سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :56

متفرقات

 

 

 

ڪشالي مـﺆن ڪم، ٿوري گهڻي مـﺆن ٿئي،

سوز گداز ۽ غم، رهبر ٿيندو راهه ۾.

  _سچل

 

 

مرزا غازي بيگ ترخان

        سنڌ جو ارغون فرمانروا، مرزا شاه حسين، 962 هه(1) ۾ فوت ٿيو. انهيءَ سال ترخان گهراڻي جو پهريون حاڪم مرزا عيسيٰ خان ترخان(2) سنڌ جي تخت و تاج جو وارث ٿيو. مرزا باقي کانئس پوءِ گادي نشين ٿيو، جنهن کان پوءِ مرزا جاني بيگ تي سنڌ جي شاهيءَ جي پڳ آئي. انهيءَ حڪمران جي زماني ۾ اڪبر جو جرنيل مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي چڙهي آيو ۽ سال 1000 هه ۾ هن سنڌ جي خودمختياريءَ کي ختم ڪري، ان کي مغل بادشاهت سان ڳنڍي ڇڏيو.

        مرزا غازي بيگ بهادر، مرزا جاني بيگ جو پٽ، پائنده بيگ جو پوٽو، باقيءَ جو پڙپوٽو ۽ مرزا عيسيٰ جو تڙپوٽو هو. سنڌ اگرچه مغلن فتح ڪئي، ليڪن مرزا جانيءَ کان کسيائون ڪانه: مالڪ مختياري وري به جاني بيگ رهيو. پاڻ اڪبر بادشاهه وٽ رهندو هو ۽ پٺيان سندس امير مرزا غازيءَ جي نيابت ۾ حڪم هلائيندا هئا. 1009 هه ۾ جاني بيگ برهانپور ۾ فوت ٿيو. اڪبر بادشاهه سندس ملڪ مرزا غازيءَ جي سپرد ڪيو. مرزا ان وقت 14 سالن جو هو، ليڪن ٻن ٽن سالن ۾ سنڌ اندر هن حڪمرانيءَ جو اهڙو مثال قائم ڪيو، جو بايد و شايد. مرزا جاني بيگ جي با اثر ۽ عمر رسيده اميرن گهڻيون ڪوششون ڪيون ته جاءِ نشين جي نو عمريءَ ۽ ناتجربه ڪاريءَ جو فائدو وٺي، هو پنهنجو اقتدار ۽ اثر قائم ڪن ۽ هن نوخيز نوجوان کي شاهه شطرنج بڻائي رکن. ليڪن مرزا غازيءَ جي اقبال منديءَ ۽ بخت جي يار آواريءَ سندن هڪ به هلڻ ڪانه ڏني؛ جيڪو جتي هو، اهو اتي بيوس ٿي، هٿيار ڇڏي ويهي رهيو.

        مرزا غازيءَ کي اڪبر بادشاهه 1013 هه ۾، پاڻ وٽ آگري گهرايو، خيال هئس ته شهزادي کي روبرو ڏسي ته کيس پنهنجن هٿن سان پاڻ خلعت ڏئي. مرزا پهتو، بادشاهه جي حضور ۾ به حاضر ٿيو، ليڪن اڪبر جي حياتيءَ جو پيمانو پورو ٿي چڪو هو. چند مهينن بعد هن لاڏاڻو ڪيو. جهانگير تخت نشين ٿيو، دستور مطابق مرزا غازيءَ ٻين اميرن سان گڏ سندس حضور ۾ حاضر ٿي نذرانو پيش ڪيو. انهيءَ پهرينءَ ملاقات ۾ ئي جهانگير هن نوجوان شهزادي جي هوشمنديءَ، سليقه روءِ ۽ روش کي ڏسي مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيو. جيڪي اڪبر بادشاهه ساڻس سلوڪ ڪرڻ گهريو ٿي، اهو ۽ ان کان به وڌ  نئين بادشاهه، مرزا غازيءَ سان ڪيو ۽ پهرينءَ ئي چار چشميءَ ۾ کيس ”فرزند ارجمند“ جو خاصو خطاب ڏيئي، سندس مرتبي ۽ اعزاز کي آسمان تائين پهچائي ڇڏيو.

        مرزا، جهانگير جي زماني ۾ ڏاڍي لوڏ ڪوڏ سان حڪومت ڪئي، ٺٽو ته سندس پدري ميراث ۾ هو، ليڪن ٿوري وقت اندر جهانگير، ملتان ۽ بکر جي صوبن جو وڏو علائقو به سندس جاگير ۾ ڏيئي ڇڏيو.

        قنڌار جو صوبو اڪبر جي زماني کان، شاهه بيگ نالي هڪ اڪبري امير جي حوالي هو. جهانگير جڏهن تخت تي ويٺو، ان وقت قنڌار مقامي بغاوتن ۽ آسپاس جي سرڪشين ۾ مبتلا هو.شاهه بيگ تنگ اچي بادشاهه ڏي ڪمڪ لاءِ عريضو موڪلي، پاڻ قلعه بند ٿي ويهي رهيو. جهانگير وٽ سوين امير ڪبير ۽ جوڌا جرنيل موجود هئا. ليڪن ان ڏوراهين ڏيهه تي، ڪمڪ جي سرداري ڪرڻ لاءِ، هن مرزا غازيءَ کي موزون سمجهي منتخب ڪيو. 17_ 18 ورهن جي نوجوان لاءِ اهو وڏي ۾ وڏو اعزاز هو، جيڪو بادشاهي ڀروسي جي بناء تي کيس حاصل ٿيو. مرزا غازي، ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان مهم کي منهن ڏيئي، بادشاهه جي حضور ۾ موٽي آيو. بادشاهه اڳ ئي مٿس مهربان هو، ويتر جو قنڌار  جي ڪاميابي ڪيائين،تنهن ته رهندو بادشاهه کي مٿس موهت ڪري ڇڏيو.

        نتيجو اهو  نڪتو، جو ٺٽي، بکر ۽ ملتان سان گڏ قنڌار جي حڪومت به سندس حوالي ڪئي ويئي.

        1015 هه ۾ غازي پهريون دفعو قنڌار ويو، 1016 هه ۾ اتان موٽي آيو ۽ 1017 هه ۾ مستقل حاڪم ٿي اوڏاهين روانو ٿيو. قنڌار وڃڻ وقت بادشاهه کيس شاهي خاندان جي شهزادن وارا سڀيئي منصب  ۽ اعزاز عطا ڪيا، ۽ سندس حد اندر جيڪي منصبدار هئا، تن جي معزولي ۽مقرريءَ، تبادلي ۽ ترقيءَ جو اختيار به کيس ڏيئي ڇڏيائين، ۽ بادشاهه عام حڪم جاري ڪيو ته آئينده هڪ هزار منصبدار، مرزا غازيءَ وٽ جڏهن سلام تي وڃن ته سندس سامهون دست بسته بيهي  رهن، ۽ هزاريءَ کان مٿي وارا امير سندس مسند کان هيٺ باادب ويهي رهن. اهو اعزاز ذري گهٽ بادشاهيءَ جهڙو هو، ۽ قنڌار جي صوبيداري گويا ڪنهن حد تائين خودمختاري حڪومت جي ممائل هئي.

        مرزا غازيءَ جي تدبر، دانشمنديءَ، شاهي شان ۽ اميرانه مان ۽ مرتبي جا اصلي جوهر قنڌار وڃي کليا. وطن ۾ هو ابتدائي چند سال رهيو، جنهن ۾ به گهڻو وقت کيس مقامي مصيبتن ۽ مرزا عبدالرحيم خان خانان واريءَ جنگ جي شڪست ريخت کي سلجهائڻ ۽ سنوارڻ ۾ لڳو. حڪمرانيءَ ۽ انتظامي معاملات کي جنهن ڪڙيءَ تي پهچائڻ جي کيس آرزو ۽ اميد هئي، سا گهڻي حد تائين  بر ثواب ٿي نه سگهي. 1013 هه ۾ وطن مان روانو ٿيو ۽ اهڙي ڪنهن نامناسب  گهڙيءَ ۾ گهران نڪتو، جو کيس وري وطن ورڻ نصيب ڪونه ٿيو. سمورو وقت جهانگير جي همرڪاب رهيو. ۽ ان کان پوءِ قنڌار ويو، آيو ۽ وري هليو ويو. البته  پوئين دفعي قنڌار ويندي وقت چند مهينا انتظامي بندوبست لاءِ بکر ۾ رهي پيو، ۽ وڃڻ کان پوءِ اهڙو ويو جو 5 سالن بعد سندس لاش کڄي اچي وطن پهتو.

        قنڌار جي پنجن سالن واري مختصر قيام ۽ حڪمرانيءَ تاريخ ۽ تذڪرن ۾ سندس ساراه ۽ صفت جا مستقل باب پيدا ڪيا. جهڙي جهانگير جي ساڻس دلبري هئي، اهڙي ئي دلبستگي،ايران جي شهنشاهه، شاهه عباس صفويءَ کي به سندس لاءِ پيدا ٿي. دارا ۽ خسرو پرويز جي جاءِ نشين نه فقط خاص خلعتون ڏانهس موڪليون، بلڪه جهانگير وانگر هن به کيس ”فرزند دلبند“ ڪري سڏيو، ۽ مستقل طرح ذاتي خط و ڪتابت ساڻس جاري ڪيائين. مرزا غازيءَ جي انهيءَ روش، هندستان جي مغل حڪومت جو هڪ وڏو سرحدي خطرو هميشه لاءِ دور ڪري ڇڏيو.

        مورخ ۽ تذڪره نويس لکن ٿا ته مرزا قنڌار پهچڻ بعد ايڏو بهتر انتظام ڪيو، جو رعيت، فوج، عام ۽ خاص، خوشحال ۽ فارغ البال ٿي ويا. ”ترخان نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته ”ماڻهن لاءِ هرڪو ڏينهن عيد جو ۽ هر هڪ رات برات جي رات ٿي پيئي. هن بلند بخت ۽ جوان همت سردار جي شان شوڪت ۽ حڪمرانيءَ جي طور طريقن،عظيم الشان سلطنت جون سڪون ٿي لاٿيون، سندس درٻار، ايراني ۽ مغلي درٻار جو مٽ ۽ شان ٿي پيئي.“

        داد و دهش، ڏيڻ وٺڻ ۽ جود و سخا انهيءَ حد تائين ڪيائين جو ڄڻ آسمان مان، ملڪ مٿان سون ۽ رپئي جي ورکا ٿي رهي هئي. ايران، عراق، هند ۽ سنڌ جا عالم، شاعر ۽ فنڪار مڙي سڙي اچي سندس سرپرستيءَ ۾ سهڙيا. مدرسن جا معلم ۽ شاگرد، خانقاهن جا بزرگ ۽ درويش، اهل علم ۽ اهل فن، ڏيهي خواه ڏورانهان، ماهياني خواه سالياني وظيفي تي، مستقل طرح پرورش پائيندا هئا. انهيءَ ڪريم النفسيءَ ۽ درياه دليءَ سندس ساک ۽ ساراهه ديس خواه پرديس ۾ پهچائي ڇڏي؛ ملڪي ته مطيع هئا ئي، ليڪن ڏوراهين ڏيهه،جا ماڻهو به پاڻ کي سندس مفتوح سمجهندا هئا. هن انساني جسم کي زوريءَ ۽ زبردستيءَ مطيع ڪرڻ جي بجاءِ، ماڻهن جي دلين کي مفتوح ڪيو ۽ جيسين جيئرو رهيو، تيسين ڪنهن به هڪ جي دل سندس دام مان نڪري ڪانه سگهي. جهانگير خود مڃي ٿو ته:

”در آنجا به لوازم حفظ و حراست، قيام و اقدام مي

نمود، سلوک او با مترد دين بعنوان پسنديده بود.“

        انهيءَ ڏيڻ وٺڻ،ڪريم الطبعي ۽ ڪشاده دستيءَ کيس هميشه قرضدار ۽ تلاش ٿي رکيو. بکر ۽ ملتان جون جاگيرون، ٺٽي ۽ قنڌار جا ملڪ، پورت ڪري ڪانه ٿي سگهيا، ٻين جون جهوليون ڀريندي ڀريندي هن پنهنجا کيسا هميشه خالي رکيا. ”ذخيرة الخوانين“ جو مصنف لکي ٿو ته:

”در زر بخشي بيدريغ بود. خزانه پنج وشش کرسي خود

را، بحاصل جاگير خود که همه خالصه بود، صرف سپاه،

رعيت و شعرا کرده،دغدغه وداعيه پادشاهي مي رسانيد“

        متصدي، ڪامورا، ڪاردار، اشارن ڪناين ۾ سندس حضور ۾ گهڻو ئي عرض معروضي ڪندا هئا، ليڪن کين هميشه چوندو هو ته ”روز رزاق تي آهي، بنا محنت ۽ تڪليف جي مون کي مولا ڏئي ٿو، پنهنجو گهر  ڀري ڇا ڪندس، مون سان گڏ ڀل سڄو ملڪ ڀاڱي ڀائيوار هجي.“ هڪ دفعي خزانچيءَ حساب ڪتاب جا ڪاغذ کڻي وٽس آيو، عرض ڪيائين ته ”جيئندا قبلا! ڪيئي مهينا گذري ويا آهن، جو آمدني روانگي ملاحظي ۾ ڪانه آئي آهي.“ خزانچيءَ جو خيال هو ته مرزا آمدنيءَ کان روانگيءَ جو وڌيل انگ ڏسي پنهنجو هٿ ڍرو ڪري. مرزا سندس مقصد سمجهي، کانئس ڪاغذ وٺي، ڦاڙي ڇڏيا. کيس چيائين ته ”منهنجو مولا جڏهن مون کي حساب ڪري ڪو نه ٿو ڏئي، ته ان جي ڏنل خزاني جو مان ڇو حساب ڪتاب ڪيان؟“ ايڏو ڪريم النفس ۽ مهربان هو، جو جڏهن معلوم ٿيس ته سندس نائب، خسروخان چرڪس، لٽ لٽان لائي ڇڏي آهي ۽ جيڪي اچي ٿو سو سندس پيٽ ۾ پهچي ٿو؛ تڏهن کلي چيائين ته کيس ڪجهه به ڪونه چئبو، خان دل ۾ ڪندو. ڀائي خان خسرو جو پٽ ۽ مرزا جو خاص نديم هو. ”ماثر الامراء“ جو مصنف لکي ٿو ته:

”در طريق ملڪراني و سلطنت درميانـﮧ سلاطين اين روزگار ممتاز بود.“

        يعني انهيءَ زماني جي بادشاهن ۽ سلطانن ۾ سندس درجو ممتاز ۽ بلند هو. اڳتي هلي، ساڳيو مصنف لکي ٿو ته ”جي زمانو کيس مهلت ڏئي ها ۽ حياتيءَ جا ڏينهن هجنس ها ته بهادريءَ ۾ رستم، سخاوت ۾ حاتم ۽ شان شوڪت ۾ خسرو پروزير جو نالو ۽ ناموري وڃائي ڇڏي ها.

        ملڪ داريءَ ۽ ملڪ رانيءَ جي سليقي سان گڏ، علم و ادب، شعرو سخن جو شوق ۽ شعور به قدرت جهجهو ڏيئي ڇڏيو هيس. تذڪره نويس لکن ٿا ته فارسي شعر ۾ پنهنجي دؤر جو انوري ۽ خاقاني هو. جهانگير لکيو آهي ته؛

”مرزا غازي في الجمله ڪمالي داشت، شعر هم خوب مي گفت.“

        پنهنجن هزارن شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن جو اڄ هڪ ورق به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ’وقاري‘ تخلص هيس، اهو به هڪ ٻئي شاعر کان هڪ هزار روپيا ڏيئي ورتو هئائين. سندس سوانح نويسن لکيو آهي ته مرزا راڳ جو وڏي ۾ وڏو ماهر، بلڪ انهيءَ فن جو استاد ڪامل هو، طنبور نوازيءَ ۾ سندس ثاني ڪونه هو، ٽوڙيءَ جي راڳڻيءَ کي هن نئين انداز ۾ ڍاليو هئائين ۽ ڪيئي راڳ ۽ راڳڻيون نه فقط ايجاد ڪيون هئائين، بلڪ انهيءَ فن ۾ ڪيترا ڪتاب به لکيائين.

        مرزا جي علمي ۽ ادبي سرپرستن جو ذڪر ڪندي ”مي خانه“ جو مصنف لکي ٿو ته؛

”جوان خوش خوئي، خوش روئـﻶ، کريمي بود.

اکثر پاس خاطر ارباب معنيٰ مي داشته،

و به آنها بي تڪلفانه سلوڪ مي ڪرد، مروتش،

بمرتبه و سخاوتش بحدي مطلوب بود.“

سوين اهل ڪمال سندس درٻار سان وابسته هئا. ملا اسد، ملا مرشد بروجردي، حڪيم فغفور گيلاني، مير نعمت الله وصلي، مرزا فصيحي؛ ملا شاني تڪلو“ مير الاهي استرآبادي، سنجرڪاشي، محوي اردبيلي، شيدا اصفهاني ۽ طالب آملي وغيره سندس درٻاري شاعر هئا. اهي سڀئي شاعر پنهنجي دور جا بيمثل صاحب ڪمال هئا. طالب آملي اهو شاعر آهي، جيڪو پوءِ جهانگير جي درٻار ۾ پهچي، ملڪ الشعرا ٿيو. مولانا شبليءَ جو قول آهي ته طالب آمليءَ جيڪي قصيدا، مرزا غازيءَ لاءِ چيا، بس اهي ئي قصيدا آهن. جهانگير ۽ ٻين اميرن لاءِ، پوءِ جيڪي هن چيو، ان ۾ نه ايڏو اهتمام آهي نه ايترو جوش ۽ ولولو، نه محبت جي اهڙي گرمجوشي ۽ گرمي ئي انهن ۾ موجود آهي.

        سنڌ جي ترخان سلسلي جو هي خوش خوءِ، بلند حوصله ۽ بيدار بخت نوجوان، 31 ورهين جي ڦوهه جوانيءَ، ۾ 11 صفر 1021هه ۾ فوت ٿيو. محوي اردبيليءَ ”شمع محفل جنت“ مان سندس رحلت جو سال ڪڍيو. درٻاري خواهه غير درٻاري شاعرن سندس جوان مرگيءَ تي خوب ماتم ڪيو، ايڏا دلدور مرثيا لکيائون جو سنڌ، هند، ايران ۽ عراق ۾ محرم وارو ماتم مچي ويو. ماڻهن ۾ مشهور ٿيو ته سندس خاص نديم، ڀائي خان، کيس زهر ڏيئي ماريو. قاضي محمود ٺٽويءَ انهيءَ روايت کان متاثر ٿي ”ڪشتهء زهر جفا،“ مان سندس تاريخ ڪڍي، ليڪن حقيقت ۾ ميء نوشي جي بي تحاشا پيمانن، سندس حياتيءَ جو پيالو پُر ڪري ڇڏيو.

        مڪليءَ جي قبرستان ۾، ڪراچيءَ واريءَ سڙڪ کان اتر تي هڪ خوبصورت روضو آهي. مرزا غازي ان ۾ پنهنجي والد سان گڏ مدفون آهي، سنڌ ۾ سالن تائين رواج هو ته ضرورتمند ۽ سائل، سندس مزار تي وڃي، ”ٽوڙي“ ڳائيندا هئا ۽ پنهنجي من جون مرادون حاصل ڪندا هئا.

        962هه ۾ مرزا عيسيٰ ترخان، جنهن حڪمران گهراڻي جو بنياد قائم ڪيو، اڻهٺ سالن بعد ان جو اختتام، مرزا غازي مرحوم تي ٿيو. کيس اولاد ڪانه هئي، ورنه شايد جهانگير اڃا به سنڌ کي ترخان گهراڻي ۾ رهڻ ڏئي ها. انهيءَ ڪري سنه1021هه ۾، هڪ طرف قنڌار کان هن جوان مرگ سردار جو لاش سنڌ ۾ پهتو ٻئي طرف کان، مغلن ڌاريو ۽ غير، نئون پوءِ ڪيئي حاڪم، حڪم هلائڻ لاءِ موڪلي ڏنو. سنڌ تي مغلن جا مرزا غازيءَ کان پوءِ ڪيئي حڪم آيا، چڱا به آيا، مَٺا به آيا، ليڪن مرزا مرحوم جهڙو نه ڪو ٿيو نه ڪو آيو. سنڌ سندس ڳُڻن کي ڳڻي، سالن جا سال ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.

 

 [”نئين زندگي“، آزادي نمبر،1956ع]


(1)  12 ربيع الاول 962 هه بروز سومر.

(2)  وفات سنه 979 هه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com