سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :67

 

مرحوم شمس العلماءَ دائود پوٽو

 

مسلمانن لاءِ عربي ٻوليءَ جي ضرورت

 

آڪٽوبر 1958ع جي پوئين تاريخن ۾ حيدرآباد ۾ عربي اديبن ۽ عربي ٻوليءَ جي گهڻ گهرن ”جمعيت العربيہ“ جي سهاري هيٺ عربي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنهن جو افتتاح مرحوم و مغفور دائود پوٽي ڪيو هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب پنهنجو افتتاحي خطبو عربيءَ ۾ ڏنو هو.

 

صدر محترم ۽ بزرگو!

السلام عليڪم ورحمة الله وبرکاتہ!

سڀ ڪا ساراهه تنهن سٻاجهي سائين کي سونهين ٿي، جنهن اٻاجهن تي اٿاهه ٻاجهه ڪري پنهنجي پاڪ آيتن ۽ روشن دليلن واري قرآن مبين ۽ واضح فرقان سان پنهنجو عزت ڀريو ۽ اڪمل پيغمبر هن لاءِ موڪليو ته سندن حق دين کي ٻين سڀني دينن تي غلبو ڏئي ۽ الله جو ڪلمو بلند ۽ بالا رهي ۽ ڪفر جي ڳالهه هيٺ ٿئي. اهو (هادي پنهنجي پاڪ زندگيءَ ۾) مڙني ماڻهن کي سڌي رستي ڏانهن سڏيندو ۽ کين (ڪفر جي) اونداهين کان ڪڍي (ايمان جي) روشنيءَ ڏانهن آڻيندو رهيو. جڏهن اهو (پيارو پيغمبر) پنهنجي اعليءِ ساٿي ڏانهن اسريو، تڏهن سندس ارشد خليفن ۽ پرهيزگار صحابين اسلام ۽ فطرت واري هن مضبوط دين جي پکيڙڻ ۾ اها ڪوشش ورتي ۽ پاڻ کي هن (هدايت واري) سڌي واٽ ۾ قربان ڪيو، جو اسلام انهن سڀني طرفن ۾ وڃي قرار ورتو، جتي اهي ڦهلجي ويا هئا ۽ اتي جي ماڻهن تي ترار ۽ ڏنڊي جي زور تي غلبو نه لڌائون، پر ان روحانيت ڪري ڦهلجي ويا، جن کي قرآن پيدا ڪيو ۽ جنهن سندن دلين کي (نور سان) ڀري ڇڏيو.

جڏهن ته قرآن (جنهن کي انهن پنهنجي سينن ۾ سانڍيو هو) عربي ٻوليءَ ۾ لکيل هو، تنهن ڪري انهن ماڻهن جي دين کي پاڻ لاءِ لازم قرار ڏنو هو، تن ان جي تعليم کي سمجهڻ لاءِ ڪوشش ورتي ۽ عربي ٻوليءَ جي مطالعه (۽ پڙهڻ) کي اهڙو لڳي ويا جو خود عربن کان انهن جي زبان ۽ ادب کي محڪم بنائڻ (۽ زور وٺائڻ) ۾ وڌي ويا. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته اسلام ۾ علم جا اڪثر ڄاڻو عجمي يعني غير عرب رهيا آهن. انهن نون مسلمانن جي ڪوششن سان ئي انهن سڀني ملڪن ۾ عربيت عام ٿي وئي، جن کي عربن فتح ڪيو هو ۽ اها انهن جي گڏيل زبان رهي ۽ خاص طرح ادبي، علمي ۽ تهذيبي زبان رهي ۽ جيڪڏهن ڪي عجمي قومون پنهنجي مقامي ٻولين کي چنبڙي نه پون ها ته اڄ سڀ مسلمان هڪ اهڙي امت هجي ها، جا هڪ ٻولي ڳالهائي ها. اها ڳالهه واضح آهي، جنهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان نه ويو آهي.

اڳتي هلي جڏهن خلافت ڪمزور ٿي ۽ مسلمانن ۾ پراگندگي ۽ جدائي پکڙجي وئي. هڪ مرڪز کان هٽي ويا ۽ منجهن جهالت واري قومي عصبيت اچي وئي، تڏهن انهن عربيت جو اهو خيال نه رکيو، جيڪو اڳ خلافت جي دور ۾ ڪندا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي مقامي ٻولين جي واڌاري ۾ لڳي ويا ۽ عربيءَ ٻوليءَ کي ڇڏيو ويو. جي ائين نه ٿئي ها ته اها زبان ديني، علمي ۽ تهذيبي زبان رهندي اچي ها. هن دور تائين اها ئي حالت رهندي آئي.

پر هن وقت مسلمان قرآن ۽ عربيت جي جهنڊي هيٺ پاڻ کي متحد بنائڻ ۾ عربي ٻوليءَ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي، ڇوته اها ئي هڪ ٻولي آهي، جنهن جي وسيلي ملت اسلاميءَ کي متحد ڪري سگهجي ٿو. اسين فارسي، ترڪي، افغاني، بنگالي ۽ سنڌي ٻولين جي مخالفت نه ٿا ڪريون، ڇوته اهي پاڪستان ۾ پکڙيل آهن، پر اسان جو مطلب آهي ته عربي ٻولي مسلمانن جي گڏيل زبان رهي ته جيئن اهي ان جي ذريعي هڪ امت ۽ هڪ عضوو ٿي رهن ۽ اسلام جو شان ۽ شوڪت دنيا جي طرفن ۾ غالب رهي. الله عزوجل فرمايو: (ترجمو) ”تحقيق دين، الله وٽ اسلام ئي آهي.“ تڏهن سڀني ننڍن وڏن مسلمان مردن ۽ عورتن تي لازم آهي ته هن ڀلاري ٻوليءَ کي چڱيءَ طرح پڙهن ته منجهن باهمي جمعيت پيدا ٿئي ۽ قرآن جو مطلب سمجهي سگهن، جن کي ڪن خود پرستن بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ سڌي واٽ وٺي اسلام جي خدمت ڪن.

اي الله! بيشڪ اسين توکان مدد گهرون ٿا ۽ توکان ئي هدايت جي طلب ڪريون ٿا ۽ تو ۾ اها اميد رکون ٿا ته اسان کي پنهنجي قرآن ڪريم جي ٻوليءَ کي ڦهلائڻ لاءِ سگهه عطا فرماءِ ۽ اسان کي اهو رستو ڏيکار، جنهن کي تون دوست رکين ٿو ۽ پسند ڪرين ٿو.

هنن ٿورن اکرن سان مان هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيان ٿو. اول، آخر، ظاهر ۽ باطن ۾ تعريف الله لاءِ آهي. آخر ۾ آئون اوهان سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو اوهان مون کي ڪانفرنس جي افتتاح جو شرف بخشيو آهي ۽ ڌڻيءَ در دعا آهي ته اهو اوهان جي ڪوششن کي ڪامياب فرمائي.


 

 

 

عربي جا مشهور نعتيه قصيدا

1- قصيده بانت سعاد:

شعر و شاعري، ادبي ذوق و شوق عرب قوم جو جهونو مشغلو هو. عربي ٻوليءَ جي اعليٰ ۽ اتم درجي جي فصاحت ۽ پاڪيزگي عرب اديبن کي هن درجي تي پهچايو هو جو فن سخن ۽ زور آزمائي لاءِ ڪيئي قصيدا لکي مٿين جاين جي ديوارن تي هن خيال سان لڙڪائي ڇڏيندا هئا ته جيئن کين داد سخن ڏئي شاعرن جو بادشاهه تسليم ڪيو وڃي. اهي قوت ڪلاميءَ جي خمار ۾ غير عرب کي عجمي (گونگو) سڏيندا هئا. اهڙي قوم وٽ رسول ۽ رهبر به اهڙو ئي افصح آيو، جنهن کي مليل معجزي قرآن مقدس انهن چوٽيءَ جي اديبن، فصيحن، بليغن کي بار بار مقابلي لاءِ للڪايو، پر ڪنهن کي مجال هئي جو قرآن جهڙي معجز ڪلام، بلاغت نظام جي ڪنهن هڪ آيت جو به مقابلو ڪري!

اسان هتي عربيءَ جي چند مشهور قصيدن تي ڪجهه روشني وجهڻ گهرون ٿا، جڏهن ته انهن قصيدن مان ”قصيده بانت سعاد“ وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو، تنهن ڪري پهريون ان جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

هن قصيده کي موتين جي لڙيءَ ۾ پوئيندڙ حضرت ڪعب بن زهير بن ابي سلمي هڪ صحابي سڳورو آهي. شاعري ته هن بزرگ جو اباڻو ورثو هئي. زهير عرب جي شاعرن ۾ نهايت بلند درجو رکي ٿو، جو حضور صلي الله عليہ وسلم جي بعثت کان اڳ ئي گذاري ويو، پر کيس هڪ خواب جي ذريعي پوئين نبيءَ جي اچڻ جا اهڃاڻ نظر آيا هئا، تنهن ڪري پنهنجن ٻن پٽن ڪعب ۽ بجير کي هيءَ وصيت ڪئي هئائين ته جيڪڏهن ان نبيءَ کي ڏسن ته مٿس ايمان آڻن. حضرت بجير به پنهنجي ڀاءُ وانگر شاعر آهي، پر ڪعب ان کان مڙئي مٿڀرو آهي.

هن قصيده پڙهڻ جو ڪارڻ:

ڪعب اسلام آڻڻ کان اڳ اسلام ۽ بانئ اسلام جي شان ۾ گستاخانه شعر لکي انهن جي خلاف ماڻهن کي اڀاريندو هو. جيستائين مڪه کي مسلمانن فتح نه ڪيو هو ته اتي اهڙا ماڻهو موجون پيا ڪندا هئا.  مڪه فتح ٿيڻ کان پوءِ گهڻا ماڻهو ته توبهه تائب ٿي اسلام جي حلقه ۾ داخل ٿيا ۽ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن حضرت يوسف جو قول ”لا تثريب عليکم اليوم“ دهرائيندي کين معاف ڪري ڇڏيو، پر ڪي ماڻهو اهڙا به هئا، جيڪي جان بچائي ڀڄي ٿيا راهي. حضرت ڪعبب ۽ حضرت بجير به اهڙن ماڻهن مان هئا، پر هنن ٻنهي ڀائرن جو ڀاڳ ڀلو هو جو کين آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي پاڪ صحبت ۽ اسلام جو شرف حاصل ٿيڻو هو، سو جيئن مڪه کان ڀڄي نڪتا، تيئن مدينه جي وجهو هڪ پاڻيءَ جي چشمي ”ابرق العذاف“ نالي تي اچي رهيا. ڪنهن لڱا حضرت بجير پنهنجي ڀاءَ کي چيو ته تون هتي ويهي ٻڪرين جي سار سنڀال ڪج ته آئون انهيءَ ماڻهوءَ (آنحضرت صلي الله عليہ وسلم) کي ڏسي اچان ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري. جيڪڏهن مون کي ان جي سچائي جو ويساهه ٿيو ته کيس مڃيندس، نه ته موٽي ماڳن تي ايندس. نيٺ مدينه ۾ پهچي آنحضرتؐ تي ايمان آڻي ابدي سعادت حاصل ڪيائين ۽ اتي ئي رهي پيو. ڪعب کي جڏهن پنهنجي ڀاءَ بجير جي اسلام آڻڻ جو پتو پيو ته غصي  ڏک وچان هيٺيان بيت لکي ڏياري موڪليائينس:

(مطلب)

پوري ڌيان سان منهنجي طرفان بجير کي هيءُ پيغام پهچايو! مون کي تنهنجي انهيءَ حرڪت تي افسوس آهي. توکي انهيءَ ڪلمئه شهادت ۾ چاه پيدا ٿيو آهي ڇا؟ مامون (آنحضرت صلي الله عليہ وسلم) انهيءَ ڪلمه جو ڀريل پيالو توکي وري وري پياريو آهي تڏهن ته (اباڻي) هدايت وارن رستن کي ڇڏي ان جي پويان لڳين! (ٻڌاءِ ته سهي) توکي ڪهڙو ڏس ڏنائين؟ ان توکي ابن، ڏاڏن جي بنهه ابتڙ مذهب جو رستو وٺايو. جيڪڏهن تون انهيءَ مذهب (اسلام) کي نه ڇڏيندين ته آئنده توتي ڪابه آفت آئي ته ان جو مون کي ڪوبه ڏک نه ٿيندو ۽ نه تنهنجي مصيبت تي مون کان ڪا رحم جي دعا نڪرندي.

جڏهن بجير کي مٿيان بيت پهتا، ته حضور جن کي ٻڌايائين. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم ڪعب لاءِ قتل جو حڪم فرمايو هو، تنهن تي ڪعب کي سمجهائڻ لاءِ حضرت بجير هيٺيان بيت ان ڏانهن موڪليا:

(مطلب)

منهنجي طرفان ڪعب کي ڪير هي سنيهو پهچائيندو ته تنهنجي ملامت ڪرڻ بيڪار آهي. ڇا توکه ڪلمئه شهادت پڙهڻ جو ڪو خيال آهي ته لات، عزي کي ڇڏي اڪيلي الله ڏانهن موٽ کاءُ، تڏهن تون ڇوٽڪارو لهندين ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سلامت رهندين. ان ڏينهن بچي ويندين جڏهن صاف دل مؤمن کان سواءِ ڪير به نه ڇٽندو. باقي زهير يا ابو سلمي جو دين ته ڪنهن به ڪم جو نه آهي.

هنن بيتن سان گڏ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي اراده کان به کيس واقف ڪيائين۽ کيس نصيحت ڪندي هيءُ به لکيائين ته تو جهڙا ڪيترائي منڪر ڪسجي ويا آهن، جيڪڏهن تون پڇتاءُ ظاهر ڪري درٻار رسالت ۾ پهچندين ته پڪ ئي پڪ تنهنجا ڏوهه معاف ڪيا ويندا.

ڪعب تي پنهنجي ڀاءُ جي بيتن ۽ سنيهن ايترو ته اثر ڪيو جو قبيله مزليہ وٽ هن خيال سان ڪهي آيو ته جيئن اهي درٻار رسالت ۾ سندس سفارش ڪن، پر انهن اهڙيءَ سفارش ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪعب ڏاڍو حيران، پريشان ٿيو. پريشانيءَ جي انهيءَ عالم ۾ هي قصيده حضور صلي الله عليہ وسلم جي واکاڻ ۾ شروع ڪيو ۽ مدينه منوره ۾ وارد ٿي، آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي مجلس ۾ پهچي عرض ڪيائين ته ڪعب پنهنجي ڪئي تي پشيمان آهي، اسلام آڻي هتي حاضر ٿيو آهي، ڇا اوهان کيس معاف ڪندؤ؟ رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڪعب کي نه سڃاڻندا هئا ۽ معافي ڏنائون، تڏهن ڪعب پاڻ پڌرو ڪيو. اتي هڪ انصاريءَ اٿي هيءَ موڪل گهري ته هو ڪعب جي سسيءَ کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي؟ پر پاڻ سونهارن اهڙي اجازت نه ڏني ۽ کيس سڀ خطائون معاف ڪري ڇڏيون. اتي حضرت ڪعب اٿي پنهنجي قصيده ”بانت سعاد“ کي پڙهڻ لڳو، جنهن جا ڳچ بيت ته اڳ ئي ٺاهي آيو هو، پر حضور جي آڏو نئين رنگ ۾ پيش ڪري قصيده کي ختم ڪيائين. آنحضرت جي وصف و ثنا ڪندي جڏهن هن بيت تي پهتو:

بيشڪ الله جو رسول هڪ نور (الـٰهي) آهي، جنهن سان روشني (هدايت) حاصل ڪجي ٿي. (الخ) تڏهن حضور پر نور پنهنجن ڪلهن تان چادر لاهي ڪعب کي ڍڪائي. ان ڪري ڪن ڄاڻن جو خيال آهي ته مناسب ائين آهي ته هن قصيده جو نالو ”برده“ (چادر) رکيو وڃي ۽ امام بوصيريءَ جي مشهور قصيده ”برده“ کي براة (بيماريءَ کان ڇوٽڪارو) سڏيو وڃي.

روايت آهي ته حضرت امير معاويہ حضرت ڪعب کي انهيءَ چادر جي عيوض ڏهه هزار درهم ڏيڻا ڪيا، مگر ان نه ڏني. حضرت ڪعب جي وفات کان پوءِ ان جي وارثن اها چادر امير معاويه کي ويهه هزار درهمن تي وڪڻي ڏني، جنهن کي خليفا عيدن جي موقعي تي اوڙهيندا هئا. علامه شامي لکيو آهي ته تاتارين جي دور ۾ اها چادر هلاڪ ٿي وئي.

ترمذي، ڪتاب طبقات النحاة ۾ لکيو آهي ته نبدار اصفهاني کي نو سؤ قصيدا اهڙا ياد هئا، جنهن جو شروعاتي جملو بانت سعاد هو، جيئن هن قصيده جو آهي، پر عام طرح جڏهن به قصيده بانت سعاد نالو ورتو ويندو آهي ته ان مان مراد ۽ مقصد هيءُ قصيدو ورتو ويندو آهي.

مضمون ۽ مقصد تي سرسري نظر:

عربن جي شاعرن جو دستور هو ته جڏهن ڪو مدحيه قصيده چوندا هئا ته شروع ۾ غزل يا تشبيب جو ذڪر ضرور ڪندا هئا. تشبيب هيٺين شين جو نالو آهي: (1) عاشق جي اوصاف کي بيان ڪرڻ. (2) محبوب جي انهن خصلتن جو بيان، جنهن سان جوش ۽ محبت پيدا ٿئي. (3) اهڙيون وصفون، جنهن جو لاڳاپو محب ۽ محبوب ٻنهي سان هجي. (4) چغلخورن ۽ عشق و محبت تي ملامت ڪندڙن سان لاڳاپو رکندڙ ڳالهيون.

حضرت ڪعب دستور موجب هن قصيدي جي پهرين تيرهين بيتن ۾ تشبيب جي پهرين ٽن قسمن جو بيان ڪيو آهي. بيت 14 کان 23 تائين ڏاچيءَ جي ساراه ڪري ٿو، جنهن تي سوار ٿي منزل مقصود تي پهچي ٿو. 34 کان 37 بيتن ۾ چغلخورن جو ذڪر آهي، پوءِ هلي 38 کان حضور پر نور صلي الله عليہ وسلم جي وصف و ثنا بيان ڪري ٿو. اهو سلسلو بيت 50 تي ختم ٿئي ٿو. بيت 51 کان قصيده جي پڇاڙي 57 تائين مهاجرن جي تعريف ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هڪ انصاري اٿي ڪعب کي قتل ڪرڻ جي اجازت گهري هئي، تنهن ڪري انصار جو ذڪر نٿو ڪري، پر اڳتي هلي حضور صلي الله عليہ وسلم جي ارشاد پٽاندڙ انصارن جي مدح ۾ مستقل قصيده لکيو اٿس. حضرت ڪعب کي وفات ڪئي 13 سؤ سال گذري ويا، پر ايمان جي برڪت ڪري اڃان تائين سندس نالو زنده آهي.

 

 

سنڌي ادب ۾ نعتيہ ڪلام ۽ مولود شريف

جيڪڏهن هن ادبي مقابله جي عنوان جي تحليل ڪبي ته اسان کي ان جا ٻه ٻه مکيه ڀاڱا به معلوم ٿيندا.  هڪ سنڌي ادب ٻيو ان جو نعتيه ڪلام ۽ مولود شريف. سنڌي ادب جو مرتبو ۽ مقام ڪهڙو آهي؟ انهيءَ جو جواب اسان کي سنڌي ٻوليءَ تي نگاهه وجهڻ سان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو، ڇوته ادب يا ساهتيه جي سڃاڻ ۾ جيتوڻيڪ اديبن جو گهڻو ئي اختلاف آهي، پر ان جي سولي سڃاڻپ هيءَ آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ٻوليءَ ۾ ان ملڪ جي عالمن ۽ فاضلن جا رايا ۽ خيال نثر يا نظم ۾ موجود هجن ته اهو ان ٻوليءَ جو علم و ادب يا ساهتيه آهي. جڏهن ته ادب جو مدار زبان تي ٿيو. تڏهن سڌريل، وسيع ۽ قديم ٻوليءَ جو ادب به انهن صفتن سان سنواريل هوندو.

اسان جي هن سندر سنڌ ديس جي سڀيتا هزارن سالن جي جهوني آهي، جنهن جا اهڃاڻ اڄ به موئن جي دڙي مان ملي رهيا آهن. قدامت جي خيال کان دنيا ۾ رڳو مصري ۽ بابلي تهذيب ئي آهي، جا سنڌ جي سڀيتا سان ڪجهه نه ڪجهه ڪَر ساهي سگهي ٿي. جنهن ديس جي قدامت جو اهو شان هجي، تڏهن ان ديس جي ٻولي به پنهنجو مٽ پاڻ هوندي. هن مٺڙي ٻوليءَ جي علمي وسعت ۽ همه گيري جو اندازو ان جي حروف تهجي وارن ٻاونجاهه اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو. دنيا ۾ اهائي هڪ اهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ بسيط اکرن جو اهو رنگ موجود هجي. اهوئي سبب آهي جو دنيا ۾ ڪهڙو به صوت يا آواز هجي ته ان کي هن ٻوليءَ ۾ بنا ڪنهن ڦير ڦار جي پنهنجي اصلي صورت ۾ اچاري سگهجي ٿو. سنڌي زبان جي وسعت مان ان جي ساهتيه جو وسيع هجڻ به لازمي آهي، پر افسوس جو زمانه جي اٿل پٿل انقلابن جي ڪري هن ٻوليءَ جو اسلام کان اڳ واري قديم ادب جو ڪوبه پتو کرو نه ٿو ملي. جڏهن هن ديس جو اسلام سان تعارف ٿيو ۽ هتي هڪ نئين علمي دور جو افتتاح ٿيو، تڏهن فاتح عربن جيتوڻيڪ هتي جي ماڻهن کي عرب ٻوليءَ سان روشناس ڪرايو، مگر پنهنجي روايتي رواداري کان ڪم وٺي ملڪي سنڌي زبان سان ڪا به کونس نه ڪئي. ان جو نتيجو هيءُ نڪتو جو هتي گهڻا ئي عالم فاضل، اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن مادري ٻوليءَ ۾ مهارت سان گڏ عربيءَ زبان ۾ به بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي، جهڙوڪ ابو عطا سنڌي وغيره. افسوس جو انهيءَ دور جو هڪ اڌ مسح شده شعر کان سواءِ ٻيو ڪو سنڌي ڪلام نه ٿو ملي. باقي سومرن جي دور حڪومت جا قصا ۽ ڪهاڻيون سو اڄ تائين ڀٽ فقير سينه بسينه سانڍيون ڏوهيڙن جي صورت ۾ ڳائيندا اچن ٿا. سنڌي شعر جو تحريري بنياد قاضي قاضن متوفي 958هه کان شروع ٿو ٿئي. شاه ڪريم بلڙي واري ان کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندس پوٽي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ان کي بام عروج تي پهچايو. علامه ابن خلدون شعرن کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي: (1) مدح (2) هجر (3) مرثيه. اها تقسيم جيتوڻيڪ عربي شعر جي آهي، پر سنڌي شغر کي به ان تي قياس ڪري سگهجي ٿو. هتي اسان کي شعر جي انهن قسمن مان به فقط پهرئين قسم جي به مخصوص صنف نعتيه ڪلام جو بيان مقصود آهي.

نعتيه ڪلام اصل ۾ اهڙي ڪلام جو نالو آهي، جنهن ۾ ڌڻي تعاليٰ جي حمد و ثنا سان گڏ اڙين جي آڌار، ولهين جي واهر، مديني جي مير محمد عربي جي واکاڻ ڪئي وڃي. محبوب مدني جي فراق ۽ ڦورائي ۽ جهجهندي، هنجون هاريندي، سڪ ۽ سوز مان بي اختياريءَ جي عالم ۾ کيس سڏڙا ڪجن. انهيءَ ۾ مداحون، قصيدا، ٽيهه اکريون ۽ مولود شريف سڀ اچي وڃن ٿا.

ساڻيهه سنڌ جڏهن ته اصل کان صوفين، بزرگن، عالمن ۽ فاضلن جو وطن رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌي ادب ۾ نعتيه ڪلام جو پهلو نمايان نظر ايندو. شاهه جو ڪلام الاهي اسرارن جو هڪ مهاساگر ۽ معرفت جي موتين جو موجزن مهراڻ آهي. جي ان تي رڳو سرسري نگاهه وجهبي، ته اڪيچار جاين تي نعت نظر ايندي.

وائن مديني مکڻا، اکيون پير ڪري،

جتي ماڻڪي محمد مير جي، جر ڪيو جوت ڪري،

پسي جوت جمال جي، جت ننهن سينءُ نيڻ لڙي،

پر ٽيون پير ڀري، ڪج زيارت ذوق سين

(سر ڏهيسر)

انهيءَ سلسلي ۾ ڪن سنڌي برگزيده عالمن سنڌي شعر ۾ مستقل ڪتاب لکيا آهن. ٻارهين صديءَ جي عاشق رسول، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 1120هه ۾ آنحضرت صلي الله  عليہ وسلم جي فضائل ۽ معجزن تي ”قوت العاشين“ نالي ڪتاب لکيو. ڪتاب جي سنڌي نهايت سولي، سهڻي ۽ سرڪ، سوز سان ڀرپور آهي.

منهن محمد ڄام جو نور علي نور

درد درماندن جي کي ڪري دل تان دور

تنهن ڪامل سنڌو ڪيچ ۾، مدعا مذڪور

موليٰ ڪيو ملڪن ۾ مرسل کي مشهور

مون کي سڪ سرير ۾ اٺئون پهراور

هنئڙي ۾ هيج گهڻو پچي پرين پور

سدا سپرين ريءَ منهنجا منهن ملور

ڦوڙائي فراق جي چت ڪيڙم چور

گهورن گهايو جندڙو تتو منجهه تنور

مران انهيءَ مامري جيئن ڏيہ پريان ڏور

هادي ڪر ”هاشم“ کي هوتن هاڻ حضور

ته ڏولائو ڏور ٿئي لهن سڀئي سور

اڳتي هلي انهيءَ ڪتاب ۾ آنحضرت جا هڪ سؤ سٺ معجزا مستند ڪتابن جي حوالي سان سنڌي نظم ۾ بيان ڪيا اٿس، جنهن جو نظير ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ملڻ مشڪل آهي. مخدوم محمد هاشم صاحب پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب نالي ”بناءُ الاسلام“ جي خطبي ۾ هن طرح نعت نبي ڪريم ڪري رهيو آهي:

رحمت تنهن رحمٰن جي ڪوڙين لک سلام

وسن دير سوير مٿي مير محمد ڄام

جو رحمت ڪارڻ عالم ۾ موڪلئو علام

ملڪ مڙوئي جنهن کي آگي ڪئو انعام

دين جنهن جو ڌڻيءَ ڪيو قائم سنئين قيام

فضل تنهن فائق جا عالم مٿي عام

۽ پڻ آل رسول تي ۽ مٿي مڙن صحابن

شال رحمت رب جي رات و ڏينهن وسن

سنڌي ادب ۾ نعتيه ڪلام جي سلسلي جي ٻي اهم ڪڙي آهي ڪتاب ”قمر المنير“ جنهن جو جوڙيندڙ ”ڪنز العبرت“ ۽ ٻين سنڌي ڪتابن جو مشهور مؤلف مخدوم عبدالله آهي. ”قمر المنير“ ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي اوصافن، اقوالن ۽ سوانح حيات کي سهڻي سنڌي نظم جو لباس پهرايو ويو آهي. ان ۾ ڪي قدر معجزا پڻ بيان ڪيا ويا آهن. شعر ۾ بيحد شيريني ۽ ميٺاج رکيل آهي. ڪلام جو ڪجهه نمونو ملاحظه فرمايو:

ملڪ، جن، پکڻ، پري، سڀ سيد سڃاڻن

شفيع سرور شيرين ڄام سندو ڄامن

واحد واکاڻيو واحد کي منجهه ڪتاب ڪريمن

شريڪ ناه ڪو شاه جو منجهه ماڙن ۽ ملڪن

الاهي احسان سين مالڪ سندا ملڪن

سڻ عرض عبدالله جو قادرسين ڪرمن

حرمت حضرت رسول الله جي عزت اصحابن

ڪر ڪو تدارڪ تنهنجو مالڪ مهرن

جنهن کي ڏکن جا ڏيل ۾ پيا ٿا چاڪ چڪن

ٻهر ٻاڦ نه نڪري منجهه مچ ٻرن

هن ڪتاب جي شروع ۾ مصنف فرمائي ٿو:

هاڻي سڻو مؤمنا هنئين جي ڪنن

اوصاف احمد ڄام جا پار سندا پرين

ته ڪهڙا رکايا رب هئا اخلاق عجيب منجهن

سيد سونهاڻون تن سين جي صفتون سڻن سندين

سنڌي مداحون پڻ سنڌي نعتيه ڪلام جو اهم ڀاڱو آهن. انهيءَ صنف تي عام شاعرن سان گڏ سنڌي عالمن به چڱو پاڻ موکيو آهي. اڳ اتر سنڌ ۾ ڦيرا هڻندڙ فقير عام جام ڏٺا ويندا هئا. جي پره ڦٽيءَ مهل در در تي سين هڻي مداح پڙهندا هئا. اهڙن سنڌي مداحن جو ڪو اثر مٽيو نه آهي، پر انهن مان ڪجهه مشهور مداحن جي ڪلام جو ڪجهه نمونو پيش ڪجي ٿو: مولانا اشرف سنڌي پنهنجي هڪ مشهور مداح اندر درٻار رسالت ۾ هن طرح شوق ديدار جو اظهار ڪري رهيو آهي:

وڌ تون شوق وجود ۾ مون کي پسڻ لئي پريا

ساريم سيرين کي اڄ اڳرا اڳوڻيا

سرڪڻ کان سرير تي پلٽي پور پئا

دل ۾ دونهان درد جا دري داغ دکيا

منجهه مچ مجار جا ٻيهر اڄ ٻريا

جيءَ ۾ جوش جتن جي وير ويڌ ڪئا.

اهڙي طرح مسلسل 26 بيت عربي جي هيٺين بيت جي شرح ۾ ڏنا ويا آهن:

زاد اشتياقي نجيران بذي سلم

وهام قلبي لذڪر الاتيان والاتم

مولوي ميان عبدالله جي مداح مان ڪلام جو ڪجهه نمونو:

سچا سيد مرسلا! عالم جا امام

واکاڻيل واحد جا اگهيا در علام

اڀن ڀونين پڌرا خاصا خير الام

لڳس اهنجي لام فرياد رس يا مصطفيٰ!

سمر ساڻم ناه ڪ سفر سٽاڻون نڪ

هڙ نه هنج مون ناقص سين ناڻون

سڀ ڪو ڇڏي سڃ ۾ ننڌو نماڻون

تون صاحب سنهاڻون فرياد رس يا مصطفيٰ!

هڪ ٻي سنڌي مداح جي ڪلام جو نمونو:

مير محمد ڪارڻي ڄامن سندا ڄام

توري گهنگهرن گهاريان عالم جا امام

آهيم آسرو آنهجو واهر ڪر وريام

فرياد رس يا مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم!

ميان سرفرازپنهنجي هڪ مداح ۾ دلسوز پيرايه ۾ مديني جي مير کي سڏڙا ڪري رهيو آهي:

آهيان ڏڏ غمن گڏ سچا سڻج تون

پسي پاڻ ڪرم سان ڏکين ڏاڻ ڏيئي تون

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

عربي ادب جي نعتيه قصائد ۾ ”بوصيري“ جي مشهوري ”قصيده برده“ جي وڏي اهميت ۽ مقبوليت آهي. ويجهڙائي ۾ انهيءَ برڪت ڀريي قصيده جا سنڌي شعر به ترجما ٿيا آهن.

مولوي علي محمد صاحب مرحوم جو لاڙي سنڌي ۾ ڪيل ترجمه ۽ ٻيو اتر سنڌ جي نوجوان اديب عبدالله اثر جي نالي ”جام ڪوثر“ جنهن جي ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:

مدح خوان ڏاڍو کنيو گردن اميدن جو مگر

تنهنجي برج شان تائين ڪين وئي ان جي نظر

ٿين ڀلو تن کان تون جن جي صحن تي سائل هزار

ڪي پيادا ٿا اچن ڪي تيز ڏاچين تي سوار

وئين حرم کان تا حرم ان ريت تون ئي رات جو

رات ڪاري ۾ وڃي جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ ٿو

مولود شريف:

اصل ۾ نعتيه ڪلام جي هڪ مخصوص صنف جو نالو آهي، جنهن ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي ولادت ۽ هن دنيا ۾ تشريف آوري جو بيان هجي. اڳتي هلي ان معنيٰ ۾ وسعت پيدا ٿي. اسان جي سنڌي شاعرن ۽ اديبن نعتيه ڪلام جي انهيءَ صنف ”مولود شريف“ ۾ چڱي دلچسپي ورتي. اتر سنڌ ۾ ”ثنائي“ حاجي حسن چانڊيه ٻيلهائي وارو، مولوي غلام رسول جتوئي، مولوي عبدالڪريم مرحوم ڪهاڙو ”عبد“ ۽ مولوي محمد هاشم انصاري ۽ ٻيا مشهور مولود جوڙيندڙ ٿيا. انهن شاعرن جي مولودن لاءِ مولود خوان مداحن جون ٽوليون پڻ مقرر هيون. جوڻيجن جا مولودي، ڀيڏن ۽ هٻن جا حافظ، حاجي لعل محمد ۽ حافظ احمد مولودن جا مشهور راوي آهن. حاجي لعل محمد جي آواز ۾ اهو ته ميٺاج آهي جو عاشقان رسول کي جلدي هنجو هارائي ڇڏيندو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ محفلن جون کيس عام دعوتون ٿينديون آهن.

مولوي محمد هاشم انصاري جي مولودن جو  هڪ مجموعو ”گلزار هاشمي“ نالي ڇپيو هو، جنهن جو نمونو ملاحظه فرمايو:

پيغمبر پاڪ جو روضو ڏسان نئين شان اکڙين سان

پيو آهيان ڏورکون دلبر، واجهان مان پو هر هر

گهرايو سنڌ مان سرور، ڪريان زيارت مون چشمن سان

مولوي غلام رسول جتوئي محراب پوري سنڌ جو مشهور مولود نويس آهي، جنهن جي مولودن ۽ نعتيه ڪلام جا مجموعا جدا جدا وقتن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هڪ مجموعي جو نالو آهي ”گلشن جتوئي“ جنهن جي شروع واري مولود شريف جو نمونه ملاحظه فرمائيندا:

ماري ملڪ جي عرب جي اڪير مون کي

ڏينهن رات روئاري ٿي نير مون کي

ڄاڻي پاڪ خدا کان روز ازل

مون کي عربي جو آهي عشق لڳل

کنيو سورن جو مون سر تي جبل

جنهن ڳاري ته ڪير ظهير مون کي

فقير محمد رمضان لوهر ساڪن پٽڻي جي نعتيه ڪلام جو مجموعو ”بوستان محمدي“ نالي شايع ٿيو هو، جنهن جو نعتيه ڪلام هي آهي:

دل درد ۾ گذاري، پليل پرين پڪاري

رويو راه تي نهاري فرياد يا رسول الله!

مقطعه جو شعر ملاحظه فرمايو:

رمضان آه سڪايو زيارت پنهنجي ڪرايو

جلوو پنهنجي پايو نروار يا رسول الله!

ٺٽي جي شيرازي سيدن جي خاندان مان نواب علي ”ماهر“ نور علي شاه ”نوراني“ جي نعتيه ڪلام جو هڪ مجموعو ”ڪلام نوراني“ جي نالي سان ڇپيل آهي، جنهن جي شروع ۾ هيٺين مناجات غزل جي شڪل ۾ پيش ڪئي وئي آهي:

خود بخود نور خدا، ذات رسول عربي

دم بدم زور شبا ذات رسول عربي

مقطعه:

عشق تنهنجي ۾ نوراي، راه رباني ۾ وسان

مون پسان تنهنجي ڪرامت رسول عربي

شڪارپور جي مشهور علوي خاندا جي جيد عالم، مير علي نواز علوي رح جو مجموعه ڪلام ”ڪليات علوي“ ڇپيل آهي، جنهن ۾ گهڻو ئي نعتيه ڪلام ملي ٿو. مرحوم مير صاحب جي نعتيه ڪلام ۾ سوز ۽ گداز سمايل آهي. مير صاحب هڪ نعت ۾ ڪهڙا نه مٺڙا الفاظ استعمال ڪري حضور پرنور جي نعت ڪري رهيو آهي:

سڄڻ کي سڪ منجهان سرٽيون سدا ڏينهن رات ساريندس

هو سائين آئون آهيان گولي ٻانهي تي ٻهاريندس

سنڌ جي ٻين وڇڙيل ممتاز شاعرن جهڙوڪ مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم هاشم مخلص، حافظ بسمل (شمس الدين بلبل) مولوي نور محمد نظاماڻي ”نور“ ميان علي محمد دادوي لاڙڪاڻوي ۽ غلام احمد نظامي مرحوم وغيره جو پڻ گهڻو ئي سنڌي ۾ نعتيه ڪلام چيل آهي. مضمون جي طوالت ڪري انتخاب پيش ڪرڻ کان قاصر آهيان.

(ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي شڪريه سان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com