سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :72

 

شاهه جي شاعريءَ جا سرچشما

 

هڪ عظيم شاعر جي شاعريءَ جو وڏو سرچشمو ته ان جي شاعرانه قوت ۽ شعر گوئي جو ملڪو هوندو آهي، جيڪو ان کي پيدائشي طور خلاق فطرت طرفان وديعت طور مليل هوندو آهي. جيئن جيئن ان شاعر جي تڪميلي مَلڪن، خيالن ۽ فطرت جي مشاهدن ۾ اوسر ايندي آهي ته شاعري به ارتقائي درجا طئي ڪندي رهندي آهي. اها ڳالهه ته دنيا جي هر وڏي شاعر سان لاڳو آهي. هتي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته ان بنيادي منبع ۽ سرچشمي کان سواءِ شاهه جي شاعري جا ٻيا ڪهڙا سرچشما ۽ وهونار آهن، جن لاکيڻي لطيف کي دنيا جي عظيم ۽ عالمي شاعرن جي پهرئين صف ۾ وڃي بيهاريو آهي ۽ جنهن جي نه رڳو پنهنجي ديس جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن شاهدي ڏني آهي، پر وڏن پرديسي عالمن ۽ اديبن پڻ ان حقيقت جو کليل اکرن ۾ اعتراف ڪيو آهي.

1- سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ شاهه جي ان تي قدرت:

ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اعليٰ شاعري ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي ته ان ٻوليءَ جي الفاظن، محاورن، امثالن ۽ پهاڪن تي ان شاعر کي خصوصي قدرت ۽ پهچ هجي. ويتر اها ٻولي آڳاٽي، سڌريل ۽ وسيع هوندي ته اها ڳالهه شاعريءَ لاءِ سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏيندي. منهنجي خيال ۾ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو اهوئي مکيه سرچشمو آهي، جنهن سندن ڪلام ۽ شاعريءَ کي مهاساگر سمونڊ بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي ٻين ڀينر ٻولين جي ڀيٽ ۾ قدامت، وسعت ۽ انفراديت عملي ۽ تحقيقي لحاظ سان هڪ مڃيل حقيقت آهي. ساڳي ريت حضرت شاه ڀٽائي جي سنڌي ٻوليءَ تي قدرت به ڪنهن دليل جي محتاج نه آهي. ان لاءِ سندن ڪلام ۾ پنهنجي جاءِ تي وڏو دليل موجود آهي. هن سرچشمي جي اهميت اوهان کي علامه ابن خلدون جي هن تحقيق مان ملندي جو هو پنهنجي جڳ مشهور تاليف مقدمه ۾ فرمائي ٿو: ڪوبه شاعر يا اديب جڏهن پنهنجي اندروني امنگن ۽ جذبن کي پڌرو ڪرڻ گهري ٿو ته جنهن ٻوليءَ ۾ هو شاعري ڪري رهيو آهي، ان ٻوليءَ جي الفاظن تي ان کي پوري پهچ هجي، ڇوته نظم هجي يا نثر ان کي فني حيثيت ۽ برتري الفاظن سان ئي حاصل ٿيندي آهي. معنائون لفظن جي تابع هونديون آهن ۽ اهي ته سڀ ڪنهن جي ذهن ۾ موجود هونديون آهن ۽ الفاظ انهن جي لاءِ قالب سمان هوندا آهن. تڏهن جيڪو الفاظن تي پهچ نه ٿو رکي، سو ان ٽنڊي منڊي وانگر آهي، جيڪو اٿڻ لاءِ ته گهڻا سانباها ڪري ٿو، پر سگهه نه هئڻ ڪري هو اٿي نه ٿو سگهي.

اعلم ان صناعة الڪلام نظما ونثرا انما هي في الالفاظ وانما المعاني تبع لها الخ (مقدمہ ابن خلدون ص577 طبع مصطفيٰ مصر)

2- خيال جي بلندي:

هڪ عظيم شاعر جي شاعريءَ جو وڏو سرچشمو خيال جي بلندي هوندي آهي. ان کي فلسفي جي زبان ۾ تخيل به سڏيو ويندو آهي. شاه صاحب جي شاعريءَ جو ٻيون وڏو سرچشمو اهوئي آهي. اها قوت جنهن شاعر ۾ جيترو وڌيڪ سمايل هوندي، اوترو ئي هو وڏو شاعر ليکجڻ ۾ ايندو. تخيل جي ذريعي هڪ باڪمال شاعر اڻ موجود شين کي وجود عطا ڪري سگهي ٿو ۽ غير محسوس کي محسوس بنائي سگهي ٿو. ماضيءَ جي واقعن کي حال جي صورت ۾ مستقبل کي ماضيءَ جي صورت ڏئي سگهي ٿو. عالمن جو رايو آهي ته هيءَ قوت ڪسب يا پرائڻ سان هٿ نه ايندي آهي، پر اها هڪ شاعر لاءِ پيدائشي نعمت آهي، جنهن کي هو فطري طور پاڻ سان گڏ آڻيندو آهي.

اسان جو شاعرن جو شاه دنيا جي انهن چونڊ عالمي شاعرن مان هڪ آهي، جيڪو نهايت بلند تخيل جو مالڪ ۽ بادشاهه آهي. جيڪڏهن سندس شعر کي هن سرچشمي جي ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته ورلي ڪنهن ٻئي شاعر جو ڪلام، شاهه جي شعر سان تخيل جي بلنديءَ ۾ ڪر ساهي سگهندو. سُهڻي پرينءَ جي وصال لاءِ درياهه ۾ گهڙڻ گهري ٿي، ان وقت درياءَ ۾ وهه- تک ۽ ڪُنن جي ڪڙڪن جي ڇا ڪيفيت هوندي آهي، ان جو اسان جو شاهه هن طرح نقشو چٽي رهيو آهي:

دهشت ڌوم درياه ۾، جت جايون جانارن،

نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن

درندا درياهه ۾، واڪا ڪيو ورن،

سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن،

پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،

ڪو جو قهر ڪُنَ ۾ ويا ڪين ورن،

اتي اَڻتارُن، ساهڙ! سير لنگهاءِ تون.

(سر سهڻي داستان 2)

لطيف رح جيتوڻيڪ سهڻيءَ کي درياءَ ۾ ٻڏندو ۽ لهرن ۾ لڙهندو نه ڏٺو هو، پر تخيل جي بلنديءَ سان هن واقعي کي جنهن نموني بيان ڪري رهيو آهي، ان مان اهو پڌرو ٿئي ٿو ته شاهه ڄڻ ته اتي موجود هو:

گهڙي گهڙو هٿ ڪري، الله تهار،

ڄنگهه ڄرڪي وات ۾ سسي کي سيسار،

چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لڙهيس وار،

لکين چهٽيس لوهڻيون ٿيلهيون،

ٿر نئون ڌار- مڙيا مچ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

حقيقت نگاريءَ جي خيال کان سهڻيءَ جو جنازو پکي پکڻ پڙهي نه ٿا سگهن ۽ نڪي اهي ميت کي ڪلها ڏئي ڪانڌي بڻجي سگهن ٿا، پر اسان جي شاهه ان کي ڪهڙو نه خيالي ويس پهرائي حقيقت سان متشابهه بڻائي ڇڏيو آهي:

ڪانڌي ڪانگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،

ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،

اکين ملڪ ڏٺاس، تون مون ڪاڍو ميهار ڏي.

هيءُ به شاهه جي تخيل جو اعجاز آهي جو سهڻيءَ جي سڪ ۽ سوز جو بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته سندس عشق ۽ محبت جي اسٽاٽ درياهن کي به هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو.

سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ

وهه وڃايو پاڻ، هتي ڪنڌ ڪپن سين

شاهه جي شاعريءَ جو هيءُ سرچشمو ايڏو وسيع موضوع آهي، جو ان تي مستقل مڪالمي جي ضرورت آهي.

3- اڳ وارن وڏن شاعرن جي تخليق جي ڄاڻ

علامه ابن خلدون شاعريءَ جي ملڪي لاءِ اهو به ضروري ٺهرايو آهي ته شاعر کي پاڻ کان اڳ وارن بلند پايه شاعرن جو ڪلام ياد هجي. مثال طور جيڪڏهن ڪو عربيءَ ۾ شاعرانه طبع آزمائي ڪرڻ گهري ٿو ته کيس حبيب، يا عتابي ابن معتز يا ابن هاني يا شريف رضي يا ابن مقفع جا رسالا ياد هوندا ته ان ۾ شاعرانه ملڪو ۽ قوت ان ٻئي شاعر کان وڌيڪ هوندي، جنهن ان کان گهٽ درجي وارن شاعرن جو ڪلام ياد ڪيو هوندو.

لابد من کثرة الحفظ لمن يروم تعلم اللسان العربي - فمن کان محفوظہ شعر حبيب او العتابي او ابن المعتز او ابن هاني او الشريف الرضي او رسائل ابن المقفع الخ (مقدمہ ابن خلدون ص528 طبع مصر)

ادب  شاعريءَ جي هن سرچشمي جي خيال کان اسان کي شاه صاحب جي شاعري، ڪلام ۽ سوانح جي مطالعي مان ڪي اهڃاڻ نظر اچن ٿا، جن مان اها پڪ ٿئي ٿي ته ڀٽائي صاحب جي بنيادي شاعريءَ جي اوسر ۾ انهيءَ سرچشمي کي به ڪجهه دخل ضرور آهي. ڀٽائي صاحب جنهن ماحول ۽ خاندان ۾ پيدا ٿيو، ان ۾ سندن والده شاه حبيب کي ڏسجي ٿو ته هو هڪ وڏو باڪمال بزرگ ۽ اهل الله هو. ڏهين ۽ يارهين صديءَ جي سنڌي صوفين پنهنجي فڪر، فلسفي ۽ عرفان کي عام تائين پهچائڻ لاءِ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ شاعريءَ کي ذريعو بنايو هو. شاهه حبيب رح جا به ڪجهه ابيات ملن ٿا. ”شاهه حبيب: لڳي لڳي واءُ ويا انگڙا لٽجي.“ ”ڀٽائي صاحب: پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“ ۽ کانئس اڳ ان جو جد امجد شاه عبدالڪريم بلڙي وارو ته وڏو باڪمال سنڌي شاعر هو. ڀلا اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته شاهه ڀٽائي کي سندس جدامجد شاهه ڪريم جي مقبري جي تعمير سان ته دلچسپي هجي جو ملتان پهچي به ان لاءِ تعمير جو سامان خريد ڪيائين، سو پنهنجي جدامجد جي علمي ۽ ادبي سرمايي کان ڪيئن بيخبر هوندو؟ هوڏانهن سندن حضور ۾ جيڪو ڪلام ڳايو ويندو هو، انهن ۾ شاهه ڪريم جا ڏوهيڙا به اچي وڃن ٿا.

ان کان سواءِ سندن سوانح نگارن اهو لکيو آهي ته شاهه صاحب هميشه پاڻ سان گڏ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ کي رکندو هو ۽ سُر يمن ڪلياڻ جي پنجين داستان ۾ ته سڄا سارا ڇهه بيت روميءَ جو نالو وٺي ان جي فڪر ۽ راءِ جي بيان لاءِ آندا اٿس. ساڳي ريت رسالي ۾ جيڪي حضوري ڪلام ٻين اڳوڻن فارسي گو يا سنڌي شاعرن جو ملي ٿو، ان مان به اهو اوضح ٿئي ٿو ته اهو ڪلام ڀٽائي صاحب جي حضور ۾ پڙهيو ويندو هو. اهڙن شاعرن مان شاهه ڪريم کان سواءِ ٻيا مکيه شاعر هي آهن: فريد الدين عطار (سر يمن ڪلياڻ داستان 4)

حمد بيحد مرخدائي پاک را

آنکه ايمان داد مشت خاک را

حافظ شيرازي:

حڪيم سنائي ملکا ذکر تو گويم که تو پاکي و خدائي

نه روم من بجز آن ره که تو آن راه نمائي بيراگ هندي

مولانا جلال الدين رومي

کيف مد الظل، نقش اوليا است

گو دليل نور خورشيد خدا است

(64 بيت)

دادو (بيراگ هندي):

دادو دعويٰ ڇوڙوي، تو هووي خير ڪا خير،

نا کسي کي دوستي نا کسي کا وير

سرد هير سارو سر، شاه عنايت، شاه ڪريم ۽ ٻيا.

شاه صاحب تحقيق پاڻ کان اڳ وارن شاعرن جي ڪلام کان چڱيءَ طرح واقف هئا، پر اهو سندن ڪمال آهي جو انهن هڪ نئين راه اختيار ڪئي ۽ اڳين جي بنهه تقليد ۽ پوئلڳي کان پاسو ڪيو.

4- قرآن حڪيم شاه صاحب جي پنهنجي تصريح پٽاندڙ:

جي تو بيت ڀائيا سي آيتون آهين،

سڳر سهائين پريان سندي پار ڏي.

هن مان پڌرو ٿئي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ لاءِ قرآن حڪيم کي پهريائين پاڻ سمجهيو ۽ ان جي تعليم کي پنهنجي سيني ۾ هنڍايو، ان تي عمل ڪيو ۽ پوءِ ان جي ڪيترن آيتن کي پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ اقتباس طور ڪم آندو. ان طرح اسان کي هن دنيا ۾ ٻه اهڙا شاعر نظر اچن ٿا، جن ايڏي وڏي دعويٰ ڪئي جو پنهنجي ڪلام کي قرآن مجيد جي تعليم جو روح سڏيو. هڪ مولانا جلال الدين رومي جنهن اڳ فرمايو:

مثنوي مولوي معنوي

هست قرآن در زبان پهلوي

۽ ٻيو اسان جو سنڌ جو سدا حيات شاعر ڀٽائي صاحب. شاه صاحب جو اهو ڪمال آهي جو اڪيچار آيتن کي پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ پوئي ڇڏيو اٿس. سرود آسا ۾ اچي ٿو:

صلح جن سڄڻ سين سيج ماڻيندا سي

الذين آمنوا وکانوا يتقون

ان اڀريا جي نئين نونڌين تي

ڏکي چٽي چاڙهيا.

48 فصل چهارم

اسين سڪون جن کي، اسين پڻ سيئي

لم يلد ولم يولد ون اوڏاهين بيهي

فصل 4

سرود مارئي:

الست بربکم جڏهن ڪن پيوم

قالوا بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم

تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين

 

جڏهن کن فيکون من تڏاهڪو مارئين،

تون ڪيئن وجهين تن کي سومرا شڪو؟
هميرن هڪون جاڙ جسيکي پاتيون.

قسمت قيد ڪياس، نا ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾

ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد وطن آءٌ ويندياس

مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهن

لا تقنطوا من رحمت الله، ٿا ڪن لات لسان

سبحان الذي اسريٰ بعبده ساره ڪن سبحان،

کل نفس ذائقة الموت، بيحد ڪن بيان

قوت جن جو. والکاظمين الغيب والعافين عن الناس والله يحب المحسنين

امر تن احسان، تن کي توڙان طلب تنهنجي،

هيڪ فڪر ۽ فرقان، سي مولا ميڙين مان، الله آجڙ وار کي.

مارئي جو ڏهون داستان ته قرآن مجيد جي سورتن جي نالن ۽ آيتن سان ڀريو پيو آهي.

5- حديث ۽ صوفين سڳورن جا مقولا:

شاهه جي شاعريءَ جو پنجون سر چشمون اسان کي سندن ڪلام جي مطالعي مان نبي سائين جي حديث ۽ صوفين سڳورن جا مقولا نظر اچن ٿا.

مارئي 12:

جهڙو قيد الماءَ، تهڙو بند نه ڪو ٻيو

جف القلم بما هو کائن، لهي نه ترتئا

عمر! تو هٿان ٿئي آجائي آجڙيين.

6- ڪائنات جو مشاهدو:

قوت تخيل جو اهو ڪم هوندو آهي جو انسان جي ذهن ۾ تجربي يا مشاهدي سان معلومات جو جيڪو ذخيرو گڏ ٿيندو آهي، قوت خيال ان کي ترتيب ڏئي، دلڪش انداز ۾ پيش ڪندي آهي. فطرت ۽ ڪائنات جو مشاهدو شاعريءَ لاءِ اهم سرچشمو شمار ڪيو ويندو آهي. ڇوته شاعريءَ ۾ جيڪڏهن رڳو تخيل کي ڊوڙائبو ته اها هڪ بي حقيقت شيءِ ٿي پوندي ۽ اهڙي شاعري حڪمت ۽ دانائي نه ڳڻي ويندي، هڪ انسانيت جي ترجمان ڀٽائي صاحب جهڙي شاعر لاءِ ضروري آهي ته هو جنهن ملڪ، سماج، ماحول ۽ قوم جي عڪاسي پنهنجي شعر ۾ ڪري رهيو آهي، ان جو پاڻ به ڳوڙهي نظر سان مطالعو ڪيو هجي. تڏهن ئي سندن ڪلام خيالي دنيا کان ٻاهر نڪري مقصديت ۽ حقيقت پسنديءَ جي قالب ۾ ڪورجي ويندو، لطيف به شاعريءَکان اڳ هن ديس جي هر ڀاڱي کي ڏٺو، هتي ريتن، رسمن، رهڻي، ڪهڻي ۽ لوڪ ڪهاڻين وارن هنڌن کي پنهنجي اکين سان پسيو ۽ پوءِ ئي پنهنجي ڪلام جي تعمير خيال سان گڏ مشاهدي جي پيڙهه تي ٻڌي ۽ ان ئي ڳالهه لطيف سائين کي دنيا جو عظيم ۽ لافاني شاعر بنائي ڇڏيو.

 

 

حضرت داد شهيد

انڊس هائي وي تي سن ڏانهن ويندي واٽ تي حضرت داد شهيد جو مقبرو هڪ پاسي پهاڙيءَ تي نظر ايندو، جنهن تي هر سال سنڌ جي روايتي دستور پٽاندڙ ميلو ۽ عرس به ٿيندو آهي ۽ سوين زيارتي اتي ايندا آهن. ان بزرگ جي شهادت جو واقعو هن طرح آهي جو هڪ عورت مٿس عاشق ٿي پئي. فقير ڌنار هو ۽ سچو خدا وارو هو، مائي گهڻا ئي وس ڪيا، پر فقير پري رهيو، هڪ ڀيري اها عورت به جهنگ ۾ هلي آئي ۽ فقير کي ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪيائين، آخر ۾ بيحياءُ ٿي بيٺي، پر فقير هڪ به نه ٻڌي ۽ نماز ۾ شروع ٿي ويو. عورت کي به ڏاڍي مٺيان لڳي، جنهن وڃي پنهنجي مائٽن سان فقير تي، هٿين پوڻ جي تهمت هنئي. انهن به ڪا تحقيق نه ڪئي ۽ اچي فقير کي نماز جي حالت ۾ شهيد ڪيائون، جو پوءِ هلي پڇتايائون ته فقير جو ڪو ڏوهه نه هو. جناب عنايت الله صاحب تخلص ڌمچر، هن سڄي قصي کي نهايت سهڻي سنڌي نظم جو لباس پهرايو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو:

ٿلهه:   دولهه داد ڌنار دلاور نفس امارو نائي ويو دڳ لائي ويو.

(1)     گوهر گوده چارڻ آيو، شرم شرارت شور مچايو،

        پورهيت پاڻ بچائي ويو، دڳ لائي ويو.

(2)    حريص هڪدم حاضر آيو، عاشق جو اڄ عرض اگهايو،

        سالڪ سير بچائي ويو، دڳ لائي ويو.

(3)    چنڊ چٽو ٿي چلڪڻ چڙهيو، جهنگل سارو منگل بڻيو،

        ميهر منهن مٽائي ويو، دڳ لائي ويو.

(4)    عاجز بنجي عازيون ڪيائين، نخرا ناز نياز پنائين،

        صوفي صاف مٽائي ويو، دڳ لائي ويو.

(5)     ڦاٿل شينهن شڪار نه چڙهيو، محبت وارو منڪر بڻيو،

        رهبر راز ڇپائي ويو، دڳ لائي ويو.

(6)    ڊوهه دغا جا دڙڪا آيا، ڪامل ڪنهن کان ڪين ڪنايا،

        شير شهادت پائي ويو، دڳ لائي ويو.

(7)    سجدي ۾ سر نيڪ نمايو، ترت ترارين تجلو لايو،

        سوره سر ڪٽائي ويو، دڳ لائي ويو.

(8)    ذات ڌنارن ڌمچر لايو، سنڌ سموري سوڳ ملهايو،

        يوسف سنڌ سڏائي ويو، دڳ لائي ويو.

 

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ”وصيت نامو“

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (رح) (1104ع 1174هه) جي ذات گرامي ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سندس علمي عظمت جو اعتراف نه رڳو گڏيل هندستان جي علمي طبقي کي آهي، پر سڄي عالم اسلام ۾ کيس سنڌ جو وڏو محدث ۽ فقيهه سڏيو وڃي ٿو. مخدوم صاحب پنهنجي دور ۾ تصنيف، تدريس، تبليغ ۽ رشدو هدايت جي ذريعي اسلام ۽ مسلمانن جي جيڪا خدمت ڪئي، ۽ بڇڙين بدعتن خلاف جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو، تنهن کي ڏسندي سنڌ ۾ 12 صديءَ جو کيس مجدد سڏجي ته بجا آهي.

سندس تجديد جو اهو وڏو ڪارنامو چئجي جو  هن هڪ پاسي مسلمانن جي ديني ڀلائي جو خيال رکي عربي، پارسي ۽ سنڌيءَ ۾ سڄا سارا ڏيڍ سو ڪتاب تصنيف فرمائي، علمي دنيا تي وڏو احسان ڪيو ته ٻئي طرف وقت جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان پروانو هٿ ڪري عملي طور به مسلمانن جي اصلاح ۽ کين بڇڙين بدعتن کان آزاد ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ ڪڏي پيو. انهيءَ ڏس ۾ امام ربانيءَ وانگر کيس به وقت جي ڪن وڏن ماڻهن جي مخالفت ڪري سور سختيون سهڻيون پيون ۽ پنهنجي شيخ مخدوم محمد معين ابن مخدوم محمد امين ٺٽويءَ (وفات 1161هه) سان به ٽڪر کائڻو پيو.(1) جا ڪا رواجي ڳالهه نه هئي، پر جڏهن ته مخدوم محمد هاشم رح جي نيت صاف هئي ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ نائب رسول جي حيثيت ۾ ظاهر شريعت قوانين جي عزت ۽ وقار برقرار رکڻ لاءِ ڪري رهيو هو، تنهن ڪري ڌڻي پاڪ هميشه کيس ئي سوڀارو فرمايو. راقم الحروف کي شاگرديءَ جي زماني کان ئي سنڌي محقق عالمن جي تصنيفن پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق رهندو آيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ مولانا عبدالرشيد نعماني ۽ ٻين ٻن عام دوست ساٿين کي ساڻ ڪري پير جهنڊي ڏانهن وڃڻ ٿيو هو. پير صاحبن پنهنجي روايتي رواداري ۽ مهمان نوازيءَ جو ثبوت ڏيندي اسان لاءِ ٻه ڏينهن پنهنجي علمي لائبريريءَ کي کليل رکيو. انهيءَ مختصر مدت ۾ سوين نادر ۽ ناياب ڪتاب نظر مان گذريا، جن ۾ سنڌي محقق عالمن جا به ڪيئي جواهر پارا هئا. خطي ڪتابن ۾ مخدوم محمد هاشم رح جو عربيءَ ۾ هڪ مختصر رساله ”الوصية الهاشمية“ نالي نظر آيو، جنهن تان منهنجي هڪ محقق عزيز نوٽ ورتا، پر سڄو رسالو نقل ٿي نه سگهيو، جنهن جي حسرت رهندي ٿي آئي. تازو ”مدرسي فيض عام“ سوڊن جي مهتمم مولانا الحاج عبدالڪريم ابن مولانا احمد الدين بخاريءَ کان قلمي بياض جي شڪل ۾ هڪ سوغات ملي، جنهن جي شروع ۾ مخدوم صاحب رح جو مٿيون رسالو ”الوصية الهاشمية“ موجود هو. رسالو ڪتابي سائيز جي 21 صفحن ۾ سمايل آهي. ڪاتب طرفان آخر ۾ هيٺين عبارت لکيل هئي:

ڪتبہ حاجي رجب ساڪن ”هالانو“ بتاريخ 3 ماه جمادي الثاني سال1282هه بوقت ظهر روز سومار ”جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته رڳو ڪتابت کي به 93 سال گذري چڪا آهن.“

هن رسالي ۾ مخدوم محمد هاشم (رح) پنهنجي ٻن پٽن هر هڪ مخدوم عبدالرحمٰن ۽ مخدوم عبداللطيف ۽ ٻين مريدن ۽ معتقدن کي وصيت فرمائي آهي. جڏهن ته ان ۾ ذڪر، اذڪار جي تلقين سان گڏوگڏ دين جي ٻين ڪيترين ضروري ڳالهين بابت تاڪيد فرمايل آهي، جو ديني درد رکندڙ عام مسلمانن لاءِ نهايت نفع بخش آهي، تنهن ڪري هتي ان جو سنڌي ترجمو  عرض رکان ٿو: الله تعاليٰ جي حمدو ثنا ۽ سندس موچاري مرسل تي صلوات پڙهڻ کان پوءِ مخدوم صاحب هن طرح خطاب فرمائي ٿو:

اي عبدالرحمٰن ۽ عبداللطيف! منهنجا ٻئي چڱا فرزندؤ! اوهان جو پالڻهار اوهان کي (آفتن کان) بچائي ۽ پنهنجي لطف سان اوهان ٻنهي کي نيڪيءَ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سمجهدار طالبن ۽ مريدن مان پيارا دوستو! آئون اوهان کي هر حال ۾ الله عزوجل کان ڊڄڻ جي وصيت ڪريان ٿو، ڇوته الله جو خوف ۽ تقويٰ ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن تي سڀني عملن جو دارومدار آهي  ان ۾ سڀ ڪو ڪمال سميٽجي وڃي ٿو. الله پاڪ پنهنجي عزت ڀرئي ڪتاب (قرآن) ۾ برگزيده اولياءَ الله کي (هن طرح) خطاب فرمايو آهي (ترجمو) جن ماڻهن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو، انهن ۽ اوهان کي اسان هيءَ وصيت ڪئي ته الله کان ڊڄو.

آئون اوهان کي الله پاڪ جي آخرت ڏانهن ڌيان ڪرڻ ۽ هيٺين شين کان منهن موڙڻ جي وصيت ڪريان ٿو: (1) دنيا ۽ ان جو سينگار، جيڪو مخلوق لاءِ رڪاوٽ جو ڪارڻ ٿئي. (2) دنيا جو ميڙڻ. (3) ان جي نفساني خواهشن مان نفعو پرائڻ. (4) دنيا جي فاني سينگار تي ڀنڀجي پوڻ، ڇوته الله تعاليٰ جنهن جو سڀ تي حڪم هلي ٿو، تنهن پنهنجي پياري رسول کي (هيئن) فرمايو آهي: (ترجمو) اي رسول! چؤ ته دنيا جو سامان ٿورو آهي ۽ آخرت ان لاءِچڱي آهي، جنهن (خدا جو) خوف رکيو ۽ انهيءَ بابت ئي هيءُ (عربي شعر) چيو ويو آهي:

(ترجمه) دينار (سوني مهر) جنهن (جي محبت) جو تون دم ڀرين ٿو، تنهن جي پڇاڙي باهه آهي. هن چالو درهم (پائلي) جي پڇاڙي ڏک آهي. (مطلب ته لفظ دينار جي پڇاڙي ۾ ”نار“ جو لفظ اچي ٿو ۽ نار عربي ۾ باهه کي چئبو آهي ۽ اهڙي طرح ”درهم“ جي آخر ۾ ”هم“ جو لفظ اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ غم آهي) جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن ٻنهيءَ جي محبت ۾ ٻڏل هوندو ته سندس دل باه ۽ غم جي وچ ۾ پئي عذاب کائيندي. هيءُ (فارسي شعر) به انهيءَ متعلق چيل آهي. (ترجمو) دنيا جڏهن ته گذر گاهه آهي، تڏهن درويشيءَ ۾ (رهڻ) ڀلو آهي. جڏهن حساب (جو خوف) سر تي بيٺو آهي، تڏهن ٿلهو ڪپڙو ڍڪڻ بهتر آهي. جڏهن روزي لکيل آهي تڏهن (هٻڇ ڇڏي ان لاءِ) معمولي ڪوشش چڱي آهي، جڏهن ته سڀ ڪو ٻول لکجي ٿو تڏهن ماٺ ۾ رهڻ ڀلو آهي.

اوهان پاڻ کي دنيا ۽ ان جي (نمائشي) سينگار ڏانهن محبت جي نظر ڪرڻ کان بچايو، ڇوته دنيا ڏيکاءُ ۾ ساوڪ ڀري آهي، پر اندر ۾ انسان لاءِ زهر قاتل آهي. ان کي رڳو عبرت جي نگاهه سان ڏسو، ڇوته اها ڪنهن سان به جٽادار نه رهندي ۽ سڀ کان فنا ٿيندي آهي. ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي سان جٽاءُ نه ڪندي.

آئون اوهان کي قناعت ڪرڻ ۽ (روزي لاءِ) پريشان نه ٿيڻ جي وصيت ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ ڪنهن ساهواريءَ جي روزي ۽ رزق جو الله پاڪ ئي ضامن آهي. ان پاڻ فرمايو آهي: (ترجمو) زمين تي سڀ ڪنهن جاندار شيءِ جو رزق الله تي ئي آهي. پوءِ تون وڏي دل ڪري ڏينهڙا گهار ۽ جنهن الله تي آس رکي ته اهو ان لاءِ بس آهي.

آئون اوهان کي وڏي عظمت واري ڍڪ ڍڪيندڙ الله طرفان رات ۽ ڏينهن ۾ لڳولڳ پهچندڙ نعمتن تي شڪر ڪرڻ جي وصيت ڪريان ٿو. اوهان کي ڪنهن به واسطي (۽ ذريعي) سان ڪابه نعمت پهچي ته ان کي الله ڏانهن ئي سمجهو ۽ انهن نعمتن تي الله پاڪ جي ذات لاءِ مناسب شڪر ادا ڪريو. الله پاڪ فرمايو آهي: (ترجمو) اوهان وٽ جيڪا به نعمت آهي، سا سڀ الله طرفان آهي.

مان اوهان کي هر وقت الله جي ذڪر ۽ ياد ۾ رڌل رهڻ جي وصيت ڪريان ٿو، ڇوته اهو شيطان جي وسوسن (۽ خيال خطرن) کي ختم ڪندڙ، دين جي دشمنن جي حملي کي روڪيندڙ ۽ الله سگهاري جي ياد جو ڪارڻ آهي. الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب متين (قرآن) ۾ (هن طرح) فرمايو آهي:

”اوهين مون کي ياد ڪريو ته آئون اوهان کي ياد ڪريان ۽ منهنجو شڪر ڪريو ۽ منهنجي نافرماني نه ڪريو. ذڪر ۽ قرآن جي تلاوت کي ترجيح ڏيو، ڇوته اهو الله غالب ۽ ڄاڻندڙ جو ڪلام آهي ۽ الله جي ڪلام کي ٻين ڪلامن تي فضيلت ائين آهي، جيئن الله جي سڀ مخلوقات تي فضيلت آهي.“ قرآن کان پوءِ سڀني ذڪرن ۾ افضل ذڪر ”لا الـٰہ الاالله“ آهي. جيئن حديث ۾ آيو آهي ته سڀني ذڪرن ۾ ڀلو ذڪر لا الـٰہ الاالله آهي. ان کان پوءِ آهي اسم ذات يعني ”الله“ سان مشغول ٿيڻ، ڇوته، اهو سڀني ذڪرن جو منڍ، مقصد ۽ نهايت آهي. جڏهن تنهنجي دل ۾ ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي ته اهوئي اسم اعظم آهي. اوهان ذڪر ۾ رڌل رهو، ڇوته ذڪر گناهن جي بخشش جو ڪارڻ آهي ۽ برگزيده نبي تي صلواة پڙهندا رهو، ڇوته درود ٻنهي جهانن ۾ ڇوٽڪاري جو ڪارڻ آهي. الله جي ذڪر ۾ ڪابه ڍر ۽ سستي نه ڪرڻ گهرجي، ڇوته اها (گهل) شيطان جو ڪم آهي. تندرستي ۽ فرصت نه هجڻ جو بهانو نه ڪريو، ڇوته انهن ٻنهي جو انتظار ڪرڻ ٽوٽائيپ (جي نشاني) آهي، جو ڪنهن به حالت ۾ ٺيڪ نه آهي.

آئون اوهان کي وصيت ٿو ڪريان ته ڏينهن رات بلڪ هردم الله عزوجل آڏو پنهنجي سڀني گناهن جي معافي گهرندا رهو. (ترجمو) ۽ اهوئي پنهنجي ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو. اوهان گناهن ڏانهن ٻيهر نه موٽڻ جو پڪو ارادو ڪريو ۽ پنهنجي ڪوتاهي جو هميشه اقرار ڪندا رهو ته جيئن اوهان جي توبهه سچي رهي، ڇوته جنهن ماڻهوءَ ڪنهن گناهه کان توبهه ڪئي ۽ اهو ان گناهه کي ڪندو رهيو يا ٻيهر ان گناهه ڪرڻ جو ا1رادو رکي ٿو ته سندس توبهه اڪارتي آهي.

آئون اوهان کي ننڍن ۽ وڏن گناهن کان پري رهڻ جي وصيت ڪريان ٿو. ننڍن گناهن کي اوهان معمولي نه سمجهو! ڇوته ٿورو زهر به ايئن ئي ماري ٿو، جيئن گهڻو ۽ مينهن به ڦڙا ڦڙا ٿي گڏ ٿيندو آهي.

مان اوهان کي وصيت ٿو ڪريان ته پنهنجي دلين کي ڪنهن به مسلمان سان دلي دشمني، ساڙ، کوٽ ۽ اندر جي گگر رکڻ، بدگماني ڪرڻ ۽ مومنن تي وڏائي ڪرڻ کان پاڪ رکو.

مريد گمنامي ۽ ڍڪيل رهڻ کي دوست رکندو آهي. ڏيکاءَ ۽ شهرت کي بڇڙو ڀائيندو آهي ۽ (اهو) ٺيڪ چيو ويو آهي ته مريد تيستائين سچو مريد نه ٿو ٿئي، جيستائين موليٰ سان (مشغول نه رهي) ٻانهن (خلق) کان بيپرواهه نه ٿئي ۽ وٽس سون ۽ مٽي هڪ سمان هوندا آهن. مريد اهو آهي، جنهن شرعي حدن جي حفاظت ڪئي، وعدن ۾ سچو رهيو، جيڪي وٽس موجود آهي، تنهن تي راضي ٿيو ۽ جيڪي کانئس گم ٿيو، تنهن تي صبر ڪيائين.

مريد اهو آهي، جنهن نعمتن تي شڪر، مصيبتن تي صبر ڪيو ۽ قضا تي راضي رهيو. ڏک سک ۾ پنهنجي پالڻهار جي واکاڻ ڪندو رهيو. ڳجهه ڳوهه ۾ به ساڻس سچو رهيو، سندس زبان هر بيسود ڳالهه کان باز رهي ۽ اهو دين ۾(1) چشم پوشي نه ڪندو آهي ۽ نڪي جهانن جي پالڻهار جو ناراضپو کڻي مخلوق کي خوش ڪندو. هو وحدت ۾ اڪيلائي سان ورونہ وٺندو ۽ ماڻهن جي گهڻي ميل ميلاپ کان ٽهندو آهي. صحيح بخاريءَ ۽ صحيح مسلم جي گڏ ڪندڙ حميديءَ (رح) چيو آهي: شعر (ترجمو) ماڻهن جي ملاقات اجائي هاءِ هوءِ کان سواءِ ڪوبه فائدو نه ٿي پهچائي، تنهن ڪري تون ماڻهن سان ملڻ گهٽ ڪر، مگر علم پرائڻ يا پنهنجي حالت سڌارڻ لاءِ (ملي سگهين ٿو)

سندس (سڄي) ڪوشش ۽ همت پنهنجي مولا جي راضپي ۾ هجي ۽ سندس سموري خواهش پنهنجي رسول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جي تابعداري ۾ رهي هر حال ۾ ان جي فرمانبرداري ڪري ۽ پنهنجي گهڻن ڪمن ۽ ٻولن ۾ سندس ئي اقتدا ڪندو رهي، جيئن الله سگهاري فرمايو آهي: جيڪي رسول اوهان کي ڏئي، تنهن کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي، تنهن کان روڪجي پئو.

اي الله! هر حال ۾ اسان کي سندس تابعداري نصيب فرماءِ ۽ انهيءَ تي اسان کي جيار ۽ انهيءَ تي اسان کي مار.

آئون اوهان کي وصيت ٿو ڪريان ته جيڪڏهن جاهلن مان ڪو اوهان کي ستائي ته بردباري ۽ عفو کان ڪم وٺي کيس معاف ڪري ڇڏيو، ڇوته تحقيق الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن جي پنهنجي ڪتاب (قرآن) ۾ تعريف ڪئي آهي. (ترجمو) جيڪي ڪاوڙ کي کائين ٿا ۽ ماڻهن کي معاف ڪن ٿا ۽ الله احسان ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.

اوهان پاڻ کي غصي  ڪاوڙ کان بچايو، ڇوته ڪاوڙ شيطاني ڪم آهي. مخلوق تي رحم ڪرڻ نه ڇڏيو، ڇوته رحمت رحمٰن طرفان آهي. چڱو گڻ ڌاريو! ڇوته چڱو گڻ ايماندار کي شب زنده دار ۽ روزائت جي درجي تي پهچائي ٿو. جهڳڙو مور نه ڪريو، توڻيڪ حق ۾ ڇونه هجي، ڇوته جهڳڙي نه ڪندڙ کي عمدن کاڌن واري بهشت جي خوشبخري ڏني وڃي ٿي. نوڙت ۽ هيٺاهين واري واٽ وٺو، ڇوته اها چڱي خصلت آهي. رستن تي نه ويهو! ڇوته ان ۾ مصيبت ۽ وبال جو خطرو آهي. نيڪ انسان سان اٿڻ ويهڻ ڪريو، ڇوته اهڙو ماڻهو مشڪ ۽ عنبر واري جهڙو آهي. بڇڙي ساٿيءَ کان پاڻ کي بچايو، ڇوته اهو ڦوڪڻيءَ واري(لوهر) جهڙو آهي.(1) ماڻهن جا مرتبا سڃاڻي ۽ انهن مان چڱن ۽ مٺن کي سڃاڻو، ڇوته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته ماڻهن کي سندن مرتبن تي رکو. (اڌ) ڇانو ۽ (اُس) ۾ نه ويهو ۽ نڪي اتي ننڊ ڪريو ۽ حلقه جي وچ ۾ به نه ويهو، ڇوته اهي شيطان جي ويهڻ جون جايون آهن.

اوهان مان ڪوبه (ناراض ٿي) پنهنجي ڀاءَ کي ٽن ڏينهن کان مٿي نه ڇڏي، پر جي اهو ناراضپو الله جي دين ڪري هجي (ته پوءِ جدائي جائز آهي) جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جو ڍڪ ڍڪي ٿو ته الله تعاليٰ ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڍڪيندو. اوهان سچ ڳالهائيندا ڪريو، ڇوته جنهن سچ ڳالهايو، تنهن ڇوٽڪارو لڌو ۽ ڪوڙ کان پري رهو! ڇوته جنهن ڪوڙ ڳالهايو سو هلاڪت ۾ پيو. دوستي به خدا ڪارڻ ۽ بغض به خدا ڪارڻ رکو! ڇوته اهي ٻئي خصلتون ايمان (جون نشانيون) آهن. يتيمن، مسڪينن ۽ پاڙيسرن جي حقن جي سار سنڀال لهو. رستي مان ايذاءُ ڏيندڙ شيءِ (ڪک ڪنڊو) هٽايو، ڇوته اهو صدقو آهي. سمهڻ مهل گهر ۾ باهه ٻريل نه ڇڏيو، ڇو ته اها ساڙيندڙ آهي. وقت جي بادشاهن جي مجلس ۾ انهن وٽ وڃڻ کان پاسو ڪريو، ڇوته اهو خواريءَ جو سبب آهي. علمي مسئلن ۾ تڪڙ نه ڪريو، ننڍن تي رحم ۽ وڏن جي عزت ڪريو ۽ مظلوم جي مدد ڪريو. جيڪڏهن اوهان سان ڪو بازاري يا عام ماڻهو جهڳڙو ڪري ته توهان ان سان جهڳڙو نه ڪريو، ڇوته ائين ڪرڻ سان عزت نه رهندي ۽ حشمت گهٽبي. اوهان انهن ماڻهن مان ٿيو، جن سان جيڪڏهن جاهل ڳالهائين ته (کين) سلام چوندا آهن. گهڻو نه کلو، ڇوته کل دل کي ماري ٿي. دين ۾ سستي کان پاسو ڪريو، ڇوته ان ڪري رب ناراض ٿيندو آهي. نماز کان پوءِ ڪجهه ذڪر ۽ ورد (وظيفا) ڪندا رهو ۽ هر مهيني ۾ ڪجهه ڏينهن روزا رکندا رهو. بڇڙن ڪمن ۾ ماڻهن جي پيروي نه ڪريو، پر انهن جي چڱن لڇڻن ۾ پيروي ڪريو. موت ۽ قيامت کي ياد ڪندا رهو. قبرن جي زيارت به ڪندا رهو، ڇوته ان سان نيڪي ياد ايندي آهي ۽ براين کان روڪ ٿيندي آهي. نيڪين ۾ سيگهه ڪريو ۽ بدعتي ماڻهن جي پاڙي ۾ نه رهو. ڪنهن ۾ به لالچ نه رکو. دل جي بي پرواهيءَ سان رهو. ڇوته اها مؤمن جو ثمر ۽ مدد آهي.

آئون اوهان کي رڳو اوهان جي ڀلائي ۽ مسلمانن جي خير خواهيءَ ڪرڻ جي وصيت ڪريان ٿو. منهنجي هن (مختصر) ڪلام ۾ دين جون سڀ نصيحتون سمائجي نه ٿيون سگهن. مان اوهان کي سڀ ڪنهن نيڪي ۽ واضح سڌاري تي مشتمل شيءِ بابت وصيت ڪريان ٿو، جا هيءَ آهي ته اوهان الله جي مضبوط رسي ڪتاب الله کي وٺو ۽ رسولن جي سردار جي سنت کي سوگهو جهليو.

آخر ۾ آئون اوهان کي وصيت ٿو ڪريان ته مون کي پنهنجي نيڪ دعائن ۾ نه وسارجو ۽ هن وعظ کي قبول ڪجو، ڇوته اهو اوهان جي پاڪائي جو سبب آهي، اوهان تي الله جو سلام، رحمت ۽ برڪتون هجن.

مخلوق مان پهريائين وڏائي لعنتي شيطان ڪئي. الله پاڪ کيس فرمايو (ترجمو) ۽ بيشڪ توتي قيامت جي ڏينهن تائين منهنجي ڦٽڪار آهي. اهو ڪيئن ٿو وڏائي ڪري، جيڪو پليت ڦڙي مان پيدا ٿيو ۽ سگهوئي بدبودار ڍونڍ ٿي مرندو. اوهان پاڻ کي دنيا جي پريت کان بچايو! ڇوته دنيا جي پريت سڀ ڪنهن گناهه جو منڍ ۽ هر هڪ نافرمان ۽ مصيبت جي پاڙ آهي.

آئون اوهان کي جمله عبادتن ۾ رياڪاري (۽ ڏيکاءَ) ڇڏڻ جي وصيت ٿو ڪريان، ڇوته ڏيکاءُ سڀني مصيبتن ۽ آفتن ۾ وڏي مصيبت آهي. عملن ۽ عبادتن کي ناس ڪندڙ آهي. هن عام مصيبت کان ڪوبه ماڻهو ورلي بچيو هجي، ڇوته شيطان انسان جي اندر ۾ ائين چري ڦري ٿو، جيئن رت هلي ٿو ۽ ڪوڙ، گلا، چغلي ۽ بهتان کان پاڻ کي بچائڻ اوهان لاءِ ضروري آهي، نه رڳو ايترو پر (پنهنجي زبان کي) انهن سڀني ڳالهين کان بچايو، جيڪي رحمٰن کان پري رکن ۽ پنهنجي زبان کي رڳو قرآن جي تلاوت سان چوريو! يا الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ مسلمانن جي خيرخواهي ۽ چڱائيءَ جي حڪم ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ، دنيا ۽ دين جي چند ضروري ڳالهين سان (زبان کان ڪم وٺو) پهرين ۽ پوين انسانن جي سردار (آنحضرت صلي الله عليہ وسلم) فرمايو آهي ته جيڪو الله ۽ آخرت تي ايمان آڻي ٿو، سو چڱو ٻول ٻولي نه ته ماٺ ڪري. تون هن حڪم کي سگهارو امانتدار ٿي وٺ! اوهان کي کپي ته جيترو ٿي سگهي وضوءَ سان رهو ۽ ننڊ مهل نئون وضو ڪريو، ڇوته اها نبي آخر الزمان صلي الله عليہ وسلم جي سنت آهي. ٿوري کائڻ جي عادت ڪريو، ڇوته گهڻي کائڻ ڪري دل ڪٺور ٿئي ٿي ۽ لڱ الله جي عبادت کان ڳرا ٿين ٿا. (ان بابت) هن طرح چيو ويو آهي ته (پيٽ جو) ٽيون حصو کاڌي لاءِ ۽ 3/1 پاڻيءَ لاءِ ۽ باقي رهيل حصو ساهه کڻڻ لاءِ ڇڏڻ گهرجي.

غيرالله کان منهن موڙڻ ۽ جيڪو ڪم خدا لاءِ نه هجي، تنهن کان پاسو ڪرڻ ضروري سمجهو! پنج نمازون دل جي حضور سان قائم ڪرڻ پاڻ تي ضروري ڄاڻو! (نماز ۾) قيام (بيهڻ) قرآن جي تلاوت، رڪوع ۽ سجده ۽ ٻيا سڀ رڪن سنتن ۽ مستحبن جي پوري رعايت ۽ عاجزيءَ سان ادا ڪجو. تحقيق چيو ويو آهي ته جنهن جي عبادت دل جي حضور کان خالي آهي ته اها اُڏيل رئي يا غبار وانگر (اڪارتي) آهي. نماز جماعت سان پڙهندا رهو، ڇوته جماعت کان سواءِ نماز جاهلن جي عبادت يا عادت آهي. دين جي وڏن عالمن کان _هن بابت) جيڪو صحيح قول نقل ٿيل آهي، سو هيءُ آهي ته جماعت اسلام جي واجبن مان هڪ آهي. چاشت جي نماز روزانو پڙهندا رهو، ڇوته انهيءَ نماز پڙهڻ سان 360 ڀيرا شڪر ڪرڻ جو ثواب ملي ٿو، جيئن حديث ۾ آيو آهي ۽ تهجد، اشراق ۽ ٻين عبادتن کي نه ڇڏيو. نفس کي گناهن جي خواهشن کان روڪيو. صبح جي نماز کان سج اڀرڻ تائين ۽ ٽن پهرن جي نماز کان سج لهڻ تائين انهن ٻنهي وقتن کي الله جي ذڪر سان آباد ڪريو، ڇوته انهن ٻنهي وقتن ۾ الله پاڪ دلين تي امداد جي پالوٽ ڪري ٿو ۽ اهو عمده رونق حاصل ٿيڻ جو ڪارڻ آهي، تنهن ڪري انهن ٻنهي وقتن ۾ تسبيح، استغفار ۽ ٻيا ذڪر اذڪار ڪرڻ گهرجن ۽ تحقيق الله پاڪ فرمايو آهي (ترجمو) سانجهي ۽ صبح ۾ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان تسبيح ڪندو رهه!

آئون اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان ته هڪ ٻئي سان بغض نه رکو ۽ نڪي هڪ ٻئي کي خراب ڳالهايو ۽ نڪي هڪ ٻئي سان ساڙ رکو ۽ الله جا ٻانها ٿي ۽ ڀائر ٿي رهو. سچو مريد ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي  نڪي خيانت ڪندو آهي ۽ نڪي بخيل، گيدي، گارگند ڏيندڙ ۽ لعنت ڪندڙ هوندو آهي. پر سندس اها عادت هوندي آهي ته جيڪڏهن کيس ڏنو وڃي ته شڪر ڪري ۽ جي نه ڏجيس ته صبر ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪندو آهي ته ستت توبهه ۽ معافي گهرندو آهي ۽ جيڪڏهن مٿس ظلم ڪيو ويندو آهي ته معاف ڪندو ۽ جي کيس ڪو ايذاءُ پهچائيندو ته ان کي ايذاءُ نه ڏيندو آهي ۽ جي ڪو ساڻس سختي ڪندو ته هيءُ ان سان سختي نه ڪندو آهي. ان جو مثال کجيءَ وارو آهي، جو پٿر هڻڻ سان (به) کجور ڏيندي آهي يا ڌرتيءَ وانگر جو ڪيترو به ان تي گند ڪچرو اڇلائجي ٿو، پر مور نه ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي.


(1) سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ”دراسات اللبيب“ جي مقدمي ۾ اسان جي فاضل دوست مولانا نعماني صاحب، مخدوم محمد معين کي مخدوم محمد هاشم جو شاگرد لکيو آهي، جنهن لاءِ ٻنهي بزرگن يا انهن جي هم عصرن طرفان ڪابه ثابتي پيش نه ڪئي اٿس. هوڏانهن مخدوم محمد هاشم رح پنهنجي رسالي ۾ ڪشف الغطاءَ ۾ پاڻ کي مخدوم محمد معين رح جو شاگرد سڏيو آهي  پنهنجي ساڻس اها نسبت ڄاڻائي اٿس، جيڪا امام محمد کي امام مالڪ سان هئي، يعني جيئن امام محمد به امام مالڪ جو شاگرد ٿي ڪري، ڪن مسئلن ۾ ان جي مخالف ويو آهي، تيئن مخدوم محمد هاشم به مخدوم معين جو شاگرد ٿي ڪري، ساڻس ڪن مسئلن ۾ اختلاف راءِ رکي ٿو.

هيءُ جو الوحيد جي آزاد نمبر سنڌي ادبي تاريخ يا جناب جي- ايم- سيد پيغام لطيف ۾ مخدوم محمد هاشم کي عبداللطيف جو پٽ ڄاڻايو ويو آهي سو سراسر غلط آهي. مخدوم صاحب جي والد جو نالو عبدالغفور هو، جنهن جي پڻ پنهنجن ڪيترن ڪتابن ۾ چٽائي ڪئي اٿس.

(1) هتي مداهنت جو لفظ آيل آهي، جنهن جي اصلي معنيٰ آهي دنيا ڪارڻ دين کي وڪڻڻ، جيڪو حرام ڪم آهي، باقي مدادات مباح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي دنيا خرچ ڪري دنيا يا دين ٻنهي جي ڀلائي گهرڻ. (ڏسو مرقات شرح مشڪواة ملا علي قاري)

(1) مطلب ته جيئن لوهر ڪارنهن کان بچي نه سگهندو، تيئن بڇڙي ساٿيءَ جي سنگت مان به اوسَ بڇڙائي پهچندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com