سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :23

 

شاهه ڪمال ابن مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جو نسبي احوال

 شاهه ڪمال، سيد مبارڪ شاهه جيلاني عادلپوريءَ جو سڀني ۾ ننڍو پٽ آهي جو ظاهر ۽ باطن جو صاحب، سخاوت، شجاعت، حلم ۽ علم ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. هن جي وفات سن1047هه ۾ ٿي. بحر خفيف وزن فاعلاتن، مفاعلن فعلات ۾ گل محمد فقير هن بزرگ سيد جي مدح فرمائي آهي، جا هيءَ آهي:

پسر اصغر مبارک شاهه

-

آنکه باشد ڪمال شد موسوم

بود در منزل کرامت و فضل

-

او يکي (از) ائمه معصوم

در سن يک هزار هفت و چهل

-

کرد تر حيل آن شهر مخدم

هن جو مقبرو جمشيره ۾ پنهنجي ڀائرن جي ڀر ۾ آهي. هن بزرگ کي چار پٽ هئا: (1) سيد شاهه محمد (2) عبدالجليل شاهه (3) سيد حسن (4) سيد عبدالرحيم. هي پويون فرزند مولا جي محبت ۾ مجذوب ٿي گم ٿي ويو، سندس ڪوبه پتو نه پيو. وڏي صاحبزادي شاهه محمد شاهه جو اولاد به مري کپي ويو، پويان ڪوبه نه رهيو، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي: سيد شاهه محمد بن شاهه ڪمال علم، حلم ۽ عطا جو صاحب هو، ولايت ۽ ڪرامت جو مالڪ هو. والد جي وفات کان پوءِ جمشيره پرڳڻي مان هجرت ڪري موضع جلال خان زمين فتح آباد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، اتي جي گهڻي خلق سندس معتقد ۽ مريد بنجي وئي، سندس مقبرو فتح آباد جي زمين ۾ آهي، جنهن کي ڍنڍي جو قبرستان سڏيندا آهن. هاڻي غوث پور ان جي ويجهو آهي. هن بزرگ کي ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد حسين شاهه (2) سيد يونس جو لاولد فوت ٿيو. (3) سيد اسماعيل. سيد حسين شاهه ڪامل ۽ برڪت ڀريو بزرگ هو، هن جو مقبرو سندس والد بزرگوار جي ڀر ۾ آهي. هن کي هڪ پٽ سيد نورل شاهه هو، جنهن کي به هڪ پٽ سيد شاه مراد هو، جو ولايت جو صاحب، جذب ۽ سڪر جو مالڪ ۽ پنهنجي وڏڙن جي وفات کان پوءِ فتح آباد مان لڏي دريا جي هن ڀر آيو ۽ اوڍروالي ڳوٺ ۾ جمالاڻي سيدن ۾ اچي رهيو، عمر جا باقي ڏينهن اتي ئي گذاريائين. سندس مقبرو شاهه مبارڪ نهره جي خانقاهه جي اندر آهي. هن کي هڪ نياڻي ٿي، جا سيد بهادر شاهه جعفراڻي جي نڪاح ۾ آئي ۽ اها شاهه حسين صاحب غوثپور واري جي والده هئي.

سيد اسماعيل شاهه ابن سيد شاهه محمد شاهه کي هڪ پٽ نالي ملوڪ شاهه هو. ملوڪ شاهه کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد شير محمد (2) سيد قطب الدين. هنن ٻنهين مان ڪوبه نرينه اولاد باقي نه رهيو.

شاهه ڪمال بن شاهه مبارڪ عادلپوريءَ جو ٻيو فرزند سيد عبدالجليل علم، شريعت، طريقت، زهد ۽ پرهيزگاريءَ جو مالڪ هو. سن 1970هه ۾ وفات ڪيائين، پنهنجي وڏي ڀاءُ شاهه محمد شاهه جي ڀر ۾ ڍنڍيءَ جي مقام ۾ آهي. هن کي ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد محمد شجاع مشهور سوجهرو شاهه (2) سيد محمد عابد (3) سيد ڪمال شاهه ثاني. هنن ٽنهين جو اولاد هلندو اچي.

سيد سوجهرو شاهه بن عبدالجليل ولايت ۽ ڪرامت جو صاحب هو، پنهنجي وڏڙن جي وفات کان پوءِ فتح پور ڇڏي جمشيره پرڳڻي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس مقبرو به اتي ئي آهي، هن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد عبدالجليل ثاني (2) سيد عبدالقادر. هنن ٻنهين جو اولاد باقي آهي. سيد عبدالجليل ثاني پنهنجي والد سيد سوجهري شاهه جي وفات کان پوءِ حضرت موسيٰ شاهه جي مرضيءَ سان ٻار ٻچا وڻي جمشيره پرڳڻي کان لڏي درياءَ جي هن ڀر آيو ۽ رحمو والي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس مقبرو شاهه مبارڪ نهره جي قبرستان ۾ آهي، هن کي هڪ پٽ حبيب الله شاهه نالي ٿيو، ان کي وري ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد احسان شاهه (2) سيد خير الدين شاهه. سيد احسان شاهه کي چار پٽ هئا: (1) سيد عبدالجليل ثالث (2) سيد سوجهرو شاهه ثاني (3) سيد يعقوب شاهه (4) سيد نظر شاهه.

سيد عبدالجليل ثاني وڏو برڪت وارو بزرگ هو، هن جو مقبرو رحمو واليءَ ۾ مشهور آهي. کيس رڳو ٻه نياڻيون هيون، جن مان هڪ سيد محبوب شاهه جي گهر ۾ ۽ ٻي سيد مسو شاهه جي گهر ۾ آئي.

سيد سوجهرو شاهه ثاني ابن احسان شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد مسو شاهه (2) سيد سائيڏنه شاهه. مسو شاهه کي هڪ پٽ سيد صوفن شاهه نالي هو، جو شاهه جليل ثالث جو ڏهٽو ۽ ان جو جاءِ نشين هو، هن اڃان شادي ئي نه ڪئي هئي جو سن1286هه ۾ وفات ڪري ويو.

سيد نظر شاه ابن سيد احسان شاهه کي هڪ پٽ ٿيو، سيد جهنگل شاهه، هن کي چار پٽ ٿيا: (1) سيد نظر شاهه (2) سيد عباس علي (3) سيد محمد شاهه (4) سيد سوجهرو شاهه.

سيد نظر شاهه ثاني کي هڪ پٽ سائيڏنو شاهه ٿيو. سيد خير الدين بن حبيب الله شاهه کي چار پٽ هئا: (1) حبيب الله شاهه ثاني (2) سيد صدر الدين جو لاولد گذاري ويو (3) گهريل شاهه (4) سيد رمضان شاهه. سيد حبيب الله ثاني کي ٽي پٽ آهن: (1) سيد خير الدين ثاني (2) امير شاهه (3) آندل شاهه جو لاولد فوت ٿي ويو. سيد خير الدين ثاني کي ٽي پٽ آهن: (1) سيد حبيب الله ثالث جو لاولد گذاري ويو. (2) حاجي شاهه (3) سيد عيدن شاهه. سيد عيدن شاهه کي هڪ پٽ نالي نبي بخش شاهه هو، جو جواني ۾ گذاري ويو. سيد گهريل شاهه بن خير الدين شاهه ڪلان کي هڪ ڌيءَ هئي. سيد رمضان شاهه بن خير الدين شاهه ڪلان کي چار پٽ آهن: (1) سيد صدر الدين (2) سيد ولايت شاهه (3) سيد صوبدار شاهه (4) سيد علي محمد. سيد صدر الدين بن رمضان شاهه کي ٽي پٽ آهن: (1) سيد رمضان شاه ثاني (2) سيد عبدالرحمٰن (3) سيد جان محمد. هتي سيد عبدالجليل ثاني بن سوجهرو شاهه ابن سيد عبدالجليل ڪلان جي نسب جو احوال پورو ٿيو.

 سيد عبدالقادر ابن سيد سوجهرو شاهه ابن سيد عبدالجليل ڪلان پنهنجي ڀائرن کان جدا ٿي ملوڪ واليءَ ۾ سيد جادو شاهه جو پاڙو اختيار ڪري، اتي رهي پيو، سندس مقبرو به اتي ئي آهي. هن کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد جيون شاهه (2) سيد روشن شاهه (3) باقر شاهه. سيد جيون شاهه کي به ٽي پٽ هئا: (1) سيد عبدالله شاهه (2) سيد غوث محمد (3) سيد عبدالقادر ثاني. سيد عبدالله شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد جيون شاهه ثاني (2) سيد سائيڏنه جو لاولد وفات ڪري ويو. سيد جيون شاهه ثاني کي هڪ پٽ سيد جنيد شاهه نالي هو، هن کي ٻه ڌيئرون هيون. سيد غوث محمد بن سيد جيون شاهه ڪلان کي هڪ پٽ سيد ڇٽو شاهه هو، ان کي به هڪ پٽ ٿيو، سيد شير محمد نالي. هن کي هڪ پٽ آهي سيد محمد پناهه. هن کي به هڪ پٽ آهي نالي سيد شير محمد ثاني. سيد عبدالقادر ثاني بن سيد جيون شاهه ڪلان کي هڪ پٽ هو نالي سيد عبدالغني جو لاولد فوت ٿي ويو. سيد روشن شاهه بن عبدالقادر شاهه ڪلان به لاولد فوت ٿيو. سيد باقي شاهه بن سيد عبدالقادر ڪلان کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد درويش محمد (2) سيد مطلب شاهه، جو لاولد فوت ٿيو. 03) سيد موٽڻ شاهه. سيد درويش محمد بن سيد باقر شاهه کي چار پٽ هئا: (1) سيد النهوازيو (2) سيد ڪمن شاهه (3) سيد باقر شاهه (4) سيد قبول شاهه جو لاولد فوت ٿيو. سيد الهنوازيو شاهه کي هڪ پٽ سيد درويش محمد ثاني هو، جو لاولد فوت ٿيو. سيد ڪمن شاهه بن درويش محمد شاهه ڪلان کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد سڪندر شاهه جو لاولد وفات ڪري ويو. (2) مسلم شاهه (3) سيد مطلب شاهه. مسلم شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد تاريشاهه، شاديءَ کان اڳ وفات ڪري ويو. (2) سيد باغ شاهه. هن کي هڪ پٽ آهي، نالي سيد مسلم شاهه ثاني. سيد مطلب شاهه کي به هڪ پٽ آهي نالي سيد جمن شاهه. سيد باقر شاهه بن سيد درويش محمد ڪلان کي هڪ پٽ ٿيو، نالي سيد داد شاهه ۽ هن کي به هڪ پٽ ٿيو نالي موٽڻ شاهه، ان کي به هڪ پٽ ٿيو نالي الهوسايو شاهه، هن کي ٽي پٽ هئا: (1) موٽڻ شاهه سوم (2) سيد فيضو شاهه (3) سيد روشن شاهه. هتي سيد عبدالقادر ابن سيد سوجهره شاهه جي نسب جو احوال پورو ٿيو.

 سيد محمد عابد

هيءُ سيد عبدالجليل ابن سيد شاهه ڪمال بن مبارڪ شاهه عادلپوري جو ٻيو نمبر پٽ هو، جيڪو فيض ۽ ڪرامتن جو صاحب ۽ وڏي خلق وارو هو، هن جو مقبرو به جمشيره ۾ پنهنجي ڀائرن جي ڀر ۾ آهي. هن کي چار پٽ هئا: (1) سيد حميد الدين (2) سيد عاقل (3) مخدوم سيد محي الدين ثاني. ابو صالح موسيٰ شاهه جو برڪتن جو چشمو ۽ عارفن جو اڳواڻ هو. (4) سيد سلطان جو ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو. هنن مان اولاد رڳو ٻن سيدن حميد الدين ۽ حضرت موسيٰ شاهه جو باقي رهيو. سيد محمد عاقل کي رڳو هڪ نياڻي هئي، جيڪا سيد نورالدين جي نڪاح ۾ آئي. سيد حميد الدين بن سيد محمد عابد کي هڪ پٽ سيد نور الدين نالي هو، هن کي هڪ پٽ ٿيو نالي سيد محمد عاقل، هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد نور شاهه (2) گنبل شاهه. نور شاهه کي رڳو هڪ نياڻي ٿي. گنبل شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد حميد شاهه ثاني (2) سيد جمن شاهه. حميد شاهه ثاني کي هڪ پٽ ٿيو نالي سيد گنبل ثاني. هن کي ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد حميد ثالث (2) سيد پير شاهه (3) بلند شاهه. هن کي هڪ پٽ نالي سيد ڪمال شاهه آهي. سيد جمن شاهه کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد نور شاهه (2) حيات شاهه. هن کي هڪ پٽ آهي، عاقل شاهه. هتي سيد حميد الدين ابن سيد محمد عابد جي نسب ۽ اولاد جو احوال پورو ٿيو.

 

سيد شيخ موسيٰ شاهه ابن سيد محمد عابد

هن کي ٽي پٽ ٿيا: (1) مخدوم سيد شيخ محمد صالح سجاده جو صاحب (2) مخدوم سيد دوست محمد (3) مخدوم سيد محمد عابد ثاني. هنن ٽنهين بزرگن اولاد ڇڏيو آهي. مخدوم سيد محمد صالح ابن سيد موسيٰ شاهه کي هڪ پٽ نالي مخدوم سيد شيخ جمال هو، هن کي وري ٽي پٽ هئا: (1) مخدوم سيد محمد مبارڪ سجاده وارو (2) سيد عبدالغفور (3) سيد محمد شاهه. مخدوم سيد مبارڪ کي ٻه پٽ ٿيا: (1) مخدوم سيد محمد صالح ثاني سجاده وارو (2) عظيم شاهه. هي لاولد وفات ڪري ويو. مخدوم محمد صالح ثاني بن مخدوم محمد مبارڪ کي هڪ پٽ هو، سيد مبارڪ ثاني نالي، هن بزرگ کي به هڪ پٽ نالي محمد صالح ثالث ٿيو، ان کي وري ٽي پٽ هئا: (1) سيد الهجوايو شاهه، جو آغاز جوانيءَ ۾ لاولد وفات ڪري ويو. (2) سيد محمد مبارڪ اصغر سجاده جو صاحب (3) محمد عارف جو ٻالجتيءَ ۾ گذاري ويو. مخدوم سيد محمد مبارڪ اصغر کي هڪ نياڻي هئي، جو محبوب شاهه ثانيءَ جي نڪاح هيٺ آئي. عبدالغفور عرف بادل شاهه ابن سيد جمال محمد کي هڪ پٽ ٿيو، سيد جمال ثاني نالو هوس، هن کي رڳو هڪ ناڻي ٿي جا سيد الهجوايو جي نڪاح هيٺ آئي. سيد محمد شاهه ابن مخدوم جمال محمد کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد عبدالجبار (2) سيد ربن شاهه (3) سيد ستار بخش. سيد عبدالجبار لاولد هو، ربن شاهه کي چار پٽ ٿيا: (1) فتح الدين شاهه (2) سيد قادر بخش (3) امام بخش شاهه (4) محمد شاهه ثاني. هنن چئني مان سيد فتح الدين ۽ امام بخش شاهه گنگا هئا لاولد فوت ٿيا. سيد قادر بخش هڪ شاهاڻي بلوچ جي هٿان مارجي ويو. سيد محمد شاهه سنجرپوري، سهڻن لڇڻن وار ۽ مهمان نواز سيد هو، کيس ٽي پٽ آهن: (1) احمد شاهه (2) محمود شاهه (2) مبارڪ شاهه. سيد ستار بخش ابن محمد شاهه ڪلان کي ٽي پٽ هئا: (1) اسماعيل شاهه (2) ابراهيم شاهه (3) بلال شاهه. هيءُ شادي کان اڳ ئي گذاري ويو. اسماعيل شاهه به لاولد وفات ڪري ويو. باقي ابراهيم شاهه کي ٻه پٽ آهن: (1) سيد بلال شاهه (2) تيمور شاهه. بلال شاهه کي به ٻه پٽ آهن: (1) سيد اسماعيل شاهه ثاني (2) سيد ستار بخش دوم. تيمور شاهه کي هڪ پٽ نالي ابراهيم شاهه ثاني آهي. هتي سيد محمد صالح بن حضرت موسيٰ شاهه جي نسل جو احوال پورو ٿيو.

حضرت موسيٰ شاهه ۽ ان جي فرزند مخدوم سيد محمد صالح جي نسل جي وڌيڪ وضاحت لاءِ هن شجري کي ڏسندا:

مخدوم سيد دوست محمد

مخدوم سيد دوست محمد رح، حضرت موسيٰ شاهه جو ٻيو نمبر فرزند آهي. پنهنجي وقت جو يگانو، سيرت ۽ صورت ۾ درويش ۽ ڪشف، ڪرامت جو مالڪ هو، مالدارن جي الفت ۽ صحبت کان پري رهندو هو، ٻالجتيءَ کان وٺي وفات تائين عبادت، رياضت، عالمن جي صحبت ۽ ماڻهن جي حاجت روائي ۽ خدمت خلق ۾ رهيو. دولتمندن سان ڪوبه لاڳاپو نه رکيائين. فقير گل محمد مرحوم، هن بزرگ ولي جي ساراهه ۾ بحر سريع وزن مفتعلن، فاعلن ۾ هي قطعہ چيو آهي:

دوست محمد که بصدق و صفا

-

عمر بسرد برد بکار خدا

پير مکمل و شه عالي همم

-

زنده دل و اهل يقين نيزهم

خلق از و شاد بخلقِ کريم

-

نفع از و يافت غريب و يتيم

مونس درويش نفور از غني

-

صاف دل و سينه ز کين و مني

از دل و جان کرده براهِ خدا

-

خدمت هر خسته دل و بي نوا

شد علما و فضلا را شفيق

-

هم فقرا وضعفا را رفيق

گل چون يقين پيرِ نفسِ خوداست

-

حق تو رهانش که بدست بدست

هن بزرگ جو مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي. کيس ٻه پٽ هئا: (1) سيد عبدالخالق (2) سيد الهه اوڀايو. سيد عبدالخالق ڪرامت جو صاحب، ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو جامع ۽ عالم، فاضل انسان هو. ساڳي شاعر هن اهل الله جي توصيف ۾ بحر رمل مسدس محذوف ۾ قطعه چيو آهي:

عبد خالق پير عالي منزلت

-

در کمالات و فضائل بي سخن

نيز در اعمال نيکو هم خصال

-

داد نيکو داد او را ذوالمنن

در هزار و دو صد و سه سال دو

-

سوئي جنت رفت زين دار محن

يا الاهي گل محمد را به بخش

-

از طفيل چار يار و پنجتن

سيد عبدالخالق جو مقبرو به وڏي خانقاهه ۾ آهي. هن سيد سڳوري کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد مير محمد (2) عمر شاهه (3) محبوب شاهه. سيد مير محمد هڪ نهايت عابد ۽ برڪت ڀريو انسان هو، خلق، تواضع، زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ پنهنجي وقت جو بينظير انسان هو، سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي. هن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد نور محمد (2) سيد گنج بخش. سيد نور محمد برڪت ڀريو ۽ تواضع پسند انسان هو. سندس وفات جمع رات 29 شعبان سن1285هه ۾ ٿي، هن جو مقبرو به خانقاهه جي اندر آهي، کيس ڪوبه فرزند ڪونه ٿيو. سيد گنج بخش ابن سيد مير محمد ظاهري حسن جو مالڪ ۽ باطني سيرت جو صاحب هو، ڏاڍي حشمت ۽ شان و شوڪت وارو هو. 1 شوال سن1279هه ۾ وفات ڪيائين. هن جي قبر جامع مسجد جي متصل بهار شاهه جي مقام ۾ آهي. کيس هڪ پٽ سيد مير محمد ثاني هو، جنهن جي ولادت سن1271هه ۾ ٿي ۽ هن کي هڪ پٽ گنج بخش ثاني ٿيو، جنهن جي ولادت جي تاريخ ۾ فقير گل محمد هيءُ قطعه چيو آهي:

ز پير مير محمد چه گنج بخش خلف

شد از عنايت ايزد درين جهان پيدا

يگانه حق بنوازد پير را به پسر

غمين دلش ز غم آزاد شد بشاديها

ز صبح شنبہ شعبان دوباره شش تاريخ

طلوع کرد همان شاهزاده مهر آسا

خدائي خلق بلطف و کرم نصيب کند

حيات خضري و بخت سکندري او را

بگير از هر مصرعه دو بيت نخست

سنِ ولادت آن بود پير اهل وفا

ببين چه شعر بتاريخ گل محمد گفت

بلي به يمن ولائي نزاد آل عبا

سيد عمر شاهه بن عبدالخالق حشمت، رعب شان شوڪت وارو صاحب هو. سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي. کيس ٽي پٽ هئا: (1) سيد ناصر الدين (2) عبدالرحيم شاهه (3) بهار شاهه. هيءُ لاولد فوت ٿيو. هن جو مقبرو بهار شاهه جي قبرستان ۾ آهي، جو سندس نالي سان مشهور آهي.

سيد ناصر الدين بن عمر شاهه وڏي عزت ۽ مان، مرتبي وارو هو، نوجوانيءَ ۾ وفات ڪيائين، کيس هڪ پٽ نالي نصر محمد هو جو ڏاڍو عقلمند ۽ سمجهدار انسان هو، ان جي وفات 11 رجب سن1177هه ۾ ٿي، کيس به هڪ پٽ نالي سيد ناصر الدين ثاني هو، جو جوانيءَ ۾ لاولد ٿي وفات ڪيائين، سندس وفات سن1296هه ۾ ٿي. سيد عبدالرحيم بن سيد عمر شاهه لاولد رهي وفات ڪيائين.

سيد محبوب شاهه سيرت ۽ صورت جو درويش هو، چڱي خلق ۽ ڪرم جو مالڪ هو، سن1267هه يا 1268هه ۾ وفات ڪيائين. هن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد عبداللطيف جنهن شاديءَ کان اڳ وفات ڪئي. (2) سيد رسول بخش جنهن 5 رجب سن1289هه ۾ وفات ڪئي ۽ هن جو پٽ سيد محبوب شاهه ثاني هو، ان جي ولادت صفر 1280هه ۾ ٿي، کيس هڪ پٽ ٿيو نالو سيد رسول بخش ثاني، هن جي ولادت سن1307هه ۾ ٿي.

سيد الهه اوڀايو ابن سيد دوست محمد ابن حضرت موسيٰ شاهه. هيءُ بزرگ ڪنهن سفر سٽاڻي ملتان ويو، هو ساڻس گڏ مسو نالي خادم به هو، واپسيءَ ۾ بيمار ٿي پيو، رستي ۾ ئي وفات ڪيائين. کيس غسل، ڪفن ڏئي ٻيڙيءَ ۾ کڻي آيا. گهوٽڪيءَ جي برابر آڻي لوءِ شريف (گهوٽڪيءَ) جي وڏي خانقاهه ۾ دفن ڪيائون، کيس هڪ پٽ سيد دوست محمد ثاني نالي هو، قرآن مجيد جو حافظ هو. هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد محمد بخش (2) حمزه علي شاهه. سيد محمد بخش ڳالهائڻ جو ڏاڍو فصيح، عقلمند ۽ عبادت گذار انسان هو. هن جي ولادت سن1229هه ۾ ٿي ۽ وفات 1286هه ۾ ڪيائين. کيس هڪ پٽ هو سيد حمزه علي ثاني، جنهن جي ولادت ڏينهن اربع رمضان مهيني ۾ سن1280هه ۾ ٿي، کيس ٻه پٽ ٿيا: (1) جندو شاهه (2) سيد محمد بخش ثاني. جيڪي ٻئي ٻالجتيءَ ۾ وفات ڪري ويا. هتي سيد دوست محمد بن موسيٰ جي اولاد جو احوال پورو ٿيو. مٿئين نسبي احوال کي هن شجره جي روشنيءَ ۾ ڏسندا:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com