سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حريص پتلو عرف وفا جي ديوي

ڊراپ اول

صفحو :4

ڊراپ اول

پڙدو نائون (باغيچه_ نواب صاحب_ نهر ۽ رات)

(آمد شمسه، نثار، ڪريم)

 

ڪريم: سر و چمن تي قمري مدهوش ٿي رهي آ،

بلبل چراغ گلُ ڪي بيهوش ٿي رهي آ.

نثار: خواب گران ۾ دريا محبوس ٿي رهيو آ،

آب روان کي گويا قابوس ٿي رهيو آ.

شمسه: دنيا سياهه چادر پائي سمهي رهي آ،

مردن جي امتحان جي اها گهڙي آ.

خاموش! قدم وڌايو، خنجر تيار ڪري باغيچي جي سبز ٻوُٽن ۾ پاڻ لڪايو، منا پهچي چڪي آ.

نثار: ها_ ها اچي ٿي. وصيتنامو به هٿ ۾ اٿس.

(سڀني جو لڪڻ، ڪريم جو ظاهر ٿي بيهڻ ۽ ڏڪڻ، نثار جو هن کي ڇڪي لڪائڻ)

(آمد منا)

 

گانو_ منا:

گلا شڪوه ڪريان ڪهڙا،

بيان مون چورِ قاتل جا.

نگاههِ ناز ڪيڙا هن،

خطا اوسانَ بسمل جا.

اثر اهڙو ڪيو پيدا،

جنونِ قيس ڀي آخر،

ويا هيڪر چڙهي پڙدا،

ته ليليٰ جي به محمل جا.

خدا را نا ته اي سهڻا،

نگاههِ ناز جي صدقي،

ڪريو اڄ قرب ڪيچي ڪو،

سُڻي سڏڙا ته سائل جا.

علاج دل سندي ناهي،

تمنا ڪا خدا ڄاڻي

ڏسي وڃ حال جي ڪيَڙا،

پيرن گهورن ته گهائل جا.

(عليگ)

رات جي اونداهي، تارن کان دنيا جا گناهه لڪائڻ واسطي هر طرف ڇانيل آهي. هن وقت شيطان جو روح جاڳي ٿو. اهو ئي وقت هو، جو محبت ايمان کي ڀڄايو ۽ مون وصيتنامو چورايو. هَلُ منا اگرچ تنهنجو گناهه سخت آ، مگر انهيءَ گناهه جو عيوض ادا ڪرڻ ۽ هيءُ وصيتنامو واپس ڪرڻ جو به اڃا وقت آ.

(نثار، شمسه ۽ ڪريم جو ظاهر ٿيڻ)

نثار: عيوض ادا ڪرڻ جو نه پر تنهنجي موت جو هيءُ وقت آ.

منا: حيرت ۾ پئجي) او پروردگار!

نثار: بس هوشيار.

منا: ڇڏ، احسان فراموش.

نثار: خاموش، خون تنهنجو درڪار آ.

منا: مان ڪهڙو ڪيو آ قصور؟

نثار: تو منهنجون تمنائون ڪيون آهن چڪنا چور!

(منا جو وصيتنامو لڪائڻ)

منا: نثار! ظالم نثار، رحم!

نثار: واپس ڏي وصيتنامو، اي بيوقوف عورت!

منا: هرگز نه، اُها توکي نصيب نه آ.

نثار: (ڪاوڙ جي جوش ۾ اچي)

نه ڪر ناڪار نا سان گڏ_ نه تنهنجي جان رهندي،

انهيءَ ناڪار سان گڏ نه سِر رهندو نا زبان رهندي.

منا: او ظالم مان هميشه توسان محبت ڪئي آ!

نثار: محبت نه، هميشه تو مون سان عداوت ڪئي آ. تيار!

منا:

اي انڌري رات، ڏس هيءَ دل سياهه،

اي ستارؤ هن جي بيرحميءَ تي رکجو نگاهه.

اي زمين، ٿو هارجي توتي ته خونِ بيگناهه،

اي فلڪ ٿو ڏين، ٿج حشر ۾ تون ئي گواهه.

نوجوان مان ٿي مران ۽ با وفا مان ٿي مران،

او خدا عادل خدا ڏس بيخطا مان ٿي مران!

نثار: ٻڌم، گهڻو ٻڌم. خدا! خدا! خدا. هڪ خي دال ۽ الف جو مجموعو، تنهن کي کڻي اوهان جهڙن ڪمزور خيال انسانن ڇا مان ڇا سمجهيو آ. هڪ لاپتا هستي، جنهن کي ڪنهن نه ڏٺو آ.

منا: نثار توکي پنهنجي دولت ۽ هستي تي ناز آ،

مگر ياد رک منهنجي خدا جي لٺ بي آواز آ.

(نثار جو منا تي خنجر اُلارڻ، منا جي دانهن ڪرڻ، نواب جو ظاهر ٿيڻ)

نواب: خبردار، ناهنجار.

(شمسه جو پٺيان نواب تي حمله آور ٿيڻ)

(نواب جو زخمي ٿي ڪري پوڻ ۽ ڦٿڪي دم ڏيڻ.)

شمسه: بس نابڪار!

(ڪريم جو منا کي پڪڙڻ. شمسه جو منا کان وصيتنامو کسڻ ۽ نواب جي لاش مٿان بيهڻ نثار ۽ ڪريم جو گڏجي منا کي نهر ۾ اُڇلڻ ۽ پردي جو ڪرڻ.)

ڪريم، نثار ۽ شمس جي فيسٽنگ

(ڊراپ جو ٽيوُن ڪِرڻ)

 

ڊراپ ٻيو

پردو پهريون (جهنگل ۾ ڪئمپ)

(ٻن سپاهين جو منا کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ کڻي اچڻ، ڪپڙا آلا، مٿو ۽ پير اُگهاڙا، کيس زمين تي رکڻ، فيروز جو هڪ خيمي مان ٻاهر اچڻ.)

فيروز: هيءُ ڪنهن جو لاش آهي ۽ هت ڇو آندو ويو آهي؟

سپاهي: حضور لاش نه آهي، مگر هڪ زنده عورت آهي، جنهن کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ لُڙهندو ڏسي ڪڍي هت آندو آهي. شايد ڪنهن ڪمبخت کيس ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟

(فيروز جو پنهنجي پراڻي نوڪر عزيز کي آواز ڏيڻ)

فيروز: عزيز، عزيز!

عزيز: حضور، (عزيز جو داخل ٿيڻ)

فيروز: هيءُ عورت شايد ڪنهن بدمعاشيءَ جو شڪار آ. سندس پوشاڪ ۽ صورت مان شرافت بَکي ٿي، مون کي ته ڪنهن شريف گهرَ جي ڇوڪري نظر اچي ٿي. خير، هن جي علاج جو انتظام ڪجي ۽ هڪ جدا خيمو سندس حوالي ڪيو وڃي.

(سپاهين جو منا کي کڻي هڪ خيمي ۾ داخل ٿيڻ، عزيز جو اُنهن جي پٺيان وڃڻ، ٿوري دير کان پوءِ عزيز جو ٻاهر اچڻ).

عزيز: حضور عرض آ.

فيروز: ڇا مري چُڪي؟

عزيز: نه، حضور بهتر آهي، خدا چاهيو ته جلد سامت ۾ ايندي. مگر....

فيروز: مگر ڇا؟ چئين ڇو نٿو؟

عزيز: سرڪار، اِها مظلوم اوهان جي ننڍي همشيره منا آهي، جا مون سڃاتي آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ جڏهن حضور جي مرحوم والد تي بغاوت جي تهمت مڙهي ويئي هئي، تڏهن هن پنهنجي پياري وطن کي مجبوراً الوداع چوڻ وقت اوهان جي ڀيڻ نواب اعظم کي سپرد ڪئي ۽ اوهان کي پاڻ سان کڻي هن ملڪ جي سرحد عبور ڪئي. مان اُن وقت سندس هم رڪاب هوس.

فيروز: مگر سڃاڻپ جو ثبوت؟

عزيز: حضور منا جي کٻي ٻانهن تي اوهان جي خاندان جي تِرَ جو نشان ظاهر آ. اهڙو نِشانُ اوهان جي کٻيءَ ٻانهن تي به موجود هوندو.

(فيروز جو پنهنجي ٻانهن جي تِرَ جو ڏسڻ ۽ هدڪم خيمي ۾ داخل ٿيڻ، عزيز جو پٺيان وڃڻ).

(ايگزٽ)

سپاهين جو ڪجهه دير بعد منا ۽ فيروز جي خيمي مان ٻاهر اچڻ.

فيروز: مگر جا حقيقت تو مون کي ڏني آ، تنهن مون ۾ انتقام جي باهه ڀڙڪائي آ. يقين ڄاڻ ته نثار جي زندگيءَ جي پڄاڻي آئي آ. جيسين هو ظالم هن تلوار جي خوراڪ نه ٿيندو تيسين تنهنجو ڀاءُ آرام سان نه ويهندو...

منا: مگر منهنجا پيارا ڀاءُ، اها خدا جي مرضي هئي.

فيروز: برابر خدا جي مرضي هئي، مگر نثار جو هن تيغ جو هردار جو قوت ٿيڻ به خدا جي مرضي آ.

منا: منهنجا دلبند ڀاءُ! برائيءَ جو بدلو ڀلائي ۽ نه برائي هئڻ گهرجي.

فيروز: مگر هن کي پنهنجي ڪِيئي جو ڦل چکڻ گهرجي.

منا: پيارا ڀاءُ رحم.

فيروز: آه! جنهن ڏينهن هُن ظالم توکي نَهرِ، جي پُشو لهرِينِ جو ڪفن پهرائي، ڪُنن جي تابوت جي حوالي ڪيو، تنهن ڏينهن اِئين سمجهيو هوندائين ته منهنجي گهر عيد قربان آئي. بيشڪ آئي، مگر مان اُن عيد جي خوشيءَ ۾ انهيءَ ظالم نثار جي قرباني ڪندس.

منا: رحم، منهنجا ڀاءُ رحم.

فيروز: منا، مجبور هان، منهنجي غيرت موجن ۾ آ. غصي جو درياءُ جڏهن موج ۾ ايندو آهي، تڏهن دشمن کي ٻوڙيندو آهي.

منا: محبت جو ساگر جڏهن موج ۾ ايندو آهي، تڏهن دوستن کي ڪُنن مان ڪڍي سلامتيءَ جي ڪناري تي پهچائيندو آهي.

فيروز: منهنجي غصي جي لَهرَ انت هِن ظالم سان ٽڪرندي.

منا: مگر منهنجي محبت هن لاءِ ڪشتي بڻجي کيس بچائيندي.

فيروز: منا، مون کي بدلو وٺڻ ڏي. هن جي دل موت وانگر بيرحم ۽ قبر مثل ڪاري آ.

منا: سچ آ، مگر هن جي والد جي احسانن جو بدلو به ته ڀاري آ.

فيروز: آه! منا، اهي لفظ دل ۾ چڀن ٿا. واقعي اسان جي خاندان جي عصمت ۽ عزت جي بچاءَ جو ڪارڻ نواب اعظم آ.

منا: ان جي عيوض نثار کي معاف ڪرڻ لازم آ.

فيروز: نثار کي سندس قصور بخشان، بدلو نه وٺان؟

منا: ڇا بدلو رڳو تلوار سان وٺبو آهي؟

فيروز: تلوار ته نواب اعظم جي احسانن ڀڃي ڇڏي آهي، باقي رهي لعنت ۽ ڦٽڪار.

(ايگزٽ، فيروز)

منا جو گانو؛

اڳيان دلبر سندي در جي، ڪجو لاشو دفن منهنجو،

پڙهي مَن فاتح مرقد، مٿان سيمين بدن منهنجو.

کڻي اڄ آشيان پنهنجو، وڃان ملڪ عدم مان ٿي،

آئي پر تو فلڪ توکي، سڄڻ رشڪِ چمن منهنجو.

شهيدِ ناز جو لاشو، کڻي هلندا جڏهن ڪانڌي،

ڪندو ماتم تڏهن روئي، مٿان چرخِ ڪُهن منهنجو.

ڪِريو سجدي ۾ عبهر ۽ سلامي سروَ ٿيو يارو،

گهڙيو گلشن اندر جڏهين، صبا غنچه دهن منهنجو.

’عليگا‘ بيڪسيءَ تنهنجي، اثر اهڙو ڪيو پيدا،

وَهايا لُڙڪ قاتل ڀي ڏسي ڪارو ڪَفن منهنجو.

 

 

پردي جو ڪرڻ (ايگزٽ)

 

 

ڊراپ ٻيو

پردو ٻيو (رستو)

(آمد ڪريم ۽ آچر گفتگو ڪندي آچر جو کلڻ)

آچر: سرڪار، خير ته آهي، اڄ مڙوئي حضور جو منهن وَنَ وَنَ ٿو ڪري. بندي جي به ڏائيءَ اک جو ڇپر ٿو ڦري.

ڪريم: ابا مڙوئي خير آهي، رک دستگير تي، يارهينءَ واري پير تي، سڀ ڀلي ٿيندي. مردن جا ٻيڙا مولا ڪندو پار، پنهنجي مرشد کي پيو سار.

آچر: ائين ته برابر آهي پر ڌڻي ڪا مهل ڪهڙي، ڪا مهل ڪهڙي. ڪڏهن ته اڻپڙهيل اهڙا اچيو سٽڪن جو پٺيءَ به واچڻ نه ڏين.

ڪريم: اڙي پر تون سمجهين ڇا ٿو، بڪين ڇا ٿو، ڇا مون کي ڪو چور، ڌاڙيل يا خوني سمجهيو ٿئي ڇا؟

آچر: ڌڻي پناههَ ۾ رکندو، شهر ۾ ته گرما گرم هُلَ آهن ته منا ۽ نواب اعظم جي خونن ۾ حضور جو به....

ڪريم: اڙي بس بس بس (وات تي ٿو هٿ رکيس) ڀوُڪَ بَصَرَ متان ڪجهه وڌيڪ چوين اڄ! ڀتين کي به ڪن آهن، کل مان ساڀئان نه ٿي پوي! انسان کان خطائون پيون  ٿين ڌڻي شال عطائون ڪري.

آچر: ڌڻي به عطائون اُن تي ڪندو آهي جو پاڻ کان هيٺين کي نه ورسائيندو آهي، ورنه مالڪ! (آچر جو کلڻ ڪريم ڏانهن ڏسڻ) مان خوب ٿو سڃاڻان پيران پارسان کي.

ڏاڙهي رکن ٿا لنبي، ڌوڪو ڏين خدا کي! شال ڀانڊو نه ڦاٽي.

ڪريم: ڀانڊو! اڙي نامعقول ڪهڙو ڀانڊو، ڇا جو ڀانڊو، صبر ڪر نه ته رکندوسانءِ ڄڀ تي ٽانڊو.

آچر: حضور، ڪم ڪُڌا ڪن هڪڙا، ڄڀ سڙي غريب آچر جي.

(غصي ۾ اچڻ ۽ آچر کي چماٽ هڻڻ)

ڪريم: وري به ساڳي بڪواس_ نِڪرُ هتان نمڪحرام.

آچر: مان ته نڪران ٿو، پر حضور به جيڪڏهن سرڪاري مهمانخاني ۾ پنهنجي بيگم صاحبه سان گڏ ويهندو ته پٺيان گهر ڪير سنڀاليندو، اُهو به خيال ڪيو اَٿوَ؟

ڪريم: اَڙي پر مان مهمان ٿيان ڇو، سرڪار جي ڪهڙي خدمت ڪئي اٿم، جو مون تي سندن اهڙي شفقت ٿيندي؟

آچر: حضور، نواب اعظم ۽ منا جا روح اوهان جا سفارشي آهن، مون کي به ڪجهه ڪجهه اِنهيءَ راز جي...

(ڪريم جو پريشان ٿيڻ، آچر جي منهن تي هٿ رکڻ ۽ منٿ ڪرڻ)

ڪريم: ابا آچر، هاڻي ته بس ڪر، پر خير هت اجايو ڇو پيو ڏند ڏين، هان وٺ هي تنهنجي خرچي آ، وڃ وڃي گُلڇرا اُڏاءِ. پر ڏسج منهنجو ڏسُ ڪنهن کي نه ڏج، ڇو ته مون کي اڃا هڪ ٻي ڪارِ ثواب لاءِ وڃڻو آ. توکي ۽ پاڻ کي مالا مال ڪرڻو آ.

آچر: اڃا پيٽ نه ڀريو اٿوَ؟

ڪريم: ڀريو يا نه ڀريو، تنهنج ته مُٺ گرم ٿي؟ خدا کي مڃ هتان ڦٽي وڃ ته ڪو خلل نه ٻاري وجهين دفع ٿي.

آچر: پر حضور مان به ته ٻڌان ته ڪهڙو ڪارِ ثواب ڪرڻ جي تياري ۾ آهيو.

(ڪريم جو آچر جي منهن تي هٿ رکڻ ۽ ڌِڪي ونگ مان ٻاهر ڪڍڻ... ۽ ڪلمو پڙهڻ. آچر جو وري موٽڻ. ڪريم جو کيس واپس ڪرڻ ۽ ڪلمو پڙهڻ)

ڪريم: توبهه، توبهه! سچ چيو اٿن ته نادان دوست کان داناء دشمن ڀلو. ڪمبخت هت رستي تي آيو آهي حال احوال وٺڻ. خير، گذريءَ کي وسارجي آئيندي جو فڪر ڪجي. ڪُڌا ڪم ته ڪري خاڪسار، موجون ماڻين شمسه ۽ نثار! هاڻي ٻيو چارو ڪونه آهي. ڪيئن به ڪري وصيتنامو جو شمسه وٽ آهي، سو هٿ ڪجي. جيڪڏهن اِنهيءَ ڪم ۾ ڪاميابي ٿي ته پَنئون ٻارهن! نثار ۽ شمسه کي واٽون ٻهاريون. ويٺا آڱريون ڳڻيندا. ڪريم لاءِ پوءِ رڳا مال ملندا.

(ايگزٽ ڪريم)

(فيروز جو ظاهر ٿيڻ؛ ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ ڪريم جو پٺيان وڃڻ. پردي جو کڄڻ)

 

ڊراپ ٻيو

پردو ٽيون (مڪان شمسه)

(شمسه جو پلنگ تي ستل نظر اچڻ، هلڪو ٺڪاءُ، نواب جي روح جو سفيد پوشاڪ ۾ ظاهر ٿيڻ، پيان هٿ شمسه ڏانهن کڻي بيهي رهڻ، شمسه جو ڇرڪ ڀري اُٿڻ، اکيون مهٽڻ، وري سمهي پوڻ ۽ ننڊ ۾ وڦلڻ)

شمسه: جهنم ڇا آهي؟ باهه ڇا ٿي ڪري؟ جلائي ٿي. ڇو؟ ڇا لاءِ؟ (وري چپ ڪرڻ) آه! رحم، رحم، رحم! اي جهنم جا راکا مون کي نه ستاءِ، اي جهنم جي آڳ مون کي نه جلاءِ، مان اڪيلي انهيءَ خون لاءِ جوابدار نه آهيان. اي مرحوم جا روح مون کي نه ستاءِ مون وٽ تنهنجو وصيتنامو ڪونه آهي. (شمسه جو ڇرڪ ڀرڻ، وصيتنامي کي وهاڻي هيٺان ڏسڻ، وري، آرام سان سمهي پوڻ)

آمد ڪريم، (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

ڪريم: مطلب، مطلب، دنيا مطلب، دين مطلب. پيءُ مطلب، ڀاءُ مطلب، ماءُ مطلب! غرض ته دنيا ۾ ڪنهن ۾ اعتبار يا وفا جي اميد رکڻ سراسر بيوقوفي آهي! مطلب ته سڳيءَ زال تي به ڀروسو ڪونه آهي.

آهي يارو دنيا ساري مطلب جي،

ڀاءُ، پدر ۽ مادر ياري مطلب جي!

نثار کي وصيتنامو جوڙي ڏنم، اصلي وصيتنامه جي هٿ ڪرڻ جو مشورو ڏنم، ساڻس گڏ خون ناحق ۾ شريڪ ٿيم. مگر جڏهن سندس سڀ مطلب حاصل ٿيا ته هاڻي واقف نه آهي. خير، مون به چڱو اُپاءُ ڳولهي ڪڍيو آهي. نثار جو دارومدار وصيتنامه تي آهي. سور وصيتنامو شمسه جي وهاڻي هيٺان آهي. اِهو اڄ اُڻنڇو ڪجي جڏهن نثار چوٿين حصه ملڪيت ۾ ڀائيوار بڻائي تڏهن وصيتنامو ڪريم ڀائي رحيم ڀائي کان ڀائي.

(آمد فيروز ونگ جي آر ۾. پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

فيروز: مگر تنهنجي قسمت توکي انهيءَ حد تائين وڃڻ ڏي ڇو ٿي.

(ڪريم جو آهستي آهستي شمسه جي پلنگ ڏانهن وڌڻ)

ڪريم: پير چوران، دستگيران! اڄ مدد فرماءِ تون،

آ وٺي وئي گير گيران اڄ مدد فرماءِ تون.

(ڪريم جو وصيتنامو وهاڻي جي هيٺان ڪڍڻ)

ڪريم: بس هينئر هنن ڪاغذ جي صدقي نثار، اهڙا ته ناچ نچندو جو ڏيهه ويهي ڏسندو.

زردار جو آ ميلو، بي زر جو خدا حافظ،

پردار ويندا اُڏري، بي پر جو خدا حافظ.

(ايگزٽ ڪريم_ فيروز جو پٺيان لڳڻ)

شمسه جو ڇرڪ ڀري ننڊ مان اُٿڻ، نواب جو وري ظاهر ٿيڻ_ شمسه جو حيرت مان روح کي ڏسڻ)

(آمد نثار_ ونگ ۾ لڪي بيهڻ)

شمسه: جهنم ڇا آه؟

روح: ناري، نار جو گهرُ.

شمسه: جهنم جي آگ ڇا ڪني آهي؟

روح: گنهگارن کي جلائيندي آهي.

شمسه: واقع، سچ! جنهن ڏينهن کان مون گناهه ڪيو آهي، تنهن ڏينهن کان جهنم ۾ گرفتار آهيان. دماغ بيڪار آ، سيني ۾ دل آ، مگر اُها به رنج و الم جو شڪار آ. ضمير زهري نانگ بڻجي مون کي ڏنگي ٿو. دوزخي ڀوُت جدا جدا ويس پهري مون کي ڊيڄاري ٿو.

(هلڪو ٺڪاءُ روح جو غائب ٿيڻ، شمسه جون اکيون کولڻ، قدري هوشياري ٿيڻ)

شمسه: خوني، دغاباز، مجرم، بيدين، مطلب ته قسمين قسمين آواز منهنجي ڪَنَن ۾ پهچن ٿا ۽ بيچين ڪن ٿا، وَٺ، وٺ، بيشڪ وٺ، مگر خدارا منهنجا نثار مون کي هن انڌيري غار کان بچاءِ.

(نثار جو ظاهر ٿيڻ)

نثار: آه، پياري شمسه تنهنجو نثار خود انهيءَ ساڳي مصيبت ۾ گرفتار آ، پاڻ گمراهه آ، سو تنهنجي رهنمائي ڇا ڪري سگهندو.

شمسه: نه، نه، مون کي بچاءِ، مون کي نانگن جي غار ۾ دوزخ جي شعله زن باهه ۾ نه اُڇل، مون کي نه مار، نه ستاءِ. بخدا مون وٽ وصيتنامو ڪونه آهي.

نثار: ڪونه آهي. شمسه، هوش ۾ آ. اهو وصيتنامو تون هميشه پنهنجي سيراندي وٽ رکندي آهين.

(نثار جو وڌي وهاڻو کڻڻ، حيرت ۾ موٽڻ)

نثار: غضب، سِتَم، دغا، فريب منهنجي تقدير جو ڪاغذ ڪافور ٿي ويو، منهنجي اميدن جو ٻيڙو چڪناچور ٿي ويو، منهنجي تمنائن تي پاڻي پئجي ويو، بخت سياهه انت ترقيءَ کان رهجي ويو!

(هلڪو ٺڪاءُ، روح جو وري ظاهر ٿيڻ، پريان جهنم جو نظارو نظر اچڻ، شمسه ۽ نثار جو حيرت ۾ پوڻ)

شمسه: خون، خون! مون ڪوبه خون ڪونه ڪيو آهي. مون کي ڇڏيو، مان نار جهنم ۾ جلڻ نٿي چاهيان.

نثار: شمسه، شمسه. مگر وصيتنامو؟

شمسه: پوئتي، پوئتي. هٽُ، نه ستاءِ مان ڪاي غار ۾ اڪيلي وڃڻ لاءِ تيار نه آهيان.

(نثار جو شمسه کي وٺڻ لوڏڻ، هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ).

نثار: شمسه، شمسه! هوشيار ٿي.

(شمسه جو ذرا هوش ۾ اچڻ، نثار کي گهوُري ڏسڻ)

شمسه: هاءِ، ڪر، نثار، آه. منهنجا پيارا نثار! بچاءِ. پنهنجي شمسه کي بچاءِ، هاءِ ظالم بچاءِ.

(هلڪو ٺڪاءُ روح جو غائب ٿيڻ، شمسه جو بيهوش ٿي ڪرڻ، نثار جو حيران ٿي شمسه ۽ دوزخ جي نظاري کي ڏسڻ ۽ فيسنگ ڪرڻ. پردي جو ڪِرڻ)

 

 

ڊراپ ٻيو

پردو چوٿون (ڪٽ جهنگل)

(آمد ڪريم_ سهڪندو اچڻ)

ڪريم: واهه ڙي ڪريم. تنهنجي تقدير جي خوبي وصيتنامو چورائي آئين اها آ تدبير جي خوبي. جڏهن هن وصيتنامي تي قبضي جو خيال اچي ٿو تڏهن سمجهان ٿو.

آه قسمت نا وڌو، هي مال منهنجي جيب ۾،

پر پئي آ بئنڪ آف بنگال منهنجي جيب ۾

ڪالهه يارو مان هوس ڪنگال هڪ

اڄ لکن جو آ پيو ڄڻ مال منهنجي جيب ۾

هينئر زردار آ ته ڪري، باوقار آ ته ڪريم، قومي سردار آ ته ڪريم، پر هاڻي آخر ڇا ڪرڻ گهرجي!

(پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

ٻڌايو يارو ڇا ڪجي، قوم جي ڪهڙي راءِ آهي؟ وڏو مسئلو آهي حل ٿيڻ گهرجي. خير، هت ڪو صلاح ڏيڻ جهڙو دماغ ڪونه آهي. ٺيڪ آيو خيال ۾، اي مالدارو منهنجي صلاح ٻُڌو.

سچ پچ مالدار آهيو ته شادي ڪريو.

ڪنواري نه مليوَ ته رنڙَ ڪريو.

جوان نه هجي ته ڪراڙي ڪريو.

نئين نه هجي ته پراڻي ڪيو، مطلب ته شادي ڪيو

اڪيلي نه ملي ته ٻارن ٻچن واري سهي

.

ذات پات جو ته ڀيد ئي نه رکو،

اُتم جاتي هٿ نه اچي ته اڇوتڻ به ڪار،

مطلب ته شادي ڪريو، ڪيو مگر هاڻ،

ڏسي وائسي ڪريو.

انڌي وانگر گهُت نه هڻجو. هن ڪم ۾ صورتي وجهڻ نه گهرجي، ٺڪي_ ٺوڪي پسند ڪري وٺڻ گهرجي. مٺائي مال موجب ڀل ڏجي.

هَلُ ميان ڪريم پنهنجي قسمت ته آزماءِ،

ڪنهن حسين مهجبين نازنين جي تلاش ڪر

مگر ياد رکج هجي اڻپڙهيل، ورنه مال

سَٽَ نه جهليندو، سال اندر ساهي ۽ پائوڊر جو نذر ٿيندو.

پر دير نه ڪر، سياري جي موسم اچي ويئي آهي متان يارن ۾ پار ڪڍي اجايو پڇتائڻو پوي.

(ڪريم جو ٽپ ڏيئي ونگ ڏانهن وڌڻ ۽ وري موٽ کائڻ)

ڪريم: يا اِلاهي، هي وري ڪهڙي بلا آسمان مان نازل ٿي!

(آمد فيروز)

ڪريم: اي حضرت، با برڪت، حضور عالي، جيب خالي.

(فيروز جو جواب نه ڏيڻ، خاموش رهڻ، چتائي ڪريم ڏانهن نهارڻ)

ڪريم: يا الله، آدمي آهي يا آدميءَ جهڙو ولائي لنگور.

فيروز: ها، بيشڪ، هوُ شير هو، وڏو دلير هو، ٻارهن هٿن جو ڊگهو شهزور هو.

ڪريم: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

هي وري ٻيو انڌير، ڪمبخت خواب ۾ آهي يا ڪنهن جهنگ ۾. ٻارهن هٿن جو شهزور! (فيروز ڏانهن منهن ڪري) اڙي ميان، دادوءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهين جهنگ ۾ ناهين. هت ڪوبه جانور ٻارهن هٿ ڊگهو ڪونه آهي، هتان جا ٻه_ هَٿِيا ٻه_ پيرا جانور سڀ پنج فوٽا آهن، ڪو ڪو ڇهه فوٽو نڪرندو، پر ولائتي جامي ۾ ديسي باندر! ذرا پنهنجو نالو مبارڪ ته اوڳار؟

فيروز: ڇو، ڇا لاءِ، ڇاهي؟

(فيروز جو ڪريم ڏانهن وڌڻ)

ڪريم: (پٺ تي هٽي) يا الله، هيءُ ته ڪو سونهريءَ ٽوليءَ مان ٿو ڏسجي! (فيروز ڏانهن وڌڻ) اڙي سائين بابا! هت ڪيئن تشريف جي ٽوڪري کي کڻي آيا آهيو؟

فيروز: دل چاهيو، آياسين. اسان جي خوشي.

ڪريم: ڪو پاسپورٽ به اَٿوَ؟

فيروز: ها، من جي موج.

ڪريم: واهه اڙي، واهه تنهنجي من جي موج! توکي من جي موج ايندي ته ماڻهو به ماري وجهندين ڇا؟

فيروز: بيشڪ، اسان جي خوشي.

ڪريم: واه! چڱي تنهنجي خوشي. شايد هتان جي پوليس جو هٿ ڪونه لڳو اٿئي. ڪنهن ڳاڙهي پٽڪي جي سَٽ ۾ ڪونه آيو آهين!

(پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

اڙي بابا، آهي ڪو ملڪ جو حاڪم يا مئجسٽريٽ جو هن خوشيءَ کي منهن ڏئي، آهي ڪو قوم جو خادم جو هن بلا کي ٽاري؟

(فيروز ڏانهن مخاطب ٿي)

اڙي سائين بابا، مهر ڪري، هتان ٽري ڪنهن ٻئي ملڪ کي تاڙيو، ڪرپا ڪريو.

فيروز: هرگز نه.

ڪريم: هرگز نه، ته چڱو اسان جو خدا حافظ.

(ڪريم جو هلڻ، فيروز جو کيس ٻانهن کان وٺي جهلڻ)

فيروز: توکي وڃڻ جي اجازت ڪانه آهي.

ڪريم: اي، پر مان ته تنهنجي اجازت سان آيو ئي ڪونه هوس.

فيروز: خير دستور آهي آمدن به ارادت، رفتن به اجازت.

ڪريم: ميان، اِها رفتن، گهمدن، ڪريم کي نِمي اچِدن؛ هتي رڳو اچڻ_ وڃڻ جي مصدر آهي.

فيروز: بڪ نه ڪر، وڃ گهران هڪ ڪرسي کڻي اچ.

ڪريم: واه، واه، هي ته کپ کوڙڻ لڳو. ڄڻ ته منهنجي شاديءَ جي ڪاڄ تي آيو آهي.

فيروز: جلد ڪر نالائق.

ڪريم: واه لائقن ڀريا لائق.

(پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي)

ڄڻ ته اسان جي وڏن جو ڀائيوار هو. توبهه! ڪمبخت ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. پراڻي ٽرام جي گهوڙي وانگر وچڙي ويو. خير هاڻ نرمي ڇڏي گرمي وٺبي ته جند ڇٽندي.

(فيروز ڏانهن منهن ڪري)

ٻڌ، هيڏي خيال ڪر، هوش ڪر. گوڙ ڇڏ.

فيروز: ها، ٻڌان ٿو. چئو ڇا ٿو چوين؟

ڪريم: بس، آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان ته فوراً کان اول، اول کان پيشتر هتان هليو وڃ. ورنه هينئر ٿو پوليس کي سڏيان پوليس، پوليس!

(فيروز جو پستول ڪڍي ڪريم کي ڏيکارڻ، ڪريم جو ڏڪڻ)

فيروز: بس، خبردار.

ڪريم: هاءِ هاءِ يا الله. منهنجي وڏن جا الله هن خلق جا الله! هي وري ڪهڙو فساد؟ اڙي بابا سچ ته ٻڌاءِ ته ميرڻ جمالي ڌاڙيل جي اولاد مان آهين يا عبدالرحمان بروهيءَ جي ساٿين مان، ڪين بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جو پوئلڳ؟

فيروز: رڳو ملڪ الموت جو مددگار.

ڪريم: يا پرودگار! اڙي بابا سچ ته ٻڌاءِ، هي سچو پچو تمنچو آهي ڇا؟ (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) يارو، اوهان ئي ڪري ٻڌايو؟

فيروز: بيشڪ هيءُ جان ڪڍڻ جو سانچو آهي.

ڪريم: اڙي باهه لڳي تنهنجي سانچي کي.

نه ڏيڻي نه لهڻي هي آزار سر پيو،

ڌمڪي ته ملنديئي آ ساهه قبض ٿيو.

فيروز: ڇا ٿو سوچين؟

ڪريم: مان ته حضور اهو ٿو سوچيان ته اوهان جا هت قدم رنج فرمائڻ جو مطلب ڪهڙو آهي.

فيروز: شڪار، رڳو شڪار تفريح طبع.

ڪريم: شڪار ڪمبخت شهر ۾ جيڪڏهن شڪار جو شوق اٿوَ ته ڪنهن جهنگل ڏانهن يا شڪارگاهه ڏانهن تشريف جي ٽوڪريءَ کي کڻي وڃو.

فيروز: نه.

ڪريم: نه ته جهنم ۾ وڃي پَئو.

فيروز: دل ۾ آ تمنا، ته اڄ تنهنجي شڪار جي.

ڪريم: هان، منهنجي شڪار جي! اي ميان مان ڪو هرڻ يا ڦاڙهو ته نه آهيان. ڪي مون کي سرُهه يا گڊُ سمجهيو اٿي؟

فيروز: (پستول ڏيکاري) هن تي نظر ڪر.

ڪريم: اڙي نظر ته ٺهيو، پر ٽنگ ته پري ڪرينس. هوڏي بابا هوڏي ڪرينس، پر ميان، اهو ته ٻڌاءِ ته ڀريل آ، يا خالي؟

فيروز: ڏس هي آ پستول يڪ نالي. حڪم ڌاران ڪجهه نه ڪندو. اَيڪ_ دو_ تِينِ چوڻ تي ڇٽندو.

ڪريم: اڙي، ڪمبخت ڇٽندو يا نه ڇٽندو، پر منهنجو ته خوف کان اڳ ۾ ئي دم نڪرندو.

فيروز: مون کان خوف ڪر، ورنه مان توکي ماريندس.

ڪريم: اڙي، هي وري نئون سُرُ! مارڻ به ڪو هن لاءِ سولو ڪم آهي. اڙي ميان، مون کي ڪو ڪُتو يا ٻلو سمجهيو اٿئي؟

فيروز: بس تنهنجي موت جو وقت اچي ويو؛ مان ايڪِ_ دو_ تين چوندس ۽ پستول پنهنجو ڪم ڪندو ۽ قبض تنهنجو دم ڪندو.

ڪريم: ميان ڪجهه سمجهه ته ڪر. اها اٿئي ڪار زبون.

فيروز: مون کي ڪرڻو آ تنهنجو خون.

ڪريم: وري خون! مگر بابا، توکي هڪ بي خطا جي خون مان ڇا حاصل؟

فيروز: ڪجهه نه رڳو شوقِ دل.

ڪريم: پر بابا سائين، اِهو خراب شوق آ.

فيروز: خراب آ يا چڱو، جڏهن توکي ۽ تنهنجن دوستن کي شوق ٿيو تڏهن اوهان گڏجي ٻه خون ڪيا، هينئر اسان جو وارو آه. بس تيار، ايڪ، دو.

ڪريم: گهوڙاڙي! نه ڏيڻي نه لهڻي، اي بابا ترس ته...

فيروز: پنهنجي گناهن جي توبهه ڪر.

ڪريم: اڙي بابا، مان گناهه ڪيوئي ڪونه آهي، پوءِ توبهه ڇاجي ڪريان؟

فيروز: گناهه ڪونه ڪيو اٿي ته مرڻ کان ڇو ٿو ڊڄين؟ مرڻ کان پوءِ ته نيڪ آدمي جنت ۾ ويندو آهي.

ڪريم: اڙي، پر موت به ته وقت تي اچي! جنت ۾ به ڪا جاءِ خالي هجي. اجايو جو وڃي ڌڪا جهليان، تنهن مان ڪهڙو فائدو!

فيروز: بس آءٌ توکي مارڻ ٿو چاهيان. ايڪ، دو.

ڪريم: يا الله خير، اڙي بندا خدا جا، ڪو پنهنجي خالق جو خوف ڪر!

فيروز: جڏهن تو بيگناهن جو خون ٿي ڪري، تڏهن توکي پنهنجي خدا جو خوف ڪونه ٿي ٿيو.

ڪريم: (پبلڪ ڏانهن مخاطب ٿي) شامتِ اعمال آئي، صورتِ پستول ۾! (فيروز کي).

اڙي بابا، خدا خدا ڪر، ڪو پولس عملدار نه ٻڌي وٺي. مون ته ڪو خون ڪيو ئي ڪونه آهي! ڪڏهن ڪو ٽنڊڻ يا جهرڪي به شهيد ڪونه ڪئي آهي.

فيروز: جهرڪي نه، پر هڪ انسان ته ماريو آهي.

ڪريم: يا رب العباد!

فيروز: بس، هل هاڻي عدم آباد. ايڪ، دو، تين!

(فيروز) جو هوائي فائر ڪرڻ، ڪريم جو ڪِري پوڻ، فيروز جو ونگ ۾ وڃي لڪڻ).

ڪريم: گهوڙا ڙي، هاءِ هاءِ، مري ويس، گولي دل جگر چيريندي، ٽنگون ڀڃندي، پيرن جي ترين مان نڪري ويئي!

فيروز: ڪيڏو نه مڪار آ، خالي فائر تي ايڏو مڪر! (لت هڻي) اي اُٿ، هڪ گوليءَ سان آدمي نه مرندو آهي. اڃا توکي ٻه _ ٽي گوليون لڳنديون.

(ڪريم جو چُپ چاپ پئجي رهڻ)

فيروز: اهو ويچارو سچ پچ مري ويو آهي.

(فيروز جو وري ونگ ۾ لڪڻ)

ڪريم: (اُٿي ويهي) صفا مري ويو آهي. بيشڪ!

(فيروز جو وري ظاهر ٿيڻ، ڪريم جو وري ڪري پوڻ)

فيروز: هاڻي هتان ڀڄڻ گهرجي متان ڪو ڏسي وٺي.

(فيروز جو وري ونگ ۾ لڪي پوڻ)

ڪريم: (اُٿي ويهي) واه، واه، هن سڄي شهر ڏٺو اٿئي اڃا توکي ڪنهن نه ڏٺو آهي!

ڪمبخت، پيءُ مرئي! تنهنجي ايڪ، دو، تين، ته کڙڪائي ڇڏيا آهن ٽين، خير، خالي داءُ لڳو. موت کان ته بچاءُ ٿيو.

(ڪريم جو اُٿڻ، ڪلمو پڙهڻ ۽ ڀڄڻ، فيروز جو ڪڍ پوڻ، پردي جو ڪِرڻ).

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com