سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ننڍا ناٽڪ

 

صفحو : 5

ٻه سُپتيا ماڻهو

چهچٽو پهريون

 

پردو پهريون

(هڪ هاري ۽ سندس نوجوان پُٽ، پنهنجي ٻنيءَ ۾ هَرَ کيڙي رهيا آهن. اوچتو هر جي چوني (گهوٻو) وڃي ڪنهن شيءِ ۾ اَٽڪي ٿي. کوٽي ڏسن ٿا ته هڪ ديڳ آهي جا سونين اشرفين سان ڀَري پيئي آهي.)

هاري: (پٽ کي) اڙي پٽڙا! هيڏانهن ته اچ. هيءُ لقاءُ اچي ڏس. جلدي اچ. جلدي اچ! (پٽ اچي ٿو.)

پُٽ: بابا، بابا! هيءُ ديڳ ڪٿان آئي؟ هن ۾ اندر هي سونيون مهرون جيڪي چمڪن پيون سي ڪٿان آيون؟ واهه واهه، سبحان الله! اهڙو ته اسان ڪڏهن خواب به ڪونه ڏٺو هو!

هاري: پٽ، خدا جا ڏيڻ اجهي اهڙا آهن. وٽس ڪوبه حساب ڪونهي، ڏئي ته بي حساب. دير ئي ڪانه ڪري، ويرم ئي ڪانه ٿئي، بُکين کي ڍئي ڇڏي!

پُٽ: بابا، هوريان ڳالهايو ته ڪو ٻڌي نه وٺي. اسين غريب آهيون، ڪو اسان کان زوريءَ ڦري نه وڃي. پوءِ اسين ڇا ڪنداسين!

هاري: جنهن اسان کي هيءَ دولت ڏني آهي، اهو ئي اسان کي نيبهه ڪندو. پر......

پُٽ: پر ڇا! وري ڪهڙو خيال آيوَ؟

هاري: هيءَ ديڳ ۽ دولت هن زمين مان نڪتي آهي ۽ زمين زميندار جي آهي نه اسان جي. اسان کي ته فقط هارپ جو حق آهي. اسان کي هيءَ ٻني پوکڻ لاءِ مليل آهي، جنهن جي اسين ڍل ڏيون ٿا. هن ديڳ تي اسان جو ڪهڙو حق ٿي سگهي ٿو!

پُٽ: پر بابا، لڌي ته اسان آهي. هَرَ ڏيندي، اها اسان جي پورهيي جو اُجورو آهي. زميندار جو ان ۾ ڪهڙو حق آهي؟

هاري: نه پٽ، ٿي سگهي ٿو ته زميندار جي وڏن اها دولت اتي پوري ڇڏي هجي، جنهن جي زميندار کي خبر نه آهي. اها هڪ امانت آهي، جا هُنن جو حق آهي ۽ نه اسان جو. زمين تي اسان جو ڪوبه حق ڪونهي؛ فقط زمين ۾ پوک ڪري، اَنَ لُڻڻ جا حقدار آهيون.

پُٽ: ته پوءِ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي. هيءَ دولت زميندار کي ڏيئي ڇڏيون، جنهن کي هن بابت ڪابه سُڌ نه آهي؟ ڇو نه هيءَ دولت لڪائي ڇڏيون ۽ پاڻ زمين خريد ڪري سُکيا سَتابا ٿي وڃون ۽ سدائين هن پيرن جي پيهه کان ڇُٽي پئون!

هاري: پٽ، اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، اسان کي جيستائين خدا تعاليٰ هَڏَ سلامت ڏنا آهن، تيستائين پورهيو ڪري کائينداسون. پورهيي جو ڦل حلال آهي، پرائي امانت حرام.

پُٽ: پوءِ ڇا ڪريون؟

هاري: زميندار کي هن ڳالهه کان واقف ڪريون ۽ ديڳ ان جي حوالي ڪريون. اسان کي هيترو وقت به خدا تعاليٰ ئي پئي رزق موڪليو آهي، اڳتي به انهيءَ تي ننگ آهي. دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، ڪنهن کي به سدائين نيبهه ڪانهي. نار جو لوٽو جو مٿي ڀريل آهي سو هارجي هيٺ خالي ٿي وڃي ٿو. سج ٻه پاڇا آهي، اسان کي اها دولت ڪيترو وقت ڦَٻندي؟

پُٽ: جيڪا اوهان جي مرضي، اوهين وڏا آهيو، وڏن جي سمجهه به وڏي آهي، سوچ به وڏي آهي. دنيا جي لاهين چاڙهين جو اسان کي ڪهڙو آزمودو.

هاري: ته ڇڏ هَرُ اِتي. وٺ ته هيءَ ديڳ کڻي، زميندار کي هلي پهچايون ۽ سارو حال اوريون.

(ديڳ کڻي وڃن ٿا.)

]پردو ڪِري ٿو[

 

پردو ٻيو

(زميندار جي اوطاق آهي. زميندار ويٺو آهي. هاري ۽ سندس پٽ ديڳ سميت اندر اچن ٿا ۽ ديڳ آهستي آهستي زمين تي رکن ٿا.)

هاري: السلام عليڪم، رئيس وڏا.

زميندار: وعليڪم السلام، ڀلي آيا. ڏيو خبرچار هن ديڳ ۾ ڇا کڻي آيا آهيو؟

 

هاري: رئيس وڏا، اڄ مون ۽ منهنجي هن پٽ، تنهنجي زمين کي هَرُ پئي ڏنو ته هَرَ جي چوني وڃي ڪنهن سخت شيءِ ۾ اٽڪي. کوٽي جو کڻي ڏسون ته هي ديڳ زمين ۾ پوريل نظر آئي. ديڳ کي کولي ڏٺوسون ته سڄي ديڳ سونين اشرفين سان ڀَري پيئي هئي. پهريائين ته دل بي ايمان ٿي ويئي ته هيءَ دولت لڪائي ڇڏيون، پر پوءِ خيال آيو ته ماڻهن کان به لڪائي سگهون ٿا، مگر الله پاڪ کان ته ڪجهه به ڳجهو ڪونهي.

زميندار: (اُٿي ديڳ ڏسي چوي ٿو) واهه واهه، سبحان الله! هيءَ دولت ته ڪنهن بادشاهه جي دفن ڪيل آهي، ڪنهن جهڙي تهڙي امير جي جاءِ نه آهي! پوءِ ڀلا، اوهان کي خدا ڏياري آهي، کڻي وڃي سکيا ٿيو.

هاري: سائين، ائين ڪيئن ٿيندو. هيءَ اوهان جي زمين مان لڌي آهي. اسان زمين اوهان کان پوک لاءِ ورتي هئي ۽ نه جيڪي ان ۾ پوريل آهي، ان لاءِ. هيءَ حق اوهان جو آهي، اوهين وٺي بلائتي ڪريو.

زميندار: ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين! مون زمين توکي پنجن سالن لاءِ حقن واسطن سميت ڏني هئي. ان لاءِ تو کان ڍل وصول ڪئي اٿم. هن ديڳ تي تنهنجو حق آهي نه منهنجو، ديڳ کڻي وڃو، مون کي بي ايمان نه بنايو.

هاري: ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. مون کي هن مان هڪ اشرفي به حرام آهي. ڀلائي ڪري پنهنجي امانت هٿ ڪريو. مان غريب هيءَ دولت رکندس ڪٿي؟ مون کي ته پورو حساب ڪتاب به ڪونه ٿو اچي، جو آءٌ هيتري دولت سنڀالي سگهان! پر وڏي ڳالهه ته هن تي منهنجو ڪوبه حق ڪونهي. شايد ائين هجي ته اوهان جي وڏن هيءَ دولت زمين ۾ پوري هجي، جنهن جي اوهان کي خبر نه هجي؟

زميندار: مون کي اهڙيون اجايون لالچون نه ڏي ۽ ڪوڙا سبق نه پڙهاءِ. توتي حرام آهي ته مون تي به حرام آهي. مان هرگز نه وٺندس. اها توکي خدا ڏياري آهي، تون ئي کڻندين نه ڪو ٻيو.

پُٽ: رئيس وڏا، آخر هن جو فيصلو ڪير ڪندو ته ڪنهن جو حق آهي ۽ ڪير کڻي؟ اسان غريبن جي ڳالهه کي مڃو، ابو ته اها ڪنهن به حالت ۾ نه کڻندو.

زميندار: بس، جڏهن توهان کي منهنجو فيصلو قبول نه آهي ۽ نه مون کي اوهان جو، ته پوءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. هلون وقت جي حاڪم وٽ، جيڪو اهو فيصلو ڪري، سو ٻنهي کي قبول ڪرڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ هيءَ ديڳ هتان کڻي وڃو.

هاري: حاڪم جو فيصلو اسان کي قبول آهي. هو انصاف وارو حاڪم آهي. بلڪل صحيح فيصلو ڪندو. اسين ان جي فيصلي کان پاڻ ڪڍائي نٿا سگهون. ڀلي هلو!

(اُٿي وڃن ٿا حاڪم وٽ.)

]پردو ڪِري ٿو[

 

پردو ٽيون

(حاڪم جو بنگلو نظر اچي ٿو. هاري، سندس پٽ، زميندار ۽ ديڳ ناڻي جي سڀ حاضر آهن. سڀيئي حاڪم کي نِوڙي سلام ڪن ٿا.)

حاڪم: (هنن کي مخاطب ٿي) اوهان کي هتي ڪهڙيءَ مشڪل آندو آهي؟ اوهان سان ڪو ڏاڍ يا ظلم ٿيو آهي يا ڪا اوهان کي ٻي تڪليف رسي آهي ته، ان جو هڪدم تدارڪ ڪيو وڃي. هيءَ پراڻي ديڳ جو آندي ويئي آهي، هن ۾ ڇا آهي؟

هاري: (زميندار کي) سائين! اوهان احوال ٻڌايو.

زميندار: (هاريءَ کي) تون احوال ٻڌاءِ، جو ڳالهه تو وٽان شروع ٿي آهي.

حاڪم: پاڻ ۾ بحث نه ڪريو، ٻنهي مان ڪير به کڻي ٻڌائي، جلدي ڪريو. منهنجو انتظار وڌندو ٿو وڃي.

هاري: حضور! مان هڪ هاري آهيان. مان هِن پنهنجي زميندار جي زمين هارپ تي ڍل ڏيڻ سان کانئس ورتي هئي. اڄ زمين کي هَرَ ڏيندي، مون کي

هيءَ ديڳ پوريل نظر آئي، جا سونين مُهرن سان ڀريل آهي. منهنجو چوڻ آهي ته ان تي حق زميندار جو آهي. مون زمين آباديءَ لاءِ ورتي هئي ۽ زمين پوکڻ جي ڍل ڏني هيم، نه هن ديڳ جي لاءِ، جا زميندار جي زمين ۾ پوريل هئي. منهنجو چوڻ آهي ته ان تي حق زميندار جو آهي، جا هو مون کان نٿو وٺي.

حاڪم: (زميندار کي) توکي ڇا چوڻو آهي؟

زميندار: حضور! مون زمين، سڀني حقن واسطن سان، هن هاريءَ کي پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڏني هئي، جنهن جو عيوضو، مون کي ڍل جي صورت ۾ ملي چڪو آهي. هن ديڳ تي ان ڪري منهنجو ڪوبه حق ڪونهي، اها هاري پاڻ کڻڻ کان انڪار ڪري ٿو. هاڻ اسان پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو فيصلو اسان جو حاڪم يعني اوهين ڪندا، سو اسان کي قبول آهي.

حاڪم: هائو! اوهين ٻئي ايماندار ۽ سچار ٿا ڏسجو. مون اڄ سوڌو اهڙا سُپتيا ۽ سچار ماڻهو ڪٿي ڪونه ڏٺا! ٻيئي جَس جي لائق آهيو! مون کي اوهان جهڙي رعيت تي فخر آهي. مان اوهان جو فيصلو خوشيءَ سان ڪندس. (زميندار کي) زميندار توکي ڪهڙو اولاد آهي؟

زميندار: حضور، مون کي فقط هڪ نياڻي آهي، جنهن لاءِ مون وٽ ڪافي دولت آهي. مون کي هن ديڳ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. اها ڀلي ته هاري کڻي ۽ سُکيا ڏينهن گذاري.

حاڪم: (هاريءَ کي) توکي ڪهڙو اولاد آهي؟

هاري: حضور، مون کي اجهو هيءُ هڪ پُٽ آهي، (پٽ ڏي اشارو ڪري) الله جو ڏنو اهو هڪڙو ئي ٻچو اٿم، جو مون سان ٻانهن ٻيلي آهي ۽ چئيوان ۽ سُلڇڻو آهي.

حاڪم: ته پوءِ اسان جو فيصلو آهي ته زميندار جي نياڻي ۽ هاريءَ جو پٽ، ٻنهي جي شادي خانه آبادي دُهلين دمامين ڪئي وڃي. ان ۾ مان پنهنجي سِر به شريڪ ٿيندس ۽ سمورو سرڪاري عملو ۽ رعيت جا نيڪ مرد حاضر هوندا. ڇا اوهان کي منهنجو فيصلو قبول آهي؟

زميندار ۽ هاري: اسان اڳيئي قبول ڪيو آهي ته جيڪو اسان جو انصاف پسند حاڪم فيصلو ڪندو، سو اسان کي قبول آهي؛ ان ڪري سائينجن جو فيصلو اکين تي.

حاڪم: ائين ڪرڻ سان الله ۽ رسول هڪ طرف راضي ٿيندا ۽ دولت به اوهان جي خاندان ۾ ئي رهندي. اهو چڱو ٿيندو!

(سڀ حاضرين زنده باد جا نعرا هڻن ٿا.)

]پردو ڪِري ٿو[

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com