سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: پرنٽ ٽيڪنالوجي

باب: --

صفحو :12

پرنٽ ٽيڪنالوجي

---

S

 

جلدبنديءَ ۾ وچين سلائي

Saddle stitching

حفاظتي ٻوڪي

Safty valve

ڪنھن خانداني سلسلي بابت ڪتاب

Saga

دانشمند

Sagacious

ڪتابن جو وڪرو

Sale of  books

ٻئي ڇاپيءَ جو وڪرو

Sale of reprint

پڌرو ڪٻ، نروار گھپ

Salient curve

ڦڪو رنگ، بيمار رنگ

Sallow

تحقيق يا سروي لاءِ نمونو

Sample

پشتي نمونو

Sample back

باب جو نمونو

Sample chapter

نموني وٺڻ جو عمل

Sample procedure

نمونو ڪڍڻ يا وٺڻ، نمونو ڇاپڻ

Sampling

نموني وٺڻ جو طريقي ڪار

Sampling method

ريگ مال، رڳڙي ڪاغذ

Sand paper

اسلامي فن

Saracenic  art

ٺٺول، طنز

Sarcasm

ھٿراڌو تارو، سيارو، سئٽلائيٽ

Satellite

سئٽيلائيٽ چئنل، مواصلاتي چئنل

Satellite channel

اطمينان، راحت، تسلي، ڌيرج

Satisfaction

خالص رنگي

Saturation

بچيل جڳھھ، خالي جاءِ يا مفاصلو

Saving space

لفظن ۾ چوڻ، ٻولڻ

Say

قول، چوڻي، سخن، نظير

Saying

فٽي، فٽ پٽي، سرگم

Scale

توري تڪي مٿي وڌائڻ، خاص تناسب سان وڌائڻ

Scale up

توري تڪي گھٽائڻ، خاص تناسب سان گھٽائڻ

Scale down

وڏي غور سان ڏسڻ، تصوير جو اڇو ۽ ڪارو رخ ڏسڻ

Scan

اسڪيننگ، مواد يا فوٽو جو ھر نقطو نقل ڪرڻ

Scanning

ڇرڪائيندڙ عنوان، سنسني خيز عنوان

Scare heading

گلناري رنگ، قرمچي رنگ

Scarlet

منظرنامو

Scenario

نظارو، فلمي سين

Scene

جدول، گوشوارو، ترتيب

Schedule

رٿا، اسڪيم،منصوبو، رنگن جي ترتيب

Scheme

رنگ بندي، ڪلر اسڪيم

Scheme of colour

دانشور، عالم فاضل

Scholar

دانشمندي، مھارت، علم

Scholarship

اسڪولي، تعليمي

Scholastic

اسڪولي صحافت، اسڪول جي سطح تي صحافتي تعليم

Scholastic journalism

ڳاڙھي حاشي ڏيڻ

Scholion

ڳاڙھي حاشي

Scholium

مدرسو، ختاب، اسڪول

School

مڪتب فڪر

School of thought

تصويري پاڇو

Sciagram

تصويري پاڇو

Sciagraph

پاڇي نگاري

Sciagraphy

مھارت، تجرباتي علم

Science

سائنسي ناول

Sci-Fi

خاص خبر

Scoope

وسعت، دائرو، گنجائش

Scope

نشان، رھڙ

Score

نشان سازي، نشان ھئڻ جو عمل

Scoring

ردي

Scrap

اخباري ڪٽنگ لاءِ خالي ڪاپي، اخباري تراشن جي رڪارڊ ڪاپي

Scrap book

فلم يا ڊرامي جو مسودو

Screen play

اسڪرين ڇپائي

Screen printing

اسڪرين رولنگ

Screen ruling

اسڪرين ماپ

Screen size

ڪاتب، منشي

Scribe

نقاش قلم

Scribbet

خبر يا ڪا لکت رھڙي وٺڻ، جلدي جلدي لکڻ، ليکڪ ٿيڻ، بي خياليءَ ۾ ڪاغذ ڪارو ڪرڻ

Scribble

مسودو، ھٿ اکر، لکت

Script

تحريري الف بي

Script alphabet

مسوداتي لکت

Script hand

ريڊئي لاءِ لکيل تقرير يا ٻيو مواد

Script of talk

مسوداتي ٽائيپ

Script type

مسوداتي اکرن جي ٿولھھ

Script type face

ليکڪ، ناٽڪ نويس

Script writer

مسودو لکندڙ، ليکڪ

Scripter

سڪي جا چوڦير اڀريل لفظ

Scription

الھامي ڪتاب

Scripture

ڪاتب

Scrivener

ويڙھيل ڪاغذ، اخبار جي ڇپائيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاغذي ويڙھو

Scroll

پڙتال ڪندڙ

Scrutinizer

پڙتال، پلٿار، ڇنڊڇاڻ

Scrutiny

مورت ٺاھڻ، سنگ تراشي، بت ھوڙھڻ

Sculpture

سڪي جو پور، مھر، ٺپو

Seal

کوج، ڳولا

Search

ڳولائو، کوجي

Searcher

وقتي گھرج

Seasonal demand

واپرايل ڪتاب، پراڻو ڪتاب

Second hand book

ثانوي وٿي، ٻي وٿي

Second indentation

ٻيو پروف

Second proof

جز، فصل، حصو، شعبو، صيغو

Section

جزبنديءَ واري سلائي

Sectional sewing

خبر جو عنوان، فصل جو عنوان

Sectional title

شعبو، گول دائري جو حصو

Sector

بغاوتي لکت يا تقرير

Sedition

مسودو ڏسو، اصل سان ڀيٽيو

See copy

خود احتسابي، پاڻمرادي روڪ

Self censorship

ٻانھن يا جھنڊي جي اشارن سان پيغام موڪلڻ، ھدايتون ڏيڻ

Semaphore

مفھوميات، فلالاجيءَ جي ھڪ شاخ

Semantics

اڌ ڪنڊائون

Semi angular

اڌ گول

Semi circle

اڌ دم (؛)

Semi colon

سيکڙاٽ، ٻالڪو

Semi skilled

نيم شفاف

Semi transparent

مذاڪرو، مباحثو، سيمينار

Seminar

حساس، ادراڪ

Sensation

مطلب، معنيٰ، حس

Sense

حساس خبر، ٿرٿلي خبر

Sensative news

عڪس ڇڏڻ، احساس جاڳائڻ

Sensitise

جملو، فقرو

Sentence

خيال، سوچ

Sentiment

وکرجڻ، جدا ڪرڻ، الڳ ڪرڻ

Separate

جدا اکر

Separate letters

الڳ توجھھ، الڳ تصحيح

Separate treatment

وکر، الڳ، ٽوڙ، جدائي، فراق

Separation

ڪاري ڪاپي کي الڳ ڪرڻ، فلم ٺاھڻ جو ھڪ عمل

Separation of negative

سفيد ڪاپي کي الڳ ڪرڻ، فلم ٺاھڻ جو ھڪ عمل

Separation of positive

ڳاڙھاڻ مائل، سرخي مائل رنگ

Sepia

سلسلو، ترتيب، سٽاءُ، فلمي منظر

Sequence

سلسليوار، نمبروار، قسطوار

Serial

سلسليوار نمبر، جريان نمبر، عدد شماري

Serial number

سلسلو

Series

ترتيب ڏيڻ، ڪنھن اسٽوڊيو ۾ ڊرامي يا فلم لاءِ لڳل مستقل منظر

Set

آرائش، زيبائش، خوبصورتي، سھڻائپ

Set off

پيشڪش

Set out

ترتيب، انتظام

Set up

جڙت، ترتيب، سٽاءُ، پسمنظر، ڌن

Setting

ترتيبي پيمانو

Setting rule

ترتيبي ايڪو

Setting unit

سبڻ

Sew

سبيل

Sewed

سلائي

Sewing

سلائيءَ واري جلدبندي

Sewing binding

مڙيل سلائي

Sewing through the fold

سبيو

Sewn

ڪنڊماپو، طرف  ماپو

Sextant

سڙيل، ڳريل، پراڻو

Shabby

پاڇو، گھرو رنگ، شڪل جو اونداھون حصو

Shade

رنگ جا پاڇا، رنگين لھري ليڪون

Shades of colour

پاڇائي

Shading

پاڇائين لکت

Shadowed type

پاڇي واري

Shady

سطحي، گھٽ گھرو

Shallow

صورت، شڪل، ترتيب

Shape

مصور

Shaper

مصوريءَ جا اوزار

Shaping tool

چمڪ ڌمڪ

Sheen

سڄو ڪاغذ، تختو، پاٺو

Sheet

ڪاغذ ڀرائي مشين

Sheet fed

چِلڪ، چمڪ

Shining

جھازي شڪل

Ship shape

فلمبندي

Shooting

تيز لٺ، گرز

Shooting stick

مختصر نويسي

Short hand

مختصر لکت، ننڍو لکيل مواد

Short note

مختصر متن

Short text

مختصر عنوان

Short title

فلم يا سرڪس جو شو

Show

ٻيھر پروف ڏيکاريو

Show revise

خشڪ ڪندڙ

Sicative

بغلي سرخي

Side head, Siding heading

سرورقي عنوان

Side title

ٽيس جي سلائي

Side stitching

بغلي لٺ

Side stick

بغلي تار سلائي

Side wire stitching

ٺپيدار

Sigillation

نشاني، علامت، اشارو، صحي

Sign

اشتھاري بورڊ، علائقي يا شھر وغيره جي شناختي تختي، رھنما بورڊ

Sign board

ٻوڙن گونگن جي ٻولي، اشارن جي زبان

Sign language

ڊاھڻ يا مٽائڻ جي نشاني

Sign of omission

رھنما نشاني

Sign post

صحي، سڃاڻپ نشان

Signature

مختصر عنوان

Signature title

ريڊئي يا ٽي ويءَ جي شناختي ڌن (جيئن بي بي سي اردو سروس جي)

Signature tune

خانگي مھر، خانگي ٺپو، صحي جي متبادل

Signet

صحي اڪريل منڊي، مھر منڊي

Signet ring

روشنيءَ جي پاڇي تي نڪتل تصوير، ھڪ رخو شڪلي پاڇو

Silhouette

ڇپائيءَ جو ھڪ طريقو

Silk screen

چانديءَ جھڙو

Silvered

چاندي ورق

Silver leaf

چمڪيلو ڪاغذ، سگريٽن ۽ چاڪليٽن تي وڙھيل ڪاغذ

Silver paper

سئينما

Silver screen

چاندي ڇاپ، جلد تي چانديءَ جي رنگ جي لکت

Silver stamping

تشبيھھ

Simile

سادي ڊزائين

Simple design

ٻاون اکري، سنڌي الف بي

Sindhi alphabet

سنڌي اکر، سنڌي لپي

Sindhi characters

سنڌي خواندو

Sindhi knowing

ھڪ پشتي

Single back

انفرادي اکر

Single character

ھڪ رنگ

Single colour

ھڪ رنگو سرورق

Single colour title

ھڪ رنگي ڇپائي

Single colour printing

يڪ سينگار، سادو

Single deck

يڪ سينگار سرخي، سادي سرخي

Single deck head

ھڪ واڪ نشانيون، حوالي جي ھڪ ھڪ نشاني ( ’   ‘ )

Single quotes

ھڪ واڪ نشانيون بند ڪريو

Single quotes closing

ھڪ واڪ نشانيون ڏيو

Single quotes opening

ھڪ وٿي

Single space

ھڪ ڌڪي، ھڪ مشيني نظام

Single stroke

ھڪ اکري ٽائيپ مشين، ھڪ ھڪ اکر ڪري لکندڙ ٽائيپ مشين

Single type casting machine

ٻڏڻ، غرق ٿيڻ

Sink

رنگ گڏائڻ جو ھڪ عمل

Situation process

ماپ، وايو، قدڪاٺ

Size

خاڪو، مختصر بيان، ڍانچو

Sketch

مھارت، سگھڙائپ، ڪاريگري

Skill

سگھڙ، ماھر، ڪاريگر

Skill full

ھاتِڪ

Skilled

نيرو آسماني

Sky blue

ھوائي جھاز جي دونھي سان لکيل اشتھار، اشتھاري لکت

Sky writing

مروج مشھور لفظ، عام لفظ

Slang

ترڇو قلم

Slanted pen

ڪائي جو بطاقو، سلائيڊ

Slide

سلپ، پرچي

Slip

پرچي پروف

Slip proof

نعرو، ھوڪو، ڌيان ڇڪائيندڙ اشتھاري لفظ

Slogan

ھيٺائين، لڙيل

Sloppiness

تعارفي سرخي، اکرن جو ڌاتوئي ڪنارو

Slug

سلگ جي قطاربندي

Slug aligning

سلگ لھواري مشين

Slug casting machine

سلگ مخرج بيرم

Slug ejector lever

سلگ مواد

Slug material

گڏ سڏ پروف، ھيٺ مٿي اڻ ترتيبا پروف

Slurred proof

ڳٽڪو

Small book

انگريزيءَ جا ننڍا اکر (a,b)

Small letters

ننڍي ڪاغذي ڪاپي يا ڇاپو

Small  paper  copy  or edition

ننڍي ماپ، ننڍي جسامت

Small sized

پرچي، چٽڪي

Small slip

ننڍي ٽائيپ، ننڍن اکرن ۾، سنھي لکت

Small type

ڏنڊ، ڀنگ

Smart money

داڳ

Smudge

داڳدار

Smudgy

مختصر خبرون

Snippet

نسواري رنگ

Snuff colour

زنانو نشري ناٽڪ

Soap opera

فرضي نالو، عرف

Sobriquet

حفاظتي ڇپائي

Social printing

سافٽ ويئر، ڪمپيوٽر پروگرام

Soft ware

ٽاڪو ھڻڻ، ريھھ ڏيڻ

Solder

گرامر جي غلطي، محاوري جي غلطي

Solecism

پڪو رنگ

Solid colour

لاڳيتي ڪمپوزنگ

Solid composing

ھڪ فنڪار جوڳايل گيت

Solo

چوڏھن سيٽن جو ھڪ گيت يا بيت

Sonnet

پراڻا رڪارڊ ٿيل گانا ۽ تقريرون وغيره مستقبل لاءِ محفوظ ٿيل

Sound archives

آوازي رڪاوٽ

Sound barrier

صدابندي، آوازي اثر

Sound effects

سرچشمو، حاشيو

Source note

يادگار اشاعت، نشاني

Souvenir

مفاصلو، جڳھھ، فصل

Space

مفاصلو جانچڻ جو اوزار

Space band

فصل دان

Space box

ڇڊا ڇڊا اکر ھڻڻ يا لکڻ

Space out

وٿ بندي

Spacing

مفاصلو گھٽايو

Spacing block

مفاصلي بنديءَ لاءِ پرنٽر کي ھدايتون

Spacing material

چمڪ ڌمڪ

Sparkle

چمڪيلو پاڇو

Sparkling shades

رنگ جا ڇنڊا وجھڻ، چٽڪمري پچڪاري ھڻڻ

Spattering

خاص شمارو، خاص ڇاپو

Special edition

خاص رعايت

Special discount

خاص نمبر، خاص اشاعت

Special issue

خاص صحافي، خاص نمائندو

Special reporter

خاص ضميمو، خاص موقعي تي اخبار جا شايع ٿيل اضافي صفحا

Special supplement

ڪنھن ھڪ مضمون ۾ خاص مھارت، مڪمل ڄاڻ

Specialization

نمونو، جنس

Specimen

نموني جا صفحا

Specimen pages

نموني جي شيٽ

Specimen sheet

جلدبنديءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ چٽڪمرو چمڙو

Speckled calf

رفتار

Speed

ھجي

Spell

اکر واضح ناھن

Spell out

ھجي، اِملا، صورتخطي

Spelling

ٽڪنڊي تحرير

Sphenogram

اڀريل ٺپو

Sphragide

خبر کي خاص رنگ ڏيڻ

Spin

چرخي، سرائي

Spindle

ڪتابي پٺ، ڪتابي پشتو جنھن تي ڪتاب جو نالو موجود ھجي

Spine

اڀ چڪري جلدبندي

Spiral binding

ڇليدار جلدبندي

Spirax

وڏين سرخين سان ڇاپڻ

Splash

ڪاغذي ردي

Spoilage

ترجمان، نمائيندو

Spoke man

چھڻو بنائڻ

Sponging

اشتھاري ڪفيل، پيشڪار، مشتھر

Sponsor

ڪتاب جي پيشڪاري، ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ مالي مدد

Sponsorship in book

تجنيس، شروعاتي اکرن جو ادل بدل

Spoonerism

ڪاغذي ڍيرو

Spool of paper

داڳدار ڪاغذ

Spotty page

ڪماني، اسپرنگ

Spring

ڪمانيدار تختو

Spring board

ڪمانيدار پلڪار

Spring bow compass

ڪمانيدار ورڇو

Spring divider

ھم چورس

Square

ھم چورس ڏنگيون

Square brackets

ھم چورس مشيني ٻانھھ

Square shaft

چورسي ڪاغذ، چؤڻو ڪاغذ

Square paper

چورس نما گيلي

Square shaped galley

چورسي سطح

Square surface

پڪائي پختائي، مضبوطي

Stability

ڊرانگو ٽاڪو (جلدبنديءَ ۾)

Stab stitch

اخبار جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن

Staffer

اسٽاف رپورٽر، سنئون سڌو ڊيسڪ تي خبرون پھچائيندڙ نمائيندو

Staff reporter

اداڪار ٿيڻ جو شوق

Stage struck

رنڱيل چمڙو

Stained calf

رنڱيل ڪنارا

Stained edges

رنڱيل مٿيان ڪنارا

Stained tops

رنڱڻ

Staining

ٺپو، ڇاپ، پور، ٽڪلي

Stamp

ڇاپ مشين

Stamp machine

ٺپڻ، ڇاپڻ، پورڻ، ڇرڻ

Stamping

لفظ جو بڻ بڻياد

Stem

معيار

Standard

معياري اديب، سٺو ليکڪ

Standard author

معياري جلدبندي

Standard binding

مستند ڪاپي، معياري ڪتاب

Standard copy

معياري لھجو

Standard dialect

معياري ڇاپو

Standard edition

معياري ٻولي

Standard language

معياري ليڪ

Standard line

معياري ادب

Standard literature

معياري ڪاغذ

Standard paper

معياري ڪتاب

Standard print

معياري ڇپائي

Standard printing

معياري ماپ جو ڪاغذ، ھڪ ڪاغذي ماپ

Standard sized sheet

معياري لکت

Standard type

رڪيل مواد

Standing matter

بَند

Stanza

ھلڻ چلڻ

Start

چالو ھٿيو

Start handle

مشين چالو ڪرڻ جو بٽڻ، چالو پرزو

Starter

چالو ڪنجي

Starting key

ڪتابي سامان

Stationery

شمارياتي جدول

Statistical table

مورت، بت، مجسمو

Statue

بدستور، ساڳي حالت ۾، جيئن جو تيئن

Status quo

شان جو لقب، خطاب

Status symbol

تحريري قانون

Statute

قانون جو مجموعو، قاعدن جو ڪتاب

Statute book

مورتي، ننڍڙو بت

Statuette

فولادي ڪتاب سانچو

Steel book chase

فولادي ڏنڊي

Steel shank

فولادي سر

Steel slab

فولادي نب

Steel nib

مخفي تحرير

Steganogram

رمزنگار، مخفي تحرير لکندڙ

Steganographer

رمزنگاري، مخفي تحرير

Steganography

ٿنڀي لکت، لکت جو ھڪ نمونو

Stelography

نقشيل پٽي، نقش ساز تختي

Stencil

نقشيل اکر

Stencil letters

نقشيل پليٽ

Stencil plate

رنگ ڇاپ

Steno chrome

رنگ ڇپائي

Steno chromy

مختصر نويس

Steno grapher

مختصر نويسي

Steno graphy

مختصر لفظي

Steno lulism

مختصر ٽائيپ

Steno type

مختصر ٽائيپ ڪاري

Steno typy

سبوڪي ڌاتو

Stereo metal

سبوڪي تختي

Stereo plate

ڇپائيءَ جي پليٽ جو ھڪ قسم، روايتي خيال يا لفظ

Stereo type

ڌاتو سانچو

Stereo type moulding

ڌاتو لکت

Stero typed

ڌاتوي ڇاپ مشين

Stereo typer

ڌاتو جي لکت وارو ڪاتب

Stereo typographer

سبوڪي ڇپائي

Stereo typography

ڌاتوي لکڻي

Stereo typy

تصحيح يا ڪاٽ ڪوٽ لاءِ پرنٽر کي ھدايتون

Stet

چھٽڻي پرچي، ڪاغذ جو ھڪ قسم

Sticker

داڳ

Stigma

يوناني قلم

Stilus

نقطي ڪاري، ليڪن بجاءِ ٽٻڪن سان شڪل ٺاھڻ

Stipple

ٽاڪو، ٽوپو، بخشو

Stitch

سلائيءَ واري جلدبندي

Stitch binding

شيرازو، منڍ

Stitching ends

سوراخيل ڪنارو

Stippled edge

مال جي موجودگيءَ جو جائزو وٺڻ

Stock taking

وڏي مقدار ۾ وڪري جو مال رکندڙ

Stockiest

پٿر ٽڪيندڙ، جنڊاھڙو

Stone toucher

مشين روڪ دٻو، اسٽاپ سئلنڊر

Stop cylinder

ھٿ روڪ، مشين روڪڻ جو ھٿيو

Stop handle

پن روڪ، پن جيڪا گھمائڻ سان مشين رڪي

Stop pin

اخبار ۾ ڇپائيءَ دوران مشين تي نئين خبر شامل ڪرڻ، اسٽاپ پريس

Stop press

روڪ چنبو

Stop rack

غيرمتحرڪ تصوير

Stopped action photo

گڏ ڪرڻ، جمع ڪرڻ

Storage

ڀانڊو، گڏ ڪرڻ

Store

ڀانڊو، گودام

Store house

ادب جو تنقيدي اڀياس

Study of literature

سڌو ڪنارو

Straight edge

سڌي ليڪ

Straight line

سڌي لکت

Straight pen

سٽ سڌي رکو

Straighten line

ڇڪيل ٽڪرو

Straining piece

گتو، پاٺو

Straw board

ھلڪو زرد رنگ، ھلڪو ھيڊو

Straw colour

ڌاري دار

Streaked

ترتيب سازي

Stream lining

اٺ ڪالمي سرخي

Streamer

مضبوطي، قوت، طاقت

Strength

ڪٽڻ، منڌيئڙو ڦيرائڻ

Strike off

ڪو لفظ ڪڍي ڇڏڻ

Stike out

توجھھ ڇڪائيندڙ، متوجھھ ڪندڙ

Striking

جز وقتي صحافي

Stringer

لکت جو انداز، قلم يا برش جي جنبش، مشيني وار

Stroke

مشين ھلڻ جو ڌڪي سرشتو

Stroke system

بد زباني، بدگويائي، گاريون

Strong language

ساخت، ڍانچو، بناوت

Structure

ختابي، چيلو، شاگرد

Student

اسٽوديو، سينگارخانو، ريڊئي ٽي ويءَ جي مک آفيس جتي رڪارڊنگ ٿئي

Studio

مطالعو، پڙھائي

Study

مواد، مال

Stuff

انداز، اسلوب، نمونو، رنگ ڍنگ

Style

اسلوب رھنمائي

Style guide

رنگين ڪاغذ

Style sheet

طرزنگاري

Stylization

اسٽائيلو، پين جو ھڪ قسم

Stylo

چنھبيارو

Stylograph

چنھبيارو قلم

Stylographic pen

ھيٺين ورھاست

Sub division

خبر جي سوڌ سنوار

Sub edit

سب ايڊيٽر، مواد ۽ مفھوم جي لحاظ کان خبرون سڌاريندڙ

Sub editor

ھيٺين سرخي

Sub heading

متن ۾ ھيٺين سرخي

Sub heading in text

ھيٺيون عنوان، ننڍو عنوان، پيٽي عنوان

Sub title

موضوع، عنوان

Subject

موضوعاتي ڏسڻي، موضوع وار ڏسڻي

Subject index

ڪتاب جو موضوع، تقرير جو موضوع

Subject matter

موضوعي، داخلي

Subjective

ذاتي سوچ، داخلي سوچ

Subjective approach

داخلي قدر

Subjective values

پوءِ گڏائڻ، تازو مواد شامل ڪرڻ

Subjoin

مسودو پيش ڪرڻ

Submission of manuscript

ھيٺين ليڪ

Subordinate line

اخبار يا رسالي جو مستقل خريدار، ساليانو چندو ڏيندڙ، صحي ڪندڙ

Subscriber

سستو ڇاپو، لاڳت کان گھٽ ملھھ وارو ڇاپو

Subsidized edition

بنيادي ايڊيٽنگ

Substantive editing

اسم ذات

Substantive noun

بدل، قائم مقام

Substitute

لفظي پڇاڙي

Suffix

سرسري، خلاصو

Summary

صاف سٺو ۽ چمڪڻو

Super calendar

گھڻو چمڪڻو ۽ صاف سٺو ڪاغذ

Super calendared paper

تيز وھڪرو

Super flow

عنوان، سرنامو، ڪتاب يا لفافي جي مٿيان لکيل عبارت

Super scription

مٿين حالت

Superior position

نگراني

Supervision

نگران

Supervisor

ضميمو، تتِمو

Supplement

ضميمي، اضافي

Supplementary

رسد، پھچ

Supply

عام ڇپائي، ظاھري ڇپائي

Surface printing

بچيل، واڌو، اضافي

Surplus

سروي، جائزو

Survey

پد، اکر، ٻول

Syllable

نصاب، خاڪو

Syllabus

علامت، اشارو

Symbol

علامتي طرز، علامتي نمونو

Symbolic pattern

علاميت، اشاريت

Symbolism

علامت نگار

Symbolist

علامت نگاري

Symbolography

متناسب، متوازن، ھم آھنگ

Symmetrical

مذاڪري جي ويھڪ

Symposium

ھڪڙي لکت وارو دستاويز، ساڳي صورتخطيءَ ۾ لکيل مواد

Synagraph

اخباري شرڪو، سينڊيڪيٽ

Syndicate

ھم معنيٰ لفظ، انھيءَ جھڙو

Synonym

تحقيق لاءِ پيش ڪيل خاڪو

Synopsis

مختصر

Synoptic

نحو، جملن جي ترڪيب

Syntax

نحوي ٻولي

Syntax language

ترڪيب، تاليف

Synthesis

نظام، طريقو

System

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com