سيڪشن؛ مضمون

درياءَ ۽ سامونڊي

ڪنارن سان زندگي

 

صفحو :2

درياهه جي وٽ سان زندگيءَ جو وهنوار

 

هيڏانهن پاڻي لٿو هوڏانهن ڪَچي جا ماڻهو هرڦار کي لڳا. ڪٿي ڇٽ ته ڪٿي کيڙ ۽ ناڙيءَ. جهڙو زمين جو وَرَنُ تهڙو وجهنس فصل. جهنگ، آبڪلاڻيءَ جي موسم کان اڳ هنيو ڇڏين. ٻج ڀت جو بلو به ڪيل هوندو اٿن. زالين مردين ڪم کي جُنبيو وڃن. ائين پيو لڳندو آهي، ڄڻ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو هيءُ بيت هِنئين سان هنڍايو اٿن:

هاري حق رکيج سنڀاران ساهڙ جو،

خواب خيال خطرا تن کي ترڪ ڏيج،

انهيءَ راهه رميج ته مشاهدو ماڻين.

هاري نار هر ڦار کي لڳيو وڃي، پر زميندار جيڪو پاڻ هاري نه آهي، سو به انهن جي سربراهيءَ ۾ کُٿي نه ماپندو. پر، وري به هرڪو چوي: ”ڪَچو ڏچو آهي“. ڇو ته کين هر سال حڪومت کان يڪسالا اجازت ناما حاصل ڪرڻا پون ٿا. هر سال زمين جي ماپ ٿئي ۽ تڪن جي صورتحال ٺهي، نه ته دنگن تي جهيڙا فساد ۽ خونريزي ٿيو پوي، جنهن ۾ مري جهري وري به هاري ٿو پر اسپتالن ۽ وڪيلن وڙن جو خرچ به زميندار جي هَنيو چيلهه چٻي ڪيو وجهي. ان کان سواءِ پوک جي ڀيل ۽ ٻار مان ان جي چوري، جنهن تي پري کان نظر به نه رکي سگهجي، سا خاص طور ڪچي جي زميندار لاءِ سچ ته ڏچو آهي. پر جي رڳو ڪچي جي هاريءَ کان پڇبو ته چوندو ته خود زميندار جو به مٿن ڏچو آهي. ٻوڏ ۾ ٻڏن هاري، زمين ٻيهر کيڙين، ڌڪ جهلين، پوک راهه جي هر وقت سنڀال ڪن، پوءِ به فصل جو اڌ زميندار جو. ڪاٺيءَ لڪڙيءَ، ڦٽ بيگر ۽ ونگار لاءِ جدا هو پنهنجي زميندار سان ٻڌل. پر زميندار سان هو به خوب پڄيو اچن. ٻج مان به کائينس ته ول مان به کائينس. آخر ۾ فصل ڏينس طاقت سارو. يعني جيڪڏهن طاقت وارو زميندار آهي ۽ بٽئي زور تي وٺي ويندو، ته ڏينس، نه ته اهڙي ڪار ڪنس، جو ٻيهر ڪچي جو منهن به نه ڪري.

ڪافي زماني کان ڪچي جي زميندارن ۽ پڄنديءَ وارن، ڪچي جي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽ سماجي انصاف بابت نه ڪڏهن سوچيو آهي ۽ نه ڪجهه ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هنن ماڻهن ۾ ڪيتريون اخلاقي ڪمزوريون ۽ جاهلن واريون عادتون پئجي ويون آهن. ڪچي ۾ چوري، خاص ڪري چوپائي مال جي چوري عام آهي. درياهه جي هِن ڀر جو مال هُن ڀر رات جي پيٽ ۾ پهچيو وڃي. نه ته به ڪچي ۾ اهي پاٿاريون ۽ هُڙيون آهن، جو هاڙهن چورن جو هنيل مال موٽي مالڪ جو منهن مشڪل ڏسي.

سرڪار جي طرفان سنڌ ۾ زوري تعليم جي قانون هيٺ جيڪي اسڪول کولرايا ويا، انهن ۾ هارين جا ٻار لاچار کان ويندا هئا، جو سندن ماستر جي طفل شماريءَ جي ڪتاب ۾ داخل هوندا هئا. ٻار پنجن سالن جو ٿيو ناهي، ته ماستر ٻار جي گُهرَ ڪندو ۽ ٻار اسڪول ۾ نه ڇڏڻ جي حالت ۾ مائٽ تي زوري تعليم جو ڪيس ڪندو ۽ اسڪولن جو صاحب ڏنڊ وجهندو. نه ته هونءَ مائٽ چاهيندو ته ٻار ٻنيءَ تي هلي يا مال چاري، جنهن مان سندن گذر سفر ٿئي.

هاڻي زوري تعليم جو زور گهٽيو آهي. پر ڪچي جي ماڻهن ۾ وري ٻين کي ڏسي، ٻارن پڙهائڻ جو چاهه وڌيو آهي. ڪچي جي رهاڪن مان هاڻي ڪي ماستر، ڪي داروغا، ڪي تپيدار تڙا ته ڪي جمعدار ۽ صوبيدار به ٿيا آهن. منجهانئن ڪي ته اڃا ئي وڏن عهدن کي رسيا آهن. علم ۽ ترقيءَ جي روشني ڪچي جي ماڻهن کي آهستي آهستي پڪي تي آڻيندي پيئي وڃي. ٽريڪٽرن ۽ ولائتي ڀاڻن، سٺن ٻجن جي جنسن ۽ سڌريل اوزارن ۽ پوک جي طريقن جي رواج ۾ اچڻ سان، ڪچي جي ڪايا پلٽجي رهي آهي. ڳوٺن ۾ بجلي ۽ بجليءَ تي ٽيوب ويل ترقيءَ جا اهڃاڻ آهن.

جن ماڻهن جا وڏا چانهه جي نالي کان فقط ائين واقف هئا ته اها هڪ ننڍڙو پکي آهي، اُنهن جي ڪکاون گهرن مان هاڻي ميزون ڪرسيون کڄيو اچيو پڌر تي رکجن ۽ ٽڪوزيءَ ۾ چانهه جي ڪٽلي ڪوپن جي سٺي سيٽ سميت اچيو اڳيان رکجي. ڏڌ مکڻ جا ته ڪيترن هنڌن تي لاهه ئي نڪري ويا آهن، جو سمورو کير بٺيءَ وارا وٺيو وڃن. جن جا وڏا انهيءَ ڊپ کان کير نه وڪڻندا هئا ته مال مري ويندو، سي پاڻ سارو کير کپايو ڇڏين ۽ ڊالڊا بناسپتي گيهه جا دٻا وٺيو ويٺا کائين. وري به والي انهن کي وڏي ڄمار ڏئي، جيڪي اڃا به ڏڌي پاڌي مان کير، مکڻ، ڏڌ ۽ ڌؤنئرو ڪيو پيا کائين ۽ آئي وئي کي پيا کارائين.

ڪچي جون عورتون پنهنجي مردن وانگر مردانيون آهن. ساڻن گڏ پوکي راهي، لاباري لَڙي، چُونڊي چَڙي، گاهه پٺي ۽ ساڳ پلي پٽن جو ڪم ته ڪن، پر پنهنجي گهر گهاٽ جو هلٽ به هلائين. ٻار به ڄَڻين ۽ نپائين، ڦرڙا ۽ مال به سنڀالين، ڏُهن ولوڙين، ماني پچائين، پوءِ به هٿ جي هنر: ڀرت ٽوپي، رلين ٺاهڻ، سوڙن سبڻ، کارن واڻن، دٻڪين ۽ وڃڻن ٺاهڻ ۾ ڀڙ آهن. ولائتي عورتون جيڪي سندن هٿ جي هنر تي مست آهن ۽ ڪراچيءَ يا حيدرآباد کان ڳرين قيمتن تي اهي شيون خريد ڪن ٿيون، اُنهن کي جيڪڏهن سندن مرد ائين وهائين جيئن ڪچي جون عورتون وهن ٿيون ته هوند وڻ ئي وڄي وڃنن ۽ پتو پوين ته اُهي هٿ، جيڪي سهڻيون شيون ٺاهين ٿا سي ڪم ڪار ۾ ڪيئن نه سڄو وقت رُڌل ٿا رهن ۽ نه نازڪ آهن ۽ نه ناز ڪن ٿا! انهن جي ذهن ۾ زندگيءَ جي جيڪا شڪل سمايل آهي، سا سندن تصور ۽ خيال کان ڪيتري نه مختلف ۽ مٿانهين آهي! هو پنهنجي لاءِ انگ پيٽ ۽ عزت آبروءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿيون گُهرن. هنن جي دماغ ۾ ٻيا رنگين، نازڪ ۽ اجايا خيال اچي به ڪٿان سگهن؟ هُنن وٽ شيطان جي ڪارخاني وارو واندو مغز ته نه آهي. پرهه ڦٽيءَ کان مُنهن اُونداهيءَ تائين نه هٿن کي واند اٿن ۽ نه خيال خبرداريءَ کان آجيون آهن. پر پوءِ به پنهنجن ٻارن ۽ مردن جي سار ئي سار لهن ۽ چاڪري ئي چاڪري ڪن، پهريائين کين کارائي پوءِ پاڻ کائين، ۽ پهريائين کين سمهاري پوءِ پاڻ سمهن.

هڪ ٻي ڳالهه جيڪا ڪچي توڙي ٿر ۽ ريگستان جي عورتن ۾ عام ڏٺي ويندي، اها آهي سندن شرم ۽ حيا، لڄ ۽ پردو. اوهان کي ته خبر آهي ته ٻهراڙيءَ جون پورهيت عورتون هارياڻيون، مايون ٻايون ۽ دايون برقعو ڪونه پائين. تنهن هوندي به ڪو ائين ڪونه چئي سگهندو ته ’مون ڪنهن ٻهراڙيءَ جي منهن اگهاڙيءَ عورت کي چتائي ڏٺو يا ساڻس اکيون اکين ۾ ملايون!‘ ڇاڪاڻ ته اهي منهن اُگهاڙيون عورتون ڪڏهن به اک کڻي ڪنهن غير مرد ڏانهن نه ڏسنديون آهن، ۽ ڌاريو مرد ڏسي پاڻمرادو حجاب ڪنديون آهن، اُهو ئي سچو ۽ اصلي پردو هوندو آهي- جيئن قرآن شريف ۾ الاهي فرمودو آهي ته.... ”انهن مومن عورتن کي چئو ته اُهي پنهنجي اکين تي قبضو ڪن.“

ڪچي جا ٻار غضب جا ارڏا پر بلا جا محنتي ۽ غيرت وارا آهن. سندن تعليم نهايت آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي. ماسترن لاءِ سٺو موقعو آهي ته هو ايندڙ نسلن جي تعمير ڪندي انهن مان غازي، شهيد ۽ مجاهد پيدا ڪن ۽ عالم، فاضل، ڏاها، ايماندار ۽ محنتي پورهيت تيار ڪن.

 

ماڻهو ۽ سندن ڌنڌا

 

پوک ڪاريگري ۽ واپار اصل کان سنڌ جي درياهي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جا خاص ڌنڌا پئي رهيا آهن.

عيسوي سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. ان بعد هنن جيڪي گورا عملدار هتي حڪومت هلائڻ لاءِ مقرر ڪيا انهن سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن ۽ ملڪي حالتن بابت ڪتاب لکيا، جن مان مسٽر رچرڊ برٽن جو لکيل ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ هڪ مشهور ڪتاب آهي.

هن ڪتاب ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ ماڻهن بابت برٽن بيترسيءَ ۽ ٺٺول کان ڪم ورتو آهي. هو چوي ٿو ته: سنڌ، ”سنڌو درياهه جي ڏکويل وادي آهي.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته ”سنڌ، هميشہ کان هُڙين ۽ شڪارگاهن، ٻيلن ۽ جهنگلن سان ڍڪيل هڪ ملڪ پئي رهي آهي، جنهن ۾ ڪو نالي ماتر واپار، صنعت ۽ ڪاريگري به نه هئي. ان ۾ ڪنا ۽ گندا شهر آهن، جن ۾ فقيرن ۽ پينن جي ٽولين جي ٽولين کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو. ان جا حاڪم سواءِ وڙهڻ، شڪار ڪرڻ ۽ پنهنجي عقيدي جي پرچار ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪين ڄاڻن- هڪ اهڙو ملڪ، جنهن جا ماڻهو جاهل، ڄٽ، مغرور، بي صبر، جهيڙاڪ ۽ پوئتي پيل آهن، جن ۾ نه تهذيب جا ڪي گڻ آهن ۽ نه وحشپڻي جا ئي ڪي اوصاف منجهن آهن؛ جنهن جا هاري ناري اڌ بکيا ۽ مظلوم آهن، جن کي حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽ مفلسي کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڏنو ويو آهي.“

پر سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ هڪ سکيو ستابو ملڪ هو. پراڻن شهرن جي ڦٽل دڙن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي کيتي اصل کان اوج تي هئي؛ صنعت ۽ ڪاريگري سڌريل هئي. ان جا شهر سکيا ۽ آباد هئا. اُن جو واپار گهڻي انداز ۾ سمنڊ پار ملڪن سان هلندو هو. ان جا واپاري هندستان ۽ يورپ جي پري پري وارن پرڳڻن تائين ويندا هئا. [سنڌ جي تواريخ سنڌونديءَ جي وهڪري وانگر هميشہ ورن وڪڙن واري پئي رهي آهي، جنهن جو سنڌ جي کيتيءَ ۽ واپار تي خاص اثر رهيو آهي.]

هڪ انگريز فاتح جي نظر ۾ ته سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهو کڻي ڪهڙا به هجن، پر اها ڳالهه ته هر ڪنهن کي معلوم آهي ته سنڌي سٻاجهڙا آهن. اُٿڻيءَ وهڻيءَ، ننگ ناموس، مهل موقعي ۽ کارائڻ پيارڻ جا ته مڙس ماڻهو آهن، پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ، سهپ ۽ صبر ۾ مسڪين آهن. ڪنهن کي ڪين چون ته تنهنجي منهن ۾ ڇا آهي. چون ته

اڳ اڳرائي جو  ڪري خطا  سو  کائي؛

پَلوء ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

سستيءَ ۽ ٻئي تي ڀاڙڻ مان ڄاڻن ئي ڪين- نه رڳو پاڻ ڪمائي کائين پر پاڻ ڪمائي ٻين کي پهريائين کارائين ۽ پاڻ پوءِ کائين! ياري رکن ته چون ”ننگ در آهن. باقي يار تان سر به صدقو آهي“. سچار، وفادار، اورچ ۽ ڪشاديءَ دل وارا ماڻهو آهن.

منجهانئن جيڪي درياهه جي وٽ يا سمنڊ جي ڪناري سان رهن ٿا سي ته اڃا ئي وڌيڪ درياهه دل ۽ اونهي هانءَ وارا آهن- پورهيي ۾ سندن ڪو مٽ نه آهي. سارو ڏينهن ڪم ڪار ۾ رڌل رهن ٿا- هنر ڪاريگري ۽ وڻج واپار ۾ جيتوڻيڪ پڪي وارن ماڻهن تي سندن گهڻو آڌار آهي تڏهن به قدرتي وسلين کي ڪم آڻيندڙ هي ماڻهو وڻن ٽڻن، ڪکن ڪانن ۽ ڪتب آندل شين کي ٻيهر ٺاهي جوڙي ڪم ۾ آڻڻ جا ڪوڏيا آهن: کارا ٺاهڻ، ڪنڌيون واڻڻ ۽ رليون سبڻ ته ڪو کانئن سکي.

سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي قدرتي ڀاڱن تي نظر ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ جي زمين کي پنجن قدرتي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: سرو، لاڙ، وچولو، ٿر ۽ ڪاڇو.

 

سرو: اُتر وارو ڀاڱو مٿانهون آهي جنهن ڪري ان کي سرو چوندا آهن- هتان جي ماڻهن کي عام طور اُتراڌي سڏين، ۽ عام چوڻي آهي ته:

”اُتر جو ڍڳو ۽ لاڙ جو ماڻهو برابر آهن!“

انهيءَ جو مطلب ٿيو ته اُتر سنڌ جا ماڻهو ته ماڻهو، ڍڳا به اهڙا سمجهدار آهن جهڙا لاڙ جا ماڻهو!

 

وچولو، سِري ۽ لاڙ جي وچ واري ڀاڱي کي وچولو چوندا آهن- هتي اچي سنڌي ٻوليءَ جو اُچار ۽ لهجو مٽجي ٿو- اُوتراڌي چون کٽان: من ۽ ماتو، پر هتان جا ماڻهو چوندا کٽون، من ۽ مون چيو- يعني ٻوليءَ جي لحاظ کان هي ماڻهو پڪا پختا آهن. ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ به پڪائيءَ ۽ سادگيءَ کي پسند ڪندا آهن.

 

لاڙ: ڏکڻ وارو ڀاڱو هيٺانهون يا لڙيل آهي، تنهنڪري انهيءَ ڀاڱي کي لاڙ چوندا آهن. لاڙ جا ماڻهو قربدار، ڪاريگر ۽ ايمان وارا آهن.

”دهري ابل جي مان لاڙان آڻايان.“

سنڌ جو هڪ مشهور سهرو (گيت) آهي.

 

ٿر: سنڌ جو اوڀر وارو پاسو اڪثر وارياسو آهي، جنهنڪري منجهس آبادي به ٿوري ٿئي ٿي. انهيءَ کي ريگستان يا ٿر سڏبو آهي. سکر ضلعي کان وٺي، هرهڪ سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جا ٿورا گهڻا حصا هن ۾ اچي وڃن ٿا. هتان جا مارو ماڻهو سادا سودا، اٻوجهه، پر اهي اٻوجهه جن لاءِ چيو اٿن ته ”چريا کريا آهيون پر يار پرکيا اٿئون.“ الله ٻاجهون ڪنهن جو آسرو ڪونه ڪن. ڀٽائي گهوٽ ٿرين جي باري ۾، ڪهڙو نه ڀلو بيت چيو آهي:

مَٿن  ٽٻڪ   ٽُٻَڪڙا  چِڪَندڙا  اچن،

کُڙيون کيهه ڀَڪُليِون، پگهر سر پيرن،

اي وڙ ويڙهيچن مون لوڏان  ئي لکيا.

 

هي ڀاڱو جيتوڻيڪ نه درياهه جي وٽ سان آهي ۽ نه ان جي ميداني علائقي اندر ڪنهن واهه، موڪ يا پيچ تي آهي، پر پوءِ به ٿر جي زمين وسڪاري کان پوءِ ڏسڻ وٽان آهي. ان وقت هن ڀاڱي کي ”سنڌ جو ڪشمير“ چوندا آهن، اُن موسم ۾ هتي عجب گلزاري، قسمين قسمين گاهه وليون ۽ ٻوٽا پاڻمرادو اُڀريو اچن، سارنگ ساٺ ڪري، وڄون وسڻ اچن ته لاکيڻي لطيف جو روحاني آواز اچي:

بر وٺا ٿر وٺا وٺيون ترايون،
پرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون،
ساري ڏهن سامهيون ٻولاهيون رايون،
ٻايون ۽ دايون پکي سونهن پانهنجي.

[هتان جا ماڻهو، ڍور ڍڳا ۽ ٻيا جانور کايو پيو، رب جو شڪر ويٺا ڪن. سوڪهڙي جي ڏينهن ۾ به هو بک ڪونه ٿا مرن- نڪو ڪنهن کان پنن ٿا. وسڪارو نه ٿيو، ٿر ۾ ڏڪر منهن ڪڍڻ شروع ڪيو، ته هي ماڻهو جيڪي هونءَ به مال جي چاري سانگي ٿر ۾ پيا گهمندا ڦرندا آهن لڏيو اچيو ميرپورخاص يا حيدرآباد واري پاسي محنت مزدوري ڪن ۽ پيٽ پالين.]

 

ڪوهستان: سنڌ جو اولهه وارو ڀاڱو جابلو ۽ ٽڪرائتو آهي. اُنهيءَ ڀاڱي ۾ هالار جبلن جي قطار آهي، جنهنڪري ڪوهستان جي نالي سان به سڏجي ٿو. زمين جي خيال کان اسين ان کي ”ڪاڇو“ چئون ٿا.

مرحوم الهه بچايو سمون پنهنجي ڪتاب ”سير ڪوهستان“ ۾ هتان جي ماڻهن جي باري ۾ ڏاڍو سهڻو بيان ڏنو آهي.هتان جون مائرون پٽن کي چون:

ڌؤنرو ڌڱ ڀڃي لڱ،
پٽڙا کٽڙو مٺڙو،
پيءُ ته ڏٽڙو مٽڙو.
 

انهن جي مهمان نوزايءَ جي به سڄي ملڪ ۾ واکاڻ آهي. پر سڀ آهي هوند سان- هوندو هڙ تي ته پرين کي پيش ڪبو، نه ته به جيڪي حال سو پريان نال!

سنڌ جو هي ڀاڱو به ٿر وانگر وَٺي تي آهي- وس ٿيندي، نيون لهنديون ته ماڻهو بند ٻڌي، پاڻي ڪٺو ڪري، پوک ڪندا آهن.

سنڌي ماڻهن ۾ هي چوڻي عام آهي ته:

”اُتم کيتي  وڌندڙ واپار،

نيچ نوڪري پنڻ بيڪار“.

چون ”کيتي سر سيتي“. سو جن کان سري سگهيو ٿي، تن کيتيءَ کي پنهنجو ڌنڌو بنايو. کيتيءَ سان گڏ مال ڌارڻ ۽ هٿ جي هنرن جا بيان ڌنڌا جهڙوڪ جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، ڇُرَ ۽ ڪورڪو ڪم ۽ لوهارڪو ۽ ڊکاڻڪو ڪم سکيا ۽ انهن ۾ ڪمال ڪاريگري ڏيکاريائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org