سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :25

 

حضرت موسيٰ شاهه جي وفات

حضرت موسيٰ شاهه ڏينهن ڇنڇر 8 ذوالحج، عصر جي وقت وفات ڪئي، سندن قبر جامع مسجد جي لڳ ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي، هن کي وڏي خانقاهه سڏيو وڃي ٿو، فقير گل محمد، حضرت موسيٰ شاهه جي مدح ۽ تاريخ وفات تي هي قطعه بحر رمل مثمن مقصور وزن فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات تي چيو آهي:

بود موسيٰ شاهه اکبر پير عاليقدر و شان

شد ملقب او بثاني محي الدين اندر جهان

عارفان را پير کامل، سالکان را رهنما

در ولايت هم کرامت شهره آفاق دان

مصطفيٰ و مرتضيٰ را در طريق شرع و ورع

بود وارث آن ولي الله کامل به گمان

در کمالات و فضائل اندرين دنيا سرائ

گوئي سبقت برد او از اوليائي همزمان

لطف و احسان و عطايش را همي نتوان شمرود

وصف اخلاق نکويش مي نگنجد در بيان

اهل علم و شرع را آن شه بنعمتها نواخت

اهل بدعت را بحد شرع شد ايذا رسان

در شبستان گمه افروخت شمع دين و شرع

روشني زان شمع در اقصائ عالم شد عيان

جون مشرف گشت شهر گهوٽکي از مقدمش

يافت افزوني و مشهوري بلوءَ صاحبان

اندرين سال هزار و يکصد و هشت چهل

کز بهر حق بنا وه جامع جنت نشان

خاندان لوءَ دان دارالامان خاص و عام

خلق عالم گشته از جان طالب اين خاندان

آخر آن مخدوم عالم شد بامر رجعي

زين جهان بي بقا سوئي جهان جاودان

روز شنبه بود وقت ظهر نزديک عصر

هشتم ذوالحج رانبود خلاقي درميان

نيز سال ارتحال آن سر سادات لوءِ

يکهزار و يک صد و هفتاد و سه هجري بجوان

روح چون طاؤس او براوج چرخ نه طبق

خوش خرا ميد و بيار اميد در باغ جنان

يا الاهي از طفيل شاهه ثاني محي دين

گل محمد را ز عصيان دار در حفظ و امان

ساڳئي شاعر جو حضرت موسيٰ شاهه جي مدح ۽ تاريخ وفات ۾ ٻيو قطعو بحر مضارع مثمن محذوف وزن مفعول، فاعلات، مفاعيل فاعلن ۾ چيو آهي، جو هيءُ آهي:

موسيٰ شريف مريد رهِ فيض مهتدي

شد سينه اش خزينه اسرار سرمدي

از حق چو گشت همت مردانه حاصلش

افراشت در گمه علم دين احمدي

بر گشتگان دولت اسلام را عجب

مهدي راهِ ملت دين مي شدي

بس طالبان گرفتند درس عشق

زان محو عشق ذات خداوند او حدي

پر فيض باطن چو شهنشاهه لوءِ گشت

شد فيض بخش جمله خويشان هم حدي

مسکين منش بخلق نکو زيست در جهان

آن پير پاک طينت و بيکينه و خودي

بوده است بيگمان بوليان همزمان

سلطان اهل تاج و سرير سرآمدي

فرزند شير و شبر شبير ودستگير

در نسل و فضل آن گهر و آل امجدي

آخر شريف شير دل اين دهر شهنہ را

پد رود کرد در سنہ الف و دو صدي

جستم چو سال نقل وي از عقل هاتفم

1173هه

فرمود سال اوست غلام محمدي

چون گل محمد است خدايا پر از خطا

نيکيش کن عطا و نگهدارش از بدي

حضرت پير صاحب موصوف جي مدح ۽ تاريخ وصال ۾ ٻيو قطعو بحر هزج مثمن سالم وزن مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن مفاعيلن ۾.

زهي موسيٰ شر اکبر محي الدين بوده

که وي از بندگان خاص رب العالمين بوده

اگرچه زاد بوش ملک سنده آمد ز اهل و نسل

و ليکن بادشاهه ملک هند و ترک چين بوده

بسا بيدين و ملحد را سزائي حکم شرعي داد

چه مردي پر زغيرت از پئي دين متين بوده

سفر کردن آن شهنشاه از دنيا سئي عقبيٰ

مر ذوالحج راهشتم که حکم حق چنين بوده

چون او سالک ستون شرع و دين بوده است مستحکم

بجو تاريخ سالش از ستون شرع و دين بوده

1173هه

بحر هزج مسدس محذوف وزن مفاعيلن، مفاعيلن، فعولن.

زهي شهباز اوج نه فلک

بزرگي بود موسيٰ شاهه اکبر

ستن شرع و دين بوده بلاشک

سن آن شاه حق آگاه اکبر

بحر رمل مسدس محذوف ۾ چيل قطعه وزن فاعلاتن، فاعلاتن فاعلن.

عارفي کو پير موسيٰ شاهه بود

قطب کامل پيشوائي راه حق

غوث دنيا در گذشت از دهرو گشت

جائگاهش عرش عاليجاه حق

هشتم ذوالحج را شنبه شتافت

زين جهان باحکم شاهنشاه حق

از سر هر مصرعه دو بيت صدر

فهم کن تاريخ آن آگاه حق

صنعت توشيح را تاريخ گفت

گل محمد بنده درگاه حق

مخدوم سيد شيخ شرف الدين محمد صالح قدس الله سره

سيد محمد صالح، ڪنيت ابو جمال، لقب متقي، حضرت موسيٰ شاهه جو وڏو فرزند ۽ سجاده نشين آهي. حضرت موسيٰ شاهه جي خاندان مان پاڻ وڏا ولي ۽ ڪامل متقي ٿي گذريا آهن، شريعت ۽ طريقت ٻنهين جا صاحب هئا. زهد ۽ تقويٰ ۾ سندن ڪوبه ثاني نه هو، پاڻ مادرزاد ولي ليکيا وڃن ٿا، ٻالجتيءَ ۾ ئي سندن پيشانيءَ تي بزرگي جا اهڃاڻ بکي رهيا هئا.

سندن ننڍائپ جو هڪ قصو مشهور آهي ته ٿڃ پيئڻ واري دور ۾ رمضان مهيني ۾ ڏينهن جو ٿڃ نه وٺندا هئا، جيئن هڪ ڀيري ڪڪرن ڪري رمضان جو چنڊ ڏسڻ ۾ نه آيو، شهر جا ماڻهو حضرت موسيٰ شاهه جن وٽ آيا ۽ روزي بابت پڇيائون، پاڻ فرمايائون ته روزي جو رکڻ ۽ نه رکڻ چنڊ ڏسڻ تي مدار رکي ٿو، پر چنڊ ڏسڻ جو شاهد هن فقير جي گهر ۾ موجود آهي. يعني منهنجو پٽ صالح محمد، جيڪڏهن سڀاڻي رمضان هوندو ته اهو پاڻ ٻڌائيندو، اوهين کائڻ پيئڻ بند رکجو، جيستائين منهنجو پٽ شاهدي نه ڏئي، جڏهن رات گذري ۽ ڏينهن ٿيو ته شاهه صاحب جن ماڻهن کي مبارڪ ڏني ته اڄ رمضان جو روزو آهي، ڇوته صالح محمد نه ته ٿڃ پيتي آهي ۽ نڪي کير پيتو اٿس. پر هڪ شاهد تي اعتماد نه آهي، جيستائين ڪو ٻيو شاهد نه هجي. ايتري ۾ ٻهراڙيءَ جو هڪ ماڻهو آيو، جنهن چنڊ ڏسڻ جي شاهدي ڏني ۽ ماڻهن روزي جي نيت ڪئي. حضرت شاهه ولي الله صاحب محدث دهلويءَ جي فرزند شاهه عبدالقادر بابت به ائين آيو آهي ته رمضان ۾ ٿڃ پيئڻ واري زماني ۾ ڏينهن جو ٿڃ يا کير نه پيئندا هئا.

ڳالهه ٿا ڪن ته حضرت صالح محمد اڃان ٻار هئا ته ڪنهن مريد ان لاءِ ريشمي ڪپڙا آندا ۽ کين اوڙهيا. اڃان ڪپڙا مس پاتائون ته بيمار ٿي پيا ۽ قريب الموت ٿي ويا، سندن والد حضرت موسيٰ شاهه فرمايو ته منهنجو پٽ صالح محمد مادرزاد لي ۽ تقويٰ جو صاحب آهي، سندس بدن تان پٽ جا ڪپڙا لاهي ڇڏيو ته تندرست ٿئي. نيٺ اهي ڪپڙا لاٿائون ته الله جي فضل سان چڱو ڀلو ٿي پيو.

گهوٽڪيءَ جي جامع مسجد جي عمارت اصل ۾ ٽي گنبذ، ڇت ۽ ٻاهريون صحن منبر تائين هو. اها خاص تعمير حضرت موسيٰ شاهه جي هئي. جڏهن حضرت محمد صالح شاهه خلافت جي دستار ٻڌي ته پنهنجي دور ۾ اتر واري گنبذ، ڇت سميت صحن تائين وڌايائين ۽ ڏاکڻيو گنبذ ڇت سميت صحن تائين پير عابد شاهه وڌايو. ٻيو ته حضرت صالح محمد شاهه مسجد ٽن گنبذن واري جيڪا حويليءَ جي ويجهو آهي، ان جو سن1158هه ۾ بنياد رکيو ۽ ”مورد فيض حسي برخواني“ مان ان جي تاريخ نڪري ٿي. حضرت صالح محمد شاهه جي ولادت سن1122هه ۾ ٿي ۽ پاڻ خلافت جي مسند تي سن1173هه ۾ ويٺا ۽ سندن وفات ڏينهن اربع تاريخ 11 شوال سن1182هه ۾ ٿي. فقير گل محمد هي قطعه سندن مدح ۽ تاريخ وصال ۾ بحر هزج مثمن سالم وزن مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن ۾ چيو آهي:

نخستين پور حضرت موسيٰ شاهه جيلاني

که شد نام همايونش محمد صالح سلطان

ولي الله ما درزاد دين را داد نيکوداد

مکمل پير روشن دل ز نور وحدت وجدان

فريد العصر اورا در شريعت ميتوان دانست

وحيد الدهر بود اندر طريقت از ره ايقان

چو کمالات و فضائل خلق عالم گشت

بجان و دل مريد در گه آن مرشد دوران

بتقوي و صلاح آراسته خود را اولين آنگاهه

خطاب متقي خوانيش درگيتي گرفت اعلان

بسال يک هزار و يک صد و هشتاد دو آخر

ازين دار پس از غم رفت سوئي روضه رضوان

خدايا گل محمد را طفيل پير صالح شاهه

کرامت کن هدايت را که هست آلوده عصيان

ٻيو قطعو بحر خفيف مسدس، محذوف ۾ وزن فاعلاتن، مفاعلن، فعلن:

بود صالح محمد اکبر

-

غضب آورد بهر غيرت دين

قائم دين حق بهمت خلق

-

فيض بخش کمال صدق يقين

آخر آن پير صاحب ارشاد

-

زين جهان رفت در بهشت بري

سر هر مصرعه دو بيت نخست

       

شد سن آن بزرگ مرد گزين

گل محمد به صنعت تو شيح

-

گفت تان آن شهنشه دين

حضرت صالح محمد شاهه جي عمر اٺونجاهه سال ۽ ٻه مهينا هئي، سندن خلافت نو سال ۽ مهينو هئي. سندن مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.

مخدوم سيد صالح شاهه لاءِ ان جي هاڻوڪن عزيزن کان معلوم ٿيو ته انهن ٻارهين صديءَ جي وڏي محدث، فقيہ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان تعليم پرائي هئي، هن خاندان وٽ اڃان تائين صحيح بخاري شريف جو هڪ قلمي نسخو آهي، جنهن تي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جن، مخدوم سيد صالح شاهه کي علم کان فراغت بعد پنهنجي هٿ اکرين سند فراغ ۽ اجازت عنايت فرمائي آهي. صحيح بخاري شريف جي هن نسخي کي وڏي اهتمام سان سانڍيو ويو آهي. هن واقعي کي خليفه گل محمد ”صيح السبطين“ ۾ ڪونه آندو آهي. اهڙي طرح سيد صالح شاهه جو وقت جي حاڪم، ميان غلام شاهه سان اختلاف پيدا ٿيڻ ۽ مخدوم سيد صالح شاهه جي گرفتار ٿيڻ وارو واقعو به خليفه گل محمد بيان نه ڪيو آهي. هن قصي کي مناقب سلطانيہ جي مؤلف هن طرح ذڪر ڪيو آهي:

موسيٰ شاهه پنهنجي مرشد (حضرت سلطان باهو) جي وفات کان پوءِ ٻه ٽي ڀيرا خانقاهه تي آيو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ صالح شاه به مزار سلطان باهوءَ تي ايندو هو ۽ پوءِ جمال شاهه به ايندو هو. مناقب وارو لکي ٿو ته مون کي ياد آهي ته جمال شاهه سان سندس خليفا هر وقت سنڀال لاءِ ساڻ هوندا هئا، ڇوته سندس دستور هوندو هو ته هو جڏهن ڪنهن کان الله جو نالو بلند آواز سان ٻڌندو هو ته يڪدم مست ۽ بيهوش ٿي ويندو هو. هن کان به هزارن ماڻهن فيض پرايو.

مناقب وارو لکي ٿو ته ڳالهه ٿا ڪن ته سيد صالح بن موسيٰ شاهه جو سنڌ جي ڪن سيدن سان تعزين تي جهڳڙو ٿي پيو، مقدمي بازي هلي، نيٺ اهو مقدمو حيدرآباد جي حاڪم ميان صاحب جي آڏو ويو. ميان غلام شاهه بن ميان نور محمد ابن ميان شاهه محمد سنڌ جي حاڪم، پير سيد صالح شاهه کي گرفتار ڪري حيدرآباد ۾ رکيو. سيد صالح شاهه پنهنجي مرشد سلطان باهو جي درگاهه ۾ روحاني فرياد رکي، ان رات سلطان العارفين باهو ميان غلام شاهه کي تخت تان لاهي هيٺ اڇلايو جو هيٺ وڃي ڪريو ۽ کيس لپاٽ به هڻي ڪڍي ۽ ان جي اکين آڏو اونداهي اچي ويئي. ميان صاحب دانهن ڪئي ته تون ڪير آهين؟ ان جواب ڏنو ته آئون صالح شاهه جو مرشد آهيان. ميان صاحب خواب مان اٿندي مخدوم صالح شاهه کي گهرائي مٿس نوازش ڪئي، پر هن واقعي کان پوءِ ميان صاحب جلدي وفات ڪري ويو ۽ نيٺ ان جي خاندان ۾ خلل اچي ويو، ڇوته ميان غلام شاهه کان پوءِ ان جو ڀاءُ ميان سرفراز ابن ميان نور محمد تخت تي ويٺو ته کيس مير بجر خان خدا آباد ۽ چاڪ واهه جي لڙائيءَ واري ڏينهن هزار بي عزتيءَ سان قيد ڪيو. کيس ۽ سندس ڀاءُ خان محمد ۽ ان جي پٽ صاحبزاده مير محمد خان کي ان جي غلام يارو سميت پنهنجي حقيقي ڀاءُ مير صوبدار خان ولد مير شهدادخان جي خون جي بدلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو. مطلب ته هن کان پوءِ ميان صاحب جي خاندان مان ڪوبه مسند تي نه ويٺو، جيتوڻيڪ ميان سرفراز جي قتل ٿيڻ کان پوءِ مير بجر خان پنهنجي مرشد خاندان جو خيال رکي ميان عبدالنبي ابن ميان نور محمد کي هڪ مسڪين تارڪ الدنيا ۽ خدا ياد انسان ڄاڻي شهر گوهر آس پاس ننگر ٺٽي مان گهرائي گذريل لڙائي جي معافي وٺي، کيس تخت تي ويهاريو ۽ پاڻ وزير رهيو، پر هن خاندان جي حڪومت خدا پاڪ کي منظور ڪانه هئي، سو وري ميان عبدالنبي جي حوالي ڪئي جو جوڌرپور جي والي راجا بيجاسگهه وٽان، مان سنگهه ۽ برناٿ سنگهه کي ظاهر ۾ وڪيل ۽ سفير ڪري گهرائي ورتو ۽ کين مير بجر خان جي خدمت ۾ موڪليو. حقيقت ۾ مير بجر خان کي مارائڻ جي اها هڪ سازش ۽ سٽ سٽيل هئي، سو مقرر وقت تي ٻنهين راجپوتن، جي مير بجر خان جي ٻنهين پاسن کان بيٺل هئا، ان کي زهر آ:ور خنجر هڻي ڪڍيا ۽ مير بجر خان شهيد ٿي ويو. ميان عبدالنبي مڄاڻ ڪو راجا کي اقرار نامو لکي ڏنو هو ته جي تنهنجي مدد سان هيءُ ڪم پورو ٿيو (مير بجر خان ماريو ويو) ته ٻه قلعا جن مان هڪ عمر ڪوٽ آهي، تنهنجي حوالي ڪندس. اُٺ سوار ميربجر خان جي شهادت واري خبر جلدي وڃي راجا بيجا سنگهه کي پهچائي، راجا وري ڇا ڪيو جو اهو مٿيون عهدنامو پنهنجي فوجي جي حوالي ڪري قلعن تي قبضو ڪرايو. اهو منصوبو مير بجر خان جي آخري زندگيءَ ۾ ان جي زخمي هجڻ واري حالت ۾ ئي کلي پيو هو. تڏهن ميربجر خان زخمي حالت ۾ پنهنجي پٽن مير عبدالله، مير بهرام خان، مير غلام حسين خان ۽ پنهنجي ڀائٽين مير سهراب خان ابن مير چاڪر خان وغيره کي گهرائي کين دعا خير ڪئي ۽ اها وصيت ڪئي ته اوهين الله تي ڀروسو رکي ترار کڻي همت ڪريو ۽ عبدالنبي کان منهنجي خون جو بدلو وٺجو! ڇوته اوهان کي معلوم آهي ته ان پهرين منهنجي پيءُ يعني اوهان جي ڏاڏي شهداد خان سان ڇا ڪيو! اسان پيغمبر عليہ السلام جي مدد سان ڪلهوڙن تي فتح لڌي، پوءِ به مرشديءَ جو خيال ڪري عبدالنبي کي گهرائي تخت تي ويهاريوسين، ته به هيءَ هلت ڪئي. نيٺ بلوچن ٿورو لشڪر وٺي خدا آباد ۾ لڙائي شروع ڪئي، ڪلهوڙن جو وڏو لشڪر هو. محمد حسين خان ۽ ان جو ڀاءُ محمد قاسم کوهاڙو افسر هئا، اهي ٻيئي بلوچن هٿان مارجي ويا. عبدالنبي تيمور شاهه سدوزئي ڏانهن مدد لاءِ ڀڄي ويو.

مخدوم سيد شيخ سراج الدين جمال محمد

هي حضرت صالح محمد شاهه ابن سيد موسيٰ شاهه لوءِ وارن جا فرزند ارجمند ۽ سجاده نشين هئا. سندن نالو مبارڪ جمال محمد، ڪنيت ابو مبارڪ ۽ لقب صاحبان هو، موسيٰ شاهه جي خاندان مان وڏا ولي، منبر عالم، ظاهري ۽ باطني ڪمال جا مالڪ هئا، وقت جا قطب، موحد يڪتا، طريقت جا هادي، حقيقت جا پيشوا، عارف، سخاوت ۽ شجاعت ۾ معروف، معقول ۽ منقول کان واقف، ڪلام الله جا حافظ، حديث ۽ علم فقهه جا وڏا ڄاڻو ۽ واعظ هئا، هميشه رياضت، عبادت، محبت ۽ مجاهدي ۾ مشغول رهندا هئا.

ڳالهه ٿا ڪن ته پير جمال محمد پنهنجي پدر بزرگوار جي حياتيءَ ۾ انهن جي ڪجهه ناراضگيءَ ڪري تڪميل نه ڪري سگهيا هئا. والد جي وفات کان پوءِ لنگر وسعت سان جاري رکيائون، پر اڳتي هلي مفلسي منهن ڪڍيو، جنهن کان پوءِ ڪيميا جي وڏي ڪوشش ڪيائون، پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو، نيٺ لاچار شور ڪوٽ ڏانهن خاندان مرشد سلطان العارفين سلطان باهو جي مزار جي زيارت ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري مائٽن کان مخفي طرح خليفه محب کي ساڻ ڪري اٺ تي سوار ٿي اوڏانهن رخ رکيائون. جڏهن بهاولپور ۽ جج ڳوٺ جي ويجهو کاهي خير شاهه جي برابر پهتا ته اتي لهي پيا. ان ڳوٺ جي هڪ شخص، جيڪو مخدوم محمد اشرف قريشيءَ جو شاگرد هو، تنهن سيد صاحب کي سڃاتو ۽ وڃي پنهنجي استاد کي خبر ڪيائين، مخدوم محمد اشرف، حضرت موسيٰ شاهه جن جو مريد خليفو هو، اها خبر ٻڌندي شاگردن سميت سيد جمال شاهه جي اڳ تي آيو، کين وڏي عزت ڏيئي پاڻ وٽ وٺي آيو ۽ کانئن حقيقت حال جي معلوم ڪيائين، سيد جمال شاهه به سربستو احوال ڪيو. مخدوم محمد اشرف کين خاطري ڏياري. مسخرات جا ٻٽي تعويذ سکاريا، سيد صاحب فرمايو ته منهنجي لنگر لاءِ اهي ڪافي آهن. وڌيڪ مون کي نه گهرجي. مخدوم محمد اشرف چيو ته حضرتا! اهي سڀ عمل اوهان جا آهن. آئون ته اوهان کي باطني فيض ڏيڻ ٿو گهران، باقي اوهين مرشد زاده آهيو، ان ڪري مون کي ادب آهي. هيءُ فقير اوهان کي اوهان جي بزرگن جي حوالي ڪري انهن کان رنجش جي معافي وٺندو. نيٺ انهيءَ تي ڳالهه بيٺي، سيد جمال محمد، مخدوم محمد اشرف کي ساڻ ڪري کاهي کان پوئتي موٽيو. جڏهن لوءِ صاحبان ۾ پهتا ته هڪدم خانقاه عاليجاه ۾ هليا ويا. اڳ ۾ حضرت موسيٰ شاهه ۽ حضرت صالح محمد شاهه جي ارواحن کي فاتحن سان خوش ڪري پوءِ مخدوم جمال شاهه جي ٻانهن وٺي سندس بزرگ جي حوالي ڪئي، انهيءَ رات ۾ کيس پدر بزرگوار سيد صالح شاه جي زيارت نصيب ٿي ۽ سموري ڪاوڙ معاف ٿي، ٻي رات پنهنجي جدامجد جي به زيارت ڪيائون ۽ پوءِ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي کان اويسي سنت هٿ ڪري فيض جي تڪميل کي پهتا.

هتي فقير گل محمد، ميان غلام شاهه وارو واقعو بدليل صورت ۾ مخدوم سيد جمال محمد لاءِ لکيو آهي. هن وري اهو قصو هن طرح بيان ڪيو آهي ته هڪ ڀيري سيد جمال محمد شاهه عادلپور جي ڀر ۾ پنهنجي پڙ ڏاڏي سيد مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جي مزار جي زيارت لاءِ ويا، اتي کين عادلپور ۾ هڪ سيد سڳوري وٽ محرم جي موقعي تي ڪي بدعتون نظر آيون، جنهن تي هن جو ان سان جهڳڙو ٿي پيو. اها دانهن حيدرآباد ۾ ميان غلام شاهه وٽ پهتي، جيڪو پاڻ انهن خيالن جو هو، سو ڏاڍو اچي مخدوم سيد جمال شاهه تي ڪاوڙيو. کيس حيدرآباد پهچڻ جو حڪم ڏنائين. سيد جمال محمد ڪي مائٽ خادم وٺي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي، منزلون ڪندو اچي حيدرآباد پهتو. اها موسم آب ڪلياڻي جي هئي. غلام شاهه غرور ۽ سرڪشيءَ مان هنن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪرامت سان سندس هاج لاهي پوئتي موٽيا، واٽ تي چوڻ لڳا ته اڄ اسين درياءَ جا مهمان آهيون، پر سندن زبان مان اهو لفظ نڪرڻ ته ٺڪ هڪ ڏنڀرو ٽپ ڏيئي اچي ٻيڙيءَ ۾ ڪريو. پاڻ فرمايائون ته سبحال الله درياءَ اسان جي مهماني پوري ڪئي. آخر روهڙي پهتا ۽ اتي کين معلوم ٿيو ته ساڌ ٻيلي جي ٽڪريءَ تي روکڙ نالي هڪ هندو آهي، جو پنهنجي استدراج سان ڪيترن مسلمانن کي گمراهه ڪيو اٿس ۽ ڪنهن به مشائخن مان ان تي غلبو نه لڌو آهي. اهو ٻڌي حضرت سيد جمال محمد کي دين اسلام جي ڏاڍي غيرت وڌي ويئي، اوڏي مهل پنهنجي سوٽ سيد عبدالخالق کي ديندارن جي هڪ جماعت ساڻ ڏئي، ان ملحد روکڙ ڏانهن موڪليو ته کيس گرفتار ڪري منهنجي آڏو حاضر ڪن. سيد عبدالخالق اتي ويو ۽ کيس گرفتار ڪيائين. نيٺ ان کي ٽي ڀيرا دين اسلام جي دعوت ڏني وئي، ان ٽيئي ڀيرا انڪار ڪيو. آخر ان کي سنگسار ڪري معاملو ڇڏائي پوءِ وطن وريا. والله اعلم.

سيد جمال محمد شاهه جي ولادت 17 رمضان سن1151هه ۾ ٿي. سن1182هه ۾ مسند خلافت تي ويٺا. سندن وفات ڏينهن ڇنڇر 3 ذوالحج سن1911هه تي ٿي. فقير گل محمد سندن مدح ۽ تاريخ وفات تي هي قطعه بحر مبحتث مثمن محذوف وزن: مفاعلن، فعلاتن، مفاعلن، فعلن ۾ چيو آهي:

زهي جمال محمد که بود مرد خدا

ولي کامل و عالم بعلم لاثاني

سر سپهر سخاؤ شه سرير عطا

بزرگوار دلش پرز (فيض) عرفاني

بزبست بهر خلائق بعالم دنيا

بامر فيض رساني و مشکل آساني

علو قدر و قوي همت و کريم شجاع

بدين و شرع رسولِ حبيب رحماني

تو سال رحلت آڻ پير مرشد دوران

هزار يکصد و هشتاد و يازده خواني

بچشم داشت چنان است گل زتو يا رب

که مشکل سکراتم تو سهل گرداني

ٻيو قطعه بحر خفيف مسدس مقصور وزن فاعلاتن، مفالن، فعلات:

غازي و پهلوان شرع نبي

صاحبِ حال و قال شاه جمال

اهل اسلام را مددگاري

قهر باري بر اهل کفر و ضلال

آخر آن بادشه بدار قرار

رفت زين دار پر ز زنج و ملال

سر هر مصرعه دو بيت نخست

شد سن آن بزرگ اهل کمال

گل محمد بصنعت تو شيخ

گفت تاريخ آن خجستہ خصال

سيد جمال محمد صاحب جي عمر چاليهه سال ۽ چار مهينا آهي. نو سال ٻه مهينا ۽ چار ڏينهن خلافت تي رهيا، سندن مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.

مخدوم سيد محمد مبارڪ

مخدوم سيد محمد مبارڪ، حضرت جمال محمد شاهه جو پهريون پٽ ۽ سندن جاءِ نشين آهي. عظمت، ڪرامت، دٻدٻي ۽ جلالت شان جو مالڪ هو. علم تفسير، فقہ، حديث ۽ وعظ ۾ مشهور عالم هو. سندن دور ۾ کين ۽ لوءِ جي ٻين ساداتن، چڪ ۽ غوثپور جي ساداتن کي سن1195هه ۾ سرڪار مير نصير خان بروهي وٽان ملڪ ڪڇيءَ ۾ انعام طور جاگيرون عطا ٿيون، ٻيو ته انهيءَ سال ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو شڪست کائي سره ڏانهن هليو ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ٽالپرن ميرن جي قبضي ۾ آئي ۽ انهيءَ سان مدد خان افغان گهڻو لشڪر وٺي آوارن وانگر سنڌ ملڪ ۾ اچي ڪِريو ۽ مير ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا. خراسانين سنڌ جي ماڻهن کي ڦر، لٽ ۽ ٻين تڪليفن پهچائڻ کان پوءِ خراسان موٽي ويا. هن واقعي کي ”مدد جي ڀڳي“ سڏيندا آهن.

حضرت مبارڪ شاهه باسعادت تاريخ 6 سنه1176هه ۾ ٿي ۽ ڏينهن ڇنڇر تاريخ 3 ذوالحج سن1191هه ۾ مسند خلافت تي ويٺا ۽ هن جامع ڪمالات بزرگ جي وفات تاريخ 2 رمضان سن1214هه ۾ ٿي، سندس مدح ۽ تاريخ وفات ۾ فقير گل محمد هيءُ قطعہ بحر سريع مسدس محذوف وزن مفتعلن، مفتعلن فاعلن ۾ چيو آهي:

شاهه مبارڪ پسر شر جمال

سيد عالي نسب و قدر شان

از طرب و عيش تجمل نماند

هيچ تمنا بداش درميان

(پرز) کمالات خفي و جلي

رفت باقبال و جلال از جهان

چار ده دو صدهم يک هزار

رحلت آن شاه درين سال دان

سندن عمر اڻيتاليهه سال، ٽي مهينا ۽ ٻاويهه ڏينهن هئي ۽ سندن خلافت جي مدت ٻاويهه سال، نو مهينا ۽ پنج ڏينهن ٿي ۽ سندن مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.

مخدوم سيد محمد صالح ثاني

سيد محمد صالح ثاني، مبارڪ شاهه جو پهريون نمبر پٽ ۽ سجاده نشين آهي ۽ موسيٰ شاهي خاندان مان پنجون نمبر بزرگ آهي، جيڪو سيادت، شرافت ۽ نجابت جو مالڪ هو. علم، عمل، زهد ۽ تقويٰ جو سرچشمو، علم حديث ۽ شجاعت ۾ معروف هو. ان دور جي ولين مان ڪنهن کي به ساڻس طريقت ۾ مقابلي ڪرڻ جي مجال نه هئي، سندس خلافت جي دور ۾ سن1249هه ۾ کرڙي واري جنگ واقع ٿي، جو ٽالپر مير ۽ سمندر خان افغان شجاع الملڪ بادشاهه جي وزير سکر ۾ باهمي جنگ ۽ لڙائي ڪئي. نيٺ ميرن جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو، ڪي وري انهن مان کرڙي درياءَ ۾ ٻڏي ويا ۽ ڪي وري درياءَ مان لنگهي روهڙي پهتا ۽ سندن ئي خلافت واري دور ۾ سن1258هه اندر خيرپور جا مير انگريزن جي خوف کان خيرپور ڇڏي وڃي حيدرآباد جي ميرن سان مليا ۽ انگريزن سان چوٽ کاڌائون، پر کين شڪست نصيب ٿي. پوءِ انگريزن سان مير نصير خان ۽ ٻين حيدرآبادي ميرن ۽ مير رستم خان ۽ مير نصير خان خيرپور وارن کي گرفتار ڪري پوني ڏانهن موڪليو. ان ڏينهن سنڌ ملڪ انگريزن جي قبضي ۾ آيو.

مولوي منٺار کان نقل آهي ته جڏهن انگريز خراسان مان شڪست کائي سنڌ ۾ آيا ته ان وقت حضرت سيد صالح محمد شاهه جي زبان مان نڪري ويو ته خدا اسان کي انگريزن جي حڪومت نه ڏيکاريندو. پوءِ انگريز اڃان سنڌ تي پوري طرح مسلط ئي نه ٿيا جو حضرت سيد صالح محمد شاهه وفات ڪئي. حضرت سيد صالح محمد شاهه جي ولادت ڏينهن جمع مهينو جمادي الاولي سن1190هه ۾ ٿي ۽ تاريخ 5 رمضان سن1214هه ۾ مسند خلافت تي ويٺا، سندن وفات عشره محرم سن1259هه ۾ ٿي.

حضرت سيد صالح محمد جي مدح ۽ تاريخ وفات تي فقير گل محمد جو چيل قطعه بحر رمل مثمن مقصور وزن فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات.

پير صالح شاه ثاني کو بزرگي باکمال

در بزرگان زمان خويش بوده بي نظير

عالم علم حديث و واعظ اعليٰ اثر

هم طلبگاران حق را رهبر و روشن ضمير

پير پيران و از پيشاني نوراني چون داشت

زان سبب شد راجع آن پير مخلوق کثير

يکهزار دو صد و پنجاه و شش سه هم دگر

شد درين سن فوت آن فرزند پير دستگير

حضرت سيد صالح محمد ثاني جي عمر اڻهتر سال، ست مهينا ۽ ٻه ڏينهن هئي ۽ سندن خلافت ۽ سجاده نشيني چوئيتاليهه سال چار مهينا ۽ پنج ڏينهن هئي. سندن مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.

مخدوم سيد محمد مبارڪ ثاني

خاندان موسيٰ شاهيءَ جو ڇهون بزرگ ۽ حضرت صالح محمد شاهه جو فرزند ۽ سجاده نشين سيد محمد مبارڪ آهي. هي سيد سڳورو حسن جمال ۽ بزرگي ۽ ڪمال جو صاحب هو. سهڻن اخلاقن وارو ۽ مستجاب الدعوات بزرگ هو. حديث ۽ وعظ جو صاحب هو. سندس خلافت جي آغاز ۾ گهوٽڪيءَ ۾ روهيلن جي جنگ ٿي، جو مير محمد علي خان ابن مير مبارڪ خان مسو واهيءَ جي بلوچن سان گڏجي مير علي مراد خان جي لشڪر سان جو روهلي افغان هو، لڙائي ڪئي ۽ کيس فتح حاصل ٿي. هن لڙائيءَ ۾ گهڻا روهيلا مارجي ويا ۽ ڪي ڦٽجي پيا. ڪي وري امان وٺي خيرپور هليا ويا. مير علي مراد خان کي جڏهن اها خبر پهتي ته هڪ وڏو لشڪر وٺي توپن سميت خيرپور مان حملو ڪيائين. واٽ تي جڏهن پني عاقل ۾ پهتو ته اتي توپون ڇوڙيون ويون. مير محمد علي خان ان وقت ميرپور ماٿيلي ۾ لٿل هو. توپن جو آواز ٻڌي اتان ڀڳو ۽ ميرپور کان ٽنڊي نجابت خان ويو ۽ اتان وري درياءَ ٽپي روجهان جو رخ رکيائين. ٻيو ته سندس ئي دور ۾ انگريز ملتان ۾ اتي جي نواب موسراج سان لڙائي ڪئي. هن لڙائي ۾ انگريزن جو اٽڪل هڪ لک لشکر مارجي ويو. نيٺ ملتانين جي سازش سان موسراج انگريزن وٽ قيد ٿي پيو ۽ کيس ڪلڪتي وٺي ويا. سندن دور خلافت ۾ سن1272هه ۾ گهوٽڪيءَ جي ساداتن جي باغن جا پروانا جيڪي بند ٿي ويا هئا، سي وري کين انگريز سرڪار وٽان مليا. هن بزرگ جي ولادت 24 صفر سن1207هه ۾ ٿي. مسند خلافت تي 13 محرم سن1259هه ۾ ويٺا ۽ ڏينهن اڱاري تاريخ 7 شعبان سن1274هه ۾ وفات ڪري ويا. خليفي گل محمد، پير صاحب جي مدح ۽ تاريخ وفات تي هيءُ قطعه بحر هزج مسدس محذوف وزن مفاعيلن، مفاعيلن، فعولن تي چيو آهي:

مبارک شاهه ثاني بود کامل

بحسن صورت و نيکو شمائل

تکلم کرد چون آن شه بمردم

بخوشخوئي دلش مي گشت مائل

عجب مقبول درگاهه خدابود

دعائي او برائي حاصل مشکل

هزار و دو صد و هفتادهم چار

دربن سال است وصل آن مکمل

حضرت مبارڪ شاهه جي عمر اٺهٺ سال ٽي مهينا ۽ ٽي ڏينهن هئي. خلافت جي مدت پندرهن سال، ست مهينا ۽ ڇهه ڏينهن هئي. سندن مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.

مخدوم سيد محمد صالح اصغر

خاندان موسيٰ شاهي جو ستون بزرگ، حضرت مبارڪ شاهه ثاني جو پٽ سيد محمد صالح اصغر (ٻيو مولا رکيو) آهي. هي سيد سڳورو علم، حلم ۽ عقل ۽ دانش جو مالڪ، سخاوت، شجاعت، فضل ۽ ڪمال وارو ۽ عالم ۽ واعظ هو. سندس خلافت واري دور ۾ سن1276هه اندر مسٽر علي بخش مختيارڪار جي ڪوشش سان جامع مسجد جي مرمت ٿي، جيئن ته اندريون فرش، ٻاهريون چوني سان بنايو ويو ۽ نقاشيءَ جو ڪم به ٿيو.

هن بزرگ جي ولادت تاريخ 6 صفر سن1244هه ۾ ٿي ۽ سجاده ٿي ڏينهن جمعه 3 شعبان سن1273هه تي ويٺا ۽ وفات ڏينهن آچر 11 جمادي الاول سن1277هه ۾ ٿي. فقير گل محمد، پير صاحب جي مدح ۽ تاريخ وفات تي هيءُ قطعه بحر خفيف، مسدس، محذوف وزن فاعلاتن، مفاعلن، فعلن ۾ چيو آهي:

پير صالح محمد اصغر

بود مرد سخي و محمل

هر که آمد به صحبت او

نشدي تنگدل مگر خوشدل

هفت و هفتار و يکهزار و دو صد

اينست سال وصال آن کامل

حضرت صالح محمد اصغر جي عمر پنجونجاهه سال ٽي مهينا ۽ پنج ڏينهن هئي، سندس خلافت جي مدت ٽي سال اٺ مهينا ۽ يارهن ڏينهن هئي ۽ سندسن مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.

مخدوم سيد مبارڪ اصغر

هيءُ بزرگ سيد صالح محمد ثاني جو فرزند آهي. ڇهن واسطن سان هن جو نسب حضرت موسيٰ شاهه سان ملي ٿو. هيءُ هن خاندان جو خاتم الصاحبين سڏبو آهي، جيڪو شرعي علمن ۽ وعظ جو جامع هو. صدق ۽ دل جي صفائي ۾ وقت جو يگانو هو. هن تي سجادگي ختم ٿي. والد جي وفات کان پوءِ جيڪي به قريب ڏاڏنگ جا هيس، تن سڀني کي هڪ ڪري ڇڏيائين، هن جي ولادت ڏينهن ڇنڇر 7 شوال سن1294هه تي ٿي ۽ ڇنڇر ڏينهن 13 جمادي الاوليٰ سن1277هه تي خلافت جي مسند تي ويٺا. سيد موصوف جي مدح ۽ تاريخ وفات بابت چيل قطعه بحر خفيف مسدس مقصور وزن فاعلاتن، مفاعلن، فعلات:

آن مبارک شهيکه خورد تربن

بود از صاحبان اهل کمال

بعد والد باقربائي خويش

کرد صلح و موافقت في الحال

نهه هفتاد و يک هزار دو صد

اندرين سال يافت است وصال

يا رب آموز گل محمد را

بهر آن صاحبان فرخ فال

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com