سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حسنا - دلدار

 

صفحو :3

 

ڀاڳ ٽيون

 

چهچٽو پهريون

دولت آباد ۾ هڪڙي گهٽي

(صفدر ۽ اختر بيٺا آهن)

اختر: ادا، شهر جي ڪهڙي خبر؟

صفدر: ادا، اسان جي لاءِ ته وڏي خبر اها آهي، جو چون ٿا ته بهرام خان جا جهاز ريشمي مال، ٻئي نازڪ ۽ قيمتي سامان سان ڀريل، ڪي ابو شهر ۽ ڪباس بندر کان اوري ٿيا، پوءِ گم آهن؛ خير ناهي ته ٻڏا يا توائي ٿي ويا !

اختر: خدا ڪندو ته اها خبر ڪوڙي هوندي، پر ليکي ته لل ڪو نه ٿو ڏسجي. ويچاري بهرام خان سان ڏاڍي جٺ ٿي، ڪيترو نه نقصان پيس.

صفدر: سچي پڇين ته مون کي هن جي مال جي نقصان جي ايتري ڳڻتي ڪانهي، جيتري هن شيطان مارواڙيءَ جي ڇڪتاڻ جي. (هڪ پاسي نهاري) ناحق، هن ندوري جو نالو ورتوسين. اجهو اچي ٿو. (هريداس اچي ٿو، تنهن کي) ڪيئن سيٺ هريداس بازار جي ڪهڙي خبر آهي؟

هريداس : توکي ساري سڌ آهي، ٻيو ڪنهن کي هوندي، ضرور توکي خبر آهي ته منهنجي ڌيءَ ڪيڏي نڪري ويئي، ۽ ڪير انهيءَ کي اڏائي ويو؟

صفدر(کلي) برابر ٿو چئي؛ مون کي خبر آهي ته ڪهڙي ڪاريگر کنڀ ٺاهي ڏنس، اڏامي وڃڻ لاءِ.

اختر(کلي) هريداس کي خبر نه هئي ڇا ته سندس ٻچي کي هاڻي کنڀ نڪتا آهن، سو ڪڏهن نه ڪڏهن اڏامي ويندو. ڇو نه ٿي پاڻ ڪنهن کي ڏنائيس ته ان کي پڃري ۾ ويهاري هيرائيس ۽ پاليس ها.

هريداس: گهوڙا ظلم ته ڏسو، منهنجو جگر، منهنجا آنڊا، مون سان اهڙي جُٺ ڪن. پر هي مڙيئي ڪنهن ٻئي جي لچائي آهي.

صفدر: پر سيٺ هريداس، ٻڌاءَ ته سهي، اهي افواهه بهرام خان جي جهازن ٻڌڻ جا سچا آهن ڪيئن؟

هريداس: اهو وري ٻيو نڀاڳ. ناحق هن خرچائو، کٽل ۽ ڪنگال سان هٿ اٽڪايم. هوڏي به ٽو ٽو، هيڏي به ٽوٽو ! پر هاڻي هو پنهنجي دستاويز جو سماءُ رکي. مون کي وياج خور، حرام خور، حلال خور سڏيندو هو. هاڻي پنهنجي ضمانتنامي جي ڳڻتي ڪري، ماڻهن کي مفت اوڌر کڻائيندو هو، ۽ غريبن تي قياس ڪندو هو؛ هاڻ پاڻ تي قياس ڪري، پنهنجي قبض جو فڪر ڪري.

صفدر: ڇو، جي ضمانتنامو کڻي ڪوڙو ٿئيس، ۽ پئسا معياد تي نه پهچائي ته تون ڇا ڪندين؟ پاءُ گوشت جو وٺندينس ڇا ؟ کائيندي ڪيئن؟

هريداس:آءُ کان يا ڪتن کي ڏيان، تنهن کي تون ڇا ڪندي. مون کي هن جا ڪي ٿورا سور آهن ڇا هيڏا اندر ۾ داغ اٿم هن کي هميشه مذاقون ڦٻي پئي ويون آهن. هٽ بازار ۾ مون تي ٺٺوليون ڪندو هو، اجايو سجايو ڳالهائيندو هو. وياج ۾ مون کي ڪيترو گهاٽو وجهندو هو، منهنجن دشمنن کي هشي ڏيندو هو، منهنجن دوستن کي مون وانگي سٺيندو هو. پڇينس مون تنهنجو ڪهڙو گناهه ڪيو. جي، تون هندو آهين، مارواڙي آهين، ڪافر آهين، تنهنڪري منهنجي توسان نٿي پوي. ڇو هندوءَ کي هٿ پير ڪينهن” مارواڙِءَ کي بک نه ٿي لڳي. اڃ نٿي لڳي. جهڙو بت مسلمانن کي آهي، اهڙو ڪافر کي ناهي ڇا؟ اسان کي سئي هڻي ڏس ته بت مان رت نڪري ٿو يا نه ؟ اسان کي زهر ڏي ته مري وڃون يا ڪين؟ اسان کي ايذاءُ ڏي، پوءِ ڏس ته وير وٺون ٿا يا ڪين؟ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ کڻي اوهان مسلمانن جهڙا نه هونداسي، مگر وير وٺڻ ۾ بيشڪ اوهان جهڙا آهيون. پاڻيهي خبر پوندي، جڏهن اها مهل ٿيندي. ( اتي هڪڙو نوڪر گهڙي اچي ٿو)

نوڪر: (صفدر ۽اختر کي) سائين، رئيس بهرام خان اوهان کي سلام چيا آهن، چيو اٿس ته ڀلائي ڪري مون وٽان ٿي وڃو، ڪو ضروري ڪم اٿس.

صفدر: اسين ته اڳي ئي کيس ڳوليندا وتون.

اختر: او اجهو، هڪڙي ڪانگ جي ڪان ڪان تي ٻيو ڪانگ ٿو اچي. هڪڙي گدڙ جي ڪوڪ تي ٻيو گدڙ ٿو اچي.،

(صفدر ۽ اختر ۽ نوڪر نڪري وڃن ٿا. ٻئي پاسي کان سيٺ هرد يالداس اچي ٿو)

هريداس: ڪيئن ڀائي هرديال، پيئي ڪا ڇوڪريءَ جي سڌ؟

هرديال: آءُ ته ڀائي ڳوٺ ڳوٺ ڪري رليو آهيان، پر پتوئي ڪو نه ٿو پوي.

هريداس: هاءِ هاءِ، ڪيئن ڪريان، وئي نيٺ ويئي ! (مٿو پٽي روئي ٿو) ٻن – ٻن هزارن جا ته ٻه هيرا نيائين، اٺ ڏهه موتي هئا، هڪ – هڪ پنجين اٺين سوين جو ! تنهن کانسواءِ سونا زيور ۽ مهرون – هاءِ، هاءِ، گهوڙا گهوڙا ! ( وري منهن پٽي روئي ٿو) ڪن ۾ هزار ڏيڍ جا ڳهه پيا هئس، ٻيا ڳچي ۾، ٻانهن ۾، مون کي سڃو ڪري ويئي، مون کي ماري ويئي ! ( وري مٿو پٽي ٿو) انهيءِ کان مري وڃي ها ته چڱو. (هرديال کي) پوءِ هر ديال ڪٿي ! به ڏس ڪو نه ٿو پئيس؟ اڏامي ويئي ڇا ٿيو؟ مان ڳوليان، ڌي ڳوليان يا انهن جي چور کي ڳوليان ! هو ته ويا، پر وري انهن جي چور کي ڳولڻ تي ٻيو خرچ ڪريان؟ بس رڳو آءُ پيو منهن پٽيندس ۽ روئندس رڙندس، ۽ جن لچائي ڪئي، جن مذاق ڪئي، سي ڀلي وتن موجون ماڻيندا ۽ ٽپندا ڪڏندا، نڪا سزا نڪا سيکت، نه ڪو چوين نه ڪو ورائي وٺين، اهڙو نڀاڳ شل ڪنهن کي نه لڳي !

هرديال: بس ڀائي، ڪنهن جو وس ڪونهي، پر البت ائين هو. بهرام جي ته ٻاهرين شهرن ۾ خبر ٻڌيم ته

هريداس: ٻڌم ته ابو شهر ۽ بندر عباس کان سندس هليل جهاز ٻڏي ويا.

هريداس: چڱو ٿيو، تڏهن اها ڳالهه سچي آهي؟ چڱو ٿيو.

هرديال: پڪ آهي، انهيءِ کانپوءِ ٻيون دنگيون آيون، تن به اها خبر ڪئي.

هريداس: چڱو ٿيو، ڀلائي تنهنجي ڀائي هرديال، جو اهڙي خوشخبري مون کي ٻڌايئي. ڪٿي اها ڳالهه ٻڌءِ؟”

هرديال؛ سيتاپور ۾. اُتي ته تنهنجي نياڻيءَ جو ڏس به پيو. چيائون ٿي ته هڪڙيءَ رات ۾ ٻه اڍائي سئو رپيا خرچيائون.

هردياس؛ هاءِ هاءِ، ڀائي اهڙي ته ڳالهه نه ڪر. رپين جو نالو نه وٺ. منهنجي جگر ۾ گهاءَ ٿا پون. منهنجا ڦٽ چڪن ٿا. گهوڙا ڙي گهوڙا ! آءُ  وري پنهنجي سون رپيي جو منهن نه ڏسندس. ڇا ٻه – اڍائي سئو رپيا هڪڙيءَ رات ۾ ! بلا حرام جو مال، مفت جو مال، ڇو نه خرچيندا!

هرديال:بهرام خان جا ڪيترائي قرضي مون سان گڏ هٿي اچي لتا آهن. چون ٿا ته ضرور ڏيوالو ڪڍندو.

هريداس: آءُ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. ڏس ته ڪهڙا نه ڏجها ٿو ڏيانس.

هرديال: انهن ڀائي بندن مان هڪڙي ته مون کي تنهنجي نياڻيءَ جي منڍي به ڏيکاري، جا هنن وڪي هئي ۽ هن ورتي هئي.

هريداس: گهوڙا گهوڙا ! مٿس هيڏو سارو فيروزو هو. گولڪنڊا مان ورتو هوم، اڃا تڏهن آءُ ڪنئارو هوس.

هرديال: پر انهيءَ ۾ ته شڪ ئي ڪونهي ته بهرام ويو، کٽو.

هريداس: چڱو ٿيو، چڱو ٿيو. هاڻي ڀائي هرديال، هيتري وڌيڪ ڀلائي ڪر. وڃي پڇا ڳاڇا ڪري پڪ ڪر ته سوير ئي نواب صاحب وٽ دعويٰ داخل ڪريون. ڀائي مدو پڄي اچي ويجهو ٿيو آهي. هي پٽيل قابو ٿيو ته پوءِ مون کي واپار مان گهڻو ئي فائدو ٿيندو.نواب صاحب ڏاڍو انصاف وارو ماڻهو آهي، پنهنجي مائٽ کان به پلوُ وٺائي ڏيندو. دستاويز جو شرط ضرور پورو ڪرائيندو. آءُ ڪڏهن به پاءءُ ماس جو نه ڇڏيانس. وڃ هرديال، وڃ، ڀلائي ڪري مون کي هن  ڪم ۾ مدد ڏي. پوري سانجهيءَ جو ملنداسين.

(ٻئي نڪري وڃن ٿا)

 

چهچٽو ٻيون

 

فتحپور ۾ حسنا بيگم جي جاءِ جو هڪ ڪمرو

(پردي کڻڻ سان حسنا ويٺي ڳائي)

* ۱ -  ڪريان  شڪر منهنجي ٿي عيد اڄ،

 

جو سڄڻ سان منهنجو وصال آهه.

 

ويا غم الم، ٿي نهال دل،

 

سا خوشيءَ کان اڄ خوشحال آهه.

 

۲ -    وئي گذري رات فراق جي،

 

آيو اڀري ڏينهن وصال جو

 

آهي عيش عشرت هر طرف،

 

لٿو ملڪ تان به وبال آهه.

 

۳ -    لڳي هيِرَ ٿڌڙي بهشت چي،

 

اچي بوءِ خوش به بهار جي،

 

کليا گل لکين اڄ رنگ برنگ،

 

چمن به لال ئي لال آهه.

 

۴ -    مگر آهي دل ۾ هي وسوسو،

 

ته بقا نه دنيا ۾ ڪنهن کي آهه،

 

جو ڪمال سڀ کي زوال آهه،

 

۽ زوال سڀ کي ڪمال آهه.

 

۵ -    يا الاهي پنهنجون تون ڪر ڪرم،

 

مليو محب شال نه سو ڌار ٿئي،

 

چئي ”قليچ“ جانب کؤن جدا،

 

جڳ ۾ جيئڻ جنجال آهه.

 

(بس ڪري پوءِ دلدار کي چوي ٿي) سائين، اهڙي تڪڙ نه ڪر. ٻه – ٽي ڏينهن وڌيڪ مون وٽ مهمان رهي، پوءِ پنهنجي بخت آزمائي ڪجئين. ڇا لاءِ جو مٿان برابر پيتي نه چونڊين ۽ نا اميد ٿي هليو وڃين، ته پوءِ آءُ تنهنجي ديدار کان به نا اميد ٿيندس، ۽ تنهنجي صحبت کان به محروم رهنديس، تنهنڪري ٿي چوان ته اٻهرو نه ٿيءَ، منهنجي دل ٿي شآهدي ڏئي ته تون مون وٽ ئي رهندي. اگرچ  مون کي اهڙي قسم جا لفظ واتئون ڪڍڻ مناسب ناهن ۽ وڌيڪ حيا ۽ حجاب رکڻ کپي، تڏهن به لاچار پنهنجي اندر جي ڇڪ ۽ دل جي ڪشش ڇپائي نه ٿي سگهان، جي پنهنجي وس هجان ته آءُ جيڪر پنهنجي وات سان چوان ته توسان منهنجي محبت آهي، توسان ئي شادي ڪنديس، پر آءُ پنهنجي والد مرحوم جي حڪم جي فرمانبردار آهيان. بازي کٽيئي ته عمر لاءِ گڏ رهنداسين، ۽ هڪٻئي کان وري جدا نه ٿينداسين ۽ جي نه، ته پوءِ لاچار هڪٻئي جو مرڻ گهڙي تائين ارمان پيا کائينداسين. جيڪر منهنجو وس پڄي ته توکي اڳي ئي سمجهائي ڇڏيان، ته ڪهڙي پيتي کڻ. پر مون کي انهيءَ جو قسم مليل آهي، سو ڀڃنديس ڪين. ناحق پنهنجي ملاقات ٿي، جنهن ڪري تنهنجي حسن جو، تنهنجي هوشياريءَ جو، ۽ تنهنجي نيڪ دليءَ جو مون تي اهڙو اثر ٿيو. منهنجو جسم ڏسجي سڄو سارو ٿو، مگر حقيقت ڪري ٻه اڌ آهي. اڌ منهنجو آهي سو به دل جي خواهش ڪري تنهنجي ملڪ آهي ۽ تنهنجو آهي، تنهنڪري آءُ سڄي تنهنجي آهيان، ته به تنهنجي ناهيان. معاف ڪجئين آءُ گهڻو ٿي ڳالهايان، پر اهو رڳو انهيءَ لاءِ ته وڌيڪ وقت لڳي، ۽ تون تڪڙو ٿي ڪا پيتي نه کڻين.

        دلدار خان: بيگم، پياري بيگم – معاف ڪجئين، جو آءُ اهڙا بي ادبي جهڙا لفظ ٿو ڳالهايان، پر جيڪا محبت منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ اڳي ئي پيدا ٿي هئي، تنهن کي تنهنجي مهربانيءَ ٻيڻو – ٽيڻو ڪيو آهي. هينئر چڻنگ مان مچُ ٻري پيو آهي، تنهنڪري آءُ پنهنجي وس ناهيان. مون کي ڇڏ ته آءُ پيتي چونڊيا. مون جا عمر انهيءَ ڌوڪي بازيءَ تي پئي گذاريو آهي. هميشه خدا تي توڪل رکي جاجهه ۾ ڪاهي پئي پيو آهيان. هينئر به ائين ڪندس. خدا منهنجي مدد ڪندو ۽ عشق منهنجو هادي ٿيندو ته آءُ اها مراد جي پيتي وڃي کڻندس.

        حسنا: (نرگس کي) نرگس پيتيون کڻي آءُ. (هوءَ وڃي ٿي) خدا ڪندو ته تنهنجي دعا قبول پوندي ۽ تنهنجي دل جا مطلب پورا ٿيندا. (نرگس پيتيون آڻي رکي ٿي.)

        دلدار خان: آمين. ( اٿي پيتيون ڏسي ٿو.)

        حسنا : انهن ٽن پيتين ۾ آءُ پوري پيئي آهيان، جي تنهنجي مون سان سچي محبت هوندي ته پاڻيهي اها ڳولي ڪڍندين.

دلدار خان: پياري بيگم، معافي ڏين ته آءُ پنهنجي اندر جو حال چڱي سُر ۾ ظاهر ڪري ۽ خدا کان مدد گهري، نصيب جي بازي کيليان.

حسنا: منهنجي ته اڳئي اها مرضي آهي ته ذرو دير ڪرين ذرو وڌيڪ ڳالهائين. ڀلي ڳاءِ ته تنهنجي مٺي ٻولي ته ٻڌان. رڳيو اکيون خوش نه ٿين، ڀلي ڪَن به خوش ٿين، پوءِ قسمت ۾ الاجي ڪيئن لکيل آهي.

دلدار خان: (پيتين جي اڳيان، حسنا جي سامهون، گوڏن  ڀر ويهي مٿي نهاري هٿ کڻي، هيٺيون راڳ ڳائي ٿو.)

*      ۱ - يارب ڪجئين ڪا، مون تي ڀلائي –

 

تو ريءَ نه آهي، ٻي واهه ڪائي!

 

۲- توريءَ نه ٻيو ڪو وارث ولِهن جو –

 

توکي وڏائي، توکي خدائي!

 

۳- هيڻن جو ٿين تون هر وقت همراهه –

 

موڙهن ڪرين تون، رهنمائي.

 

۴ - ٿيا راز دل جا، سڀ توکي روشن –

 

سُڌ سڀ ڪنهن جي، توکي سڀائي.

 

۵- راضي رهن سڀ، تنهنجي رضا تي –

 

جيڪا وڻي تو، وهه واهه سائي.

 

۶- هَٿ تنهنجي آهي، هر ڪنهن جي قسمت –

 

قادر اسان تي، ڪر ڪائي عطائي.

 

۷ - مولا مرادون، من جون پڄائج –

 

آءُ اڄ ڪريان ٿو بخت آزمائي.

 

۸ - منهنجي ڪجئين، هاڻي مولا مدد تون –

 

ڪر مهر مان ڪا مشڪل ڪشائي.

 

        (بس ڪري پوءِ اٿي بيهي ٿو ۽ پيتين  کي چتائي ڏسي چوي ٿو) ٻيلي سونَ توکي ته آءُ ويجهو ئي نه ايندس. تون آهين ڪارو نانگ. ڏسڻ ۾ سهڻو، ڪو هٿ لائي ته ڏنگين وجهين. تنهنجيءَ پوڄا گهڻن جا خانا خراب ڪيا آهن، نڪي مائي چاندي اسين تنهنجا طالبو آهيون. تون سڄو ڏينهن هڪڙن هٿن مان نڪريون ٻين هٿن ۾ پئي پئين، تون به مائي سونَ جي يا زال ٿيڻ يا ڀيڻ ٿين، توسان به اسان جو ڪم ڪونهي. باقي شيها تون رهئين، سو اگرچ مٿان اکرن ۾ ته گهڻائي دڙڪا ۽ ڊپ ڊاءُ ٿو ڏين، تڏهن به انهيءَ کان آءُ ڊڄڻ وارو ناهيان. جهڙو آءُ پاڻ سادوماڻهو آهيان، شڪل ۾ توڙي حال ۾، اهڙو تون آهين. تنهنجي سادگي مون کي وڻي ٿي. آءُ تنهنجي سام ٿو پوان. (پيتيءَ تي هٿ رکي) اجها هيءَ پيتي منهنجي. جيڪي منجهس آهي. سو منهنجو آهي، پوءِ کٽن  نصيب. ڪُنجي ڏيو.

        (نرگس ڪُنجي وٺي ڏئيس ٿي – هو کولي ٿو.)

        حسنا: (خوشيءَ ۾) شاباس شاباس. فتح اٿئي، فتح اٿئي.

دلدار خان: (پيتيءَ مان تصوير ڪڍي) ڇا، هي بيگم جي تصوير آهي، يا حور جي شڪل آهي، يا پريءَ جي آهي، يا سج جي آهي، چنڊ جي! ڪيئن پڪ ٿئيم؟ (حسنا ڏي نهاري) هوڏي چنڊ جي اڳيان ڪڪر جو برقعو پيل آهي، نه ته جيڪر ڀيٽ ڪري خاطري ڪريان.

(حسنا جهٽ ۾ برقعو مٿي ڪري منهن ظاهر ڪري ٿي.)

دلدار خان: ها ها، سبحان الله، اها ساڳي حور اها ساڳي نازنين . (تصوير کي چميون ڏئي ٿو ، ۽ ڳائي ٿو.)

* ۱-          آرزو ايءَ اٿم ته نڪري دم تنهنجي روبرو

 

ڀل ته ٿئي فيصل سڄو ئي ڪم تنهنجي روبرو.

 

۲-                             تو مٿان صدقي ٿين جن و ملڪ حور و پري،

 

ڪهڙي شيءِ آهي ڀلا آدَمُ تنهنجي روبرو.

 

۳-             ڇا ٿيو جي مون نماڻي پاڻ ڪيو توتي فدا،

 

ٿو نمي سهڻا سڄو عالم تنهنجي روبرو.

 

۴-             ورهيه ٿيا دانهون ڪندي هڪوار موڪل ڏي پرين،

 

تان اچي اوريان اندر جو غم تنهنجي روبرو.

 

۵-                             چاڪ دل جا ٿا چڪن، ٿيا زخم الا منجهه فراق،

 

ڇڏ ته اڄ تن جو ڪريان مرهم تنهنجي روبرو.

 

۶-            درد تنهنجي ۾ روئي سِرُ پِٽي پر پٺ ”قليچ“،

 

ڪهڙو هوند بيحد ڪري ماتم تنهنجي روبرو

 

        (بس ڪري ، ٿڌو ساهه کڻي پاڻ کي چوي ٿو) اي دلدار، تون ڪو وڏو نيڪ بخت آهين. اي قسمت، آءُ تنهنجو گهڻو شڪر گذار آهيان. اي خاوند، آءُ تنهنجو  گهڻو احسانمند آهيان. ( ڪاغذ ڏسي) هن ڪاغذ تي ڇا لکيل آهي؟(پڙهي ٿو.)

بيت

”شابس توکي سپرين، جس هجيئي جاني،
سونَ رُپي کي تو هنئي قصد منجهئون ڪاني!
چونڊ ڪئي تو چوکي، عاقلِ آخواني،
درد منديءَ کي تو ڌڻيو، ٿي هر ڪنهن حيراني!
من گهريا مطلب مليئي، ٿي مشڪل آساني،

گهوٽَ کنيو تو ڪُنئار کي، خان مليئي خاني،
نيڪيءَ نيشاني، آهي اها سپرين.

 

        اها ته برابر واڌائي آهي، خوشيءَ کان منهنجو بت ڪپڙن ۾ ماپي نه ٿو سگهي، منهنجي دل سيني ۾ سمائجي نه ٿي سگهي، پوءِ جيسين سچي پچي هيءَ نازنين منهنجي  ٿئي ۽ اسين ٻئي شرعيت جي رسي ۾ ٻڌجي قابو ٿيون، تيسين فڪر ۽ ڳڻتي نه ويندي. هي ساهه کان پياري مٺي جان هاڻي ته هڪٻئي کي بي حجاب ۽ حجت سان ڳالهائي سگهون ٿا، تنهن آسري تي منهنجو عرض آهي ته جهڙي طرح بلبل گل جي اڳيان عشق جي ٻوليءَ ۾ پنهنجو حال چئي ٻڌايو، تهڙيءَ طرح گل کي به مناسب آهي ته پنهنجي خوشبوءِ سان هنجي دل کي دلاسو ڏئي، ته ڀلي هن کي به محبت جي سچائي جي پڪ ٿئي.

        حسنا: بيشڪ مناسب آهي. هاڻ توکان حجاب ڪونهي. هيڏي منهنجا ماڻهو آهن، هوڏي تنهنجا.

(آلاپ ڪرن هيٺيون راڳ ڳائي ٿي)

    * شڪر شڪر سڄڻ اڱڻ آيو- بخت اڄ ڀرايو.

 

شڪر شڪر....

۱-                             ميندي لايان، عطر ملايان، سُهجن جو ٿيو سايو،

 

سيج وڇايان، سهرا ڳايا، مولا محب ملايو!

 

۲-     سُڳَڻ سَوايا، ساٺ سَڻاوا، پورهيو ٿيم سجايو،

 

واهه واڌايون، لک ڀلايون، قادر ڪم پڄايو.

 

۳-                     آئي بهاري، ٿي گلزاري، محبت مينهن وسايو،

 

ڦول ڦلاريا باغ بهاريا، رانجهن رنگ رچايو.

 

        دلدار خان:بيشڪ جهڙي ٻڌي هيم اهڙي ڏٺيم. پياري حسنا، آءُ پروردگار جو شڪرانو ٿو ڪريان جو تو جهڙي نيڪ ۽ حسين بانو منهنجي نصيب ۾ لکيل هئي.

        حسنا: پيارا دلدار، اها تون پنهنجي ڀلائي ٿو ڪرين، آءُ انهيءَ تعريف جي لائق ناهيان. مون ۾ ڪهڙي سونهن آهي، مون وٽ ڪهڙي دولت آهي؟ مون ۾ ڪهڙي فضيلت يا علميت آهي؟ جي کڻي ڪو انهن جو ذرو ذرو آهي ته به منهنجي من جي خوشي اها آهي ۽ ڌڻيءَ کي منهنجو سوال اهو آهي ته اهي شيون مون ۾ ڏهوڻيون – ويهوڻيون ٿين ته آءُ تنهنجي وڌيڪ لائق ٿيان ۽ تون مون کي وڌيڪ پسند ڪرين ۽ جي اصل ناهن ته به پاڻ ۾ ايتري اميد ساريان ٿي ته تنهنجي صحبت ۾ آءُ وڌيڪ سهڻي لڳنديس،  تنهنجي سنگت ۾ آءُ وڌيڪ دولتمند ٿيندس، ۽ تنهنجي تعليم ملڻ سان آءُ وڌيڪ علميت ۽ فضيلت حاصل ڪنديس. اڄ کانپوءِ، آءُ تنهنجي تابعدار ٿي رهنديس. توکي پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پيارو سمجهنديس. آءُ سڄي ساري تنهنجي ملڪ آهيان، ۽ جيڪي مون وٽ آهي سو سئي سڳي تائين تنهنجي ملڪ آهي. اڃا اڳهڻو آءُ هن عاليشان عمارت جي مالڪياڻي هيس، هنن سڀني نوڪرن ۽ ٻانهين جي ڌياڻي هيس، آءُ پاڻ تي اختيار واري هيس، هينئر هي گهر تنهنجو آهي، هي ماڻهو تنهنجا آهن، ( ڇاتيءَ تي هٿ رکي) هي ٻانهي تنهنجي آهي، ۽ تون اسان سڀني جو ڌڻي آهين. اهي سڀ آءُ توکي هن منڊيءَ سان ڏيان ٿي. ( منڊي چيچ مان لاهي ڏئيس ٿي، جا هو وٺي چمي پنهنجي هٿ ۾ وجهي ٿو.) اميد آهي ته اها تون پاڻ وٽ قابو رکندين. انهيءَ جي تووٽ رهڻ ڪري تنهنجي محبت ۽ سچائيءَ جي مون کي پڪ رهندي ۽ جي اِها تو وڃائي، يا ڪنهن ٻئي کي ڏنئي، يا ڪنهن به طرح پاڻئون پري ڪيئي ته آءُ انهيءَ کي خراب سڳڻ سمجهنديس ۽ تنهنجي محبت ۾ شڪ رکنديس.

        دلدار خان: پياري، شڪر گذاري ڪرڻ يا جواب ڏيڻ لاءِ منهنجي زبان کي ڪا به طاقت ڪانهي انهيءَ جي بدران منهنجي بدن جو رت محبت جي جوش ۾ پيو ٽهڪي. دل ۾ ايتري خوشي پيدا ٿي آهي جو منهنجي زبان گنگي ٿي پيئي آهي. ايترو چوڻ بس آهي ته هن منڊيءَ کي آءُ پاڻ وٽ ساهه وانگي سانڍيندس، جڏهن اها هن آڱر مان ويئي، تڏهن ڄاڻجئين ته ساهه هن بدن مان ويو، تڏهن پڪ سمجهجئين ته تنهنجو دلدار مري ويو.

        نرگس: بيبي، توکي نَوَ لک مبارڪون هجن. (دلدار خان کي) سائين، توکي به بيشمار وڌايون هجن. اها جوڙي شل سدائين  سلامت رهي!

        فيروز: دلدار خان، توکي مبارڪون هجن. خدا تنهنجون مرادون پوريون ڪيون، هاڻ مون کي به دعا ڪر، ته منهنجي مراد به پوري ٿئي.

        دلدار خان: يار، خدا تنهنجي به مراد پوري ڪندو، خدا جهان جي مراد پوري ڪندو. اها مراد ته اسان کي به ٻڌاءِ؟

        فيروز: انشاءَ الله، جنهن ڏينهن تنهنجي شادي هن بيگم سان ٿيندي، تنهن ڏينهن منهنجي شادي به ٿيندي.

        دلدار خان: اهو ته پاڻ چڱو، جي توکي به مون وانگي ڪا زال ملي وئي هجي؟

        فيروز: هائو، ملي ويئي، خدا جي مهرباني سان ۽ تنهنجي سنگت ۾ ئي ملي ويئي آهي. تو ڀانيو ته رڳو تون اکين سان شڪار ڪرڻ ۾ هوشيار آهين، پر آءُ به تنهنجو سنگتي آهيان، مون کي به اهڙو هنر ياد آهي. تو ڌياڻيءَ سان اکيون اٽڪايون ته اسان سندس نوڪرياڻيءَ سان. (نرگس ڏي ٽيڏي اک سان نهاري کلي ٿو، هوءَ به نهاري ڪنڌ هيٺ ڪري کلي ٿي.) جهڙو تو پئي عشق پچايو، تهڙو مون پئي پچايو، پيتين جي چونڊ تنهنجي عشق جو به فيصلو ڪيو، ۽ منهنجي  جو به. مون هن نازنين وٽ گهڻيون زاريون نيرازيون ڪيون، نيٺ مون تي رحم ڪيائين. پڪو انجام ڏنائين ته جي توکي نصيب بيگم جي ٻانهن ڏياري، ته آءُ پنهنجي ٻانهن توکي ڏيندس.

        حسنا: (نرگس کي) هائو نرگس ! سچ آهي ڪيئن؟

        نرگس: (ڪنڌ هيٺ ڪري کلي) هائو بيبي، سچ آهي، جي تنهنجي مرضي هوندي ۽ تو موڪل ڏني ته.

        دلدار خان: (فيروز کي) فيروز، چرچو ته نٿو ڪرين؟ سچ پچ اهڙو ٺاهه ڪيو اٿوَ ڇا؟

        دلدار خان: هائو سائين، پڪو ٺهراءُ ڪيو اٿئون

        دلدار خان: تڏهن يار، اوهان کي به مبارڪ هجي. هاڻ ته پاڻ اسان جي شاديءَ کي اوهان جي شادي وڌيڪ چهرو ڪندي. ڀلا ٻٽيون جو شاديون تي پيون.

        فيروز: دلدار خان، تو ۽ بيگم صاحب هڪٻئي کي مٺيون ٻوليون ٻڌائي خوش ڪيو ۽ گل ۽ بلبل ٿي محبت جو حال هڪٻئي کي ڏنو ورتو، هاڻي اسان کي به اجازت ملي ته اسين به شمع ۽ پروانو ٿي هڪٻئي جي سڪ ظاهر ڪريون. هيستائين گُنگا هئاسين، هاڻي زبان ملي اٿئون  اندر ۾ محبت جو مچ ٻري ٿو، تنهن جي اُٻ ٻاهر ڪڍون، متان رجهي پچي پئون !

        دلدار خان: بيشڪ، بيشڪ. انهيءَ ڪري ته پاڻ خوشي وڌندي.

        فيروز: (نرگس ڏي منهن ڪري، هيٺيون راڳ ڳائي ٿو.)

*      تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي تڪبير چوان.

۱-                     مُنهن  مُصَحُف تنهنجو عين اشارا،

 

ساري سڀ تقرير ڪري تفسير چوان.

 

۲-             نيڻ خماري قاتل ابرو،

 

خوني خنجر تير چئي شمشير چوان.

 

۳-                     زلف سياهه سراسر خَم خَم،

 

دام ذري دلگير ذري زنجير چوان.

 

۴-             حــــســــن ڪــــــيـــــا حــــيــــــران هـــــزاريـــــن،

 

مُلڪ مُلڪ جا مير ” پيغمبر“ پير چوان.

 

۵-                     سور ”قليچ“ سڀئي سهه سر تي،

 

ڪهڙي آءُ تقدير اڳيون تدبير چوان.

 

دلدار خان: شاباس، شاباس حسنا (نرگس کي) نرگس هاڻ تنهنجو وارو، ٻڌون ته تون ڇا ٿي چوين؟

نرگس: حاضر، بيبي. (هيٺيون راڳ ڳائي ٿي.)

*      ۱-            مشتاقتن کي ماري ماري،

 

واهه منٺار، ڏاڍي لنئون لايئي.

 

۲-                             محب مٺا من موهڻا توکي،

 

ساهه سدائين ساري ساري ! لهه پيو سنڀار

 

۳-                     محبت وارا وئينتون  اندر ۾،

 

باهه برهن جي ٻاري ! عشق آزار.

 

۴-             محبت سان تو هينئڙو هيرايو،

 

ورق وصال جا واري ! ٿي ناڌار.

 

۵-             دوست ”قليچ“ فراق ۾ تنهنجي،

 

نت هنجون پيو هاري هاري ! ڪر ڪار وارَ.

 

        دلدار خان: ڪوڙ نه آهي، ٻنهي کي هڪٻئي جي سچي محبت آهي.

فيروز: (سامهون ٻاهر نهاري) هي ڪير ٿان اچن، لالا منسک لال ۽ سندس سوکڙي، هن مارواڙي جي ڌيءَ ! اختر به ساڻن آهي.

(اتي منسک لال، موهنا ۽ اختر گهڙي اچن ٿا.)

دلدار خان: ڀلي آئين لالا منسک لال، ڀلي آئين اختر ! حسن واري حسنا، آءُ تنهنجي طرفان هنن پنهنجن دل جي دوستن کي کيڪاريان ٿو.

حسنا: ڀلي آيا، جي آيا. دلبر دلدار،تنهنجا دل جا دوست منهنجا عزيز ۽ ڀائر آهن. (موهنا کي) مائي، تون به ڀلي ڪري آئينءَ. هيءَ مائي ڪٿي جي آهي؟

منسک لال:بيگم صاحبه، اها هن ٻانهي جي زال آهي.

دلدار خان: اها اسان جي شهر جي هڪڙي وڏي سيٺ جي نياڻي آهي، جا مهننجي دوست منسک لال ائين مٿا هڻي هٿ ڪئي، جيئن مون هت توکي هٿ ڪيو ۽ فيروز  نرگس کي، هي وري ٽين جوڙي خدا پاڻيهي هتي آڻي ڪڍي.

منسڪ  لال: دلدادر خان، منهنجو هن پاسي اچڻ جو ارادو ڪو نه هو. آءُ پنهنجي ڪنئار سان لنگهيو ٻئي پاسي ٿي ويس ته رستي ۾ اختر ڏجي ويو، تنهن مون کي نهايت گهڻو زور ڪيو، ساڻس گڏجي اوهان ڏي اچڻ لاءِ، تنهنڪري اچي هتي نڪتاسين.

اختر: هائو سائين، مون برابر زور ڪري پاڻ ساڻس آندس. انهيءِ جو به ڪو سبب هو. بهرام خان هن جي گهڻي پارت ڪئي اٿوَ.(دلدار کي هڪڙو خط ڪڍي ڏئي ٿو.)

دلدار خان: خط پڙهڻ کان اڳي خبر ته ٻڌاءِ ته منهنجو عزيز دوست ته خوش چڱو ڀلو هو؟

اختر: بيمار ته ڪين ٿي ڏٺو ٻيوبه اندر ۾ هجي ته خدا کي خبر. اهو سندس خط، ان مان سندس حال جي توکي سڄي سڌ پوندي. (دلدار خان خط پڙهڻ ۾ مشغول ٿئي ٿو.)

فيروز(نرگس کي، موهنا ڏي هٿ کڻي( نازنين نرگس، وڃ، وڃي پنهنجي سهيليءَ کي ته مل، هو اسان وٽ مهمان آهن.(نرگس وڃي موهنا سان آهستي ڳالهيون ڪري ٿي). (اختر کي) يار، دولت آباد جي ڪهڙي خبر؟ ملڪ ڪيئن پيو وسي؟ اسان جي يار، سوداگرن جي سردار ۽ سنگتين جي سينگار، بهرام خان جو ڪهڙو حال هو؟  مون کي يقين آهي ته اسان جي فتحيابيءَ جو ٻڌي ، ڏاڍو خوش ٿيندو.

حسنا: (دلدار جي منهن ڏي نهاري) خط ته خير جو آهي؟ ڪا فڪر ۽ ڳڻتي جي خبر منجهس لکيل ٿي ڏسجي، جو منهنجي دلدار رنگ زردو ٿيندو وڃي ! خدانخواسته ڪنهن عزيز يا دوست جي مرڻ جي خبر ته نه آهي؟ نه ته اهڙي خوشطبع ۽ قائم دل واري ماڻهوءَ جو چهرو ٻيءَ جهڙي تهڙي ڳالهه تي هارجي وڃڻ جو نه آهي. (وڌيڪ انتظار ۾) هان، وڌيڪ منهن ڦرندو وڃيس ! ( اٿي ويجهو اچيس ٿي) عزيز دلدار، سچي چئو، ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پاڻ ٻيئي باداميءَ جي ٻن مغزن وانگي هڪ کل ۾ آهيون، يا هڪ روح ٻن بدنن ۾ آهيون. آءُ تنهنجي اڌ آهيان. تنهنڪري ڪهڙي به خبر هجي، خوشيءَ هجي يا ڏک جي هجي ته ان جو اڌ مون کي ملڻ گهرجي.

دلدار خان: (ڏک ۽ انتظار ۾) منهنجي جان حسنا، منهنجي لاءِ هن خط جو مضمون تمام ڏک ۽ ڳڻتيءَ جهڙو آهي. پياري، جڏهن پهريندي مون توکي پنهنجو حال ٿي ٻڌايو، تڏهن چيو هو مانءِ ته مون وٽ ٻيو مال خزانو ڪونهي – اشرافت ۽ چڱي اصل نسل کانسواءِ، پر انهيءَ هوندي به مون کي گهربو هو ته توکي صاف سچ چئي ٻڌايان ها ته آءِ بلڪل ڪنگال ۽ مفلس هوس. رڳو پنهنجي مطلب جي پورائي لاءِ پنهنجي عزيز دوست کي هڪڙي خونخوار دشمن جي چنبي ۾ ڦاسايم. هن خط جو هڪڙو هڪڙو اکر منهنجي دل ۾ خنجر وارا گهاءَ ڪيو، گهڙيو ٿو وڃي. پر اختر، سچ ته چئو ، بهرام خان کي سڀ ڪنهن طرف کان ٽوٽو پيو ڇا؟ سڀئي جهاز طوفان ۾ ڀڄي ٻڏي پيس ڪيئن؟

اختر: افسوس، ويچاري جا سڀئي جهاز گم ٿي ويا. هڪڙو به ڪو نه موٽيو – هو هينئر پئسي لاءِ هلاڪ آهي. رڳو هن جي پليت مارواڙيءَ جي قرض لاهڻ جيترا پئسا نه هجنس، ته به جيڪر جهاز جي گم ٿيڻ جي هن کي پرواهه ڪا نه هجي. انهيءَ  بيرحم وياج خور جهڙو، ماڻهوءَ جي شڪل ۾ شيطان، ٻيو ڪنهن ڪو نه ڏٺو هوندو. سڄو ڏينهن، ڇا صبح ڇا سانجهيءَ ڇا، رات جو، نواب جي در تي پيو آهي، فرياد، فرياد ! پيو ڪري ۽ ڍونگ ڪري پيو ڪنجهي ۽ ڪرڪي. ۽ انصاف گهري ۽ واسطا وجهي ۽ آزيون ڪري. ڪيترن ئي سکرن، سوداگرن، واپارين، خود نواب صاحب کيس سمجهايو ته انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ، پئسا ملي پوندءِ، ته به هو ڪمبخت، سنگدل مارواڙي چوي ته آءُ ضرور دستاويز جي شرطن جي پورائي ڪندس، ۽ پاءُ ماس جو وٺندس.

موهنا؛ هائو، اها ڳالهه برابر آهي. منهنجي روبرو هڪ ڀيري هرديال کي چيو هئائين، ته جيڪي پئسا ڏنا اٿم، تنهن کان ويهوڻا ملن ته به مون کي نه گهرجن، مون کي رڳو بهرام خان جو پاءُ ماس جو گهرجي.

حسنا: مارواڙي ڪيترا پئسا لهڻيس؟

دلدار خان: ٽي هزار رپيا

حسنا: بس، رڳا ٽي هزار، وڃ، وڃي ڇهه هزار رپيا ڏيئي، دستاويز هٿ ڪري اچو. ڇهه نه وٺي ته ٻارنهن هزار ڏيوس – ويهه هزار ڏيوس. ڪيترو به وٺي ته پيارا دلدار تون وڃي ڏي، پر پنهنجي اهڙي سچي دوست جي وار کي به ايذاءُ پهچائڻ نه ڏي. هاڻي پهرين هل ته قاضيءَ وٽ پنهنجو نڪاح ڪرايون، پوءِ هڪدم تون دولت آباد، وڃ اهڙي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ تون  حسنا سان ڪيئن گذاريندين؟ جيترو سون رُپو وڻيئي اورتو پاڻ سان کڻائي وڃ، وڃي پنهنجي دوست کي ڇڏائي اچ، ۽ پنهنجي فيروز کي به ساڻ وٺيو وڃ. تيسين آءُ ۽ نرگس الاجي ڪيئن گذارينديونسين؟ (ٻانهن کانوٺي ڇڪيس ٿي) آءُ ته هلي تياري ڪريون، فڪر ڪو نه ڪر – پاڻ به سرهو ٿيءُ ۽ هنن پنهنجن دوستن کي به شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي هل – پر خط ته ٻڌاءِ.

دلدار خان(خط پڙهي ٿو)” منهنجا پيارا عزيز دلدار خان سلامت – سلامن بعد لکجي ٿو، ته منهنجا سڀ جهاز گم ٿي ويا آهن، منهنجا قرض خواهه تمام بيصبر ۽ بيرحم ٿيا آهن، ۽ تنگ طلبي ٿا ڪن. منهنجو ضمانتنامو جيڪو هريداس مارواڙيءَ لکي ڏنو هوم سو ڪوڙو ٿي پيو، ۽ منهنجي هٿ ۾ پئسو پورو پُنو آهي – انهيءَ قرض جي ادا ٿيڻ ۾ مون پنهنجي ساهه تان آسرو کڻي ڇڏيو آهي منهنجو ۽ تنهنجو پاڻ ۾ حساب صاف آهي، تنهن بابت تون ڪا ڳڻتي نه ڪج، پر جڏهن هينئر موت اچي ڪنڌ تي بيٺو آهي، تڏهن ڀلائي ڪري مرڻ کان اڳي پنهنجو منهن ته ڏيکار. پر انهيءَ هوندي به تنهنجي مرضي. ڪي هيڏي اچڻ لاءِ پنهنجي محبت توکي پاڻيهي دل ۾ نه وجهي ته رڳو مهننجي خاطر هن خط تي ڌيان بلڪل ڪو نه ڏج. تون ڀلي پنهنجي عيش عشرت ۾ مشغول رهج.“

حسنا: پيارا، هاڻ وڌيڪ رس نه، هتي جو ڪم لاهي روانو ٿي.

دلدار: چڱو پياري، جي تنهنجي اها مرضي آهي، ۽ خوشيءَ سان اجازت ٿي ڏين ته آءُ وڃانٿو. پوءِ جيسين وري پاڻ ۾ گڏجون. تيسين پڪ ڄاڻجئين ته مون کي ڪٿي به آرام ڪين ايندو. (ڳائي ٿو)

*              ماري مون کي سڄڻ وڌو ناز و ادا ڪري،

 

گڏ هوئي هميشه امُر اهي ماڻا سدا ڪري.

 

۱-                             پل ڀي پري پرينءَ کان گذارڻ آهي عذاب،

 

خاوند شل نه دوست کان ڪنهن کي جدا ڪري.

 

۲-             بيهندو بحال نيٺ نوشتو نصيب جو،

 

آدم ويچارو صبر سوا اِت ٻيو ڇا ڪري.

 

۳-             مون ٿيو وڃڻ ضرور، رهڻ جي اُميد ڪا نه،

 

ڪاهي قضا تي ٿو وڃان، پوءِ جا خدا ڪري.

 

۴-             قسمت ۾ هوندي موٽي ملاقات جيڪڏهن،

 

ملندا محب فراق کي فورن فنا ڪري.

 

۵-             هرڪو ڏئي ٿو شوق مان شابس”قليچ“ کي،

 

جو هو ٿو دلربا تان دل و جان فدا ڪري.

 

ڀئي گڏجي نڪري وڃن ٿا.)

 

چهچٽو ٽيون

دولت  آباد ۾ هڪ گهٽي

        سيٺ هريداس، بهرام خان، صفدر ۽ سرڪاري داروغا بيٺا آهن.)

        هريداس: داروغا صاحب، اها اٿيئي ٻانهن، نه ڇڏينس نيئي پنهنجي قيد خاني ۾ هڻينس، جيسين نواب صاحب گهرائيس. مون کي هن جي پاران وڌيڪ منٿ ڪا نه ڪر – قابو ڪرينس، ڏسان ته هاڻ ڪيئن ماڻهن کي مفت اڌارا پئسا ٿو ڏئي.

        بهرام خان: ڀائي هريداس، سيٺ هريداس، ڏاهو ٿيءُ، ڳالهه ٻڌ !

        هريداس: مون کي ٻي ڳالهه ٻڌڻي ڪانهي، هاڻي ٿو ڀائي ۽ سيٺ سڏينم مون کي پنهنجي دستاويز جي شرطن جي تعميل گهرجي، ٻي ڳالهه مون کي ٻڌڻي ناهي. مون قسم کنيو آهي ته آءُ دستاويز جي پورائي ڪندس. هن معاملي کان اڳي تون مون کي ڪتو سڏيندو هوئين نه ؟ جي آءُ ڪتو آهيان ته هاڻ ڏس ته ڪتو ڪيئن ٿو ڏاڙهيئي، هاڻ منهنجي ڏاٺ جي سنڀال ڪج. ڏس ته نواب صاحب منهنجو ڪهڙو انصاف ٿو ڪري. داروغا صاحب، اوهين ڇالاءِ نواب جي حڪم تي نٿا هلو، ڇو نه ٿا هنکي وٺي وڃو، ڇو هن سان گڏ هيڏي هوڏي گهمندا وتو. جيڏي ٿو اوهان کي چئي اوڏي وٺيو ٿا هلوس.

        بهرام خان. سيٺ هريدا، منهنجي ڳالهه ته ٻڌ.

        هريداس: مون کي ٻي ڳالهه اصل ٻڌڻي ناهي، مون سان رڳو دستاويز جي ڳالهه ڪر، پنهنجي ضمانت نامي جو ذڪر ڪر، آءُ اهڙو الڙ آهيان ئي ڪين جو مسلمان جون منٿون مڃي سڙي ويندس. آءُ ضرور دستاويز جي شرطن تي هلندس. داروغا صاحب، تون پنهنجن مسلمانن جي پاس خاطري ٿو ڪرين، آءُ وري به وڃي نواب صاحب کي دانهن ٿو ڏيان (نڪري وڃي ٿو)

        صفدر: هي پليت مارواڙي ته ڪو سچو پچو ڇتو ڪتو آهي. نامراد بلڪل مُڙڻ جو نه آهي!

        بهرام خان: ادا ڇڏي ڏينس، وڃي کڏ ۾ پوي، وڌيڪ نڪي آءُ چوندوسانس، نڪي تون چئينس. مون کي پڪ آهي ته هو منهنجي مارڻ لاءِ مٿا ٿو هڻي، منهنجو ساهه وٺڻ ٿو گهري. مون ڪيترن ئي ماڻهن کي سندن ضامن پيئي هن شوم جي چنبي ۾ ڇڏايو آهي، انهيءَ جا اندر ۾ ساڙ اٿس. انهن سڀني ويرن وٺڻ جو هاڻي وجهه مليو اٿس، سو ڪڏهن نه ٽرندو.

        صفدر: مون کي اُميد آهي ته نواب صاحب هن ڪافر جي چئي هڪڙي سکر مسلمان جو خون ڪيئن ڪندو.

Text Box: 88
89
87
65
63
61
59
57
55
53
51
45
43
41
39
35
33
31
29
27
25
23
15
13
11
9
14

 

        بهرام خان: نواب امين الدوله مصنف ماڻهو آهي، شرعيت تي هلڻ وارو آهي، ۽ قاعدي کان ٻاهر ڪڏهن ڪين ويندو. آءُ دستاويز جا شرط جڏهن قبول ڪندس، تڏهن هو ٻي وري ڪهڙي فتوا ڏيندو؟ جيڪا  خدا گهري هوندي سا ٿيندي، تون ارمان نه ڪر، هنن نقصانن ۽ فڪرن منهنجو بُت اهڙو ڳاري ڇڏيو آهي، جو مون مان پاءُ گوشت جو به مس نڪري سگهندو. ٺهيو، سڀاڻي ڀلي اِهو مارواڙي ڪاسائي اچي ڪُهي. داروغا صاحب، هلو جيڏي وٺي هلو. پيارا صفدر هاڻي منهنجي حق ۾ دعا ڪجئين. هن مارواڙي جو قرض منهنجي هٿان ادا ٿيو ته مون لک کٽيو. مون کي پنهنجي سر جي پرواهه ڪانهي.( وڃن ٿا)

 

 

چهچٽو چوٿون

فتحپور ۾ حسنا بيگم جي گهر جو هڪ ڪمرو

        (حسنا، نرگس، منسک لال، موهنا ۽ هسنا جو هڪ ٻانهو عباس بيٺا آهن.)

منسک لال: بيگم صاحبه، آءُ منهن تي خوشامد نٿو ڪريان، ايمان جي ڳالهه ٿو ڪريان ته تون ڏاڍي قياس واري، رحمدل ۽ سچيءَمحبت واري آهين. بيشڪ توکي پنهنجي گهر واري جي جدائيءَ ۾ رهڻ اهنجو ٿيندو هوندو، خاص ڪري تازي شادي ٿيڻ کانپوءِ،پر جڏهن خبر پوندئي ته جنهن ماڻهوءَ سان تون ايتري ڀلائي ڪرين ٿي، ۽ جنهن جي جند ايتري مدد ڏيئي ڇڏائين ٿي، سو تمام چڱو ۽ ملائڪ جهڙو انسان آهي، ۽ تنهنجي گهر واريءَ جو گهاٽو ۽ سچو دوست آهي، تڏهن توکي نهايت گهڻي خوشي ٿيندي.

حسنا: لالا صاحب، آءُ چڱي ڪم ڪرڻ کان ڪڏهن پشيمان نه ٿيندي آهيان، نڪي هينئر ئي مون کي ڪو ارمان آهي. مون کي پڪ آهي ته جڏهن منهنجو دلدار اهڙو نيڪ نيت ۽ نيڪ مزاج ماڻهو آهي، تڏهن سندس سنگتي بهرام خان به ضرور اهڙو ئي هوندو، نه ته جيڪر سندن محبت اهڙي نه ٻجهي ها. اهڙي چڱي ماڻهوءَ کي سختيءَ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي مون ڏنو آهي، سو ڪي به ڪين آهي. انهيءُ بابت ته ڪو ذڪر ئي نه ڪر. پر لالا صاحب ، مون کي دل ۾ ٻي رٿ آهي: منهنجي مرضي آهي ته ڪي ڏينهن اءُ پنهنجي گهر جو ڪم ڪار تنهنجي حوالي ڪريان. مون کي خبر آهي ته تون جهڙو بهرام خان جو، تهڙو منهنجي عزيز دلدارا جو گهرو دوست آهين ۽ وري پنهنجي وطن تي جلد وڃڻ وارو به ناهي، تنهنڪري آءٌ توکي پنهنجو خير خواهه سمجهان ٿي ۽ خانگي ڪارخاني هلائڻ جي توکي تڪليف ڏيان ٿي. تون پنهنجي موهنا سان هن گهر ۾ مالڪ ٿي گذار. جيسين هن گهر جو مالڪ دلدار خان موٽي اچي. تيستائين آءُ ۽ نرگس نڪري وـي، داتا گنج بخش جي درگاهه تي مجاور ۽ فقيراڻيون ٿي گذارينديونسي، ۽ خدا جي بندگي ڪنديونسين ۽ پنهنجن پيارن جي خير لاءِ سوال ڪنديونسين. جڏهن خير سان اسان ٻنهي جا ڌڻي، جي گڏجي ٻاهر ويا آهن سي موٽي ايندا، تڏهن اسين به وري اينديونسي. مون کي اميد آهي ته تون ڪو اعتراض نه آڻيندي.

Text Box: 90
91
89
87
65
63
61
59
57
55
53
51
45
43
41
39
35
33
31
29
27
25
23
15
13
11
9
14

 

منسک لال: بيگم صاحبه، آءُ توڙي هيءَ منهنجي زال تنهنجا غلام آهيون، جيڪو حڪم ڪندينءَ ان تي هلڻ لاءِ حاضر آهيون.

 

موهنا: بيگم صاحبه، ائين سمجهه ته تو پٺتي پنهنجا گهر ڄاول ٻانگا ڇڏيا آهن، ٻي ڪا به ڳڻتي نه ڪر.

حسنا: شابس اٿو، رڳو انهيءَ ڪم لاءِ اوهان کي گهرايو هئم. (منسک لالا ۽ موهنا رام رام ڪري نڪري وڃن ٿا.) (ٻانهي کي) هاڻي عباس هڪڙو ڪم ڪر. هي خط وٺ (خط ڪڍي ڏئيس ٿي،) جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد اورنگ آباد ۾ وڃ، ۽ وڃي منهنجي مامي قاضي محمد جان کي ڏي ۽ جيڪي ڪپڙا ۽ ڪاغذ هو ڏيئي، سي لڪائي کڻي اچي مون کي ڏي، وري هيڏي نه اچجئين، درياءَ جي پتڻ وٽ جتان دولت آباد ڏي لنگهندا آهن، اتي اچي بيهجئين. اسين پاڻيهي اتي اينديونسين، پر عباس، شاباس ! تمام تڪڙو وڃ.

عباس: بيگم صاحبه، دلجاءِ ڪريو. آءُ اجهو ويس. (وڃي ٿو) هن جي وڃڻ کانپوءِ حسنا اٿي هڪڙي آرام ڪرسيءَ تي ويهي ٿي، ۽ نرگس به پيرن کان اچي ويهيس ٿي (حسنا هيٺيون راڳ ڳائي ٿي)؛

*              خدا ڪري ته اڱڻ موٽي يار اچي،

 

نماڻي درد مندي دل کي ڪو قرار اچي.

 

۱-             بدن ۾ باهه، اندر ۾ اساٽ، دل بريان،

 

ورايو آهي غمن، شل سو غمگسار اچي.

 

۲-             سکن سان سيج سنواريم وڇائي فرشَ فروش،

 

غريب خانو ٿيو گلزار گلعذار اچي.

 

۳-             خوشيءَ مان واٽ وٺي آءُ فقير ٿي ويٺس،

 

ته مانَ شوڪت شاهي سان شهسوار اچي.

 

۴-             اچي ٿو سونهن جو سلطان مون گدا جي گهر،

 

انهي سخن تي ڀلا ڪنهن کي اعتبار اچي.

 

۵-             اچي ته هانوَ جي هجري ۾ سرت سان سانڍيانس،

 

متان رقيب لنگهي خر خراب خوار اچي.

 

۶-             ”قليچ“ تنهنجو ٿيو هر حال ۾ خدا همراء،

 

نه ڪر ڪو خوف، جي دشمن به هزار اچي.

 

(ٿورو بس ڪري، پوءِ نرگس کي چوي ٿي.)

        حسنا: شابس! هاڻ نرگس، آءُ پاڻ کي هڪڙو وڏو ڪم ڪرڻو پيو آهي، جنهن جي اڃا توکي ڪا به خبر ڪانهي. اسان جا گهر وارا پاڻيهي موٽي اچي، اسان کي هتي ڏسن، تنهن کان اڳي پاڻ هن  کي هُتي هلي ڏسنديونسين.

نرگس: هان بيبي، سو ڪيئن؟

حسنا: پاڻيهي ڏسنديءَ، پوشاڪ به اهڙيءَ ۾ هلنديونسين جو اسان کي سڃاڻندا ئي ڪين. مون کي پڪ آهي ته مرداڻي ويس ۾ پاڻ ڳڀرو جوان ٿي پونديوسين، ۽ ٻوليءَ ڳالهائڻ جو ڊول به اهڙو وٺنديونسي. پاڻ کي لڪائڻ لاءِ گهڻائي ڪرڙ ڳالهائينديونسين ۽ ٻٽاڪون هڻنديونسين. مون ورهيه ٻن کان پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي، وري استاد جو منهن به ڪين ڏٺو اٿم. خدا بابي کي بهشت نصيب ڪري، مون کي تعليم ڏيارڻ ۾ هن ڏاڍو سعيو ٿي ڪيو. اميد آهي ته اها تعليم اسان کي ڪنهن چڱي ڪم ايندي. پاڻيهي ماڻهن کي معلوم ٿيندو ته ڌيئن کي پڙهائڻ ۾ ڪهڙي فضيلت آهي، ۽ ان مان ڪهڙو فائدو ٿو ٿئي.

نرگس: (کلي) سچ بيبي، اسين زالن مان ڦري مرد ٿي پونديونسين ڇا؟

حسنا: ويٺي ڏس. هل ته هلي اندر ليٽون، پوءِ اتي توکي پنهنجي ساري رٿ ٿي ٻڌايان. ٿورو ساهي کڻي پوءِ اتي سنڀرون  ٿيون. جو اڄوڪي ڏينهن ۾ ڏهه – ٻارنهن ڪوهه پنڌ جا ڪرڻا اٿئون.(وڃن ٿيون)


 


*  غزل: ”طرز : گئي يڪ بيڪ جو هوا پلٽ نهين ميري دل ڪو قرار هي!“

*  غزل – (سر – پيلو) ” طرز : ڪون جنجال مين جا تو پهنا ري“

*  غزل – (سر – جهنگلو) ”طرز: يار ٿا دلدار ٿامي ٿي فضا ٿي مين نه ٿا، اي پري تيري عشق مين.“

*                      دادار(سر – کماچ) ”طرز : اجي سيان هَسَت هَسَت بولت موهن آوي.“



 

*  ڪافي – (سر – سورٺ) ”طرز : ڏسي صورت جو سلطان هم حيرانگي لڳي“

*  ڪافي – (سر – جوڳ) ”طرز : آءُ پيارا اوري اوري ! تنهنجي ڪاڻ ساڳي مُندَ آئي.“

*  غزل – ( سر ڪسوري) ”طرز: راضي هين هم اسي مين جو ڪچهه دلربا ڪري.“

*  غزل ”سر – تلنگ“ ”طرز: برابري ڪا تيري گل ني جب خيال ڪيا“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com