سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :11

 

رسول پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي سيرت

مخدوم محمد هاشم جي ڪتاب بذل القوت تان ورتل

بلقاءَ ب جي زير جي سڪون سان، ان کان پوءِ قاف آهي، ڪيترن ڳوٺن ۽ پوکن وارو هڪ شهر آهي ۽ اهو دمشق جي ملحقات کان قبلي جي پاسي تي آهي. هن ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم زيد پٽ حارثہ رضي الله تعاليٰ عنہ کي امير بڻايو ۽ فرمايو ته جي زيد قتل ٿي وڃي ته جعفر پٽ ابو طالب اوهان جو امير آهي، جيڪڏهن جعفر رضي الله عنہ به قتل ٿي وڃي ته پوءِ عبدالله پٽ رواحہ رضي الله عنہ (اوهان جو امير آهي) جيڪڏهن ابن رواحہ به قتل ٿي وڃي ته پوءِ مسلمان جنهن کي به پسند ڪن، ان کي پاڻ تي امير بنائين. هن سريہ ۾ مسلمانن جو لشڪر ٽي هزار سپاهي هو. انهن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم روم جي بادشاهه هرقل سان لڙائي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. هرقل روم کان هلي رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان لڙائي ڪرڻ لاءِ شام جي زمين بلقاءَ ۾ داخل ٿيو هو، ساڻس مشرڪن مان ٻه لک پنجاهه هزار ماڻهو ساڻ هئا. جڏهن مسلمان ۽ مشرڪ پاڻ ۾ مليا ته زيد پٽ حارثہ رضي الله عنہ جهنڊو ورتو. مشرڪن سان هو پاڻ ۽ سندس ماڻهو سخت وڙهيا، ايستائين جو زيد رضي الله عنہ مارجي ويو. پوءِ جعفر رضي الله عنہ جهنڊي کي سنڀاليو، هن به پنهنجي ماڻهن سان گڏ ڪافرن سان وڏي ويڙهه ڪئي. ايستائين جو جعفر رضي الله عنہ به مارجي ويو. تڏهن عبدالله پٽ رواحہ رضي الله عنہ جهنڊو سنڀاليو. ان به وڏي ويڙهه ڪئي، پر اهو به مارجي ويو، تڏهن سڀني مسلمانن خالد پٽ وليد رضي الله عنہ کي امير بنائڻ تي راضپو ڏيکاريو. خالد جهنڊو ورتو. الله تعاليٰ ان کي فتح ڏني ۽ مشرڪن خدا جي مدد سان شڪست کاڌي (اهو ٻڌي) رسول الله صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته خالد، الله جي تلوارن مان هڪ تلوار آهي. مسلمانن مان ٻارهن شخص ماريا ويا ۽ مشرڪن مان ايتري خلق مُئي جنهن جو ڳاڻاٽو نه ٿو ڪري سگهجي. مشرڪن جا ڪيترائي سردار مارجي ويا. مسلمانن سندن سامان کسيو ۽ انهن مان غنيمت هٿ ڪئي. اها الله عظيم جي مدد هئي. مدد رڳو الله غالب حڪمت واري جي ئي هوندي آهي، نه ته مسلمانن جو شمار (ڪافرن جي ڀيٽ ۾) 1/83 کان به گهٽ هو.

هن سال جمادي الاٰخر ۾ عمرو پٽ عاص رضي الله عنہ جي اميري هيٺ هڪ فوجي دستو ذات السلاسل ڏانهن موڪليو ويو. ان کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم مهاجرين ۽ انصار جي سردارن مان ٽي سؤ ماڻهو ساڻ ڪري موڪليو هو. هنن سان ٽيهه گهوڙا هئا. مشرڪن جي قضاعت، عاملت، لخم ۽ جذام قبيلن ڏانهن کين موڪليو ويو هو. هن سلاسل جاءِ وٽ مسلمان انهن کي مليا ۽ هڪ ٻئي ۾ لڙائي ٿي. نتيجي ۾ مسلمانن کين قتل ڪيو ۽ انهن جي مال کي غنيمت بنايو ۽ پوءِ مديني ڏانهن واپس وريا.

سلاسل جذام جي زمين ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي جو نالو آهي، اتي لٿا. اهو چشمو مديني کان ڏهن ميلن تي وادي القريٰ کان ٻاهر آهي، جڏهن ته سلاسل ان چشمي جو نالو هو، ان ڪري هن فوجي دستي کي ”ذات السلاسل“ سلاسل وارو سڏيو ويو.

ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته ان ڳوٺڙي ۾ سلاسل واري هئي جا هڪ ٻئي سان چنبڙيل هئي ۽ زنجير وانگر ماڻهن جي پيرن کي هلڻ کان روڪيائين ٿي. ان ڪري هن سريہ يا فوجي دستي جو نالو ذات السلاسل رکيو ويو.

عمرو پٽ عاص رضي الله عنہ کي ذات السلاسل ڏانهن موڪلڻ عمرو جي اسلام آڻڻ کان چار مهينا پوءِ جو واقعو آهي. جيئن باب الحوادث ۾ اٺين سال جي حادثن ۾ ان جو بيان ايندو. هن جو اسلام اٺين سال جي صفر مهيني ۾ ٿيو هو. اهوئي جمهور جو قول آهي.

هن سال رجب مهيني ۾ ابو عبيده پٽ جراح رضي الله عنہ جو فوجي دستو عمل ۾ آيو. کيس ٽي سؤ اصحاب ڏئي اماڻيو ويو ته قريش جي قافلي جي تاڙ رکن ۽ جهينہ قبيلي کي هٿ ڪن. ان ۽ مديني جي وچ تي پنجن راتين جو پنڌ هو ۽ هن سريہ کي سريت الخبط ۽ سريت سيف البحر (سين جي زير سان) به سڏيو ويندو آهي. ”سرية الخبط“ خ ۽ ب جي زير سان آهي. اهو نالو هن ڪري پيو جو صحابين رضي الله عنهم جو جڏهن ثمر کٽي ويو ته وڻن جا پن کاڌائون، جنهن ڪري سندن واڇون زخمي ٿي پيون. ”خبط“ وڻ جي انهن پنن کي چئبو آهي، جيڪي لٺ سان ڪري پون.

هن حالت کان پوءِ الله تعاليٰ انهن ڏي هڪ مڇي موڪلي، جنهن کي سمنڊ ٻاهر اڇلايو هو. ان مڇيءَ کي عنبر چيو ويندو آهي. اها هڪ وڏي جبل جيڏي هئي. انهن سارو مهينو ان مڇيءَ کي کاڌو ۽ اهي ٽي سؤ سپاهي هئا. ڍؤ ڪندا رهيا ۽ ٿلها ٿي پيا. سندن جسم طاقتور ٿي ويا. ان مڇيءَ جو ڪجهه گوشت کڻي مديني آيا، رسول الله صلي الله عليہ وسلم به ان مڇيءَ مان کاڌو ۽ انهن لڙائي نه ڏٺي.

حافظ ابن حجر صحيح بخاري جي شرح فتح الباري ۾ فرمايو آهي ته سيرت وارن هن فوجي دستي کي اٺين سال هجرت جو حادثو قرار ڏنو آهي، ان ۾ شڪ ڪري سگهجي ٿو، ڇوته اها مدت صلح حديبيہ ۾ داخل آهي جو رسول الله صلي الله عليہ وسلم ۽ قريش جي وچ ۾ ٿيو هو. تڏهن پاڻ سڳورا قريش جي قافلي لاءِ فوجي دستي کي ڪيئن موڪليندا.

هن جو سيد جمال الدين روضة الاحباب ۾ ۽ ولي عراقي شرح تقريب ۾ هن طرح جواب ڏنو آهي ته قريش وعدي کي ٽوڙيو هو ۽ صلح کي ڀڳو هو. تحقيق هن فوجي دستي جو موڪلڻ فتح مڪي کان اڳ انهن جي عهد ٽوڙڻ کان پوءِ ٿيو آهي.

هن سرية (فوجي دستي) جي ڏينهن ۾ ابو عبيده رضي الله عنہ پنهنجي ساٿين کي حڪم ڪيو، انهن ان مڇيءَ جي پاسيرين مان هڪ پاسريءَ کي کوڙيو، انهن مان هڪ سڀ کان ڊگهي ماڻهوءَ کي، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته اهو قيس پٽ سعد پٽ عباده رضي الله عنہ آهي، جيڪو سڀني صحابن کان قد ۾ ڊگهو هو، هڪ تمام ڊگهي اٺ تي سوار ڪري کيس چيائون ته ان پاسريءَ جي پاسي کان لنگهي وڃي. ڏٺو ويو ته اها پاسري سوار جي مٿي کان به مٿي هئي. ۽ سوار ان جي هيٺان لنگهي ويو. ابو عبيده رضي الله عنہ پنهنجي ساٿين کي حڪم ڪيو ته مڇيءَ جي اک جي ماڻڪيءَ ۾ ويهن، تڏهن تيرهن صحابي اتي ويٺا ۽ سڀ ماپجي ويا.

هن سال ۾ فتح مڪي کان اڳ عمرو پٽ مره جهني رضي الله عنہ جي دستي کي ابو سفيان پٽ حارث پٽ عبدالمطلب، نبي صلي الله عليہ وسلم جي سوٽ ڏانهن موڪليو ويو. هو نبي صلي الله عليہ وسلم جو مخالف هو. عمرو پٽ مره جهينت ۽ مزينت قبيلن مان ڪجهه ساٿي ساڻ ڪري ان ڏانهن ويو. الله تعاليٰ، ابو سفيان پٽ حارث ۽ ان جي ساٿين کي شڪست ڏني ۽ ان جا گهڻا ساٿي مارجي ويا. ان کان پوءِ فتح مڪي وارن ڏينهن ۾ ابوسفيان پٽ حارث جي اسلام آندو.

هن سال جي شعبان مهيني ۾ ابو قتاده پٽ حارث ربعي، انصاري سلمي رضي الله تعاليٰ عنہ جو فوجي دستو بنو محارب جي غطفان ڏانهن ويو، اهي خضره ۾ رهندا هئا. هن لفظ ۾ خ کي زبر ۽ ضاد کي زير آهي. ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته خ کي پيش آهي ۽ ضاد ساڪن آهي. اها نجد ۾ بنو محارب جي زمين آهي. ابو قتاده کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم سورهن ماڻهو ساڻ ڏئي موڪليو، انهن مشرڪن جي اٽڪل ٻه سؤ اُٺن ٻه هزار کن ٻڪرين کي هٿ ڪيو. هن مان خمس 1/5 ڪڍي، باقي انهن ۾ ورهايو ويو، انهن مان هرهڪ کي تيرهن اُٺ مليا.

هن سال ۾ رمضان مهيني جي اول ۾ فتح مڪي ڏانهن نبي صلي الله عليہ وسلم جي نڪرڻ کان اڳ ابو قتاده رضي الله عنہ جي سرڪردگيءَ ۾ بطن اضم ڏانهن هڪ ننڍو فوجي دستو موڪليو ويو. هن ۾ حمزي کي زير ضاد کي زبر ان کان پوءِ ميم آهي، اها مديني ۾ هڪ وادي يا جبل آهي. ان ۽ مديني جي وچ تي ٽي برد فاصلو آهي. هن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم اٺ ماڻهو ساڻ ڏئي موڪليو، جيڪي واپس آيا ۽ ڪنهن به لڙائي کي نه ڏٺائون، هن کان سواءِ جو ابو قتاده رضي الله عنہ جي ساٿين مان محلم پٽ جثامت ليثي رضي الله عنہ اشجع قبيلي جي هڪ شخص کي قتل ڪيو، جنهن کي عامر پٽ اضبط چيو وڃي ٿو. جيئن سگهوئي ان جو بيان مغازي ۽ سرايا کان سواءِ ٻين واقعن جي بابت ۾ خدا گهريو ته ايندو.

هن سال جي رمضان ۾ اسامہ پٽ زيد رضي الله عنہ جو فوجي دستو جهينت جي حُرقات ڏانهن موڪليو ويو.

هن سال جي ان ئي سريت (فوجي دستي) ۾ اسامہ پٽ زيد رضي الله تعاليٰ عنہ مشرڪن مان هڪ شخص جي سامهون ٿيو، ان تي ترار کنئين. اهو ڏسي مشرڪ لا الٰہ الاالله چيو. پوءِ اسامہ رضي الله عنہ ان کي ماري ڇڏيو. جڏهن اهي مديني ڏانهن واپس آيا ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم اسامہ کي فرمايو ته تو لا الٰہ الاالله کي ڇا ڪندين؟ تڏهن اسامہ چيو ته مون ان تي ترار اولاري ته هن ان جي ڀؤ کان ڪلمو پڙهيو. تڏهن رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته ڇا تو ان جي دل چيري ڏٺي هئي؟

هن سال ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم مڪي جي فتح جي فراغت کان پوءِ رمضان ۾ پڻ 24 تاريخ منات کي ڊاهڻ لاءِ سعد پٽ زيد اشهليءَ رضي الله عنہ کي فوجي دستو ڏئي موڪليو ويو. منات، اوس ۽ خزرج جو مشلل ۾ هڪ بت هو. هو ويهه گهوڙي سوار ساڻ ڪري اوڏانهن ويو ۽ ان کي وڃي ڊاٿائين.

مشلل ميم جي پيش ۽ شين جي زبر ۽ لام پهرئين زبر واري شد سان هڪ جبل آهي، جنهن تان لهي قديد ڏانهن وڃبو آهي. مڪي مديني جي وچ تي آهي.

هن سال رسول الله صلي الله عليہ وسلم فتح مڪي جي فراغت کان پوءِ تاريخ 25 رمضان جي خالد پٽ وليد رضي الله تعاليٰ عنہ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ فوجي دستو عزيٰ جي ڊاهڻ لاءِ موڪليو ويو. اهو نخلة جاءِ تي مڪي کان اوڀر پاسي هڪ رات جي پنڌ تي هو. حضرت خالد ٽيهه گهوڙي سوار اصحاب وٺي اوڏانهن ويو ۽ ان بت کي وڃي ڊاٿائين.

هن سال رسول الله صلي الله عليہ وسلم فتح مڪي جي فراغت کان پوءِ پڻ رمضان ۾ عمرو پٽ عاص رضي الله عنہ جي اڳواڻيءَ ۾ سواع جي ڊاهڻ لاءِ هڪ فوجي دستو موڪليو ويو. اهو بنو ذهيل جو بت هو ۽ رهاط ۾ هو. رهاط ري جي پيش سان مڪي کان ٽن ميلن جي پنڌ تي سمنڊ جي ساحل تي هڪ چڱو ڳوٺ آهي، هن ان بت کي وڃي ڊاٿو.

مون (مخدوم) چيو ته مون کي حضرت عمرو پٽ عاص جي نڪرڻ واري ڏينهن جي مقرري جو اطلاع نه ٿيو آهي ۽ نڪي ان جي ساٿين جو شمار معلوم ٿي سگهيو آهي.

هن سال، فتح مڪي واري لڙائيءَ کان پوءِ ۽ حُنين ڏانهن نڪرڻ کان اڳ خالد پٽ وليد رضي الله تعاليٰ عنہ جي اڳواڻي هيٺ بنو جذيمہ ڏانهن فوجي دستو موڪليو ويو. اهو ڪنانه جو هڪ قبيلو آهي، جيڪي مڪي کان هيٺ يلملم جي پاسي ۾ هڪ رات جي پنڌ تي رهندا هئا. رسول الله صلي الله عليہ وسلم حضرت خالد کي ٽي سؤ پنجاهه مهاجر ۽ انصار ڏئي موڪليو. خالد انهن کي قيد ڪيو ۽ قتل ڪيو.

هن سال ان ئي سريہ ۾ انهن ماڻهن مان جن ڏانهن حضرت خالد ويو هو ”صبئانا صبئانا“ اسان صابي ٿياسين، اسان صابي ٿياسين دهرايو. اهي ”اسلمنا“ اسان اسلام آندو، چڱيءَ طرح اچاري نه سگهيا. حضرت خالد انهن کي قتل ڪري ڇڏيو. نبي صلي الله عليہ وسلم کي جڏهن هن واقعي جي خبر پئي ته پاڻ خالد تي عتاب ڪيائون ۽ خدا پاڪ کي خطاب ڪندي ٽي ڀيرا هيءَ دعا دهرايائون: اي الله! جيڪي خالد ڪيو آهي، آئون توڏانهن ان کان براءَت ٿو ظاهر ڪريان. پوءِ انهن جي مالن ۽ خونن جي مال سان ديت ادا ڪيائون. ايستائين جو ڪجهه به باقي نه رهيو.

هن سال جي شوال مهيني ۾ حنين ۽ طائف ٻنهيءَ لڙاين جي وچ ۾ ابو عامر عبيد پٽ سليم پٽ حضار اشعري رضي الله عنہ (جيڪو ابو موسيٰ اشعري رضي الله عنہ جو چاچو آهي) جو دستو اوطاق ڏانهن موڪليو، هن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم حنين کان پوءِ انهن ڪافرن جي ڳولا لاءِ موڪليو، جيڪي حنين مان ڀڄي ويا هئا. اوطاس هوازن جي ملڪ ۾ هڪ وادي آهي.

ابو عامر رضي الله عنہ دريد پٽ صمہ جي سامهون ٿيو ۽ دريد کي قتل ڪيائين ۽ ان جا ساٿي ڀڄي ويا. مسلمانن انهن مان ڪيترن کي قيدي بنايو ۽ مال غنيمت هٿ ڪيو.

هن سال جي انهيءَ فوجي دستي ۾ ابو عامر رضي الله عنہ هڪ تير لڳڻ ڪري شهيد ٿيو، جيڪو کيس گوڏي ۾ لڳو. اهو تير ان کي هڪ جشمي شخص هنيو. چيو وڃي ٿو ته اهو شخص سلمہ پٽ صمہ هو. رسول الله صلي الله عليہ وسلم ابو عامر جي لاءِ مغفرت جي دعا فرمائي ۽ هيئن فرمايو: اي الله! پنهنجي ٻانهي ابو عامر کي مغفرت ڪر، کيس پنهنجي مخلوق جي گهڻن ماڻهن کان مٿاهون ڪر!

هن سال ساڳي فوجي دستي ۾ حضرت ابو موسيٰ رضي الله عنہ ان جشمي ماڻهو کي قتل ڪيو، جنهن ابو عامر کي (تير هڻي) شهيد ڪيو هو. هن سال جي شوال مهيني ۾ حنين ۽ طائف ٻنهي لڙائين جي وچ ۾ طفيل پٽ عمرو دئلي رضي الله عنہ کي (امير بنائي) ذي الڪفين کي ڊاهڻ لاءِ موڪليو، اهو بني دوس قبيلي جو ڪاٺيءَ جو بت هو، هُن ان کي ڊاهي ساڙي ڇڏيو. اهي نبي صلي الله عليہ وسلم کي طائف مان اچڻ کان چار ڏينهن پوءِ اچي مليا.

هن سال ذوالقعد مهيني ۾ جنهن وقت رسول الله صلي الله عليہ وسلم جمرانه کان موٽيا ته قيس پٽ اسد پٽ عباده رضي الله عنہ جي اڳواڻيءَ هيٺ چار سؤ گهوڙي سوار ساڻ ڏئي صداءَ (صاد جي پيش ۽ مد سان) ڏانهن موڪليو ويو، اهو عربن جو هڪ قبيلو آهي، جيڪي يمن جي پاسي ۾ رهندا هئا، پوءِ اها قوم رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن وٽ آئي ۽ سندن آڏو اسلام آندائون.

هن سال پڻ ذوالقعد مهيني ۾ نبي صلي الله عليہ وسلم جي طائف کان موٽڻ ۽ جمرانہ جاءِ ۾ غنيمتن ورهائڻ کان پوءِ خالد پٽ وليد رضي الله عنہ کي يمن جي قبيلي همدان ڏانهن موڪليو ويو. حضرت خالد انهن وٽ آيو ۽ انهن ۾ ڇهه مهينا رهيو، کين اسلام جي دعوت ڏيندو رهيو، پر انهن دعوت کي قبول نه ڪيو. حضرت خالد انهن مان ڪيترن کي قيد ڪري غنيمت بنايو، ان کان پوءِ ان جي پويان رسول الله صلي الله عليہ وسلم حضرت علي پٽ ابو طالب رضي الله عنہ کي پنهنجي اصحاب مان ڪجهه ماڻهن کي ساڻ ڏئي موڪليو ۽ خالد رضي الله عنہ کي سندن ساٿين سميت واپس گهرايو، جڏهن حضرت علي رضي الله عنہ پهتو ته انهن سڀني سندس آڏو اسلام آندو ۽ انهن جي اطاعت ڪيائون.

هن سال انهيءَ سريہ ۾ بريده پٽ حصيب اسلمي رضي الله عنہ، علي رضي الله عنہ سان بغض رکندو هو، ڇوته انهيءَ پاڻ لاءِ هڪ ٻانهيءَ کي جيڪا سڀني قيدين کان سهڻي هئي، پاڻ لاءِ چونڊيو ۽ ان سان جماع ڪيو. بريده رضي الله عنہ ان کي مال غنيمت ۾ غلول ۽ کوٽ ڄاتو، پوءِ جڏهن اهي مديني ڏانهن موٽيا ته انهيءَ نبي صلي الله عليہ وسلم سان ان جو ذڪر ڪيو. نبي صلي الله عليہ بريده کي چيو ته اي بريده! علي بابت ڪجهه نه چئو، ڇوته اهو مون مان آهي ۽ مان ان مان آهيان. جيڪڏهن تون ان کي دوست رکين ٿو ته انهيءَ محبت ۾ وڌندو رهه. بريده رضي الله عنہ چوي ٿو ته ان کان پوءِ مون کي ماڻهن ۾ علي رصي الله عنہ کان وڌيڪ ڪو پيارو نه هو.

شامي پنهنجي تاليف ”سيرت“ ۾ ابواسحاق کان نقل ڪندي چيو آهي ته علي بن ابي طالب رضي الله عنہ لاءِ جنهن وقت پاڻ يمن ۾ هئا ٻه سريا هيون، هي انهن مان پهرين آهي. سال ڏهين ۾ جنهن جو ذڪر ايندو، اها ٻي آهي.

فصل نائين سال هجريءَ جي فوجي دستن جي بيان ۾

هن سال محرم مهيني ۾ عيينہ پٽ حصن فزاري رضي الله عنہ کي بني تميم ڏانهن فوجي دستو ڏئي موڪليو ويو. اهي مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ سقيا ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سقيا فرع جي ملحقات مان هڪ برسيل ڳوٺ آهي. ان ۽ فرع جي وچ تي جحفہ جي پاسي کان سترهن ميل آهي. هن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم پنجاهه عرب گهوڙي سوار ساڻ ڪري موڪليو هو، جن ۾ ڪوبه مهاجر ۽ انصاري نه هو. هو انهن سان لڙيو ۽ انهن مان يارهن مرد، ايڪويهه زالون ۽ ٽيهه ٻارن کي قيدي بنايائين.

هن سال پهرين صفر مهيني جي عبيدالله بن عوسجہ رضي الله عنہ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ فوجي دستو نو حارثہ پٽ عمرو ڏانهن موڪليو ويو ته کين اسلام جي دعوت ڏي. انهن دعوت قبول نه ڪئي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن انهن جي عقل وڃڻ جي بددعا ڪئي. اهي اڄ تائين احمق ۽ پريشان آهن، سندن ڳالهائڻ اهڙو وچڙيل هوندو آهي جو سمجهه ۾ نه ايندو آهي.

هن سال پڻ صفر مهيني ۾ قطبہ (قاف کي پيش ۽ ط جي سڪون سان) پٽ عامر انصاري خزرجي بدري رضي الله عنہ کي خثعم ڏانهن فوجي دستو ڏئي موڪليو ويو. خثعم بيشہ (ب جي زير ي جي سڪون سان ۽ ان کان پوءِ ش آهي) جي پاسي ۾ آهي ۽ اها تبالہ جي ويجهو جاءِ آهي. تبالہ ۾ ت کي زبر، ب مخفف آهي. اهو يمن جي ملڪ ۾ هڪ محفوظ شهر آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم ان کي ويهه ماڻهو ڏئي موڪليو. هي انهن سان لڙيا، انهن جي ڪيترن اُٺن، ٻڪرين ۽ عورتن کي مال غنيمت بنايو. خمس 1/5 ڪڍڻ کان پوءِ انهن جا ڀاڱا چار چار اُٺ هئا ۽ هڪ اُٺ کي ڏهن ٻڪرين جي برابر رکيائون. هن سال پڻ صفر مهيني ۾، ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته ربيع الاول مهيني ۾ ۽ ٽئين قول تي چيو ويو آهي ته اٺين سال هجريءَ جي آخر ۾ ضحاڪ پٽ سفيان ڪلابي کي هڪ فوجي دستي جو امير بنائي بنو ڪلاب، قرطاءِ واري ڏانهن موڪليو ويو، اهو لفظ ق جي پيش ۽ ط جي زبر ۽ مد سان آهي. بنو بڪر جو هڪ پاڙو آهي ۽ بنو عبيد پٽ ڪلاب مان آهي، هن ان کي اسلام ڏانهن سڏيو، پر انهن انڪار ڪيو، تڏهن انهن سان لڙائي ڪيائين، کين شڪست ڏنائين ۽ انهن جو ڪيترو مال غنيمت بنايائين.

هن سال ربيع الاٰخر ۾ علقہ پٽ مجذر مدلجي رضي الله عنہ کي حبشہ جي ڪن ماڻهن ڏانهن، جيڪي مڪي جي پاسي کان جده جي ساحل تي آيا هئا، فوجي دستو ڏئي موڪليو هو. مجذر لفظ ۾ م کي پيش، ج کي زبر ۽ ز کي شد آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن انهن ڏانهن علقمہ کي ٽي سؤ سپاهي ڏئي موڪليو. هي جڏهن اُتي پهتو ته اهي ڀڄي ويا ۽ ڪابه لڙائي نه ٿي.

هن سال پڻ ربيع الاٰخر ۾ امير المؤمنين علي پٽ ابو طالب کي بني طيءَ ڏانهن فلس جي ڀڃڻ لاءِ فوجي دستو ڏئي موڪليو ويو. ”فلس“ راحج قول تي ف جي پيش ۽ لام جي سڪون سان ۽ چيو ويو آهي ته ٻنهي کي پيش آهي ۽ ٽئين قول تي پهرين زبر پوءِ سڪون آهي. اهو طيءَ ۾ هڪ بت جو نالو آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم حضرت علي رضي الله عنہ کي ڏيڍ سؤ سوار ساڻ ڏئي موڪليو ۽ چيو ويو آهي ته ٻه سؤ ماڻهو کيس ڏنا ويا، انهن وڃي بت کي ڊاٺو. ڪيترن اُٺن، ٻڪرين، قيدين ۽ مال کي غنيمت بنايو. انهيءَ مال مان ٻه تلوارون به هيون، جن مان هڪ جو نالو مخذم (ميم جي زير، خ جي سڪون ۽ ذال کي زبر آهي) هو ۽ ٻي تلوار جو نالو رسوب (ر جي زبر سان) هو حضرت علي انهن ٻنهي تلوارن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن لاءِ مخصوص بنايو، جيڪي ٻئي لڙائين ۾ کين گڏ هونديون هيون. قيدين ۾ مشهور سخي حاتم پٽ عبدالله طائي جي ڌيءَ سفانہ (س جي زبر ۽ ف جي شد سان) پڻ هئي، جيڪا عدي پٽ حاتم طائي جي ڀيڻ هئي. عدي پاڻ شام ڏانهن ڀڄي ويو. سفانہ اسلام آندو ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان قيدين بابت ڳالهه ٻولهه ڪيائين ته انهن کي ڇڏي مٿن احسان ڪري. اهي ڪل نو سؤ هئا. حضور صلي الله عليہ وسلم مٿس اهو ٿورو ڪيو، اها طيءَ ڏانهن واپس وئي ۽ پنهنجي ڀاءُ عدي کي اسلام آڻڻ لاءِ لکيائين. عدي ڏهين سال ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن وٽ آيو ۽ اسلام آندائين. جيئن ٽئين باب جي ڏهين سال هجري ۾ ان جو بيان ايندو.

هن سال جي ربيع الاٰخر ۾ عڪاشہ پٽ محصن کي جباب ڏانهن فوجي دستو ڏئي موڪليو ويو، جباب ۾ جيم کي زير، ان کان بعد ٻه مخفف بائون آهن ۽ ٻنهي جي وچ تي الف آهي. اها قضاعہ جي ٻن قبيلن بنو عذره (ع جي پيش ۽ ذال جي سڪون سان) ۽ بنو بلي (ب جي زبر لام جي زير ۽ ي جي شد سان) جي زمين آهي.

هن سال رجب مهيني ۾ جڏهن نبي صلي الله عليہ وسلم تبوڪ ۾ هئا. خالد بن وليد رضي الله عنہ جي اڳواڻي هيٺ هڪ فوجي دستو اڪيدر (تصغير الڪدر) پٽ عبدالملڪ نصراني ڏانهن موڪليو ويو. هن جي اسلام آڻڻ ۾ عالمن جو اختلاف آهي. صحيح قول، جنهن تي اڪثر عالمن جو اتفاق آهي، هي آهي ته اهو ڪفر جي حالت ۾ قتل ٿي ويو. اهو هرقل طرفان وڏو بادشاهه هو، دومة الجندل جو امير هو، رسول الله صلي الله عليہ وسلم خالد رضي الله عنہ کي چار سؤ ويهه گهوڙي سوار ڏئي، ان ڏانهن موڪليو. اڪيدر انهن سان هن تي صلح ڪيو ته کين ٻه هزار اٺ سؤ گهوڙا، چار سؤ زرهون ۽ چار سؤ نيزا ڏيندو. انهن صلح کي قبول ڪيو. پوءِ انهن اڪيدر ۽ ان جي ڀاءَ مصاد (ميم جي پيش ۽ صاد جي مخفف جي زبر سان) کي ساڻ ڪري رسول الله صلي الله عليہ وسلم وٽ آيا. پوءِ رسول الله صلي الله عليہ وسلم ٻنهي کي معاف ڪندي کين ڇڏي ڏنو ۽ ٻنهي کي امان جو خط ڏنو. دومة الجندل جي اعراب جو بيان ۽ تفسير اڳ هجرت جي پنجين سال جي غزون ۾ غزوات جي بابت ۾ گذري چڪو آهي.

هن سال جي آخر ۾ ابو سفيان بن حرب ۽ مغيره بن شعبہ رضي الله عنهما کي طائف ڏانهن لات بت جي ڊاهڻ لاءِ وڃڻ جو واقعو ٿيو. کين رسول الله صلي الله عليہ وسلم طائف ڏانهن انهيءَ بت جي ڊاهڻ لاءِ موڪليو هو. اهي ٻيئي پنهنجي ساٿين سميت اتي ويا، ان بت کي پٿر پٿر ڪري ڊاٿائون ۽ جيڪي اتي مال هو، سؤ سڀ کنيائون. ان ۾ سون، چاندي، زيور ۽ ڪپڙا هئا. ان بت وٽ جيڪي خوشبو رکيل هئي، سا به کنيائون ۽ ان سڀ کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم وٽ کڻي آيا. حضور صلي الله عليہ وسلم ان کي ان جي اچڻ واري ڏينهن ئي ورهائي ڇڏيو.

هن ۾ انهيءَ سال ۽ ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته ڏهين سال جي ربيع الاٰخر ۾ ابو موسيٰ اشعري رضي الله عنہ ۽ معاذ پٽ جبل رضي الله عنہ کي ٻه امير ڪري يمن ڏانهن موڪليو ويو. رسول الله صلي الله عليہ وسلم هرهڪ کي يمن جي ٻن صوبن مان هرهڪ تي امير ڪري موڪليو. يمن جا ٻه ڀاڱا هئا. حضرت معاذ رضي الله عنہ کي مٿئين ڀاڱي ڏي موڪليو ۽ ابو موسيٰ رضي الله عنہ کي هيٺئين ڀاڱي ڏانهن ۽ ٻنهي کي هيءَ نصيحت فرمائي ته ماڻهن تي آساني ڪجو، سختي نه ڪجو ۽ خوشبخري ڏجو ۽ کين نفرت نه ڏيارجو.

هن سال جڏهن حضرت معاذ رضي الله عنہ يمن پهچي کين صبح جي نماز پڙهائي ته ان ۾ سورت نساءَ پڙهيائين، جڏهن اهو قراءَت ۾

(۽ الله ابراهيم کي دوست ڪري ورتو) تي پهتو ته جماعت مان هڪ شخص چيو ته ابراهيم جي ماءُ جي اک به ٺري وئي هوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com