سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :50

 

سرمايه دار طبقه جي ليڊري اسمبلي تائين محدود آهي. انگريزي ۽ عربي دان شاگردن کي ڪم ڪرڻ گهرجي

حضرت امام عبيدالله سنڌيءَ جي هڪ تقرير

 

نوٽ: مولانا مرحوم جو ڪجهه لفظن لاءِ اندازِ بيان جيئن هو، تيئن رکيو ويو آهي. جيئن - چيوسي- ڪيوسي- هلياسي.

 

سڃاڻپ

حضرت مولانا امام السندي جي شخصيت محتاج تعارف نه آهي. مولانا جڏهن پنهنجي پنجويهه سالن جي جلاوطني ۽ سياحت واري زماني مان پنهنجي خداداد قابليت ۽ تجربي سان محسوس ڪيو ته هندستان ۾ جلد کان جلد هڪ زبردست انقلاب اچڻو آهي، هوڏانهن پاڙيسري قوم  هندو وڏي ترقي ڪري چڪي آهي. مسلمان گانڌي ازم کان گهڻو بيزار ٿي چڪا آهن ۽ چڱو ٿيو. مسلم ليگ جو عوام ڏانهن گهٽ توجهه آهي، انهن جي ليڊري اسيمبليبن تائين محدود آهي. جمعيت علماءَ جو اڪثر طبقه يورپ جي موجوده سياست کان گهٽ خبر رکندڙ آهي يا مرڳو ڄاڻڻ کان متنفر آهي. ان حالات ۾ اهو انقلاب نهايت خطرناڪ ٿيندو. مسلمانن جي تهذيب، تمدن، دين، مذهب، لادينيت سان بدلجي ويندو. ان لاءِ نهايت ٻڍاپڻ ۽ بيماري جي حالت ۾ به هندستان جي گوشه گوشه ۾ ببانگ بلند نهايت بي ڊپائي سان پنهنجي افڪار ۽ فلسفي جي اشاعت ڪندا رهيا، سندن خيال هيو ته انگريزي دان نوجوان طبقو علماءِ نوجوان سان دوش بدوش ٿي ڪم ڪري ته جيئن موجوده سياست ۽ اصلي مذهب کان ئي انقلابي عنصر باخبر رهي، ايندڙ انقلاب جي لادينيت کي ڦيرائي دين سان متبدل ڪرين.

گذريل سال دهلي کان اسان جي بيت الحڪمة دارالسعادت گوروپهوڙ جي ڪم جي معائني لاءِ حضرت مولانا تشريف فرما ٿيا. هڪ موقعي تي شاگردن ۽ هارين آڏو هڪ مختصر تقرير فرمايائون. ان وقت آئون نوٽ ڪندو پئي ويس، جنهن کي ناظرين آڏو عرض رکي رهيو آهيان. اميد ته غور سان پڙهي مستقبل لاءِ سوچيندا ته اوهان کي ائين ئي نظر ايندو ته اڳتي هلي موجوده سياسي جماعتون سڀ فيل ٿي وينديون ۽ اهوئي نوجوانن جو انقلابي طبقه ڪامياب ٿيندو، جيڪو مولانا جي افڪار ۽ فلسفه امام ولي الله جو آواز بلند ڪندي اڳتي وڌندو، لله ما في السموات وما في الارض.

تقرير امام عبيدالله مرحوم

(هاري ڀائرو ۽ نوجوان شاگردو!) رسول الله صلي الله عليہ وسلم فرمايو (بلغو عني ولو آية) منهنجي طرفان منهنجي امت کي پهچايو توڻي هڪ آيت هجي، ان مان مون (مولانا) سمجهيو آهي ته جيڪڏهن هڪ آيت ڪنهن مسلمان کي پوري طرح ڄاڻ ۾ اچي ۽ دل سان ٺهڪي وڃي ته اها ان جي نجات ۽ ڇوٽڪاري لاءِ ڪافي آهي. مثال طور اوهان ڏسو ته ڪن اهل دل درويشن جو ڪلام ڪافيون ٻڌجن ٿيون. اهي دل سان ٺهڪيو پون ٿيون. هن وقت سياسي غزل آهن، انهن مان به ڪي ڪي پسند ايندا آهن ۽ پنهنجو اثر ڏيکاريندا آهن، اهڙيءَ طرح رساله شاهه صاحب آهي مختلف طور تي ڄاڻندا دل کي ٺهڪي ايندو، ڪا چڱي ڳالهه ٻڌبي ته دل کي وڻندي. اوهان به قرآن شريف جو ترجمو (مولانا امروٽي وارو) ڏسو، ڪا آيت قرآن شريف جي اوهان جي دل کي اهڙي لڳي ٿي، جيئن سياسي نظم يا رسالو شاهه صاحب جو يا نه ٿي لڳي، ٻيهر پڙهو! ٽيهر پڙهو! نيٺ پنهنجي فهم مطابق مزي واري آيت لهندؤ، ان کي سوگهو ڪري اها آيت پڙهندا ۽ سوچيندا رهو! ان بعد ٻيون آيتون پاڻهي ان کي اينديون رهنديون ۽ ائين محسوس ڪندؤ ته سج، چنڊ، قرآن آهي. ڪنهن عالم کي قرآن شريف جي ڳالهه ڪندي ٻڌندو ته ان عالم سان محبت رکندؤ، اها محبت قرآن جي ڪري هوندي، اهڙي طرح مسجد سان انس محبت حاصل ٿيندي. انهيءَ نسخي تي جنهن عمل ڪيو ان ڄڻ کٽيو. مٿين حديث نهايت اهم آهي، ياد رکڻ جي لائق آهي، جڏهن هڪ ماڻهو ڪا آيت ڄاڻي ته پوءِ پنهنجي ٻارن کي به سيکاري.

جمله معترضہ

مسلمانن جو هڪ زمانو گذري چڪو آهي جو وڏن وڏن بادشاهن کي دسي شڪست ڏئي قرآن جو حڪم هلايائون، اڄ اسان اهڙي وقت ۾ آهيون، جو اسان جون سڀ حڪومتون ۽ بادشاهيون (قرآن جا منڪر) کسي ويا آهن. اسان ٻاهر 20-22 سال گهميا آهيون، تجربي طور معلوم ٿيو آهي ته براءِ نام ڪي اسان جون حڪومتون آهن.

اسان سڌري سگهون ٿا يا نه!

اسان پنهنجي استادن يا مرشدن کان جيڪي سکيو آهي، ان جي آڌار تي چئون ٿا ته اسان وري اٿي سگهون ٿا ۽ ڪهڙي رستي اٿي سگهون ٿا ۽ آئون نئون مسلم آهيان، منهنجي سڄي ڄمار ان ۾ گذري آهي ته اسين ڪهڙي نموني اٿي سگهنداسين؟  اسين گهمندا رهيا آهيون ۽ اها ڳالهه ڳوليندا رهيا آهيون. پهريون اسان کي استادن سيکاريو ته اسان هن طرح اٿي سگهنداسي جو ترڪي ۽ جرمن حڪومت هڪ پاسي ۽ انگريز ٻئي پاسي هوندا ۽ حملو ٿيندو ۽ اسان هندستان کٽي وينداسي. اسان ان پروگرام کي ورتو ۽ انگريزي پڙهڻ حرام ٺهرائي وئي وغيره. آخر اهڙو اتفاق ٿيو جو 1914ع ۾ اسان جي روبرو جنگ لڳي، ترڪ جرمن هڪ پاسي انگريز ٻئي پاسي هئا،  قدرت خدا جي ترڪن ۽ جرمنن هارايو، انگريز اتي يئ رهجي ويو. ان بعد اسان جو استاذ شيخ الهند ٿورو وقت زنده رهيو. اسان ڪابل ۾ هياسي، اسان کي بعد جي پروگرام کان ٿورو رستو ڏسي ويا آهن اهو هي آهي ته اوهان هندستاني ٿي وڃو، ٻين جي ڳالهين کي ڇڏي ڏيو. اسان اهو سمجهون ٿا ته هندستان ۾ ٽي قومون آهن: (1) انگريز بادشاهه (2) هندو. هي هڪ هوشيار قوم آهي، تاجر واپاري پيسي جا فرزند آهن. (3) مسلمان. ان ۾ ڪي زميندار آهن ته ڪي عملدار ته ڪي ڪاشتڪار. اسان جي زميندارن ۽ عملدارن جو هي حال آهي ته آڻيدا ڏهه ته کپائيندا ويهه- اسان جا زميندار اڏائڻ کائڻ تي زمين وڪڻندا وڃن ٿا ۽ واڻيو وٺندو ٿو وڃي. شهرن کي جاچي ڏسو رڳو مسجدون باقي آهن، ٻي سموري جائداد هندو قوم جي هٿ هيٺ آهي. هندو به هڪ طاقت آهي ته انگريز وري تمام وڏي طاقت آهي. هاڻي اسان ڇا ڪريون؟

دستور العمل

اسان وٽ رستو آهي مگر آهستي آهستي ٻڌائينداسين، تڪڙ نه آهي اگر اسان سمورو چٽو ڪري ٻڌايون ته هندو قوم اسان جو سڀ سمجهي ويندا، مسلمان سمجهي نه سگهندا.

ذاتي تجربو

دهلي ۾ مون هڪ ڳالهه ڪئي، نوجوان ڪم ڪندڙ هندو محله محله ۾ ملندا رهيا، پر مسلمانن کي پتو ئي نه پيو.

شهري مسلمان

شهري مسلمان انگريزن وٽ وڪاميل آهي، ڪڏهن ڪرسي گهرندو ته ڪڏهن لقب جو بکايل رهندو. گهرڻ، پنڻ سان بي عزتي ٿيندي آهي. اسان ڪابل وياسي، پئسو نه هيو، پر ڪنهن کان نه گهرندا هياسي، مستغني ٿي ويٺاسي، هو حيران ٿيا ۽ اسان جي عزت ۽ آبرو ڪرڻ لڳا. مٿين گهرَ ۽ لالچ جي ڪري، اسان جي انگريزن وٽ عزت نه آهي.باقي هندو رهيا اهي ڄاڻن ٿا ته مسلمان انگريزن کان بيخبر ۽ گهڻو ڪري بي علم آهن، تن کان پيا ڦرنداسي. شهر جو مسلمان انگريزن يا هندن وٽ وڪاميل آهي، الغرض مسلمانن لاءِ شهر ۾ ڪا جاءِ نه رهي آهي. ٻهراڙي ۾ زمينون آهن، هندن ۾ کيڙڻ جو حوصلو نه آهي. اوهان غريب مسلمان کيڙيو ٿا، هي ڪم اوهان تي آهي، اوهان راهڪ هڪ وڏي طاقت آهيو، اسان لاهي پاهي هن ڪم تي آيا آهيون ته هارين کي ڏسون ڪم سيکاريون، هي سکن ته هي سمورو ملڪ هنن جو آهي. اهو اسان ڏسي آيا آهيون. اوهان اڳ ۾ مهرباني ڪري انگريزي پڙهڻ شروع ڪري ڏيو. ماستر جي ڪا ضرورت نه آهي اوهان خانگي طور پڙهي سگهو ٿا. منهنجو ڏهٽو ميان ظهير الحق پيرزاده آهي، ان کي چيو سي ته خانپور (رياست واله مان هر روز ڪجهه انگريزي پڙهندو ڪر، ان هن تي عمل ڪيو ۽ هاڻي سکي ويو آهي، اوهان به ائين ڪريو، ٻيو ڪوبه ڪم نه ڪريو. جاگرافي تاريخ جي ڪابه ضرورت نه آهي، ڳوٺاڻن کي نوڪري جي به ضرورت نه آهي، انگريزي سان گڏ ايمان بچائڻ لاءِ قرآن شريف جو ڄاڻن ضروري آهي.

آمدم برسر مطلب

لله ما في السموات الاية، آسمان زمين جي سڀ شيءِ الله پاڪ جي ملڪيت آهي، سڀ جو بادشاهه اهو آهي. وان تبدوا ما في انفسکم او تخفوه يحاسبکم بہ الله. اوهان ظاهر ڪندا يا لڪائيندا (يعني اراده قلبي) اهو خدا وٽ ظاهر آهي. ان تي حساب وٺندو. حديث ۾ اچي ٿو: انما الاعمال بالنيات.  پوءِ جنهن جا عمل برا هوندا آهن، انهن تي گرفت ٿيندي، جنهن کي وڻي ان کي معاف ڪري. هي آيت ياد ڪريو اوهان وٽ ڪي جاهل عالم ايندا، چوندا ته اها آيت منسوخ آهي، انهن کي اوهان نه مڃيو ۽ لوڌي ڪڍو ۽ چئوس توکي منسوخ جي معنيٰ معلوم ئي نه آهي. آمن الرسول الاية، رسول ۽ سندس سنگتي سڀ مڃين ٿا ته جنهن شخص اوهان کي دوکو ڏنو آهي ته حساب ڪونه آهي اهو ڪوڙو آهي.

ٻي آيت آهي: ليس بامانيکم ولا اماني اهل الکتاب، نه ته اوهان جون اميدون پوريون ٿينديون ته فلاڻو ڇڏائيندو، هي ڪوڙيون ڳالهيون آهن، اهڙي طرح اهل ڪتاب جون ڳالهيون به ڪوڙيون آهن، خدا جو حڪم بعد ۾ اچي ٿو. ومن يعمل سوءَ يجز بہ، جيڪو بڇڙائي ڪندو، اهو جزا لهندو. قاعده سان ڇٽندو، شفاعت به قاعده سان آهي. ان تقرير ۾ جماعت کي احقر راقم متعلق ڪجهه جمله فرمايائون، جنهن جو ذڪر هت بي موقع آهي. آخر ۾ نهايت دل جي خلوص سان دعا فرمايائون.


 

 

 

مولانا سنڌي جي وفات تي علامہ موسيٰ جار الله روسيءَ جو خط

 

علامه موسيٰ جارالله روسي، دنيا جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي، هو اصل لينن گرانڊ روس جو ويٺل هو، ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو، جو اڳتي هلي مذهبي اختلافن جي بنياد تي روس کي ڇڏيائين. مولانا سنڌي جڏهن روس ويا هئا ته علامه جارالله جا به مهمان رهيا هئا، اهو خط مولانا استاد سنڌي جي وفات تي، ان جي خاص شاگرد مولانا مدني ڏانهن موڪليو هئائون، اصل خط عربي ۾ آهي، جنهن جو هي ترجمو مولانا دين محمد وفائي مرحوم ڪيو هو، جو توحيد فروري 1945ع ۾ ڇپيو هو، مولانا سنڌي جي هن ورسي جي موقعي تي اسين هن خط کي ان ڪري ٻيهر ڇاپي رهيا آهيون، جو هن مان مولانا استاد سنڌي جي علم، عزم بلند اخلاق ۽ ديني احڪامن تي پختگي سان عمل ڪرڻ تي روشني پوي ٿي. ان سان گڏ علامہ موسيٰ جارالله طرفان امام سنڌي جي ڪم کي جاري ڪرڻ جي لاءِ هڪ نهايت ڪارآمد تجويز پڻ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن تي مولانا سائين جا شاگرد غور ڪري اڳتي وڌندا. (قاسمي)

امام مجاهد مجتهد عبيدالله سنڌي الله تعاليٰ جي سڏ تي اجهو حاضر آهيان چوندي پنهنجي پالڻهار کان پوري طرح راضي رهي روانو ٿيو. سندس اندر واري کي ڏاڍو آرام هو. الله تعاليٰ هن کي پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجي جنت ۾ جاءِ ڏني.

قرآن جي سورة بلد جي مٿئين آيتن ۾ ٻانهن جو جيڪو لفظ آيل آهي، ان جي معنيٰ امام سنڌي جي اعتقاد موجب ملاءُ اعليٰ يا مٿئين ڪچهري آهي، جنهن جو سورة ص ۾ به ذڪر آيل آهي. ملاءُ اعليٰ يا مٿين جماعت يا ڪچهري کي شاهه ولي الله حظيرة القدس جو مڃڻ شاهه ولي الله جي فلسفي جو بنيادي اصول آهي. امام شاهه ولي الله جي فلسفي واري حظيرة القدس اها ساڳي شيءِ آهي، جنهن کي يوناني فلاسفر ”عقل ڏهون“ سڏيندا آهن، هن دنيا ۾ جيڪو به الله تعاليٰ جي عرش کان فيض نازل ٿئي ٿو، سو سڀ حظيرة القدس جي معرفت آهي.

امام سنڌي کي هميشه اميد هوندي هئي ته ستت ئي الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهن ۽ عارفن جي بهشت ۾ داخل ڪندو ۽ حظيرة القدس واري ”مٿئين جماعت“ ۾ وٺي ويندو، پاڻ حظيرة القدس کي تمام گهڻو ياد ڪندا هئا ۽ جڏهن به حظيرة القدس جو نالو ايندو هو، تڏهن دل اميد جي خوشيءَ کان روشن ٿي پوندي هئي، جنهن جو اولڙو سندن نراڙ جي ورن وڪڙن مان صاف چمڪندو نظر ايندو هو، ڄڻ ته کيس هن اميد جو پڪو يقين هوندو هو ته الله تعاليٰ جڏهن کيس پاڻ ڏانهن گهرائڻ جو امر ڪندو، تڏهن تمام راضي هوندو.ان ڪري سندن جيءَ کي ڏاڍو آٿت هو ته کيس ستت ئي الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجي بهشت ۾ داخل ڪندو ۽ حظيرة القدس جي مٿينءَ جماعت ۾ وٺي ويندو.

الله تعاليٰ ڪريم آهي، هو پنهنجي سچي واعده جي ڪڏهن خلاف ڪونه ڪندو آهي ۽ ڪڏهن به ڪم ڪندڙ جي ڪم ۽ اميد رکندڙ جي اميد ۾ رڪاوٽ نه ڪندو آهي، هن پنهنجي سڳوري ڪتاب ۾ فرمايو آهي ته: ”اي بي الڪا جيءَ! تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن راضي ۽ خوش ٿيندڙ اچ. پوءِ منهنجن ٻانهن ۾ اچي شريڪ ٿي ۽ منهنجي بهشت ۾ داخل ٿيءُ! مولانا سنڌيءَ کي انهيءَ وعدي موجب الله تعاليٰ پاڻ ڏانهن اچڻ جو امر ڪيو ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجي بهشت ۾ وٺي ويو. يقينا ملاءُ اعليٰ ۽ حظيرة القدس ۾ وڃي حاضر ڪيائين. اها اسان جي الله تعاليٰ جي فضل ۽ سڳوري ڪتاب جي بيان موجب پڪي اميد آهي، امام عبيدالله سنڌي حياتي ابدي کي پهچي ويو. ان جي ئي هو الله تعاليٰ جل جلالہ کان گهر ڪندو هو ۽ اها هڪ وڏي پهچ يا وڏي ڪاميابي آهي.

آئون امام سنڌيءَ کي بلڪل چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. کيس پهريون دفعو تڏهن ڏٺو هوم، جڏهن پاڻ بولشويڪ حڪومت جي گادي واري هنڌ ماسڪو ۾ آيا هئا. ان وقت بولشويڪن جو پريزيڊنٽ لينن زنده هو ۽ مولانا جو حڪومت جي آفيسرن استقبال ڪيو هو ۽ روسي حڪومت امام سنڌيءَ جو تمام احترام ۽ عزت ڪندي هئي ۽ امام سنڌي جي فڪرن ۽ بيانن مان فائدا ۽ روشني حاصل ڪندي هئي، حڪومت پاران سندس ڪي ڳالهيون انگريزي ۾ ڇپجي پڌريون به ٿيون، جن جو هڪ نسخو فارسي ۾ مون وٽ آهي. آئون پاڻ ماسڪو ڏانهن امام جي زيارت ۽ اسقبال لاءِ آيس، جتي سندس صحبت ۾ فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڏينهن اچي رهيس ۽ پاڻ به گهڻو ڪري صبح يا شام منهنجي رهڻ واري جاءِ تي ملاقات لاءِ ايندا هئا. پوءِ کيس لينن گرانڊ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ حڪومت به اجازت ڏنس، پاڻ جڏهن لينن گرانڊ ۾ پهتا، تڏهن اتي دارالعلومن ۾ جيڪي هندستاني شاگرد رهندا هئا، تن سندن استقبال ڪيو ۽ حڪومت پاران به سندن استقبال ٿيو. پاڻ منهنجي گهر ۾ رهڻ ئي پسند ڪيائون، يعني ته منهنجي گهر ۾ اچي لٿا ۽ پنهنجي رهڻ سان مون کي شرف بخشيائون ۽ برابر 2 هفتا رمضان المبارڪ جا اتي رهيا هئا. ڏٺم ته سفر جي عذر ڪري به پاڻ يا سندس ساٿين روزو نه ڇڏيو. هوڏانهن سائڻ گهر جي مالڪياڻي (موسيٰ جارالله جي بيبي) مهمانن لاءِ وڏا دسترخوان وڇائيندي هئي، جن تي چاءِ ۽ صبح شام جا کاڌا، رات ڏينهن موجود هوندا هئا. مگر هنن سڳورن مان ڪنهن کي به ڏينهن جو کائيندي ڪونه ڏٺم. هوڏانهن دسترخوان پٿريل هوا، جن تي اها سڀ ڪا شيءِ هئي، جنهن ڏانهن ڍائو ماڻهو به هوند هٿ وڌائي. يعني ته رنگا رنگي کاڌا ۽ پاڪ پيتا قطارن جون قطارون لڳل هوندا هئا. روزي کولڻ وقت امام سنڌي ڊگهي دسترخوان تي (جو يورپين نموني جي هڪ ڊگهي ميز هوندي هئي) تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ چؤ طرف سندس ساٿي ويٺل هوندا هئا. بعض وقتن تي روس جا وڏا وڏا عالم به سندن زيارت ۽ صحبت لاءِ ايندا هئا.

امام سنڌي ۽ سندس ساٿين لينن گرانڊ ۾ اها سڀ ڪا شيءِ ڏٺي، جنهن کي هڪ غور ڪندڙ سيلاني پنهنجي سير ۾ ڏسڻ گهرندو آهي. پاڻ اهڙي طرح گهڻو ڪجهه ڏٺائون جو ڪي ٿورا ماڻهو ان ريت ڏسي سگهندا آهن.

منهنجي گهر ۾ جيترو وقت ترسيل هئا، آئون کانئس ننڊ پوڻ يا پنهنجن ساٿين سان ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ ٻيو وقت جدا نه ٿيندو هوس، جنهن ڪري مون کيس پوري طرح سڃاتو، مان کيس حنفي ۽ حنيف (فقط الله سان لاڳاپو رکندڙ ڏٺو) دين ۾ سچار ڏٺم ۽ سندس عبادت ۾ ڪوبه رياءَ يا ڏيکاءُ ڪونه هو ۽ نه وري سندس اٿڻ ويهڻ يا گفتگو ۾ ڪا ڏيک ويک هئي، ڏٺم ته هو پنهنجي علم ۾ مجتهد آهي ۽ پنهنجن ڪمن ۾ سچو آهي. ڏٺم ته هن کي وڏيون اميدون آهن ۽ هو مضبوط ايمان ۽ پڪي اميد وارو آهي ته هي ضرور انهن اميدن ۾ فاتح ۽ ڪامياب ٿيندو.

روس مان امام صاحب 1923ع ۾ روانو ٿي ويو. پوءِ آئون 1926ع ۾ وري وڃي استنبول ۾ مليس. ان کان پوءِ حرمين شريفين ۾ ڪيترا دفعا ڏٺم ۽ مڪي جي حرم ۾ ڪيترا مهينا سندس ساٿي يا صحبتي ٿي رهيس. امام شاه ولي الله جي فلسفي پٽاندڙ قرآن ڪريم جي تفسير بابت سندس تقريرون لکي ورتم. انهيءَ قيمتي فرصت ۾ سندس جمهوري فڪرن ۽ قرآن ڪريم بابت حڪيمانه مقصدن تي واقف ٿي ويس.

ڪن وقتن تي فرمائيندو هو ته اسان ۾ هي طاقت آهي جو جدا جدا مذهبن جي ڪانفرنس ۾ انهن مذهبن جي ڪتابن مان ثابت ڪري ڏيکاريون، الله تعاليٰ جي هن قول کي (چؤ اي انسان! آئون اوهان سڀني ڏانهن رسول ٿي آيو آهيان) مگر شرط هي آهي ته قرآن جو تفسير امام شاه ولي الله جي فلسفه پٽاندڙ ڪيو وڃي.

سندس وڏين اميدن جي شروعات جي بسم الله هن ريت هئي ته امت جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پوري پوري اسلامي سکيا ڏجي ۽ موجوده زماني جي تعليم به بلند نموني ۾ اسلامي درسگاهن ۽ وڏن شهرن جي دارالعلومن ۾ ڏني وڃي. پاڻ امام (جنهن کان الله راضي هجي شال) شروعاتي ڪم لاهور ۽ دهلي ۾ بيت الحڪمة جي بنياد رکڻ سان ڪيائون ۽ اهو هڪ ننڍڙو نمونو هو. سندس خيال ۽ اميد هئي ته پنهنجي حياتي ۾ ان کي روءِ زمين تي هڪ وڏي درسگاهه جي پايه تي پهچايو ويندو، جنهن ۾ اسلامي علم ۽ دنيائي علم گڏ ڪيا ويندا.

”آه! هندستان ۽ دنياءِ اسلام کي سندس هڪ وڏي عالم جي وفات ڪري هڪ وڏي مصيبت پهتي.“

امت جي سڳورن يعني علمائن ۽ سردارن ۽ شاهوڪارن ۽ اميرن تي فرض آهي ته هو امام سنڌي جي اميدن ۽ سندن ذڪر کي زنده رکن. قرآن ڪريم جي ارشاد تي عمل ڪن، جو ارشاد آهي:

اوهان مان جيڪو صالح عمل ڪندو، پوءِ اهو مرد هجي يا عورت ۽ اهو مؤمن به آهي ته ان کي اسان ضرور پاڪ حياتي سان زنده رکنداسين.

امام سنڌي جو فنڊ: امام سنڌي جي ڪم کي قائم رکڻ لاءِ فنڊ جو بنياد رکيو وڃي، جنهن جي بزرگن ۽ شاهوڪارن ۾ اميد آهي. اهو فنڊ جڏهن وڏي عدد کي وڃي پهچي، تڏهن امت جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي بلند سکيا ۾ خرچ ڪيو وڃي، جا اسلامي هجي ۽ ان سان گڏ شهري يا موجوده زمانه جي صلاحيت واري سکيا به ڏني وڃي. جيڪڏهن امام فوت ٿي ويو آهي ته هن جي پوير کي زنده رکو، ان ۾ ئي امت جي حياتي آهي ۽ ان سان امت وارن جي اسلامي حياتي قائم رهندي.

مسلمانو! پنهنجي ملڪ ۾ قرآن کي نه اڇلائي ڇڏيو.

- - - - -

مولانا عبيدالله صاحب طبيعت جو نهايت ذڪي ۽ وڏي سمجهه وارو انسان هو. حضرت شيخ الهند، مولانا عبيدالله جي ذڪاءَ، علمي، دلچسپي ۽ ٻين خوبين جي آڌار تي کين ڏاڍو پيارو گهرندا هئا. مرحوم کي شاه ولي الله ۽ مولانا محمد قاسم نانوتوي جي ڪتابن سان گهڻي محبت هئي ۽ انهن ڪتابن جو ايترو ته کين وسيع مطالعو هو جو مٿين ڪتابن جون ڪيتريون عبارتون کين ازبر ياد هيون. جنگ طرابلس ۽ بلقان واري زماني ۾ شيخ الهند مولانا محمود الحسن رح طرفان مولانا عبيدالله سنڌي کي پنهنجي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪابل موڪلڻو پيو. مولانا مرحوم ڪابل پهچي امير حبيب الله مرحوم ۽ ان جي وزيرن کي پنهنجو ڪري ورتو، امير حبيب الله جي شهادت ۽ امير امان الله جي برسر اقتدار اچڻ کان پوءِ، مولانا مرحوم، امير صاحب کي پنهنجو ڪري وڌو. افغانستان جي جنگ آزادي ۾ مولانا سنڌي جي اسڪيمن کي وڏو دخل هو. جيئن هڪ مشهور انگريز جنگي آفيسر جو چوڻ آهي ته هي ڪاميابي افغانستان جي نه آهي، پر عبيدالله جي فتح آهي. (مولانا حسين احمد مدني رحه- اخبار مدينہ بجنور 17 مارچ 1945ع)

 

قبلہ مولانا عبيدالله سنڌي رح

(ظفر حسن ايبڪ ڪيپٽن آرلٽري (رٽائرڊ) ٽرڪش آرمي استنبول جي آتم ڪهاڻيءَ تان)

 

مرحوم مولانا عبيدالله صاحب سنڌي 15 آڪٽوبر 1915ع تي ڪابل پهتا، پاڻ هندستان مان نڪرڻ کان اڳ مرحوم حڪيم اجمل خان، مرحوم ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري، مرحوم مولانا محمد علي جوهر ۽ مرحوم مولانا ابوالڪلام آزاد سان دهلي ۾ مليا هئا ۽ کين حضرت شيخ الهند جي حڪم سان پنهنجي ڪابل وڃڻ بابت اطلاع ڏنو هو، انهن مولانا سنڌيءَ جي مقصد کي پسند ڪيو هو ۽ انهيءَ سفر لاءِ وڌيڪ تاڪيد ڪيو ۽ کين پنهنجو نمائندو به ڪيو هو.

قبلہ مولانا عبيدالله صاحب مرحوم، ڪابل ۾ اچڻ کان اڳ شيخ محمد ابراهيم سنڌي کي (جو بمبئي يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ ايم- اي پاس ڪري چڪو هو ۽ مولانا صاحب جو وڏو عقيدتمند هو) ڪابل جي حبيبہ اسڪول ۾ معلم طرح اڳ ئي موڪلي ڏنو هو. مولوي محمد علي قصوري ولد مولوي عبدالقادر قصوري جو ڪيمبرج مان ميٿيميٽڪس ۾ رينگر هو، حبيبہ اسڪول جي هيڊ ماستر حافظ احمد دين جي تجويز سان ان اسڪول ۾ معلم مقرر ٿي چڪو هو. شيخ محمد ابراهيم سنڌي سان گڏ مولانا عبيدالله مرحوم جو ڀائيٽيو عزيز احمد هو، جو هاڻي ڪراچي ۾ مشن روڊ نمبر 62 ۾ هڪ مذهبي درسگاهه ۾ قرآن شريف پڙهائي رهيو آهي.

شيخ محمد ابراهيم سنڌي، قبله مولانا سنڌي مرحوم جي ڪابل اچڻ کان اڳ انهن لاءِ هتان جي فضا کي تيار ڪيو هو ۽ هتي جي مکيه ماڻهن خاص طرح سردار سپهه سالار محمد نادر خان (اعليٰ حضرت نادر شاه مرحوم) جي خاندان ۾ اثر رسوخ پيدا ڪيو هو. قبلہ مولانا صاحب مرحوم ڪابل ۾ پهچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ انهيءَ گهر ۾ رهڻ لڳا. جتي شيخ محمد ابراهيم سنڌي ۽ مولوي محمد علي رهندا هئا، اهو گهر ڪابل جي پراڻي ڀاڱي ۾ مشهور شور بازار جي ويجهو هڪ ڳليءَ ۾ هو، جنهن کي ڪوچه حضرت صاحب چيو ويندو هو.

قبلہ مولانا سنڌي صاحب مرحوم، سردار محمود بيگ طرزي ۽ سردار محمد نادر خان سپه سالار جي نالي پاڻ سان گڏ تعارفي خط به آندا هئا، ڪابل پهچڻ کان اڳ انهن سردار محمود بيگ طرزي کي اطلاع به ڪيو هو. مولانا جي ڪابل پهچڻ کان پوءِ سردار طرزي جو شاگرد عبدالهادي خان جو اداره سراج الاخبار ۾ ان جو سڄو هٿ هو، مولانا کي مرحبا ڪرڻ لاءِ آيو هو. قبلہ مولانا صاحب مرحوم، کي کاڌي تي گهرايو، ائين ٻين افغان سردارن کي به قبلہ مولانا سنڌي صاحب مرحوم جي ڪابل پهچڻ جو اطلاع ملي ويو.

قاضي القضاة حاجي عبدالرزاق خان، جو محڪمہ شرعيہ افغانستان جو (جنهن کي ميزان التحقيقات الشرعيہ سڏيندا هئا) رئيس هو ۽ ديوبند جو تعليم يافته ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي جو شاگرد هو، جا سردار نصرالله خان نائب سلطنت سان خصوصي تعلقات هئا. نائب سلطنت، غير سرڪاري طور افغانستان جي سياسي حالات خاص طرح قبائل جي سرحد بابت انتظام رکندو هو. حاجي صاحب، قبلہ مولانا سنڌي مرحوم کي نائب سلطنت جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ گهريو، پر قبلہ صاحب مرحوم جي اها خواهش هئي ته اها ملاقات سردار معين السلطنت جي ذريعي ٿئي، ڇوته مولانا صاحب مرحوم پنهنجي فراست سان ڪابل پهچندي ئي سمجهي ويا هئا ته سردارن جون پاڻ ۾ رقابتون، سندن ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي سگهن ٿيون، ان ڪري انهن جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان سواءِ پنهنجو ڪم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي درجن جو خيال رکڻ، انهن پاڻ لاءِ ضروري ڄاتو. حاجي عبدالرزاق صاحب به قبلہ مولانا سنڌي مرحوم جي ڳالهه مڃي ورتي، ان ڪري قبلہ مولانا مرحوم کان هڪ عريضو لکرايو، جنهن ۾ مولانا صاحب مرحوم پنهنجي سفر جو مقصد مختصر هيئن لکيو آهي:

”اسين هندستان جي مسلمانن جا نمائندا ٿي افغانستان آيا آهيون ته جيئن افغانستان جي بادشاهه کي انگريزن جي برخلاف هندستان تي حملي ڪرڻ جي رغبت ڏياريون. ان طرح قبلہ مولانا سنڌي مرحوم، سردار معين السلطنت جي ذريعي سردار نائب سلطنت سان مليا ۽ ساڻن ٻن ڪلاڪن تائين خلوت ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا.“

سردار نائب سلطنت، قبلہ مولانا صاحب مرحوم کان هن ڳالهه ٻولهه جو خلاصو گهرايو، جنهن جي جواب ۾ مولانا صاحب مرحوم ان کي ستن- اٺن صفحن تي لکي، اهو مسودو شيخ محمد ابراهيم سنڌيءَ کي ڏيکاريو، ان هن ۾ ڪي ڦير ڦاريون ڪيون، جن مان ان کي هندستاني مسلمانن جي بجاءِ تمام هندستان جو رنگ ملي ويو. اها تحرير سردار محمود بيگ طرزي  سردار معين السلطنت جي ذريعي سردار نائب سلطنت کي موڪلي وئي، ان هن جي اهميت ڪري ان کي پنهنجي ڀاءُ اعليٰ حضرت امير حبيب الله جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

هڪ ڏينهن سردار نائب سلطنت، قبلہ مولانا صاحب مرحوم کي پنهنجي بنگله زين العماره ۾ گهرايو، اهو ٽن پهرن جو وقت هو، امير صاحب به اتي اچي ويا، انهن مولانا صاحب کي پنهنجي ملاقات جو شرف بخشيو. جيئن مولانا صاحب اهو احوال ”ذاتي ڊائري“ ۾ لکيو آهي، کين اها اميد نه هئي ته اهي ڪابل پهچي ايترو جلد افغانستان جي درٻار ۾ پهچي ويندا.

امير حبيب الله قبله مولانا مرحوم جي تحرير کي غور سان مطالعو ڪيو ۽ مختصر لفظن ۾ ان کي پسند فرمايو ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ زباني حڪم ڏنو ۽ هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي نصيحت ڪئي. افسوس جو قبله مولانا صاحب مرحوم جي هن تحرير جو، جيڪا سردار نائب السلطنت جي ذريعي امير حبيب الله جي خدمت ۾ پيش ڪئي وئي، ان جو ڪوبه نقل هن وقت اسان وٽ موجود نه آهي ۽ نه ڪي ان جو ڪو مسودو ملي ٿو، جنهن سان ان مضمون جو ٺيڪ طرح پتو پئجي سگهي. پر معلوم ائين ٿو ٿئي ته مولانا صاحب جي زندگي جو مقصد اسلام جي خدمت هو ۽ اهي هندستان ۾ مسلمانن لاءِ اها عزت هٿ ڪرڻ گهري رهيا هئا، جا کين انگريزي راڄ کان اڳ هئي، سندن استاد مرحوم شيخ الهند قبله مولانا محمود الحسن جون سموريون ڪوششون به انهيءَ مقصد لاءِ هيون. انهن ۽ ٻين مسلمان ليڊرن (مولانا سنڌي رح) کي ڪابل ڏانهن به انهيءَ مقصد لاءِ موڪليو هو، پر کين ڪوبه خاص پروگرام نه ڏنو ويو هو. هن مقصد لاءِ هندستان کي انگريزن سان ويڙهائي هندستان کي آزاد ڪرائڻ ضروري هو.

امير حبيب الله خان انگريزن جو دوست ۽ وظيفه خوار هو، اهڙي شخص کي انگريزن سان لڙڻ لاءِ تيار ڪرڻ ناممڪن هو، ان ڪري کيس لالچ ڏيڻ ضروري هئي، جنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ سندس ڳالهه ته ٻڌي سگهي. اسان کي ڪيترن سالن کان پوءِ قبله مولانا مرحوم جي ڳالهين مان معلوم ٿيو ته انهن امير صاحب جي آڏو پنهنجي هن مقصد جي هٿ ڪرڻ لاءِ هي تجويز آڏو رکي هئي ته افغاني فوجون هندستان تي حملو ڪري، ان کي انگريزن کان ازاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته هڪ افغاني شهزادو بادشاهه وانگر دهلي جي تخت تي ويهندو. امير صاحب جي منظوريءَ سان اهو شهزادو ”امان الله خان معين الدولہ“ هو ۽ افغانستان ۾ هڪ دستوري بادشاهي قائم ٿيندي ۽ هندستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ هڪ معاهدي جي ذريعي اتحاد قائم ڪيو ويندو.

قبلہ مولانا صاحب مرحوم جي امير صاحب جي ملاقات کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سندن ۽ حاجي عبدالرزاق جي ڪوششن سان اسان کي به ڪوچه حضرت صاحب جي ان گهر ۾ جاءِ ڏني وئي، جنهن ۾ قبله مولانا صاحب مرحوم، شيخ محمد ابراهيم سنڌي ۽ مولوي محمد علي قصوري رهندا هئا. قبله مولانا مرحوم اسان کي مرحوم عبدالحميد خان جي جاءِ تي هڪ نئين سردار (پريزيڊنٽ) چونڊڻ لاءِ چيو ۽ اسان يڪراءِ ٿي عبدالباري صاحب کي انهيءَ عهدي لاءِ چونڊيو. هن کان پوءِ جڏهن به مولانا صاحب مرحوم کي هندستاني، ترڪي ۽ جرمن وفد سان ملڻ جي موڪل ملي ته عبدالباري کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا ته جيئن سندن لاءِ انگريزيءَ جي ترجماني ڪري ۽ سندن ڳالهه ٻولهه کان به واقف ٿئي. اڳتي هلي اهي جيڪو لائحه عمل بنائين، ان ۾ مشير وانگرکين ڪم ڏي.

جيئن اڳي لکيو ويو آهي ته راجه مهندر پرتاب جو هند، ترڪ، جرمن مشن جي پريزيڊنٽ هجڻ جو ڪجهه ٻيو مقصد هو ۽ هن هندستان جي آزاد ٿيڻ تي هڪ هندو حڪومت برپا ڪرڻ ٿي گهري.

مولانا برڪت الله مرحوم هندستان کان گهڻو زمانو پري رهڻ ڪري اتي جي تازه حالتن ۽ مسلمانن جي اهميت کان واقف نه هو، ان ڪري اهو هر ڳالهه ۾ راجه صاحب جي ها ۾ ها ملائيندو هو. جرمن نمائندا به راجا صاحب جي قابليت مڃڻ ڪري ان جي خيال جي تائيد ڪندا هئا، پر قبله مولانا عبيدالله صاحب مرحوم سان ملاقات ڪري جرمن ۽ آسٽيرين نمائندي کي معلوم ٿيو ته راجا صاحب برلن ۾ جرمن گورنمنٽ جو هندستان جي موجود حالتن ۽ ان جي مستقبل بابت چيو هو، اهو حقيقت کان پري هو ۽ ان جو پورو ٿيڻ ناممڪن هو، انهن کي آهستي آهستي احساس ٿيو ته هندوستان ۾ مسلمانن جي هستي ۽ انهن جي اهميت کي مڃڻ کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ٿي سگهندو. انهن هن ڳالهه کي مڃي ورتو ته مولانا عبيدالله صاحب مرحوم هندستان جي موجوده حالتن کان راجا صاحب کان وڌيڪ باخبر آهن ۽ سندن خيال حقيقت جي وڌيڪ ويجهو آهن ۽ کين سرحدي علائقن، افغانستان ۽ هندستاني مسلمانن جي اهميت بابت وڌيڪ معلومات آهي، انهن سببن ڪري جرمن ۽ مشن جي هندستاني ميمبرن جي وچ تي اهي اختلاف جي ڪن ٻين سببن جي ڪري پيدا ٿيا هئا، سي وڌيڪ وڌي ويا.

هن مشن جي ڪابل ۾ پهچڻ ڪري اسان پر اميد ٿي وياسون. جيڪي ماڻهو افغانستان ۾ انگريزن جا مخالف هئا، اهي به هن مشن جي اچڻ تي خوش هئا، پر افغاني حڪومت کان جنهن ۾ انگريز پرستن جو زور هو، هيءَ مشن پنهنجون تجويزون مڃائي نه سگهي، امير حبيب الله خان هڪ پاسي هن مشن سان هو ته ٻئي پاسي انگريزن سان به چڱن لاڳاپن رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. اهو هڪ پاسي ته هن مشن کي چوندو رهيو ته جيڪڏهن ترڪ ۽ جرمن فوجون افغان سرحد تي پهچي وڃن ته هو اوڏي مهل انگريزن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪندو ۽ ٻئي پاسي مشن سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، تنهن کان انگريزن کي خبر ڏيندو رهندو هو. هن مشن لاسلڪي (بي تند تار) جي ذريعي پنهنجي حڪومت سان لهه و چڙ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪڏهن ان کي امير جي تجويزن کان خبردار ڪري، پر ان جي خبر پهچائڻ جا ذريعا ايترو ترقي يافته يا ڪارائتا نه هئا جو ڪابل کان برلن ۽ ڪابل کان استنبول تائين خبر ڏئي سگهن. انگريزن امير صاحب کي ان جي اهڙين خدمتن ڪري تمام گهڻا رپيا ڏنا ۽ جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ هڪ وڏي رقم ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو. ان ڪري امير صاحب سرحدي قبيلن ۾ جيڪي انگريزن جي خلاف هميشه دشمنيءَ ۾ سرگرم رهندا هئا، اها پروپيگنڊا ڪرائيندو رهيو ته جهاد لاءِ هڪ امير ۽ هڪ اولي الامر مسلمان جي ضرورت آهي، نه ته انگريزن جي خلاف جيڪا جنگ لڙي ويندي، اها هڪ دنيوي جنگ ليکبي ۽ ان کي جهاد نه ڳڻيو ويندو ۽ اهڙي لڙائيءَ ۾ مرڻ وارا مسلمان شهيد جو درجو ماڻي نه سگهندا. امير صاحب جي اهڙي پروپيگنڊا جو وڏو اثر نڪتو ۽ پهرين وڏي جنگ جي دوران قبائلي سرحدن تي انگريزن خلاف ڪابه وڏي ڪارروائي نه ڪئي، ڇوته هميشه ائين چيو ٿي ويو ته جڏهن جهاد لاءِ مناسب وقت ايندو ته امير صاحب پاڻ جهاد جو اعلان ڪري ان جي اڳواڻي ڪندو.

ترڪ ۽ جرمن جو هندستان ڏانهن منهن ڦيرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ٿيون، اهي به ايترو ڪامياب ٿي نه سگهيون. هن ڪم لاءِ هڪ ترڪي فوجي دستو ايران جي رستي افغانستان ڏانهن روانو ٿيو، هن مهم جو سردار رئوف بيگ هو، جنهن جا ڪارناما، جنگ بلقان جي زماني ۾ حميديہ ڪروزر جي يوناني ٻيڙي تي جانثارانه حملن ڪري، ننڍي وڏي جي زبان تي جاري هئا، پر افسوس ته اها تحريڪ به ڪامياب نه وئي ۽ ايران ۾ انگريزي ۽ روسي فوجن جي موجودگيءَ ڪري اهو فوجي دستو افغاني سرحد ڏانهن وڌي نه سگهيو ۽ ان کي ترڪي واپس وڃڻو پيو. هن ناڪاميءَ ڪري مشن جون سڀ اميدون مٽيءَ ۾ ملي ويون ۽ مشن جا جرمن ميمبر 1912ع ۾ ڪابل کان هليا ويا.

هندستان جي عارضي حڪومت: راجه (مهندر پرتاب) هندستان جي عارضي حڪومت جي نالي سان هڪ حڪومت قائم ڪئي هئي، جنهن جو اهو لائيف پريزيڊنٽ، ساري عمر لاءِ صدر هو ۽ مولانا برڪت الله صاحب ان جو وزير اعظم هو. هن حڪومت ۾ ڪي جرمن ۽ ترڪ ميمبر به شامل هئا، مگر هن حڪومت جو روح روان رڳو راجه صاحب ئي هو ۽ اهو جيڪي گهرندو هو، حڪومت ان سان هائو ۾ هائو ملائيندي هئي. اهو وفد جڏهن ڪابل پهتو ته مشن جي ترڪ ۽ جرمن ميمبرن کي معلوم ٿيو ته راجه صاحب ان جي حڪومت کي برلن ۽ استنبول ۾ هندستان بابت ٻڌايو هو، سو سڀ حقيقت کان پري هو. انهن ڏٺو ته هتي (ڪابل ۾) راجه صاحب جو اثر گهٽ آهي ۽ ان جي خيالن جي ڀيٽ ۾ قبلہ مولانا عبيدالله صاحب مرحوم جا خيال ۽ سندن راءِ وڌيڪ وزنائتي آهي، تڏهن راجه صاحب قبلہ مولانا سنڌي مرحوم کي هن عارضي حڪومت ۾ وزير داخله (گهريلو وزير) جو عهدو ڏنو.

هن حڪومت جو اهو مقصد هو ته دنيا جي مختلف حڪومتن سان دوستانه لاڳاپا پيدا ڪري، انهن کي انگريزن جي برخلاف پنهنجو اتحادي بنائجي، ته ان مقصد لاءِ روس ڏانهن هڪ وفد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

عارضي حڪومت جو وفد روس ۾

هي وفد روس ۾ پهچي زار روس جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ان کي سياسي ۽ واپار جي رعايتن جو وعدو ڏئي، کيس انگريزن کان ڇنڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ روس کي هندستان جو دوست بنائيندو. هن ڪم لاءِ راجه صاحب ڊاڪٽر مٿرا سنگهه کي چونڊيو. مٿرا سنگهه ڪنهن زماني ۾ آمريڪا اندر غدر پارٽيءَ جو ميمبر هو ۽ هندستان ۾ بغاوت ڦهلائڻ لاءِ (گوما گاٽا مارو) نالي جهاز تي هندستان آيو هو، ان جا ڪي ساٿي ته پڪڙيا ويا هئا، پر هو پاڻ انگريزن جي هٿان بچي افغانستان پهچي ويو. قبلہ مولانا صاحب مرحوم هڪ مسلمان کي به ان سان گڏ موڪلڻ گهريو، راجه صاحب پهرين ته ان تي راضي نه ٿيو، پر پوءِ افغان حڪومت ۽ سردار نائب سلطنت جي حڪم سان ان کي منظور ته ڪيو، پر ان کي خرچ سفر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. قبلہ مولانا سنڌي مرحوم وٽ ايڏي ڊگهي سفر جي خرچ جي پورائي لاءِ پئسو ڪٿان آيو؟ پاڻ ته ساري عمر رڳو خدا تي ڀروسو رکي ڪم ڪندا رهيا ۽ خداوند ڪريم انهن لاءِ هميشه سفر جو سامان تيار ڪندو رهيو. ان وقت پاڻ هٿين خالي هئا، جو ڪابل پهچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پنهنجي ۽ پنهنجن ساٿين جي گذاري لاءِ پنهنجي ڪپڙن کي به وڪڻڻ لاءِ مجبور هئا، ان وقت شيخ ابراهيم سنڌي جا مهمان هئا، هن سفر خرچ لاءِ انهن مولوي محمد علي سان ڳالهه ڪئي، جنهن وڏي دل سان کين 100 پائونڊ ڏنا. مٿرا سنگهه سان گڏ وڃڻ لاءِ اسان جي سنگتين مان شيخ خوش محمد کي محمد علي مرزا جو نالو ڏئي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. واٽ تي انهن جي خدمت لاءِ هرنام سنگهه نالي هڪ سک ۽ افغان مقرر ڪيو ويو. ان طرح مٿرا سنگهه ۽ خوش محمد عرف محمد علي مرزا روس ڏانهن روانا ٿيا. روسي ترڪستان پهچي انهن کي ترڪستان جي روسي گورنر تاشقند ۾ ملاقات جو شرف بخشيو ۽ انهن کان ”عارضي حڪومت هند“ جو اهو خط، جيڪو هڪ سون جي تختيءَ تي نقش ٿيل هو، ورتو ۽ ان کي سينٽ پيٽر برگ روس جي نگري ۾ زار کي موڪليو ۽ جواب جي انتظار ۾ وفد کي هي چئي موڪل ڏني ته جواب اچڻ تي کين خبر ڏني ويندي. زار روس اهو خط انگريزن کي ڏيکاريو ۽ انهن کي جرمني سان الڳ طور صلح ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي کانئن فوجي مدد گهري. انگريزن هن خط جو ذڪر رولٽ سيڊيشن ڪاميٽيءَ جي رپورٽ ۾ جا ڪلڪتي ۾ 1918ع ۾ سپرنٽينڊنٽ گورنمنٽ پرنٽنگ پريس طرفان شايع ٿي هئي، جي صفحه 178 ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

ترجمو: ”هندستان جي عارضي حڪومت، روس ترڪستان جي گورنر ۽ ان زماني جي زار روس کي خط لکي کيس برطانيا عظميٰ جي ساٿ ڇڏڻ لاءِ دعوت ڏني ۽ هندستان مان انگريزي راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ ان کان مدد گهري. هن خط تي راجه مهندر پرتات جي صحيح هئي. هي خط انگريزن کي هٿ آيو، جو سون جي هڪ تختيءَ تي لکيل هو، ان جو فوٽو اسان کي ڏيکاريو ويو آهي.“

خوش محمد (محمد علي مرزا) هڪ عقلمند ۽ دورانديش نوجوان هو. هو روسي گورنر ترڪستان جي ملاقات، تاشقند جا حالات ۽ واٽ جي احوالن بابت نوٽ لکندو رهيو، جو واپسيءَ ۾ ان لاءِ ۽ قبلہ مولانا عبيدالله صاحب جي اثر ۽ رسوخ جي وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪم آيو.

جڏهن مٿيون وفد ڪابل پهتو ته راجه صاحب جلدي مٿرا سنگهه کي نائب سلطنت وٽ وٺي ويو، انهن جڏهن کانئس سفر جو احوال پڇيو ته ڊاڪٽر مٿرا سنگهه سادگيءَ سان رڳو ”صاحب بخير رفتم و بخير آمديم“ صاحب خير سان وياسين ۽ خير سان واپس آياسين جا جملا اچاريندو رهيو. نائب سلطنت کانئس ڪي سوال به پڇيا، پر رڳ ومٿيون خيريت وارو جواب ڏيندو رهيو.حاجي عبدالرزاق صاحب جو ان ملاقات وقت موجود هو، ڏاڍو مايوس ٿيو. ان جلدي ڪري مولانا عبيدالله صاحب مرحوم کي احوال موڪلي خوش محمد کي نائب سلطنت جي حضور ۾ حاضر ڪيو. خوش محمد پنهنجي مختصر نوٽن جي ذريعي ساري احوال کان نائب سلطنت کي واقف ڪيو، جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ قبله مولانا عبيدالله صاحب مرحوم جي راءِ کي، جا انهن خوش محمد کي مٿرا سنگهه سان گڏ موڪلڻ لاءِ پيش ڪئي هئي، داد ڏنو. اهڙيءَ طرح قبله مولانا سنڌي مرحوم جو اثر ۽ رسوخ افغاني سرڪاري حلقن ۾ ۽ ترڪي ۽ جرمن مشن جي ميمبرن ۾ اڃان به وڌي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com