه ڙي واه ڏاڏي جي ڏاٽي، تون ته ڏاڍي هوشيار خبردار آهين، پر بيبي مون به آدمي ڇوٽو، مگر وڏو احمق عقل جو موٽو، صفا سوٽو، ڀنگ جو لوٽو آهيان، مون کي ساري خبر آهي، ساري عمر جي ڪمائي سان ڪٿي ڇپائي، ڀلا اجهو مان آڻي ٿو ڏيکاريانءِ.

(ايگزٽ)

(وري طبلو، سارنگي، رليون گودڙيون ۽ هڪ ڪتو به آڻي ٿو)

(تال طبله). (دلربا ماريس ئي، هو ڪتي جو پڇ ٿو ڇڪي)

دلربا: مئا، ڀاڙيا بدڪار، مون کي اچي خار،

چئو ڏيانءِ مار، يا ڪهانءِ تلوار سان؟

ٽمبڪٽو: اڙي توبهه، منهنجي مائي! پٽ ڏاڙهي نه اجائي، تو ٽڪڻ آءِ تپائي؛ منهنجي موچڙن جي مار سان. پياري دلربا هي سامان ته گهر ۾ پئي پئي خراب ٿو ٿئي، بندي جي مرضي آهي ته سارنگي، طبلو، وغيره وغيره، سڀ سيٺ سيتل رام جي دڪان تي وڃي ٿو گروي رکان، يا بيهي ٿو در تي لکي تين وار جو واڪ ڏيان؛ پوءِ خدا مالڪ آهي گهڻائي شوقين، وڪيل وڙا هي پُڙيون پُڙا وٺي ويندا. پوءِ بيبي خوب ٻه چار ڏينهن ڀنگ ڀڳڙا، رڳڙا شڳڙا ڪنداسون، ها ني، بيبي؟

دلربا: ليڪن ميان هي ڪتو وري ڪهڙو وبال آڻي وڌءِ.

ٽمبڪٽو: هه هه، هه هه-پياري هي وبال ناهي؛ منهنجو هنڊيوال آهي، مان نه هجان ني بيبي، ته هي اوهان جو ئي مال آهي. مگر اي جان من هاڻي جلد ٿي هي سامان کڻ ته لکيدر تي هلون.

دلربا: ميان مون کي بکن ۾ مرڻ منظور آهي،

مگر سامان کڻڻ کان نهڪر ضرور آهي.

ٽمبڪٽو: توبهه توبهه ڇا بيبي، مون کي وري ڪو خراساني گڏهه لڌو اٿئي! چکو ڀلا پياري هي رليون بغليون مان ٿو کڻان؛ هي طبلو سارنگي تون پٺيءَ تي سٽ. مگر بيبي رستي ۾ مدد ڪرائجانءِ، نه ته سڀ سامان سَٽ، بازار ۾ ڦٽي ڪندو سانءِ.

(گانو ٽمبڪٽو ۽ دلربا)

دلربا: ڇو ٿو ناحق ڪرين تون بهانا،

توکي ناهي شرم ڪو ديوانا!

زلف سينگاريا پنهنجا مشڪ خطن سان،

سيج سنواريان پنهنجي پيا جي گلن سان.

ٽمبڪٽو: جاني جاني تون ديواني، ڇڏ مستاني-

هي ناداني.

دلربا: هل هل تون مئا مستانا، ڇو ٿو ناحق........

ٽمبڪٽو: پياري آءٌ تون، گلي لاءِ مون،

ڏي ڪو بوسو پياري جان،

صديقي توتان دين ايمان،

مون تي ٿي تون مهربان،

تون آن گل، مان باغبان.

دلربا: نه، ناحق ستاءِ اي شيطان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com