سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حريص پتلو عرف وفا جي ديوي

ڊراپ ٻيو

صفحو :5

ڊراپ ٻيو

پردو پنجون (رستو)

(ڪريم جو ڀڄندو ۽ سهڪندو داخل ٿيڻ.)

 

ڪريم: توبهه، توبهه! مس، مس، ايڪ_ دو_ تين جي مصيبت مان جانِ ڇٽي.

ڪمبخت پوليس وارا به ڄڻ ته واهِ عدم روانا ٿي ويا هئا. دانهون ڪيم، پوليس سڏيم، پير پڪاريم، در کڙڪايم، مگر ڪابه پهر امداد لاءِ ڪانه آئي. آخر ٽنگن تي ڀاڙيم، واه ڙي ڪريم تون ۽ واه تنهنجون ڄنگهون، ڪراچيءَ جي گهوڙي_ ڊوڙ جون سڪون لٿيون!

(ڪريم جو هر هر پرين کي ڪپڙي سان ڇنڊڻ)

خير، ڪجهه به ٿيو، گذري، جان بچي. هاڻي ڪير نالو وٺي، شهر ۾ آهيون.

فيروز: (داخل ٿي) ڪو نالو وٺي، شهر ۾ آهيون.... ايڪِ_ دو.

ڪريم: (مڙي ڏسي) يا الله! هيءُ ڪمبخت ته وري اچي ويو. خدائي حافظ آهي اڄ ڪريم جي ڪشتيءَ زندگاني جو.

فيروز: اڙي تون ته مري ويو هئين؟

ڪريم: برابر صاحب مري ويو هوس، پر وري مٽن مائٽن سان ملڻ ۽ دنيا جي سر لاءِ ملائڪن کان موڪل وٺي آيو آهيان. وري ٿو مران، اوهان فڪر نه ڪريو، بيشڪ وڃي پنهنجي ڌنڌي کي لڳو.

فيروز: خير، هاڻي تنهنجو پورو بندوبست ڪندس، توکي قبر ۾ دفن ڪندس.

ڪريم: اڙي بابا، ٻُڌ ته سَهي، تنهنجو شوق ته پورو ٿيو. من جي موج به ٿي، هاڻي خدا کي مڃ، جند ڇڏ!

فيروز: خير، توکي ڇڏيندس، مگر هڪ شرط سان.

ڪريم: اڙي مان، چَؤُ کڻي، مان حاضر آهيان. هر حڪم جي تعميل ڪندس.

(پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

ڪمبخت اجايو ساهه ئي سڪايئه، وات ۾ مڱ هُوَئي جو اول نٿي ڪُڇيئه.

فيروز: مگر ياد رک جي ناڪار ڪندي ته ايڪ، دو، تين جي چاشني چکائيندوسانءِ!

ڪريم: وري ايڪ، دو، تين، ساڳي ڳالهه! ميان ڪو ويساهه رکُ. مان ڪو راءِ بهادر يا خانبهادر ته نه آهيان، جو منهنجي ڳالهه تي اعتبار نٿو ڪرين. هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ پستول شريف کي پاسي رکي، حڪم ڪريو.

فيروز: مان ڄاڻان ٿو ته تون رڳو ڪريم آهين. مگر مان توکي خبردار ٿو ڪيان.

ڪريم: ميان، مان خبردار آهيان. رڳو انهيءَ نامراد ٽُنگ واري هٿيار هوش گم ڪيو آهي.

فيروز: نه ڊڄ، بلڪل نه ڊڄ. مان رڳو چرچا ٿو ڪريان.

ڪريم: اڙي بابا، تون ته چرچا ٿو ڪرين، پر مان ته بي موت ٿو مران.

فيروز: چڱو هاڻي دوست آهيون، هيڏي آ.

ڪريم: اوهان جي ذره نوازي. پر مهرباني ڪري انهيءَ پنهنجي ايڪ، دو، تين کي غلاف پهريو. محنت گهڻي ڪئي اٿس. آرام جي ضرورت اٿس.

فيروز: بڪ بڪ نه ڪر، جو وصيتنامو تو چورايو آهي، سو ڪڍ، هڪدم ڪڍ، جلد ڪر.

ڪريم: اڙي بابا، مون ڪابه وصيت ڪانه ڪئي آهي.

فيروز: ڪئي نه، پر چورائي آهي.

ڪريم: چوري! بابا، مون کي ملڪيت ئي ڪانه آهي پوءِ وصيت ڇو ڪندس، ڪنهن لاءِ ڪندس؟

فيروز: ڇو ڪندس، ڪنهن لاءِ ڪندس، ايڪ، دو.

ڪريم: (هٿ کڻي) وري ساڳي ڳالهه، ميان، ٻڌ ته سهي، سوچ ته ڪرڻ ڏي ڪي هڪدم ايڪ، دو، تين!

(ڪريم جو سوچڻ ۽ پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿيڻ)

اي ميان ڪريم تنهنجو هت ڦند ڦير نه هلندو، بهتر آ ته هاڻ رفوچڪر ٿي، هن ايڪ، دو، تين کان جند ڇڏاءِ.

(ڪريم جو تڪڙو هلڻ).

فيروز: بس، هوشيار.

ڪريم (موٽ کائي تڪي) مان، هان، آيس آيس، ميان ترس ته سهي.

فيروز: بس جلد ڪر، ورنه ايڪ، دو....

ڪريم: ميان، گهڙيءَ گهڙيءَ اِها ايڪ، دو، تين ڪري نڪ ۾ دم ڪيو اٿئي. هروڀرو مارڻو اٿئي ته کڻي هڪ دفعو مار!

فيروز: مون وٽ به ڪونهي انڪار، ايڪ دو.

ڪريم: اڙي ميان، بيهه ته سهي. ڳالهه ته ٻڌ.

(پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

اڙي يارو، هيڏيءَ خلق ۾ ڪو ٻين_ چئين آني وارو وڪيل يا بئرسٽر يا ڪو رپئي_ سوا جي رقم وٺي چالان ڪرڻ وارو پوليس آفيسر موجود آهي يا نه؟ جو مون کي ڇڏائي.

(ڪريم جو وري ڀڄڻ ۽ فيروز جو کيس پڪڙڻ)

فيروز: ڪڍين ٿو وصيتنامو يا نٿو ڪڍين؟

ڪريم: ڪڍان ٿو بابا، ڪڍان ٿو، بيهه.

فيروز: پوءِ ڇو ٿيو آهين اجايو بدحواس؟

ڪريم: هئي، هئي! منهنجي ته ستيا ٿي ويئي ناس.

فيروز: يعني؟

ڪريم: وصيتنامو وڃائجي پيو شايد هوٽل ۾، ڪنهن ڪڍي ورتو يا رستي تي ڪِري پيو.

فيروز: وري ساڳي چال، ايڪ، دو.

ڪريم: (وصيتنامو ڪڍي، وري وَرَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ. فيروز جو کانئس وصيتنامو کسڻ).

فيروز: چڱو هاڻي مان توکي ڇڏي ٿو ڏيان.

ڪريم: پيءُ مرئي، جان ته ڪڍي ڇڏيئي، هاڻي مردي کي ٿو ڇڏين. پر ميان، ٻڌاءِ ته تون آهين ڪير؟ هيءُ وصيتنامو تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندو؟

فيروز: مون کي ڪم نه ايندو، مگر پنهنجي اصلي مالڪ وٽ ويندو.

ڪريم: يعني؟

فيروز: يعني مهلقا.

ڪريم: يا الله!

فيروز: توکي عجب کائڻ لاءِ سبب ڪونه آهي. ڪجهه دير نه آ، انڌير نه آ، سودو دست بدستي آ، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي انصاف  عدل پرستي آ.

ڪريم: اي صاحب، هيءُ سودو نه آهي. خواه مخواهه زبردستي آ.

فيروز: بس، صبر. (هوائي فائر ڪرڻ، ڪريم جو ڪِري پوڻ)

ڪريم: (اُٿي ويهي) ڳڻيندو رهيس ايڪ، دو، تين هردي مان ڪڍيو آه دم ايڪ، دو، تين، گنج شاهي ويو هليو هٿ مان ڪريم جي پلئي پيو نه پيسو يا دِرم ايڪ، دو، تين

(ڪريم جو اُٿي بيهڻ) وقت پرڀات مرغو ٻولي ’ڪڪڙوڪو‘ مال ويو، زر وئي، زال وئي، رهيو ڪريم! ڪڪڙو ڪوُ.

گانو:

هاءِ، هاءِ، هاءِ، هاءِ، ٿيس خوار ملي مار مون کي يار

منهنجي عزت وئي، منهنجي عزت وئي، هاءِ هاءِ

(ايگزٽ)

 

 

ڊراپ ٻيو

پردو ڇهون (محل شمسه)

(شمسه جو ستل نظر اچڻ، دوزخ جو سين، نواب جي روح جو ظاهر ٿيڻ، شمسه جا ڇرڪ ڀرڻ، نوڪرياڻي جو بيٺل نظر اچڻ، آمد منا.)

منا: ڇا، ننڊ ۾ آ؟

نوڪرياڻي: هميشه وانگر ننڊ ۾ آ، مگر بيچين آ.

منا: ويچاري خوفناڪ مرض ۾ گرفتار آ،

سجاڳ به ٿئي ٿي مگر هوش ۾ اچڻ دشوار آ.

خدائي انتقام، خونِ ناحق جو انجام،

نوڪرياڻي: بانو ڏسو، وري اُٿي ٿِي، ٻڌو ڪجهه چوي ٿي.

(شمسه جو وڦلڻ)

شمسه: وِساءِ، منهنجا پيارا وِساءِ، مان توکي چوان ٿي ته هيءُ چراغ وِساءِ. (ڏڪڻ) چور انڌيريءَ ۾ اچي ٿو، پاپ روشنيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. وِساءِ وقت کي انڌو بڻاءِ، هينئر چراغ وِساءِ هاءِ اڃا نٿو وسائين.

(شمسه جا هٿ مَلڻ، وري سمهي پوڻ، روح جو غائب ٿيڻ)

منا: شايد کيس وهم آهي ته اڃا سندس هٿ نواب جي خون ۾ ڀريل آهن.

شمسه: (هيڏي، هوڏي ڏسي) اي لعنتي دماغ چڪناچور ٿي. مان توکي چوان ٿي ته مون کان دور ٿي. شرم! اي منهنجا پيارا شرم! (شمسه جو زور سان کلڻ) ڪنهن کي خيال هو ته هن پوڙهي جي جسم ۾ ايترو خون هوندو، (شمسه جو هٿ مَلڻ) ڇا هيءُ هٿ صاف نه ٿيندا! (زور سان کلڻ).

ڊڄين ٿو، ڊڄين ٿو! زرد نه ٿي، سرد نه ٿي... داغ آه رت جو داغ، سرخ داغ، نثار جي گهر ۾ هڪ عورت هئي اُها هينئر ڪٿي آ؟ (هٿ جو مَلڻ ۽ سنگهڻ) دنيا جا سڀ عطر به هنن هٿن کي خوشبودار ڪري نه سگهندا.... (اُٿي بيهي، شوخيءَ سان) ڪير آ، اُڇل، وٺ، چپ، خاموش، ماٺ.

(سمهي پوڻ)

نوڪرياڻي: اوهان جو ڪهڙو خيال آ؟

منا: ويچاريءَ جو جيئڻ محال آ.

(شمسه جو اُٿڻ ميز تان شيشي کڻي اُن مان ڍڪ ڀرڻ)

شمسه: پاڻي، پاڻي، آه پاڻي! منهنجي بدن مان چڻنگون نڪرن ٿيون، منهنجي سيني ۾ آڳ ڀڙڪي ٿي. جنهن ۾ منهنجو روح ۽ رڳون جلن ٿيون، منهنجا آنڊا وڍجن ٿا!

نوڪرياڻي: (شمسه سان) حضور ڪهڙو حال آ؟

شمسه: بدنصيب هان، نامراد هان، اڪيلي هان.

نوڪرياڻي: افسوس.

شمسه: (نوڪرياڻيءَ ڏانهن گهوري ڏسي ٿي).

افسوس ڇو ٿي ڪرين؟ مان توکان بادشاهي نٿي گهران، بهشت نٿي طلبيان، صرف ٿڌي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ، رڳا ٻه ڍڪ ٿي گهران. پاڻي! پاڻي! مان اڃايل هان. (نوڪرياڻيءَ جو پاڻي ڏيڻ) هيءُ پاڻي آ يا زهر؟ (شمسه جو پاڻي پيئڻ) آڳ آ يا تيزاب آ، آه مران ٿي، پياس، پياس، بيقرار هان! قسم خدا جو جيڪڏهن ڪو مون کي هڪ ڍڪ ٿڌو پاڻي پياري، ته، مان پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار هان.

منا: ڏسو، اي اکيون ڏسو! دنيا ۽ دنيا جي عيش ۽ آرام جي قيمت موت جي وقت سمجهه ۾ اچي ٿي.

شمسه: (زور سان کلي) اچو، اچو، ڏسو. شيطان اکيون ڏيکاري ٿو، ملائڪ مون کي ڊيڄاري ٿو؛ وڃو، واپس وڃو، مون وٽان هليا وڃو. موت! موت! (ڏڪڻ) ڇو ٿو وٺين؟ ڇو ٿو وٺين، مان ته مرڻ اڃا نٿي چاهيان. (اُٿي بيهڻ، وار پٽڻ) منهنجي قلب ۽ جگر ۾ ڀڙڪي ٿو شعلو جهنم جو، عيوض ورتو وڃي مون کان ٿو اڄ خونِ اعظم جو.

(ٺڪاءُ ٿيڻ، نواب جي روح جو وري ظاهر ٿيڻ، شمسه جو هيڏي هوڏي نهارڻ)

اهو آ، اهو آ، ڇا قيامت کان اول زمين مان مڙدن کي نڪرڻ جي اجازت ملي ويئي، وڃ، وڃ، ٽرُ، ڇو آيو آهين، پنهنجي قبر ۾ وڃ توکي ڪنهن گهرايو آ، منهنجي اکين کان غائب ٿي.

نوڪرياڻي: بانو ڪنهن سان ٿي ڳالهائين؟

شمسه: (هوش ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري).

ڏس، اڇو ڪفن، زرد رخ، خوفناڪ اکيون! دور ٿي، هٽي وڃ، اي زندگيءَ جا خالي سايه دور ٿي. ڪير چوندو ته مان خون ناحق جي مجرم آهيان، تو وٽ ڪهڙي ثابتي آ ته هن خنجر تنهنجو خون ڪيو؟

(شمسه جو وهاڻي هيٺان خنجر ڪڍڻ)

منا: کسيوس، وٺوس، خنجر کسيوس.

نوڪرياڻي: بانو، خنجر ڏي.

(شمسه جو هوشيار ٿيڻ، نوڪرياڻيءَ کي دڙڪو ڏئي ڌڪو ڏيڻ)

شمسه: ڪوڙي آ، اي روح تون ڪوڙو آن، تو وٽ ڪائي ثابتي ڪانهي.

(شمسه جو روح ڏانهن وڌڻ، حملو ڪرڻ روح جو غائب ٿي وڃڻ)

ڪانهي، ڪانهي، ڪائي ثابتي ڪانهي.

ڇو ٿو ڀڄين. ڇو نه ٿو ڪڇين؟

(شمسه جو وري وارن کي پَٽڻ)

هان ڇا ٿو چوين؟ نواب کي مون ماريو_ ٻڌوم.

ڇا مون ماريو! ڪيئن ماريو؟ هيئن ماريو، هن طرح ماريو.

(نوڪرياڻيءَ جو خنجر کسڻ جي ناڪامياب ڪوشش ڪرڻ ۽ شمسه جو پاڻ کي سيني ۾ خنجر هڻڻ ۽ ڪِري پوڻ، ڦٿڪڻ. منا جو چيخ ڪري منهن تي ڪپڙو وجهڻ، نوڪرياڻيءَ جو حيرت ۾ بيهڻ ۽ ڊراپ سين جو لهڻ)، ٽيون تي.

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو پهريون (محل مهلقا)

(سهيلين جو بيٺل نظر اچڻ، مهلقا جو پينگهه ۾ لڏڻ)

گانو سهيليون:

اوهان جو يار عاشق لئي، صرف ديدار ڪافي آ،

مريضِ عشق جو درمل، رڳو اقرار ڪافي آ.

وتو بيوس مون گر بوسو، خفا ٿي ڪين اي دلبر،

سزا هن ڏوهه جي سهڻا شبِ تڪرار ڪافي آ.

بنا ڪنهن ٻي گواهيءَ جي پرين خوني بڻائيندءِ،

اسان جي چشم تر جو ئي مٺا اظهار ڪافي آ.

اُڃايل آب وصلت جو اکين ۾ آهه دم باقي،

مٺا مايوس دل جي موت لئي انڪار ڪافي آ.

ڪرين ڇو تيز بڙڇيون ٿو جڏهن اَبرو ٿي قبضي ۾،

نه ڪج لِ للهِ ٻي محنت اِيها تلوار ڪافي آ.

نه آ ملت نڪو مذهب ’عليگا‘ درد وارن جو،

سدا سهڻن سندو تن لئي ذڪر اذڪارُ ڪافي آ.

(آمد فيروز، مهلقا طرف ڏسڻ، مهلقا جو رخ تي نقاب وجهڻ، سهيلين جو حيرت وچان ڊوڙي مهلقا جي ڀر ۾ وڃي بيهڻ)

فيروز جو گانو:

قاتل ادا هي تنهنجي تلوار نا ته ڇاهي،

ترڇي نگاهه دلبر خونخوار نا ته ڇاهي.

فرياد تي نهارڻ، سڏڙو ڪري وهارڻ،

همدرد ٿي ڌتارڻ، اظهار نا ته ڇاهي.

ابرو اوهان جا انور، بڙڇون چوان يا خنجر،

تيرِ قضا اي دلبر، انڪار نا ته ڇاهي.

سروِ چمن به لڏندي، هن ماهرو کي ڏسندي،

چيو شرمَ ۾ نه ٻڏندي، سردار نا ته ڇاهي.

آهي ’عليگ‘ جنهن جو، ڪري سو به ڪين پنهنجو،

دنيا ۾ جيئڻ تنهنجو، آزار نا ته ڇاهي.

فيروز: (مهلقا ڏانهن مخاطب ٿي) خاتون کي تسليم.

مهلقا: تسليم. (مهلقا سهيلين ڏانهن مخاطب ٿي)

هن کان پڇو ته سندس اچڻ جو سبب ڪهڙو آهي.

سهيلي نمبر 1: حضور مائي صاحبه جن پڇن ٿيون ته اوهان جي هت اچڻ جو مطلب ڪهڙو آهي؟

فيروز: مگر اوهان جي بانو کي خاموشيءَ جو ڪهڙو سبب، ڇا هوءَ بتي يا فانوس آ؟

سهيلي نمبر 2: اظهار سان مطلب يا اوهان جو آ تڪرار سان مطلب؟

فيروز: پنهنجي بيگم کي چئو ته سوال ڪريو.

سهيلي نمبر 1: ۽ مان جو سوال ٿي ڪريان؟

فيروز: تنهنجي سوال جو جواب منهنجو نوڪر ڏيندو.

سهيلي نمبر 2: هي ميان به ڪو وڏي ٿان جو ٿو ڏسجي.

فيروز: خير، ملاقات تمام، اسان جو سلام.

سهيلي نمبر 1: سائين، ترسو، ترسو.

(مهلقا ڏي مخاطب ٿي)

سانئڻ، اوهين کڻي پڇوس، ڊيگهه جو ڪهڙو ضرور، اهو آهي مهمان نوازيءَ جو دستور.

فيروز: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) الله، الله، ڇا عالم آ، هن حسن تي جيڏو غرور ٿئي، سو ڪم آ.

مهلقا: جناب، جو ڪجهه اوهان کي چوڻو آ سو فرمايو؟

فيروز: بي ادبي معاف، رخ تان پڙدو هٽايو.

مهلقا: اوهين فرمايو، ڳالهه ڪن ٻڌندا آهن، نه اکيون.

فيروز: مگر جڏهن اکين سان اکيون ملنديون آهن، تڏهن ڳالهه ترت سمجهه ۾ ايندي آهي.

مهلقا: خير، فرمايو اوهين جلد فرمايو، جو هيءُ منهنجي آرام جو وقت آ.

فيروز: (وصيتنامو پيش ڪري) هيءَ امانت پيش ڪريان ٿو.

مهلقا: آه، هيءُ ته چورايل وصيتنامو آه!

دغا، فريب، ڌوڪو، مون کي اڄ معلوم ٿيو ته انهيءَ وصيتنامي جو چور تون آهين؟

چور_ چور_ هن چور کي گرفتار ڪرايو.

سهيلي نمبر 1: بانو هوش ڪر، چور ائين ٿيندا آهن؟

مهلقا: (فيروز طرف ڏسي) تڏهن؟

سهيلي نمبر 1: بانو، هيءُ روپ، هيءُ آب، هيءُ تاب، هيءَ صورت، هيءَ سيرت، هيءُ شان، هيءُ مانُ، هيءَ زبان ۽ چور! خدا جي پناهه.

مهلقا: (مشڪي) اِهو ته سچ آ، مگر...

سهيلي نمبر1: ڇا جي اگر مگر، تون به ته غضب ٿي ڪرين جو هڪ شريف آدميءَ کي چور ٿي بڻائين! جيڪڏهن هيءُ هجي ها چور، ته وصيتنامي موٽائڻ جو ڪنهن ڪيس زور؟

(مهلقا جو ٿڌو ساهه کڻڻ، فيروز جو ڏانهس نهاري مرڪڻ)

مهلقا: هاءِ، هاءِ مون ڇا ٿي ڪيو!

سهيلي نمبر1: پوليس ٿي گهرايئي.

مهلقا: هينئر علاج؟

سهيلي نمبر1: وٺو معافي.

مهلقا: معافي مان وٺان؟

سهيلي نمبر 2: معافي نه وٺوس ته کڻي پيرين پئوس.

مهلقا: خاموش، مُئي منهن_ زور، منهنجي طرفان تون وڃي معافي وٺ.

سهيلي نمبر 2: مان ته سَئو بار معافي وٺان، مگر آهي ته اوهان جو قصور.

مهلقا: قصور ته منهنجو آهي، مگر هروڀرو مان ئي وٺان معافي، سو ته ناهي ضرور.

سهيلي نمبر 2: واه دستور: خطا ڪري سانئڻ ۽ معافي وٺي ٻانهي! (فيروز ڏانهن مخاطب ٿي).

حضور: اسان جي بيگم صاحبه اوهان کان معافيءَ جي طلبگار آ.

فيروز: بس، بس، معاف ڪيو.

مهلقا: (اڳتي وڌي) جناب عالي!

فيروز: (ذرا نِوڙي) معزز بانو!

مهلقا: معافي درڪار آ.

فيروز: بندو پنهنجي اصرار لاءِ شرمسار آ.

مهلقا: آءٌ برابر قصور وار هان، شرمسار هان، معافيءَ جي درخواستگذار هان.

فيروز: بانو، جيڪڏهن اهڙن موهيندڙ لفظن ۾ معافي گهري وڃي ٿي ته ڪنهن کي ڏيڻ کان انڪار آ.

مهلقا: انهيءَ نوازش لاءِ خطا وار دل، شڪر گذار آ.

(مهلقا جي اشاري تي سهيلين جو هليو وڃڻ، فيروز ۽ مهلقا جو مشڪڻ ۽ هڪٻئي ڏانهن پيار مان ڏسڻ).

فيروز: عاشق ته هميشه آ محبت جي بدولت،

الزام ۾، تقصير ۾ ۽ جرم و خطا ۾.

مهلقا: ثاني نه ڪوئي تنهنجو صنم ناز و ادا ۾،

انداز ۾ شوخيءَ ۾ شرارت ۾ حيا ۾.

فيروز: مگر، معزز بانو، ڪنهن ضروري ڪم سبب هن وقت رخصت وٺڻ لاءِ مجبور هان، گر تنهنجي محفل ڇڏڻ سبب رنجور هان.

مهلقا: (مشڪي) رنجور.

فيروز: ها، رنجور.

مهلقا: ڪريان اُميد ته وري هن غريب خاني ۾ اچڻ جي عنايت ٿيندي؟

فيروز: عنايت! بانو، مان ته هڪ سادو سوُدو مسلمان آهيان. هڪ دفعو جنت جو رستو ڏسڻ پڄاڻان هزار دفعا اچڻ لاءِ تيار آهيان.

مهلقا: مون کي اوهان جي آمد تي مسرت ٿيندي.

فيروز: ۽ بندي جي دل انهيءَ مسرت کي پنهنجي لاءِ نيڪ فال سمجهندي.

مهلقا: فيروز! (فيروز جو هٿ وڌائڻ ۽ مهلقا جو هٿ کي وٺڻ ٻنهي جو مشڪڻ ۽ حسرت ڀرين نگاهن سان هڪٻئي کي ڏسڻ ۽ ڳائڻ)

مهلقا: ٿئين ٿو مون کان جدا ۽ ڏور في امان الله،

خدا کي آ هال ائين منظور في امان الله.

فيروز: جي مقدر آ چڱو ته وري ملنداسين، پرين!

ٿينداسين شال وري مسرور في امان الله.

مهلقا: ورنه مان ته ڪندس آهه و زاري،

جلدي صورت ڏکارج پياري پياري.

فيروز: ويو صبر اچي هتي پياري،

کڻي ساڻ وڃان ٿو بيقراري.

مهلقا: کنيون وڃين ٿو دل ته دلارا،

ياد ڪندين يا ڪين پيارا،

آهيان عشق اوهان جي جِي ماري،

جلدي صورت ڏکارج پياري پياري.

فيروز: ديوي تون آن مان هان پڄاري،

پوڄا ’عليگ‘ ڪندو تنهنجي پياري،

لڳي سيني ۾ ٿم ابرو ڪٽاري،

جلدي صورت ڏيکارج پياري پاري.

مهلقا ۽ فيروز (گڏجي)؛

ورنه مان ته ڪندس آهه و زاري،

جلدي صورت ڏيکار پياري پياري.

_ ايگزٽ_ پڙدي جو ڪِرڻ.

 

 

ڊراپ ٽيون

پردو ٻيو (رستو)

(آمد ڪريم ۽ آچر)

ڪريم: خير، آچر، هاڻي ته يارَ وٺي اچ، هڪدم وٺي اچ.

آچر: ڪنهن کي؟

ڪريم: ڪنهن خير دلال کي، ٻن دلين ملائڻ واري کي.

آچر: (کلي) هان، سمجهيم، سمجهيم. پر سرڪار زر خرچ ٿيندي.

ڪريم: نامراد زر آهي به خرچ لاءِ، حلال جي ڪمائي ويندي به حلال جي ڪمن ۾.

(آچر جو وڃڻ ۽ دلال کي وٺي اچڻ)

ڪريم: اچو، اچو، قربدار، نيڪ ڪارج بڻائڻ وارا، اچو سائين، ڏيو خبر بزار ڪيئن آهي؟

دلال: حضور، ڌڻي اوهان جهڙن اميرن کي سلامت رکي! پيو گذارو ٿئي. البت پوليس جي سختيءَ سبب بزار ۾ مڙوئي موڙي آهي.

ڪريم: پر ميان اسان جي لاءِ ڪو بِلو ڪيو اٿئي يا نه؟

دلال: سرڪار اوهان جي ڊيل ڊول ۽ عمر لاءِ هڪ موزون حسين نازنين هٿ ڪيل آهي. مطلب ته سياري جي سوکڙي يعني موميائي آهي، سَوَڙ جي ضرورت نه ٿيندي. گهر ۾ بتي ٻارڻ جو ضرور ئي ڪونهي، رَئي مال آهي، تو جهڙي امير جي لائقَ مطلب ته....

ڪريم: او ڪمبخت ڇڏ اهو مطلب ٻطلب. آڻ به نه! ڏسين ٿو ته پيارا پيا پون. ڪهڙو بدنصيب هن موسم ۾ اڪيلو سمهندو.

دلال: سائين آجامي آهي، هيڏانهن يا هوڏانهن ڄاڻ آئي.

ڪريم: پر ٻڌ ته سهي، راڳڙو روپڙو به ڄاڻي يا نه؟

دلال: واه، تان سين جي پوٽي، برجو مهراج جي ڏوهٽي، فردوسيءَ جي سڳي سالي آهي.

ڪريم: پوءِ ڀلا، ادل قرب ڪر، دير ته نه ڪر، اجايو وقت نه وڃائجي.

(دلال جو وڃڻ)

ڪريم: اڙي آچر، هاڻي تون به ڀلا بوڇڻ کڻ ۽ ڇنڊ وڃي منهنجي لاءِ ڪو احمد شاهي جوُتو؛ شاهجهاني چُغو؛ تيموري ڪُلو (ٽوپ)؛ ۽ افغاني مشهدي لونگي هٿ ڪر ته شاديءَ جي موقعي تي ڪم اچي.

(آمد دلال ۽ عورت)

رقاصه: تسليم.

ڪريم: حضور جي حاڪمياڻي، باقي جڳ جي نياڻي، تسليم! آ_ آ، منهنجي دل تي حڪومت ڪرڻ واري ديوي آ.

آچر: سرڪار، حڪم ٿئي ته محفل گرم ڪجي؟

ڪريم: هائو، هائو. هڪدم گانو بجانو شروع ڪجي، پر بوتل به اچي.

(آچر جو بوتل آڻڻ لاءِ وڃڻ)

دلال: حضور اسان جي مٺائي ڇڻ ڇڻ فرمايو ته اسان رفوچڪر ٿيون، وڃي ڪنهن ٻئي روزگار سان لڳون.

(ڪريم جو دلال کي هڪ سَو روپين جو نوٽ ڏيڻ، دلال جو نوٽ ڏسڻ وري ڪريم ڏانهن نظر ڪرڻ)

دلال: واه جو قدر ڪيو اٿوَ. واه. ٺهيو سائين. بس اسان اجايا خيال ڪيا هئا، ايترو ته ڀاڙي ڀتي ۾ خرچ ٿيو آهي.

(رقاصه کي ٻانهن کان وٺي هلڻ، ڪريم جو منٿون ڪرڻ ۽ کين جهلڻ)

ڪريم: اڙي بابا ائين نه ڪرڻ، عشق ۾ گهاري ته نه وجهه!

دلال: بس پري ٿي بيهه، وڌيڪ نه ڳالهاءِ.

ڪريم: اڙي ڪمبخت پري ڇو ٿيان، وٺ، وٺ. اچي زهرمار ڪر! (ڪريم جو ٻيو سو روپين جو نوٽ ڏيڻ).

(دلال پيسا وٺي ٿو. آچر جو بوتل آڻڻ)

ڪريم: ميان آچر خان، هاڻي اوهان به وڃي آرامي ٿيو، رات گهڻي گذري آهي. اسان کي خلوت ۾ هڪ ٻئي سان صلاح مصلحت ڪرڻي آهي، اها بوتل مون کي ڏئي ڇڏيو، هلو پڌاريو.

آچر: حضور، مان ڪنن ۾ آڱريون ڏئي هوڏي منهن ڪري ٿو بيهان، مالڪ کي ڪيئن اڪيلو ڇڏيان، زماني تي اعتبار ڪونه آهي.

ڪريم: اڙي بابا مون کي پهري جو ضرور ڪونه آهي. ملڪ ۾ امن امان آهي، تون فڪر نه ڪر، وڃي آرام ڪر.

آچر: حضور مان وري وڃي ڇا ڪريان! سست ٿي اجايو کٽولا ڀڃان! بيڪار کان وري به بيگار ڀلي. سائينءَ جي سڏ صلح ۾ ته بيٺو آهيان.

ڪريم: اي ميان ڳالهه سمجهين ڪونه! اجايو پيو بڪواس ڪرين. هان هي وٺ (سو روپين جو نوٽ ڏيڻ) وڃي منهنجا ڪپڙا به خريد ڪر ۽ پنهنجا ڪپڙا به سباءِ. ڇورا مٿان عيد به ٿي اچئي، جوءِ ڇا چوندءِ، هل!

(ايگزٽ آچر)

توبهه ڪمبخت! مک وانگر ماکيءَ کي ڄڻ لڳي پيو هو. (ڪريم جو عورت کي ڏسڻ، کِلڻ، بوتل جو کولڻ ۽ پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

ڪريم: چشم، لب، زلف ۽ خال،

مان هان غريب هيڪل، ستمگار هن هزار!

رقاصه: سرڪار ڪڏهن کان شاعر ۽ عاشق بڻيا آهيو.

ڪريم: پياري اِهي ته اسان جا اصل کان موروثي ڌنڌا آهن. خير هينئر ڪو ڪلام ٻڌاءِ ته پوءِ هلي ڪي رهاڻيون ڪريون.

(رقاصه جو گانو ۽ ناچ، ڪريم جو بوتل مان شراب پيئڻ ۽ رقاصه کي رپيا ڏيڻ)

ڪريم: واه واه، هاڻي سودو قبول، پياري نڪاح_ نڪاح!

رقاصه: نڪاح، توبهه توبهه! پيارا مان انهيءَ گناهه جي ڪم کان پري آهيان. پاڻ کي ٻنڌڻ ۾ وجهڻ نٿي چاهيان.

ڪريم: اڙي واه ڙي بَري ٻڪري، نڪاح ۽ گناهه!

رقاصه: مان آزاد رهي آهيان. آزاد رهڻ ٿي چاهيان.

ڪريم: يا الله، هڪ آزاد مان ڇٽاسين، ته وري به ٻئي آزاد مان ڦاٿاسين.

خير، پياري، هميشه لاءِ نه، ته ٻن_ چئن ڏينهن لاءِ نڪاح ڪجي، نه ته به ڪجهه ڪلاڪن لاءِ، پر نڪاح ضرور ٿيڻ گهرجي.

رقاصه: بلڪل نه، نه، نه نه!

(ائين چوندي عورت جو هلڻ، ڪريم جو منٿ ڪندو پٺيان وڃڻ).

(ايگزٽ)

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com