سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :12

 

سيرت مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم (تبصره)

 

منڍ ۾ سيرت نويسيءَ جو فن ايترو ئي قديم آهي، جيترو پاڻ اهو موضوع قديم آهي. عام طرح محمد بن اسحاق کي سيرت ۽ مغازيءَ جو امام سڏيو ويو آهي، جنهن سيرت تي قلم کنيو ۽ اهو بزرگ ٻي صديءَ هجريءَ جو آهي، جيڪو مديني جي وڏي محدث ۽ امام مالڪ بن انسرح جو معاصر آهي. پر ان ساڳي دور يعني ٻي صديءَ ۾ امام ابو معشر سنڌي، مغازي ۽ سيرت جو وڏو امام ٿي گذريو آهي، جنهن جو ڪتاب ابن اسحاق جي ڪتاب وانگر ناپيد آهي، ان جون روايتون صحاح ستہ ۾ موجود آهن. محمد بن اسحاق کي ان جو وڏو همعصر امام مالڪ (رح) غير ثقہ سڏي ٿو ۽ ابو معشر سنڌيءَ کي حديث جو امام احمد بن حنبل، ثقہ سڏي ويو آهي.

ٽين صدي هجريءَ ۾ علامہ محمد بن ابراهيم ديبلي سنڌي جيڪو اصل ۾ ديبل سنڌ جو رهاڪو هو، سيرت جي هڪ شاخ نبي صلي الله عليہ وسلم جي خطن جو مجموعو تاليف ڪيو، جنهن کي مڪاتيب النبي صلي الله عليہ وسلم جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهو هن موضوع تي اسلامي ادب ۾ سڀ کان پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي ترجمي سميت سنڌي ادبي بورڊ هاڻي ڇاپي رهيو آهي. اڳتي هلي ٻارهين صديءَ ۾ جڏهن سنڌي ڪتابن جي تاليف ۽ تصنيف جو دور آيو ته هن سلسلي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عربيءَ ۾ ”سيرت بذل القوة في حوادث سني النبوه“ ضخيم ڪتاب لکڻ سان گڏ نبي سائين جي معجزن تي سنڌيءَ ۾ وڏو ڪتاب لکيو، جنهن پائي جو تحقيقي ڪتاب اڃان تائين ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نه لکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح مخدوم عبدالله نريه واري تعلقو ابڙاسو ڪڇ جي عالم سيرت تي سنڌيءَ ۾ قمر منير، بدر مغير، خزانہ اعظم وغيره جهڙا هزارن صفحن تي ڦهليل ڪتاب لکيا. اهي ڪتاب سڀ سنڌي قديم نظم ۾ لکيا ويا هئا. انگريزن جي دؤر ۾ هيءَ سعادت هتي جي هڪ هندو اديب لعلچند امر ڏني مل کي نصيب ٿي، جنهن رسول پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي سيرت تي سنڌي نثر ۾ ڪتاب لکيو.

هن کان پوءِ سنڌ جي عظيم اديب، شاعر ۽ عالم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٻن جلدن ۾ حيات النبي صلي الله عليہ وسلم ۽ اخلاق محمدي نالي سان سيرت تي ڪتاب لکيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن موضوع تي چڱا ڪتاب لکيا ويا، پر پوري تفصيل سان ڪوبه مڪمل ڪتاب وجود ۾ نه آيو هو. هن ضرورت کي محسوس ڪندي اتر سنڌ جي مشهور عالم ۽ شاعر اسان جي بزرگ دوست مولانا محمد عظيم ”شيدا“ سيرت النبي صلي الله عليہ وسلم نالي مفصل ڪتاب لکيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. هن ڪتاب جو پيش لفظ مسٽر غلام رباني آڱري لکيو ۽ مهاڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو. ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته مولانا محمد عظيم صاحب ”شيدا“ غالبا 1968ع ۾ هن ڪتاب جو مسودو راقم ڏي ڏياري موڪليو، جنهن کي راءِ ڏيڻ لاءِ مخدوم امير احمد صاحب ڏانهن موڪليو ويو. مخدوم صاحب هيءَ راءِ ڏني: مون جناب مولانا محمد عظيم ”شيدا“ جو مرتب ڪيل ڪتاب سيرت مصطفيٰ اول کان آخر تائين غور سان پڙهيو. حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي سيرت تي سنڌي زبان ۾ بهترين ڪتاب آهي. هن جهڙو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ تائين شايع ٿيل ڪونه آهي. ڪتاب ۾ سيرت النبي صلي الله عليہ وسلم تي جيڪو مواد ڏنو ويو آهي، سو نهايت معتبر ۽ تحقيق سان ڏنل آهي.

نبي سائين جي نسبت جو سلسلو جڏهن ته حضرت ابراهيم عليہ السلام تي پهچي ٿو ۽ پاڻ حنيفي ملت جا آخري نبي آهن، ان ڪري مولانا ”شيدا“ سيرت جي ابتدا حضرت ابراهيم عليہ السلام جي احوال سان ڏني آهي ۽ بابل جي سلطنت جو ذڪر ڪري لکيو آهي ته اتي جي بادشاهه سوني مورتي ٺهرائي، ماڻهن کي حڪم ڪيو ته ان کي پوڄيو ۽ سجدا ڪريو. الله تعاليٰ ان جي هدايت لاءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام کي نبي ڪري موڪليو. حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي نسب جو سلسلو به حضرت ابراهيم عليہ السلام سان وڃي ملي ٿو. بادشاهه کي حضرت ابراهيم جي الله تعاليٰ جي توحيد لاءِ هدايت قبول نه پئي. (الخ)

نسبي سلسلي جي بيان کان پوءِ عرب جي سياسي حالت تي مختصر روشني وڌي وئي آهي. ان سان گڏ ان دؤر جي اخلاقي حالت جي اپٽار ڪئي وئي آهي. حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي پڙ ڏاڏي حضرت هاشم جا حالات آندا ويا آهن. ان طرح حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي ويجهن ڏاڏن جو تفصيل سان احوال ڏنو ويو آهي.

جيئن حضرت عبدالمطلب جو احوال آيل آهي. ان کان پوءِ حضور صلي الله عليہ وسلم جي والد حضرت عبدالله ۽ والده سيده آمنہ رضي الله عنها جو احوال آيل آهي. حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي ولادت باسعادت جو عنوان رکي محدث عبدالرزاق جي حضرت جابر کان حضور صلي الله عليہ وسلم جي نور بابت تفصيل سان روايت ذڪر ڪئي آهي ۽ ساڳي وقت سيرت جي قديم معتبر ڪتاب سيرت ابن هشام مان انهن بشارتن جو بيان آهي، جيڪي سيده آمنه کي آڏو آيون، جو بي بي صاحبه هڪ نور ڏٺو وغيره. حضور صلي الله عليہ وسلم جي ولادت کان پوءِ سندن ننڍپڻ جو احوال تفصيل سان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ کير پيارڻ وارو زمانو، حضور صلي الله عليہ وسلم جي والده جو انتقال، ننڍڙائي جي زماني جا واقعا، مَلَڪن طرفان سيني چيرڻ جو واقعو، محمد بن اسحاق جي روايت سان بيان ڪيو ويو آهي. ٻالجتيءَ جي احوال کان پوءِ هڪ عنوان، جوانيءَ کان نبوت تائين واقعن جو بيان رکيو ويو آهي. هن ۾ قريش جي هڪ لڙائي جو بيان آهي، جنهن ۾ پاڻ پندرهن سالن جي عمر جا هئا. ان کان پوءِ شام جو سفر بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندن خادم ميسره به پاڻ سڳورن سان ساڻ هو، جو سطور راهب کين ڏٺو ۽ حضور صلي الله عليہ وسلم جي نبوت جي تصديق ڪئي. هن ڀاڱي ۾ حضرت خديجہ رضي الله تعاليٰ عنها سان شاديءَ جو بيان به اچي ويو آهي. جو پاڻ 25 سالن جا هئا ۽ بيبي خديجہ چاليهه سالن جي هئي. هن کان پوءِ قريشن طرفان خانه ڪعبه جي از سر نو تعمير جو احوال ڏنو ويو آهي ته حجر اسود جي کڻڻ تي قريش سردارن جو ڪيئن جهڳڙو ٿيو، جنهن کي پاڻ سڳورن وڏي عقلمنديءَ سان هن طرح ٽاري ڇڏيو، جو پاڻ فرمايائون ته هڪ وڏي چادر کڻي اچو. پوءِ پنهنجي هٿن سان حجر اسود کڻي ان تي رکيائون ۽ سڀني کي چيائون ته هاڻي سڀئي کڻو، سڀني چادر کي کڻي ديوار وٽ رکيو. پوءِ پاڻ صلي الله عليہ وسلم پنهنجن مبارڪ هٿن سان حجر اسود کڻي مقرر جاءِ تي رکيائون. او فيصلو سڀني کي وڻيو.

هن کان پوءِ ”وحي جو نزول“ عنوان ڏئي نبوت جو آغاز جو احوال ڏنو ويو آهي ۽ تبليغ جو بيان آهي. حضور صلي الله عليہ وسلم جي تبليغ جو شروع ۾ اهو اثر نڪتو جو سڀني کان اڳ ۾ سندس بيبي سڳوري سيده خديجہ ايمان آندو ۽ ٻارن مان سيدنا علي رضي الله عنہ ايمان آندو ۽ وڏن مان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ ايمان آندو ۽ غلامن مان حضرت زيد بن حارث رضي الله عنہ ايمان آندو. انهن جي ايمان بابت تفصيل سان احوال ڏنو ويو آهي، پوءِ حضرت ابوبڪر رضي الله عنہ جي ڪٽنب جي ايمان آڻڻ جو احوال ڏنو ويو آهي. جنهن کان پوءِ حضرت عثمان رضي الله عنہ جي ايمان آڻڻ جو احوال آيل آهي. ائين ٻين ڪيترن صحابين سڳورن جي ايمان آڻڻ جو احوال ڏنو ويو آهي. هڪ عنوان رکيو ويو آهي ”مڪي وارن ۽ قريشين کي اسلام جي دعوت“ هن ۾ جناب ابو طالب جي ڪردار کي گهڻو واضح ڪيو ويو آهي. اڳتي هلي قريشن جو حضور صلي الله عليہ وسلم ۽ اصحاب سڳورن کي ايذاءُ پهچائڻ جو احوال ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري حبش ڏانهن هجرت جو واقعو وجود ۾ آيو. اهو احوال به تفصيل سان ڏنو ويو آهي. پوءِ هلي قريشين جو بني هاشم ۽ بني عبدالمطلب سان قطع تعلقات جو عنوان آڻي تفصيل سان ان واقعي کي بيان ڪيو ويو آهي. حضور صلي الله عليہ وسلم جن جو طائف ۾ وڃڻ دين جي تبليغ ڪرڻ جو احوال وضاحت سان ڏنو ويو آهي. نبوت جي يارهين سال ۾ انصارن جو ايمان آڻڻ عنوان رکي مديني منوره ڏانهن هجرت ڪرڻ جي اهڃاڻ کي پوري تفصيل سان آندو ويو آهي. انهيءَ سال معراج جو واقعو وجود ۾ آيو هو، ان واقعي تي پورا 24 صفحا لکيا ويا آهن، جن ۾ احاديث جي اپٽار ڪئي وئي آهي ۽ حڪمتون به بيان ڪيون ويون آهن. بيعة العقبہ جو احوال به تفصيل سان ڏنو ويو آهي. جنهن کان پوءِ هجرت جي نوبت آئي. هجرت جو احوال به پوري تفصيل سان ڏنو ويو آهي. مديني ۾ جيڪي ابتدائي اسلام آڻڻ يا شادين جا واقعا وجود ۾ آيا، انهن جو احوال ڏئي، 143 صفحن تي ”جهاد جو حڪم“ عنوان ڏنو ويو آهي. اتان غزون ۽ سرايا جو بيان پوري وضاحت سان ڏنو آهي.

اهڙيءَ طرح هي ڪتاب آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي زندگي، سيرت، غزوات وغيره جي احوال تي مشتمل ٿي، حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي وفات جي احوال تي ختم ٿئي ٿو. آخر ۾ ضميمي طور شجره طيبہ ڏنو ويو آهي، جو نهايت معلوماتي آهي.


 

 

حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي پاڪ سيرت جي جهلڪ

(قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾)

 

قرآن مجيد جي سورت آل عمران جي آيت 123 کان جنگ بدر جو بيان آهي، جنهن ۾ خدا پاڪ طرفان آنحضرت صلي الله عليہ وسلم ۽ مسلمانن کي ملائڪن سان مدد ڏيڻ جو به ذڪر آهي. قرآن پاڪ جي لفظن ۾ ملائڪن لاءِ ”منزلين“ (لٿل) جو لفظ آيل آهي، قصي جي تفصيل ته هر پڙهيل مسلمان کي معلوم آهي، اسان کي رڳو ان جي ڪن علمي نڪتن بابت عرض ڪرڻو آهي.

شاهه ولي الله صاحب جي اسلامي فلسفي مطابق اها الاهي مدد عالم مثال کان لهندي آهي. اهو عالم، هن عناصر جي جهان کان مٿي آهي. ڪابه شيءِ جڏهن انهيءَ عالم کان ايندي آهي ته اتي عربيءَ ۾ ”نزل“ (لٿو) جو لفظ ڪتب ايندو آهي. صوفين جو ”ملا سافل“ به انهيءَ عالم جي شيءِ آهي. تڏهن جيڪي ملائڪ حضور پر نور ۽ صحابين سڳورن جي مدد لاءِ لٿا هئا سي به ”ملاء سافل“ جا ملائڪ هئا.

آسماني دينن ۾ اهو دستور رهيو آهي ته جڏهن ڪابه قوم الله جي ڪتاب جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندي آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پورو عزم ۽ ارادو ڪندي آهي، تڏهن ملا سافل يا ٻين لفظن ۾ عالم مثال جا ملائڪ اهڙن ماڻهن جي مدد لاءِ پنهنجي طبيعت ڪري مجبور ٿيندا آهن، اها امداد تڏهن ايندي آهي، جڏهن مجاهدن کي ان جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. هن مدد جي ڪيفيت اها هوندي آهي ته ايماندارن جي دلين ۾ فتح جا خيال وڌا ويندا آهن ۽ ڪافرن جي دلين کي ڀاڄ ۽ شڪست جي خيالن ۽ خطرن سان ڀريو ويندو آهي ۽ اها به صورت پيش ايندي آهي ته اهڙي وقت ۾ امام پنهنجن ماڻهن کان ڪو مشورو ۽ صلاح وٺندو آهي ته صلاح ڏيندڙن جي دلين ۾ ملائڪن طرفان ڪنهن مناسب تدبير جو الهام ۽ القا ٿيندو آهي ۽ حق جي خيالن جي انهن تي پالوٽ ٿيندي آهي. ملا سافل جي ملائڪ جي اها ڊيوٽي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي ملا سافل جا ملائڪ انساني شڪل وٺي به ايندا آهن ۽ جهاد ۾ حصو وٺندا آهن. انهن کان قتل ۽ زخمي ڪرڻ وارا ڪارناما به صادر ٿيندا آهن.

ملائڪن جي اها تائيد تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن مؤمن پڪو عزم ۽ ارادو ڪري ان تي عمل لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. بدر جي موقعي تي به صحابين سڳورن اهڙي عزم جو اظهار ڪيو. سندن دليون الله جي نصرت سان معمور ۽ مستعد هيون. احد واري لڙائي ۾ اها صورت نه رهي. ڪن مجاهدن جي افڪار ۾ ڀڄي جان بچائڻ جو خيال آيو ۽ ڪمزوريءَ جو کين يقين پيدا ٿيو. تڏهن الاهي مدد کان محرومي جو کين منهن ڏسڻو پيو. باقي قيادت جي تنظيم ۾ ڪوبه نقص نه هو. پاڻ نبي صلي الله عليہ وسلم ان ڏينهن هڪ عظيم ڪارنامي کي سرانجام ڏنو ۽ مستقبل ۾ امت لاءِ هڪ مستقبل سنت جو بنياد وڌو.

اها سنت هيءَ هئي ته پاڻ سڳورن جنگ احد ۾ پنهنجي اصحاب ۽ ساٿين کان مشورو ورتو ته حملي آور دشمن کي منهن ڏيڻ لاءِ مديني منوره کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي يا مديني ۾ اندر رهي گهرن جي ڀتين کي پٺيون ڏئي لڙائي ڪجي؟ هن ۾ صحابين سڳورن جو اختلاف ٿي پيو. نوجوان ۽ ڪجهه اهي عمر رسيده جيڪي بدر جي لڙائي ۾ لاعلمي ڪري حاضر نه ٿي سگهيا هئا، تن اها راءِ ڏني ته مديني کان ٻاهر نڪري دشمن کي منهن ڏجي ۽ شيوخ جي اڪثريت جي اها راءِ هئي ته مديني ۾ اندر رهي لڙائي ڪجي. ان وچ ۾ نبي صلي الله عليہ وسلم بنہ ايستائين ماٺ رهيا، جيستائين آزاديءَ سان ٻنهي گروهن موافق يا مخالف پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن عمر رسيده صحابين جي راءِ ڏانهن لاڙو ڏيکاريو، پر جڏهن ته اڪثريت نوجوانن جي هئي، ان ڪري پاڻ پهرين خيال کي ڇڏي نوجوانن جي راءِ کي اختيار ڪيو ۽ پهرين راءِ کي ڇڏي ڏنو.

شورائي قانون ۾ روءِ زمين تي اها سڀ کان چڱي راءِ آهي، ان کان وڌيڪ ڪوبه سهڻو قانون نه ٿو ٿي سگهي. منهنجو استاد مولانا عبيدالله سنڌي اهو رايو بيان ڪندي افسوس مان فرمائيندو هو ته مسلمانن جو شوريٰ کان پاسيرو ٿيڻ هڪ عام ڳالهه ٿي پئي آهي، جو هڪ افسوسناڪ سانحو آهي. ان سان گڏ پاڻ اهو به فرمايائون ته مسلمانن شورائي قانون جي ايتري به سنڀال نه لڌي، جيتري اهي استنجا جي پٿرن ۽ ڀترن جي ڪندا آهن. افسوس اهو آهي جو فقهي ڪتابن ۾ ان کي ڪا اهميت نه ڏني وئي آهي. ان طرح حڪومت جي ستون کي به ڊاٺو ويو ۽ ان جي بنياد جي پاڙ پٽي وئي. اهو سڀ جهالت ڪري ٿيو آهي، ان طرح استبداد سرايت ڪئي ۽ اسلامي اجتماعيت بنهه ناس ٿي وئي.

احد جي لڙائي ۾ ٿيو ڇا جو جڏهن اڪثريت جي راءِ کي ڇڏيندي ڪي منافق ماڻهو واٽ کان موٽيا مشاورت سان جيڪي طئه ٿيو هو ان جي مخالفت ڪيائون ته لشڪر جي هڪ ڀاڱي ۾ ڪمزوريءَ جا جيوڙا سرايت ڪري ويا ۽ کين الاهي نصرت تي پورو ويساهه نه رهيو. لڙائيءَ لاءِ سندن عزم ۽ ارادي ۾ سستي پيدا ٿي، تڏهن اهڙي حالت ۾ ڪيئن کين مدد پهچندي. سورت آل عمران جي آيت126-127 ۾ ان ڏانهن اشارو آهي، جن جو خلاصو هي آهي ته الله جي اها مدد رڳو فتح ۽ نصرت جي خوشخبريءَ لاءِ ايندي آهي هن ڪري ته دليون اطمينان ۽ قرار وٺن. جڏهن اوهان قرار جي مخالفت ڪئي ۽ ان تي اطمينان نه ورتو، تڏهن جيڪي ٿيو، سو اوهان کان ئي آهي. اڳتي هلي ظاهر ٿيو ته اهو به خدا جي امر ۽ حڪم ڪري ٿيو آهي ۽ ان ۾ به ڪا حڪمت هئي. اسان جي سمجهه مطابق اها حڪمت اها هئي ته جنهن ماڻهو شڪست ۽ فتح کي نه آزمايو آهي، ان جي قيادت ۽ اڳواڻيءَ ۾ مستقيم راءِ نه ٿيندي آهي ۽ نڪي اهو شڪست ۽ فتح جي اسبابن کي سمجهندو آهي. عربي ٻوليءَ جي مشهور چوڻي آهي، ”لا حڪيم الا ذو تجربہ“ حڪيم تجربہ ڪار ئي هوندو آهي. احد واري واقعي مان به اهو مقصد هو ته نبي صلي الله عليہ وسلم جي لشڪر جي قيادت جو تجربو ڪري وٺن ۽ اهو به سمجهي وٺن ته ڪهڙي شيءِ مجاهدن کي شڪست ڏيندي آهي ۽ ڪهڙي فتح ڏيندي آهي.

احد واري لڙائي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم زخمي ٿي پيا، سندن ڏند مبارڪ ڀڄي پيو. پاڻ سڳورن ڪافرن کي بددعا ڪرڻ گهري، ليڪن قرآن حڪيم ۾ کين ان کان روڪيو ويو. شڪست جو اصلي تجربو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن جنگ جي قائد ۽ اڳواڻ کي به ڪا تڪليف پهچي. تڏهن نبي صلي الله عليہ وسلم کي بار بار جيڪي تڪليفون پهتيون، انهن ۾ اها ئي حڪمت هئي ته تجربو پرائجي ۽ تڪليفن تي استقامت حاصل ٿئي. ايستائين جو غلطيءَ مان مجاهدن جي صفن ۾ سندن قائد ۽ اڳواڻ حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي قتل جي خبر پڻ ڦهلجي وئي، پر ان هوندي به اهي لڙائي جي ميدان ۾ ثابت قدم رهيا ۽ منجهن ڪابه ڪمزوري پيدا نه ٿي. اهي ئي حقيقت ۾ ثابت قدم ۽ مستقيم هئا.

ڪن روايتن ۾ آيو آهي ته نبي صلي الله عليہ وسلم احد جي شهيدن تي بيهي فرمائڻ لڳا ته ايندڙ لڙائي ۾ اسين پنهنجي هڪ شهيد جي بدلي ڪافرن مان ٻن کي قتل ڪنداسون يا ان جهڙو ڪلام فرمايائون، تڏهن هڪ اخلاقي مسئلي جي ضمن ۾ ان کان قرآن ۾ روڪيو ويو ته اي ايمان وارؤ اوهان وياج ٻيڻو ٽيڻو نه کائو ۽ الله کان ڊڄو، من اوهين ڪامياب ٿيو.

نبي صلي الله عليہ وسلم جون ٻه حيثيتون

حضور صلي الله عليہ وسلم جون ٻه حيثيتون هيون: (1) پاڻ هڪ طرف جهاد لاءِ امير هئا. (2) الله پاڪ طرفان سندن احڪامن جي تبليغ لاءِ رسول به هئا. انهن ٻن حيثيتن مان ڪنهن هڪ کي ٻي سان ملائڻ نه گهرجي. جنهن صورت ۾ جهاد جي امير پنهنجي سپاهين ۽ ساٿين کان مشورو ورتو ۽ صلاح ڪئي، تڏهن لڙائي ۾ شڪست جي نسبت اڪيلي امير ڏانهن ڪرڻ کان الله پاڪ قرآن حڪيم ۾ منع فرمائي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ضروري آهي ته فساد ۽ خرابيءَ جي اسبابن کي پاڻ ۾ جاچڻ گهرجي. ڇوته قرآن فرمائي ٿو ته امير ڪڏهن اوهان جي افڪار جو لحاظ ڪندو آهي، اوهان جي صلاح مشوري تي هلندو آهي، اهو اوهان تي مهربان هوندو آهي.ک پوءِ جڏهن اوهان کي ان جي نتيجي جي ڄاڻ ٿي وڃي ۽ شڪست کان پوءِ اوهان ان جي نقصان کي ڄاڻي ورتو ته هاڻي اوهان جو فرض آهي ته وري ان غلطيءَ ڏانهن نه موٽندا. باقي جيڪڏهن رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي مرڪز حظيرة القدس مان ڄاڻي شڪست کان اڳ اوهان کي ان جي اسبابن بابت ڄاڻائي ها ته ڪڏهن به شڪست نه اچي ها ۽ اوهان کي فتح ئي فتح نصيب ٿئي ها، پر ان حالت ۾ اوهان ۾ پنهنجي سمجهه پيدا نه ٿئي ها ۽ نه ڪي ذاتي طرح ڪنهن مفيد تدبير کي ڄاڻو ها ۽ تعليم کان اڳ جيئن بي خبر هئا، پوءِ به ائين رهجي وڃو ها، اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اوهان جي لاءِ نقصان جو باعث هجي ها. (قرآن)

نبي صلي الله عليہ وسلم جي بعثت جو اولين مقصد هو قريش کي هدايت ڪرڻ ۽ سندن اخلاق سنواري کين ڪامل بنائڻ ته جيئن اهي ٻين جي هدايت ۽ رهبري لاءِ اڳتي وڌن ۽ اسلام جي پيغام کي ڦهلائين، ان ڪري قريش جي هلاڪت ۽ بيخ ڪني ڪنهن به طرح صحيح نه هئي، ڇوته انهن کي حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم کان هدايت حاصل ڪري ٻين ماڻهن لاءِ امام ۽ اڳواڻ ٿيڻو هو، هن سلسلي ۾ قرآن مقدس جي سورت آل عمران جي آيت 134 ۽ 135 ۾ مسلمانن کي اها هدايت ۽ نصيحت ڪئي وئي ته اهي قريش مان جيڪي ڪمزور ۽ مسڪين هجن انهن جي سک ۽ ڏک ۾ مدد ڪن، انهن کان ڪاوڙ کي کائي وڃن ۽ انهن مان ڪو چڱو نه هلي ته ان کي معاف ڪن، اصلاح ۽ سڌاري جي خيال کان اهو انتقام ۽ وير وٺڻ کان ڀلو آهي، اڳتي هلي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن ان اخلاق حسنہ تي عمل ڪيو، صلح حديبيہ جي واقعي کي ڏسبو ته ان ۾ سراسر قريش کي رعايتون ڏنيون ويون، فتح مڪي ۾ ته پاڻ سڳورن معافي جو اهڙو عام اعلان ڪيو ته جيڪو به ابو سفيان جي گهر ايندو ان کي معاف ڪيو ويندو. سيرت پاڪ ۾ معافي جي اهڙن ڪيترن واقعن جو ذڪر آهي. اهي سڀ قرآن حڪيم جي انهن آيتن تي عمل ڪرڻ جو نمونو آهي.

ساڳي طرح قرآن حڪيم ۾ انهن اخلاق حسنہ جي تعليم ڏيندي اهو ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ڪو فاسد اخلاق کي سڌارڻ گهري ٿو ته اهو هڪ روحاني قوت ڏانهن محتاج ٿئي ٿو. اهڙي روحاني قوت الله جي توفيق ۽ عنايت سان هٿ ايندي آهي، تنهن ڪري فرمايو ويو ته الله ئي گناهه معاف ڪندو آهي، مطلب ته اهڙي توفيق ان کان ئي ملندي آهي.

حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام جي دعا جو ذڪر قرآن حڪيم ۾ آيو آهي ته سندن اولاد مان هڪ نبي ۽ رهبر پيدا ٿيندو، جيڪو سندن دعا جو نتيجو ۽ سندن ديني ڪم جي تڪميل ڪندو، حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جو مقصد معين هو ته پاڻ اهڙي قوي ۽ وڏي حڪومت الاهي قائم ڪن، جنهن تي حنيفي امتن جو اتحاد ٿي سگهي ۽ ان دور ۾ ڪابه حڪومت ان جو مقابلو نه ڪري سگهي، پاڻ سڳورا ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيا، ڇوته جڏهن سندن خليفن جي اعمال کي حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي اعمال سان گڏ ڪجي ٿو ته اهو واضح ٿي ويندو ته جنهن تحريڪ جي ابتدا پاڻ ڪريم جن ڪئي هئي، ان جي تڪميل سندن خليفن ۽ نائبن ڪري ڏيکاري، خاص طرح پهرين ٽن بزرگن جي وقت ۾ اهي فتوحات ٿيون جو هڪ عظيم اسلامي ۽ الاهي سلطنت ۽ حڪومت قائم ٿي وئي. قرآن پاڪ اڳ ئي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن کي هڪ مثال ڏئي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ڏئي ڇڏي هئي. اها آهي آيت

اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جيڪي ڪم ڪري ڏيکاريا، انهن ۾ ملت ابراهيمي جي روح کي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو. قرآن مقدس انهن ڪارنامن کي مٿين آيت ۾ رڳو حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم ڏانهن نسبت نٿو ڪري، پر حضور ۽ سندن ساٿين ڏانهن ڪري رهيو آهي، هاڻي ڪوبه ماڻهو ان کي الله يا ملڪ بنائي نه ٿو سگهي.

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جڏهن يهودين جي حرڪتن کان تنگ اچي ويو ۽ کيس اها اميد نه رهي ته يهودي سندن چيو مڃيندا ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي دعوت کي کڻي اڳتي وڌندا، تڏهن کين سڌ پئي ته حضرت ابراهيم عليہ السلام اها صلاحيت حضرت اسماعيل عليہ السلام جي اولاد ۾ ڏٺي هئي، ان ڪري حضرت عيسيٰ عليہ السلام هڪ اهڙي رهبر جي پاڻ کان پوءِ اچڻ جي پنهنجي حوارين کي خوشخبري ڏني ۽ کين وصيت ڪئي ته اهوئي دين جي تڪميل ڪندو، پر جڏهن ته حواري پڻ يهودين مان هئا، ان ڪري انهن کي جنهن چٽائي سان سمجهائڻو هو، ائين سمجهائي نه سگهيا، پر مبهم لفظن ۾ فرمايائون: آئون اوهان وٽ ايندس، وري ان جملي جو تفسير ڪندي چيائون ته آئون فارقليط کي اوهان ڏانهن موڪليندس، اهو فارقليط مون مان آهي. حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ڪابه ڳالهه الله جي طرفان چوڻي هوندي هئي ته اتي ”هومني“ (اهو مون کان آهي) چوندو هو. حضرت مسيح اهو به پنهنجي ماڻهن کي ٻڌايو ته فارقليط اوهان وٽ ايندو، اهو اوهان کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو، جن جي ٻڌائڻ جي هاڻي آئون طاقت نه ٿو رکان. اهو الله جي حڪومت کي زمين تي قائم ڪندو.

هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته انجيل مقدس جي اها بشارت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم بابت هئي، پر انهن کي بعيد تاويلن سان مسخ ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو توريت ۽ انجيل جو انصاف سان مطالعو ڪندو ته ان کي قرآن مقدس جي حضور بابت اڳين ڪتابن ۾ آيل بشارتن بابت پورو يقين اچي ويندو.

قرآن حڪيم جي مطالعي ۽ پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ابراهيم عليہ السلام جي ملت جو روح اهو هو ته انساني معاشرن ۾ ماڻهن جي بادشاهي کي ختم ڪيو وڃي مخلوق مان ڪنهن کي به خالق وارو درجو نه ڏنو وڃي، اهائي توحيد آهي. اهو هڪ اهڙو فڪر آهي، جنهن کي هر هڪ سليم فطرت وارو انسان مڃي ٿو. انسان اهو ڪڏهن نه گهرندو ته هو ڪنهن پاڻ جهڙي انسان جو خادم ٿي رهي. سڀ ڪو انسان هن کي پنهنجو دوست رکندو ته باهمي مشوري ۽ صلاح سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ان کي شوريٰ ۾ دخل هجي، اها سڀ انساني فطرت آهي. ملت ابراهيم جي هن روح توحيد جو وڏو مبلغ حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن هئا.

قرآن حڪيم جي سورت احزاب ۾ اچي ٿو:

 مطلب ته الله تعاليٰ ڪنهن به ماڻهوءَ کي سيني ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن. هن سورت جي شروع ۾ نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي خطاب ڪري فرمايو آهي ته اي پيغمبر الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن جو چيو نه مڃ! تقويٰ جو عام ترجمو خوف ۽ ڊڄڻ ڪيو ويندو آهي ۽ لفظي ترجمو ان لفظ جو بچڻ آهي. فارسي ۾ پرهيزگاري ترجمو ڪيو ويندو آهي ۽ متقي معنيٰ پرهيزگار، بڇڙائي کان بچڻ وارو، پاسي وارو وغيره. هڪ روايت ۾ تقويٰ جو مطلب ٻڌايو ويو آهي، نيڪي جو حڪم ڪرڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ ۽ عدل و انصاف قائم ڪرڻ. قرآن شريف جي منڍ ۾ ڪتاب الله کي متقين جي لاءِ هدايت ٻڌايو ويو آهي. يعني اهي ماڻهو جيڪي انساني معاشري ۾ نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ گهرن ٿا ۽ دنيا ۾ عدل ۽ انصاف جي حڪومت قائم ڪرڻ گهرن ٿا، قرآن مقدس انهن لاءِ اهڙو مقدس رستو ڏيکاري ٿو. ان حالت ۾ ”اتق الله“ جو ترجمو ٿيندو ته اي پيغمبر! الله لاءِ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪر، ڪافر بادشاهه يا ٻيا ته پنهنجو حڪم هلائن ۽ مڃائين ٿا، اي پيغمبر! تون ائين نه ڪر، پر تون الله جو حڪم مڃاءِ. اهي ٻئي ڳالهيون انسان سماج لاءِ اعليٰ درجو رکن ٿيون: هڪ الله پاڪ جو حڪم مڃائڻ ۽ ٻيو عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ. منهنجو استاد امام عبيدالله سنڌي ان ڳالهه تي ڏاڍو افسوس ڪندا هئا ته اسان جي ڪتابن ۾ خيرات ڏيڻ، روزا رکڻ وغيره جهڙن احڪامن جو ته گهڻو ذڪر آهي (جو پنهنجيءَ جاءِ تي چڱو آهي) باقي عدل ۽ انصاف بابت زور نه ڏنو ويو آهي. هوڏانهن عام انبياءَ جي بعثت جو مقصد اهو آهي ته ظلم جي پاڙ پٽي وڃي.

هاڻي اهڙي نظام جا مخالف ٻه گروهه آهن: هڪ گروهه کليل مخالفت ڪندو آهي، انهن کي قرآن حڪيم جي اصطلاح ۾ ڪافر سڏيو ويندو آهي ۽ ٻيا اهي آهن، جيڪي لڪل مخالفت ڪندا آهن، انهن کي منافق سڏيو ويندو آهي، انهن ٻنهي گروهن لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي هتي فرمايو ويو ته انهن ٻنهي گروهن جو چيو نه مڃ، انهن سان بنيادي عقيدن بابت ڪوبه صلح ٿي نه ٿو سگهي، ڇوته صلح جو مطلب ته اهو آهي ته ڪجهه نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم پنهنجي ڳالهه تان لهي وڃي ۽ ڪجهه مخالف به پنهنجي ضد ۽ هوڏ تان لهي وڃن، ٻئي هڪ ٻئي جي ڳالهين کي ڪجهه نه ڪجهه مڃي وڃن. هوڏانهن نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جو اصلي مقصد آهي ڪسريٰ ۽ قيصر جهڙن بادشاهن کي شڪست ڏئي اتي عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻ. ان ڳالهه ۾ ڪافر ۽ منافق ساٿ نه ڏيندا، ڇوته ان لاءِ پهريون حجاز ۾ عادلانه حڪومت قائم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو ظاهر ۾ توهان سان گڏ آهن ۽ دل سان تنهنجي ڳالهه کي ناممڪن ڄاڻن ٿا، انهن سان به صلح نه ڪر! بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. هن حڪم جي حڪمت کي اهوئي چڱو ڄاڻي ٿو

هن کان پوءِ اچي ٿو:

جيڪي توڏي وحي ڪيو وڃي ٿو، ان جي پيروي ڪر! اهو جملو ”اتق الله“ جو تفسير آهي. حضرت يوسف عليہ السلام غير حنيفي بادشاهه کان اختيار وٺي عدل ۽ انصاف ڪيو. اهو به چڱو آهي، پر نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم کي قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته پنهنجي حڪومت قائم ڪري انصاف ڪريو. اهو تمام ڏکيو ڪم آهي، جو تمام دنيا جي بادشاهن سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو، تڏهن وڃي انصاف ۽ عدل قائم ٿيندو. ان ڪري حڪم اچي ٿو:

۽ الله تي ڀروسو ڪر.

الله تعاليٰ کي هن دنيا ۾ انقلاب آڻڻو هو ۽ مظلوم جي حمايت ڪرڻي هئي. ان لاءِ خدا پاڪ نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي واسطو منتخب فرمايو ۽ سندن ڪم کي پنهنجو ڪم سڏيو. اهو نبوت جو درجو آهي. اهڙي انسان جي مخالفت، معنيٰ الله جي مخالفت ڪرڻ. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم دنيا ۾ آيا، پاڻ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريائون جو انسانيت لاءِ ضروري هو. ظاهر آهي ته اهڙو ڪم هڪ ماڻهوءَ کان نه ٿو ٿي سگهي. جماعتن جا ڪم جماعت کان ئي ٿيندا آهن. ان ڪري حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جو اهو فرض هو ته جماعت تيار ڪن. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم ائين ڪيو. جماعت تيار ٿي، ان جماعت جي ڪم کي حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم پنهنجو ڪم ڄاتو. هن جماعت جو نالو آهي:

اها ايندڙ جماعتن لاءِ اڳواڻ جي حيثيت رکي ٿي.

۽ ٻيا اهي جيڪي ان جي ڪڍ لڳا، چڱي مقصد سان. اها جماعت قيامت تائين هلندي.

نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي سيرت جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ ڪم پاڻ کي ڪرڻو هو، ٻيو ڪم جماعت کي. سندن ڪم هو نبوت ملڻ کان پوءِ جو. اهو 23 سالن ۾ پورو ڪري پنهنجي رب پاڪ ڏانهن روانا ٿيا. مڪي ۾ وڏي مخالفت شروع ٿي وئي. پاڻ سڳورن ۽ سندن صحابين تڪليفون ۽ ڏک ڏاکڙا سَٺا پر اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت کان هٿ نه کنيائون. نيٺ هجرت ڪري مديني منوره پهتا. ٿوري ئي وقت اندر مخالفن کي بدر ۾ شڪست ڏنائون ۽ پاڻ جيڪا جماعت تيار ڪئي هئائون، انهن ڪسريٰ ۽ قيصر کي شڪست ڏئي، اتي الاهي قانون ۽ عادلانہ نظام جاري ڪيو. ابوجهل جيڪو هن امت جو فرعون هو، سو بدر ۾ مارجي ويو. ان جا پويان احزاب واري لڙائيءَ ۾ آس پاس جي ڪافر قبيلن جو وڏو لشڪر وٺي آيا، پر ڪامياب نه ٿيا. نيٺ اڳتي هلي قريش جو مرڪز مڪو به فتح ٿي ويو. حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي انهن ڪارنامن جو اصلي مطلب هو ته خدا جي قانون کان سواءِ ٻئي جي بادشاهي نه هلندي. 2- هي ڪتاب قرآن ان جو ڪتاب آهي. 3- بادشاهن ماڻهن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين غلام بنائي رکيو آهي، انهن سان مقابلو ڪري سندن حڪومتن کي ختم ڪري اتي الله جو قانون رائج ڪرڻ. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي جماعت ان وڏي ڪم کي 25 ورهين جي ٿوري عرصي ۾ پورو ڪري ڏيکاريو.

هنن ديني انقلاب جهڙن ڪمن ۽ ڪارنامن ۾ ارادي ۽ عزم جي پختگي ضروري آهي؛ ان ڪري هن سورت ۾ اهو فرمايو ويو ته الله تعاليٰ ڪنهن به هڪ شخص جي سيني ۾ ٻه دليون نه ڪيون آهن. دل ارادي ۽ عزم جي جاءِ آهي. جڏهن دل ۾ اهڙو ارادو ۽ عزم پيدا ٿئي ٿو ته سمورو بدن ان جو تابع ٿيو پوي. هاڻي مطلوب اهو آهي ته جيڪو ديني انقلاب جو فڪر کڻي اٿي ٿو، اهو ٻه متضاد ۽ هڪ دل جي مخالف ارادا هلائي نه ٿو سگهي. مطلب ته ائين ان کان نه ٿيندو جو هڪ ڳالهه کي سچو ڄاڻي، ان جو ارادو ڪري، وري ان جي مخالف ڳالهه کي سچو ڄاڻي ان جو به ارادو ڪري، ائين نه ٿيندو. هن کان اڳ شروع ۾ جو حضور صلي الله عليہ وسلم کي حڪم ٿيو ته عدل ۽ انصاف جي نظام جي مخالفن ڪافرن ۽ منافقن سان صلح نه ڪر ۽ انهن جو چيو نه مڃ. هتي ان جي حڪمت بيان ڪئي وئي آهي. هڪ انقلابي انسان پنهنجي اندر ۾ ٻه متضاد ۽ مخالف ارادا نه رکندو آهي. مطلب ته نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کان ائين ڪڏهن نه ٿيندو جو هڪ پاسي قرآن جو قانون جاري ڪري ۽ ٻئي پاسي ان جي مخالفن سان صلح ڪري، پنهنجي خيالن کان ڪجهه لهي اچي ۽ انهن جو چيو مڃي. اهو ائين آهي، جيئن هڪ سيني ۾ ٻن دلين جو هجڻ، اهو محال ۽ ناممڪن آهي. اهو ائين آهي جيئن سنڌي ۾ چيو ويندو آهي ته ”هڪ مٺ ۾ ٻه گدرا نه ايندا آهن.“

هن کان پوءِ سورت احزاب ۾ انهن عورتن جو بيان آهي، جيڪي مردن تي حرام هونديون آهن، جيئن ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ ٻيون. اها ڳالهه به مثال ڏئي شروع واري حقيقت کي سمجهائڻ لاءِ آندي وئي آهي. عام طرح صحيح انساني سماج ۾ ائين نه هوندو آهي ته ماءُ، ڌيءَ ۽ ڀيڻ سان نڪاح ڪيو وڃي. مطلب ته هڪ عورت ماءُ به هجي ۽ زال به هجي، اهڙي طرح عدل ۽ انصاف جي حڪومت به هجي ۽ مشرڪن سان ٺاهه ڪري، پنهنجي انقلابي فڪر کان ڪجهه هٽي انهن جون ڪجهه ارتجاعي ڳالهيون به مڃيون وڃن؛ ائين ٿي نه سگهندو. ڪامل ديني انقلاب جو حامي ٻه متضاد ارادا نه رکندو آهي.

عربن ۾ اهو دستور هوندو هو ته پرائي پٽ کي پنهنجو پٽ بڻائيندا هئا ۽ ان کي ”دعي“ (پٽيلو) ڏيندا هئا، ان لاءِ قرآن حڪيم جي هن سورت احزاب ۾ حڪم آيو، ”الله اوهان جي پٽيلن کي اوهان جو حقيقي پٽ نه بنايو آهي.“ مطلب ته هڪ پٽ جا ٻه بابا نه ٿيندا. پيءُ هڪ ٿيندو آهي. اهو به هڪ مثال آهي ته خدا جي حڪم سان گڏ ٻئي جي حڪم کي گڏ نه ڪيو وڃي.

عيسائين جو مسيح عليہ السلام کي خدا جو پٽ سڏيو، اهو به اصل ۾ پٽيلو جي معنيٰ ۾ هو، حقيقي پٽ ڪو احمق به نه چوندو، پر اڳي هلي انجيل جي عبارت جو غلط مطلب ڪڍيو ويو ۽ مسيح عليہ السلام کي حقيقي پٽ اعتقاد ڪيو ويو. هندن جو پراڻو مذهب به ائين آهي. ڪنهن خدا پرست انسان کي خدا جو پٽ سڏيندا هئا. تڏهن هندو، يهودي ۽ نصارا ان اعتقاد جا قائل ٿي ويا. اها ڳالهه شروع ۾ ان معنيٰ لاءِ نه هئي ۽ نه ڪو عيب هو، پر اڳتي ان مان ڪفر پيدا ٿيو، پٽيلو ۽ پيارو مان حقيقي پٽ ڄاتو ويو جو ڪفر آهي. ان ڪري اسلام اهڙي اعتقاد کان منع فرمائي ۽ ان کي شرڪ سڏيو.

شهنشاهن جو وري دستور هوندو هو ته پنهنجي وفادارن کي القاب عطا ڪندا هئا، انهن ۾ پٽ جو لقب به هو. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم حضرت زيد کي پاليو ۽ ان جي تربيت ڪئي، ان ڪري زيد کي نبي سائين جو پٽ يا پٽيلو سڏيندا هئا. قرآن مقدس هتي سختيءَ سان ان کان روڪيو ۽ اهو فرمايو ته اهڙن پٽن کي سندن حقيقي پيئرن ڏانهن منسوب ڪريو. حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جڏهن ته شهنشاهيت کي ڊاهڻ لاءِ آيا هئا، ان ڪري انهن جي سيرت ۽ عادتن کان پري رهڻ لاءِ سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com