سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :46

 

مخدوم عبدالڪريم (المتوفي 1855ع_1272هه): مخدوم غلام حيدر ٺٽويءَ جو فرزند ۽ اردو جو هڪ ڀڙ شاعر هو، افسوس آهي ته سندس ڪلام جو نمونو اڃا تائين ملي نه سگهيو آهي. سندس وفات 1855ع مطابق 1272هه ۾ ٿي.

غلام حسين ”افضل“ سبز پوش ٺٽوي (المتوفي 1861ع مطابق 1278هه): هيءُ هڪ نازڪ خيال شاعر هو. نثر نويسيءَ ۾ به وڏو ڪمال رکندو هو. ”تنبيـﮧ المعاندين“، ”مثنوي نان و نمڪ“، ”نظم نوروز“ ۽ انشاء افضل“ سندس ادبي يادگار آهن. اردو ۾ سندس ڪلام جو نمونو ناهي. ۽ جمادي الثاني 1278هه مطابق 1861ع ۾ انتقال ڪيائين. پڇاڙي عمر ۾ ”اسد“ تخلص ڪندو هو.

صورت سنڌي (1881ع مطابق 1299هه). هي صاحب هندو هو، سندس نالو صورت سنگهه هو. سندس اردو ديوان 1881ع مطابق 1299هه ۾ ڪراچيءَ جي ”وديا ونود“ نالي ڇاپي خاني ۾ ”پريم تت“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. ڪتاب جي آخر ۾ هيٺين فارسيءَ ۾ عبارت ڇپيل آهي:

”الحمد لله على احسانه و افضالـﮧ کـﮧ درين آوان بهجت افتران اين گوهر ناياب بي بها در مکنون مخفي يکتا اعلى نسخـﮧء هذا المسمى بـﮧ ”پريم پرشا“_ ومعروف بـﮧ ”ديوان صورت بهار“ من کلام بلاغت انجام فصاحت ارتسام شاعر شيرين گفتار رشک شعراي روزگار ديوان صورت سنگهه به انتظام منور برنگ سراج ديوان ليکهراج سابقـﮧ مختيار کار حال پنشن بردار، سکنـﮧ شهر حيدرآباد سندهه، در مطبع ”وديا ونود“ کراچي مطبع شد.“

انهيءَ اردو ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ منظوم تقريط هڪ ٻئي اردو نوز ”منشي کيمچند“ جي لکيل آهي، تنهنڪري انهيءَ جا چند بيت ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پهريائين عرض رکجن ٿا:

يه گلزار بـﻶ خار صورت بهار

کهلين جس مين معني کـﻶ غنچـﻶ هزار

 

شگفته هين گل اس مين رنگين نگار

کئي بلبلين اس په هوتين نثار

 

کئي قسم کـﻶ رنگ اور اس مين ڊهنگ

هندستان، پنجاب، دکهني نيار

 

محبت کي گلبن هون جس مين کهلـﻶ

صفت صدق کـﻶ نهر جاري هزار

”صورت“ پنهنجي ديوان ۾ غزلن، قصيدن ۽ مثنوين کي هندستاني راڳن جي طرز تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر هنڌ هندي راڳن ڏانهن اشارا به ڪيا اٿس.

”صورت“ جي سنڌي ديوان ۾ فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي_ اردو جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

جس کو خدا ياد وه آباد هميشـﮧ

آباد هميشـﮧ هـﻶ دل شاد هميشـﮧ

___

درويش کي جهولي مين خزانه هـﻶ غيب کا

طوبى هـﻶ رود نيل هــﻶ کاسه فقير کا

___

اپنـﻶ مرشد کا فقيرون کا خدا طالب کا

ديکهه جاتا هون مين ديدار تيرﻵ کوچـﻶ مين

جهوڪ جي صوفي بزرگ شاه عنايت جي مدح ۾ اهو هندو شاعر چوي ٿو:

خدا کا پيار هـﻶ محبوب يا رب مولا

عجب هـﻶ صوفي سلطان صاحب دولا

 

جس نگاه مين آتـﻶ هين نور کـﻶ شعلـﻶ

جس کـﻶ جسم مين الله کـﻶ عشق کا اولا

بشر عنايت الله و قلندر هـﻶ

شـﮧ شهيد شهادت که مرتبا پايا

سيد غلام علي ”گدا“ هاشمي: علم معقول و منقول ۾ آخوند روشن احمدي ۽ آخوند روشن حيدرآباديءَ جو شاگرد هو. ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان رهندو هو. هزهائينس مير حسن عليءَ جي درٻار کان پگهار ملندي هيس. سندس اردو ڪلام جو ڪو نمونو نه ملي سگهيو آهي.

هزهائينس مير علي خان بهادر: هيءُ ٽالپر خاندان مان حڪمران گهراڻي جو چشم و چرغ هو، جنهن جي عمر غريب الوطني ۽ افلاس ۾ گذري. هو شعر و شاعريءَ جو گهڻي قدر شوقين هو. فارسي ۽ سنڌيءَ جو بهترين شاعر، اردو شعر به چوندو هو؛ ليڪن سندس ڪلام جو ڪو نمونو دستياب نه ٿي سگهيو آهي. هن صاحب، مشهور فارسي ڪتاب ”سڪندر نامه“ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو هو.

مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي: هيءُ هڪ جليل القدر عالم ۽ فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو. پنهنجي بزرگوار مخدوم عبدالڪريم صدي نقشبنديءَ کان تعليم و تربيت حاصل ڪيائين، تنهن کان پوءِ ميان مير زاهدي شاڪراڻيءَ کان تعليم پرايائين. شروع ۾ ”مسڪين“ تخلص ڪندو هو ۽ پوءِ ”خليل“ ڪرڻ لڳو_ پاڻ لکي ٿو ته:

”بزبان هندي هرچه کرده ام در آن هم تخلص ”مسکين“

است و زبان هندي را فقير نداند، مگر از سبب اثر

صحبت سيد غلام محمد ”گدا“ تخلص که چهار و پنج

روزه در بلدهء ڻهڻه بود و ديوان ناسخ و آتش و آباد

را ديده شد ازان اين قدري اثري شد که چند غزل گفته.“

انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ناسخ، آتش ۽ آباد جا اردو ديوان اچي چڪا هئا ۽ سنڌ جا اهل ذوق انهن کي گهڻي شوق سان پڙهندا هئا. مخدوم ابراهيم ”خليل“ جي ڪلام جو ڪو نمونو اسان کي نه ملي سگهيو آهي. مخدو ابراهيم ”خليل“، مير علي شير قانع جي ”مقالات الشعرا“ جو ’تڪمله‘ لکيو آهي، جنهن ۾ هن 1760ع مطابق 1174هه کان وٺي 1888ع مطابق 1303هه تائين، فارسي شاعرن جو احوال ڏنو آهي ۽ هيءُ اسان جي هڪ پوري صديءَ جي ادبي تاريخ آهي، هن ڪتاب جو فقط هڪڙو ئي نسخو لاهور ۾ موجود آهي.

محمد زمان حبيب (المتوفي 1888ع مطابق 1306هه): هيءُ مخدوم ابراهيم ”خليل“ جو صاحبزادو هو ۽ اردو جو دلداده هو. سندس اردو ڪلام جو نمونو نه ملي سگهيو آهي_ سندس انتقال 1888ع مطابق 1306هه ۾ ٿيو هو.

قاضي غلام علي جعفري طياري (المتوفي 1885ع مطابق 1303هه): هيءُ يحى جعفر جو پٽ هو، سندس اردو ڪلام هن وقت پيش نٿو ڪري سگهجي.

پير حزب الله شاه تخت ڌڻي (1842ع مطابق 1258هه کان وٺي 1890ع مطابق 1308هه): هي بزرگ به پير پاڳارو هو؛ ۽ ”تخت ڌڻي“ سندس لقب هو. فارسيءَ ۽ عربيءَ تي ڪمال عبور هئس. ”تخت ڌڻي“ گهڻي قدر خوشخط هو ۽ شعر و شاعريءَ سان کين گهڻو شوق هو، فارسيءَ ۾ هڪ ديوان سندس ادبي يادگار آهي. ”مسڪين“ تخلص ڪندو هو. سندس درٻار عالمن ۽ اديبن لاءِ مرجع عام هئي. ايران ۽ هندستان مان اهل علم و فاضل سندس خدمت ۾ ايندا هئا، هيءُ انهن جي مدد ڪندو هو. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

آتا هـﻶ چمن مين بت گلفام همارا

ساقي بخدا بهر دﻵ مجهـﻶ جام همار

 

گر مين نه کيا اس بت طناز کو سجده

آئيگا کسي کام يه اسلام همارا

محمد يوسف خان ظهير: هي اصل ۾ سنڌي هو، نوڪريءَ جي سلسلي ۾ يو_پي ۾ رهندو هو. هيءُ غلام محمد خان ”خيبر“ جو شاگرد هو، سندس ڪلام ”يادگار ضيغم“ ۾ موجود آهي.

ابراهيم شاه صوفي: سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

 

جيسـﻶ دن سون سجن بچهڙا، ميرا دل تب سـﻶ هـﻶ جل جل

وداع کي آگ بجلي جون، ابر چشمان جون باران هـﻶ

 

نظر علي فقير ڪنڊڙيءَ وارو: ڪنڊڙيءَ جي مشهور صوفي شاعر ميان روحل جو پوٽو هو_ سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

 

ادهر تو مجهه سـﻶ کهتا هـﻶ که چل تو يار کـﻶ ڊيرﻵ

ادهر تن مجهه سـﻶ کهتا هـﻶ که تو دکهه مجهکو مت دﻵ دﻵ

فتح سنڌي: هيءُ به انهيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿو_ سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:

خدا باقي دگر خاکي بقائـﻶ باغ مين جانا

سمجهه سن بات هو سيانا پکڙلـﻶ راه رباني

بهادر سنڌي: هيءُ به انهيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ جو به هڪ اردو بيت ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو:

اتني نظر مهر  کي کرتـﻶ ”بهادر“ اوپر

پان کا بيڙا صنم تم نـﻶ کهلايا نهين

اسان جي سنڌي شاعر ”پان جو ٻيڙو“ شايد ڪن لکنو جي شاعرن کان مستعار ورتو آهي، نه ته سنڌ جي معاشرت ۾ پان کي دخل ناهي. هونءَ ته سنڌ ۾ پان جي استعمال جي شهادت هندن جي دؤر حڪومت ۾ ملي ٿي_ مـﺆرخن جو چوڻ آهي ته راجا ڏاهر جڏهن محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ اروڙ جي ميدان ۾ پهتو ته هاٿيءَ تي سندس ٻه ٻانهيون پاندان کنيو ويٺيون هيون. سنڌ ۾ هندن جي دؤر حڪومت ۾ پان جو استعمال هوندو هو، ليڪن اسلامي حڪومت جي دؤر ۾ هتي پان جو رواج بلڪل نه هو، نه ته سنڌي شاعر انهيءَ لفظ کي ضرور استعمال ڪن ها.

هزهائينس مير عبدالحسين سانگي (1852ع مطابق 1269هه کان وٺي 1924ع مطابق 1343هه تائين): حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران گهراڻي جو آخري چشم و چراغ هو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ پينشن ملندي هيس. سنڌيءَ جو هڪ بلند پايه شاعر هو. سندس ڇپيل ديوان ۾ اردوءَ جا غزل به گهڻي انداز ۾ آهن. سندس اردو ڪلام گهڻي قدر صاف ۽ شسته آهي. ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ چند بيت پيش ڪجن ٿا:

جب پريشان صنم زلف دوتا کرديگا

دل ديوانه کو زنجير به پا کرديگا

 

ايک بوسه جو فقيرون کو عطا کرديگا

اﻵ صنم ميرا خدا تيرا بهلا کرديگا

___

دل عشاق لينـﻶ ولـﻶ هين، کان مين يار کـﻶ جو بالـﻶ هين

ديکهنـﻶ مين جو آئـﻶ تارﻵ هين، مرﻵ آهون کـﻶ وه شرارﻵ هين

چوٿون دور: 1900ع مطابق 1320هه تائين سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو ٽيون دؤر پورو ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ اردوءَ جو چوٿون دؤر شروع ٿيو. انهيءَ دؤر ۾ ”انجمن ترقي اردو“ جي شاخ قائم ٿي، جنهنڪري ڪراچيءَ ۾ انهيءَ نئين دؤر جا ڪجهه شاعر ٻاهران آيا ۽ ڪجهه اتي ئي پيدا ٿيا ۽ ڪراچيءَ جي فضا ۾ مشاعرن جو شور وڌڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ شاعريءَ جو ذوق پيدا ٿي ويو. اردوءَ جو مشهور ڊراما نويس ”آغا حشر“ مرحوم به ڪجهه عرصي تائين ڪراچيءَ ۾ رهيو. آغا مرحوم جي سبب اردو زبان جي هتي ڪافي ذوق رهيو. انهيءَ چوٿين دؤر جا خاص شاعر مير ايوب، مولا بخش ”همدم“ ۽ ”افسر“ امروهوي هئا، جن مان پهريان ٻه صاحب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن ۽ ٽيون صاحب جيئرو آهي.

هن مضمون کي ختم ڪرڻ کان اڳ مان هڪ سنڌ جي اردو شاعر جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. اهو شاعر شيرين بيان آهي عاليجناب مير علي نواز خان ٽالپر، خيرپور ميرس جو سابق فرمانروا، جنهن اردو ٻوليءَ کي پهريون دفعو، سنڌ ۾ درٻاري زبان بڻايو ۽ پنهنجي شاعريءَ لاءِ اردوءَ کي چونڊيو. پنجاب جي مشهور افسانه نويس حڪيم احمد شجاع صاحب ۽ حفيظ جالنڌري پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ انهيءَ درٻار سان وابسته هئا. هزهائينس جا دهليءَ جي مشهور شاعر، آغا شاعر قزلباش مرحوم، سان به گهڻي قدر گهاٽا تعلقات هئا. سندس وفات بعد ڪيترن ورهين کان پوءِ هينئر وري خيرپور ميرس ۾ اردو ٻوليءَ جي رونق نظر اچي ٿي ۽ اسان کي نئين زندگيءَ جو هڪ پيام ٻڌائي ٿي.

 [روزنامه ”مهراڻ“، سالگره نمبر، 15_جنوري 1961ع]

 

سنڌي هندن جو فارسي ادب ۾ حصو

سنڌ جي اسلامي دؤر ۾، سنڌي هندن، فارسي زبان ۽ ان جي ادب ۾ انهيءَ حد تائين ڪمال پيدا ڪيو، جو منجهانئن ڪيترا اهڙا بزرگ پيدا ٿيا. جن سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ هڪ مستقل مقام پيدا ڪيو. جيڪو به صاحب سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ لکندو، ته انهن هندو اهل قلم جي نالي وٺڻ کان سواءِ ان کي پورو ڪري ڪونه سگهندو.

سنڌ ۾، فارسي زبان کي درٻاري سرپرستي اگرچه مغلن جي قبضي بعد حاصل ٿي، ليڪن انهيءَ رواج ۽ رسم کي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم به هلائيندا آيا. دفتري زبان فارسي هئي، خط پٽ  ۽ حڪم احڪام سڀ فارسيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، ملڪي ڪاروبار خواه مالي معاملات جا رجسٽر ۽ رڪارڊ سڀ فارسي زبان ۾ لکيا ويندا هئا. دربار ۽ درباري اميرن جي اگرچه مادري ٻولي سنڌي هئي، ليڪن شعر و سخن جي مشق فارسيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. مدرسن جو نصاب به عربي ۽ فارسيءَ جي ڪتابن تي مشتمل هو، تنهنڪري تعليم جو مقصد ئي ان دؤر ۾ فارسي پرائڻ سمجهيو ويندو هو.

هندو بزرگ ملڪي خواه مالي محڪمن ۾ وڏن وڏن عهدن تي هوندا هئا، تنهنڪري ملازمت جي حد تائين به هنن لاءِ فارسي سکڻ لازمي هو، ليڪن منجهانئن ڪيترن صاحبن دفتري ضرورتن کان تجاوز ڪري، فارسيءَ جي ادب ۽ انشا، خواه شعر و سخن ۾ ڪمال جي حد تائين دسترس پيدا ڪري، انهيءَ ڏس ۾ ناموري حاصل ڪئي.

هن وقت مسلمانن جو علمي ذخيرو جيئن اسان وٽان گم ٿيل آهي، ساڳيءَ طرح هندن جو ادبي سرمايو به زماني جي الٽ ڦير ضايع ڪري ڇڏيو آهي. تاهم ڪن مشاهير ادب جا نالا تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، ۽ چند ڪتاب به سندن تصنيف ڪيل هتي نظر اچي وڃن ٿا.

”انشاءِ عطارد“ موجود آهي؛ منشي ٽوپڻ مل جي ”تاريخ سنڌ“ به ملي ٿي؛ پنڊت لاله جي ”تاريخ سنڌ“، جيڪا هن ٻارهن جلدن ۾ مرتب ڪئي، سا به ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته سنڌ ۾ ڪنهن بزرگ وٽ محفوظ آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ”دستور العمل رامچند ٺٽوي“ موجود آهي. خبر نه آهي ته انهيءَ قسم جا ٻيا ڪهڙا ڪهڙا جواهر پارا سندن قلم مان نڪتا، جيڪي اسان جي دؤر کان اڳ ئي، زماني جي اٿل پٿل غائب ڪري ڇڏيا.

هندو صاحبن، خطاطيءَ جي سلسلي ۾ به پنهنجو پاڻ خوب ملهايو. گهڻو ڪري، ”محڪمهء انشا“ ۾ کين ملازمت ملندي هئي. شاهي خطن ۽ فرمانن لکڻ سبب، هڪ ته کين انشا نويسيءَ ۾ ڪمال حاصل ٿيو، ۽ ٻيو خوشخطيءَ ۾ منجهن سليقو پيدا ٿيو. مون پنهنجي اکين سان سنڌي لکيل ڪتاب ڏٺا آهن، جيڪي خطاطيءَ جي نقطهء نگاهه سان ايراني خوشنويسن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونه آهن. نندومل قانون گو سيوهاڻي، همت سنگهه، ٽيڪمچند مولچند لاله داس قانون گو روهڙي، ۽ ديوان شوقيرام، هن آخري دؤر جا خوشنويس هئا.

فارسي ذوق ۽ علمي شوق سبب، سنڌ جي ڪيترن عامل ۽ مينشي گهراڻن ۾ ڪتبخانن گڏ ڪرڻ جو به شوق هو؛ چنانچه ڪيئي اهڙا خاندان موجود هئا، جن وٽ ادب ۽ تاريخ تي بيش بها خزانا ۽ نادر ذخيرا موجود هئا. مان پنهنجي سر خيرپور جي هڪ عمر رسيده بزرگ وٽ ويس، جنهن پنهنجي ڪتبخاني جا ڪتاب گهڻو ڪري سڀ بنارس يونيورسٽيءَ کي هديتاً ڏيئي ڇڏيا هئا ۽ باقي جيڪي بچيا هئس، سي هن منهنجو ذوق ڏسي مون کي ڏيئي ڇڏيا؛ جي اگرچه 5_6 مخطوطا هئا، ليڪن سڀئي قمتي ۽ بيش بها هئا. انهيءَ بزرگ موڪلائڻ وقت پنهنجي سنگتين ساٿين ۽ پراڻي زماني کي ياد ڪندي، حافظ جو هيٺيون شعر پڙهيو، جنهن جو اثر اڄ تائين منهنجي دل تي آهي:

حريفان بادها خوردند رفتند،

تهي خمخانها کردند رفتند!

مسٽر گوپ_ آر_ گربخش indian historical records commission  جي1938_1939ع وارن اجلاسن ۾ سنڌ جي تاريخي مواد تي به پيپر پڙهيا آهن، جن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته راءِ بهادر تارا چند شوقيرام، ديوان لوڪامل گوبند بخش، ارجن سنگ جاگيردار عمرڪوٽ، ديوان وسڻ مل چنديراماڻي، راءِ صاحب ڏيا رام ڇٽومل ۽ راءِ صاحب حشمتراءِ لال سنگ، وغيره. وٽ قلمي ڪتابن جا نادر ذخيرا هئا. هن صاحب ڪن ڪتابن جي فهرست به ڏني آهي، جيڪا هتي ڏيڻ طوالت جو سبب ٿيندو، ليڪن انهيءَ جي ڏسڻ مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي تاريخ تي انهن بزرگن وٽ تقريباً سڀئي نادر ڪتاب موجود هئا؛ ازانسواءِ فارسي ديوان، ۽ مثنويون به تقريباً سڀئي وٽن هيون؛ اهي صاحب پنهنجي لاءِ هندو ۽ مسلمان ڪتابن کان هميشه ڪتاب نقل ڪرائيندا رهندا هئا. ديوان سوڀراج نرمل داس ”فانيءَ“ لاءِ ته خود کي ذاتي ڄاڻ آهي ته وٽس نادر مخطوطا موجود هئا. خاص طرح سنڌ جي فارسي شاعرن جي ديوانن جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو وٽس محفوظ هو.

پاڪستان ۽ هندستان جي جدا ٿيڻ وقت، لڏ پلاڻ سبب انهن ذخيرن مان ڪيترا مجموعا برباد ٿي  ويا، فارسي مخطوطن جا ڪيترا ورق پسارين جي پُڙين ۾ ڪتب ايندا اسان ڏٺا، ۽ ڪيترا ڪتاب ڪوڏين جي قيمت ۾ فٽ پاٿن تي واڪن سان وڪامندا ڏٺاسين.

شعر و سخن جي ميدان ۾ به هنن صاحبن، مسلمانن جي دوش بدوش، شهسواري ڪئي. منجهن ڪئين صاحب طرز ۽ صاحب ديوان شاعر پيدا ٿيا. مير علي شير ’قانع‘ جي تذڪري ”مقالات الشعرا“ ۾ ڪيترن هندو شاعرن جو ذڪر آيو آهي: مثلاً

(1) لاله آسارام_ ”شاهنامه ۽ سڪندرنامه جو حافظ هو، ۽ خود به شعر و سخن جي ميدان جو ڪامياب شهسوار هو.“

(2) اوڌي رام _ ”رنگين طبع، مليح بيان، ۽ سنجيده فڪر“ شاعر هو. نادر شاه جي قتل تي هن هيٺيون بيمثل تاريخي قطعو چيو:

شاه شاهان نادر ايران ديار

داشت باغ دولتش خرم بهار

تاکه از حکم قضا پيک اجل

تيز بگرفتش عنان اختيار

بهر تاريخ وفاتش عقل گفت

”رخت بست از تخت هستي شهريار“

(3) بشن گوپال_ نواب مهابت خان ”ڪاظم“ جي دؤر جو ”صاحب طبع“ شاعر هو.

(4) بالچند ”آزاد_ ”جوان باهوش و فطرت و روشن طبع“ شاعر هو، تاريخ گوئيءَ ۾ گهڻي غضب جو ڪمال هو، هجويه ۽ مدحيه تاريخي قطعا نهايت آسانيءَ سان چئي ويندو هو، محمد مرادياب جي تخت ڇڏڻ ۽ غلام شاه جي مسند نشينيءَ تي هيٺيون قطعو سندس چيل آهي:

”بنشست غلام شاه به مسند جاه“

”برخاست مرادياب نوميد به آه“

(5) ٿائنريو مل ”بينا“_ نصرپور جو باشندو ۽ شيوڪرام ”عطارد“ جو شعر ۾ شاگرد هو.

(6) تيغ مل ”ڀاٽيو“_ هڪ مشهور شاعر هو، هيٺيون شعر سندس قادر ڪلاميءَ جو شاهد آهي:

قربانم ازان چشم که در هر نگه از ناز

صد زنده کند مرده و صد مرده کند زنده

(7) چتر ڀوج_ ٺٽي جو مشهور شاعر هو ۽ بقول مير علي شير ”فن انشا ۾ سندس ڪوبه مثال ڪونه هو، سندس منشات مشهور هيون؛ تاريخ گوئيءَ، نظم خواه نثر ۾، بلاغت جو صاحب هو؛ تاريخ گوئيءَ ۾ سحرڪاري ڪندو هو، ٺٽي جي هڪ حاڪم جي مرڻ ۽ ان جي جاءِ تي سندس پٽ جي مسند نشينيءَ تي هيٺين تاريخ چيائين:

نقاب نيست در مصراع ’طوسي‘

که ’مرگ خر بود سگ را عروسي‘

1167هه

ٺٽي جي منصبدار لاءِ هڪ دفعي هيٺين تاريخ چيائين:

خرد يک سال از اين پيش گفته

”سگـﻶ برجائـﻶ کيبائـﻶ نشسته“

1165هه

هجويه تاريخ گوئيءَ سان گڏ، مدحيه تاريخ ۾ به کيس بيمثل درڪ هو؛ قاضي محمد امين جي انتقال تي چيائين:

’به رحمت ايزدي پيوست.،“

1160هه

(8) لاله جميعت راءِ_ ”طبيعت جو سنجيدو ۽ طرز پسنديده“ جو صاحب هو.

(9) بنواليداس ”خوشنود“_نواب سردار خان جي دؤر جو شاعر هو؛ شاعريءَ ۾ کيس دلپسند دسترس هئي.

(10) پرتاب راءِ ”خوشدل“_ دلير خان جي دؤر جو شاعر هو؛ ”پر فهم و صاحب حالت“ بزرگ هو، هي شعر سندس آهي:

جرعه صهبا سحر در عين مستي ريختم

آبروئي آفتاب از ميء پرستي ريختم

(11) درگاهي مل_ مغل دؤر جو، ٺٽي جي منشي گهراڻي مان هو، شعر و سخن طرف سندس طبيعت جو خاص ميلان هو.

(12) دوله مل_ ٺٽي جو شاعر هو.

(13) دولت رام_ ترخاني دؤر جو شاعر هو.

(14) ابي چند_ اصل لاهور جو هو، ليڪن سڄي زندگي سنڌ ۾ گذاريائين.

(15) ذوقي مل_ ”صوفي منشي“ بزرگ هو، هندستان کان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو؛ سڄي ڄمار شعر و سخن جي خدمت ڪندو رهيو.

(16) سري رام ٺٽئي_ ”طبيعت شعر و سخن ڏانهن ڪمال جي حد تائين مانوس هيس.“ هڪ مثنوي تصنيف ڪيائين؛ غزل جو هڪ شعر اٿس:

 

داغ عشقت بدل هر که نشاني دارد

روز آفات جهان مهر اماني دارد.

(17) مهته دوله رام ”شوقي“_ هالن جو شاعر ۽ انشا نويس هو؛ تاريخ گوئيءَ ۾ به کيس ڪمال حاصل هو؛ مير ڪرم علي خان پنهنجي ”مجموعه دلڪشا“ ۾ هن جي 84 شعرن جي هڪ مثنوي نقل ڪئي آهي، جيڪا هن مير صاحب جي شڪار تي لکي آهي؛ سندس غزل جو هڪ شعر آهي:

برو اي خواب از چشم که امشب يار مي آيد

بدولت خانه ام آن دولت بيدار مي آيد.

(18) شيوڪ رام ”عطارد“_ پنهنجي دؤر جو عديم المثل ۽ عظيم الشان شاعر هو. شعر ۾ سندس استاد ”محسن“ ٺٽوي هو.

ميان غلام شاه جي دربار ۾ خاص منشي هو. ”انشاء عطارد“ سندس تصنيف آهي. ديوان به يادگار ڇڏيائين. مير علي شير، کيس ”طبع برجسته ۽ طرز گزيده“ جو صاحب سڏي ٿو.

(19) ٽيڪ چند ”فرهنگ“_ ٺٽي ۾، نواب مريد خان سان 1098هه ۾ آيو. ”جوان قابل ۽ منشي بي بدل“ هو، سڄي ڄمار سنڌ ۾ گذرايائين.

(20) کافر ”مجذوب“_ 1111هه ڌاري زنده هو؛ سندس هڪ شعر آهي:

ديوار کعبه کهنه شد از دست بوس خلق

کافر بيا تو سجده حق کن بروي بت

(21) چندر ڀان ”عاجز“_ سيوهڻ جو شاعر هو. سندس شعر هي آهي:

خم شکسته و شيشه خالي، جام عشرت سرنگون،

ميء فروشي، باده نوشي طرب از ميخانه رفت.

 

تار زنار است گويا بار بر دوش هنود،

بت پرستي از برهمن کفر از بيتخانه رفت.

 

بست در بزم محبت رنگ و بويء ارتباط،

شور بلبل، لطف گل، سوداي زلف از شانه رفت.

(22) شيوڪ رام ”مخلص“_ چندر ڀان ”عاجز“ جو پٽ هو، ۽ بهترين شاعر هو.

(23) پرسرام ”مشتري“_ قوم جو ڀاٽيو، ۽ هنديءَ جو شاعر هو؛ مير علي شير ۽ محمود ”صابر“ جو شاگرد هو.

(24) منشي مينگهراج_ مصنف ”منشات مراءت الخيال“ نواب حفظ الله خان جي زماني جو شاعر هو.

(25) کيت مل مهتو ”نشاطي“_ نصرپور جو شاعر هو؛ سندس هڪ شعر آهي:

تاز گلگون ساغرت بوي گلاب آمد برون،

زاهد صد ساله از مسجد خراب آمد برون.

(26) پوپٽ راءِ ”وحشت“_ اصل لاهور جو هو؛ نواب احمد يارخان ”يڪتا“ سان گڏجي ٺٽي آيو، ۽ باقي زندگي هتي بسر ڪيائين، مير علي شير لکي ٿو:

”جيتوڻيڪ هندو هو، ليڪن تصوف ۾ سندس مرتبو بلند هو؛ اعتقاد به بلڪل صاف هيس، ۽ سيد سڳورن ۽ مشائخن سان خاص عقيدت هيس؛ شروع جي زماني ۾ مسلمانن وانگر تعزيت داري ڪندو هو.“

(27) ڀائي دلپت رام_ فارسيءَ جو پر گو شاعر هو، سندس مثنوي ”جنگ نامه“ جو هڪ نسخو، راءِ بهادر ڏيارام جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، سندس هڪ شعر آهي:

ترياق فضل ايزد در دست هرکه باشد،

”دلپت“ به امن باشد، بيمش ز دل برفت.

(28) دولت رام مهتو_ فارسي شعر و سخن ۾ گوهر يڪتا هو.

(29) منشي صاحب راءِ آزاد ملڪاڻي_ ٽالپر دؤر جو عظيم الشان شاعر هو؛ صاحب ديوان هو، ليڪن افسوس جو سندس ديوان ناياب آهي. ”محڪ خسرويءَ“ ۾ سندس 43 غزل منتخب ڪيا ويا آهن. جيڪي هن پنهنجي معاصر شاعرن، مثلاً ’عظيم‘ ٺٽوي، ’صابر‘ ٺٽوي، ’مائل‘ ٺٽوي، ولي محمد لغاري، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي تتبع ۾ چيا آهن.

(30) منشي ننديرام_ انگريزي دؤر جو فارسي دان هو؛ اگرچه شاعر نه هو، ليڪن فارسي ادب سان سندس خاص اُنس هو؛ تاريخ سان زياده دلچسپي هيس؛ تاريخ معصوميءَ کي سڀ کان پهريائين هن صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

اسان محض نموني خاطر، چند بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي، ورنه سنڌ ۾ جن هندو صاحبن فارسي علم ۽ ادب ۾ حصو ورتو، تن جو تعداد ڪو ڳاڻاٽي ۾ اچڻ جيترو نه آهي.

اِهي ته اُهي بزرگ هئا، جن کي اسان جي اکين ڪونه ڏٺو، ليڪن هن ڪالهوڻيءَ ڳالهه، جيتوڻيڪ فارسيءَ جو چلتو به ختم ٿي ويو هو، پر پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا سنڀاليندڙ صاحب ڪيترائي موجود هئا، جن کي نه فقط اسان جي ڪنن ٻڌو پر اسان جي هنن گنهگار اکين به ڏٺو؛ مثلاً ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، پرنسپل شاهاڻي، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند، دادو ڄيٺمل پرسرام(1)، ۽ ديوان صوڀراج نرملداس ”فاني“: اهي بزرگ هئا ته اگــــرچــــه ســـنـــڌيءَ جـــا بـــيـــمــــثــــل اديـــــــب، لــــــــيـــــــڪن فــــارســــــيءَ جــــــــو بــــــــه کين ايڏو ذوق ۽ شوق هو، جو جڏهن موج ۾ اچي، ’جامي‘، ’رومي‘ ۽ ’حافظ‘ پڙهندا هئا ته سندن جذبي  کي ڏسي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي  ويندي هئي. خدا کين بخشي ۽ سندن روح کي راحت پهچائي؛ اسان جي اڳيان هڪ هڪ ٿي اٿي ويا!

ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي اسان جو معاصر آهي ۽ اڃا ننڍو نوجوان آهي. سنڌ ۾ تاريخ جو پروفيسر هو_ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ”سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ“ تي حاصل ڪيائين. داڻو پاڻي قسمت جي وس آهي، انسان ڇاٿو ڪري سگهي؛ ورهاڱي جي واءَ وڇوڙي جا ورق ورائي، هتان کيس کڻي وڃي دهليءَ پهچايو آهي؛ اکين کان اڄ اگرچه دور آهي، ليڪن دلين کان دور نه آهي؛ جتي رهي شل اتي خوش هجي_ آمين.

گر به مانيم زنده، مي دوزيم،

جامه اِي کز فراق چاک شده!

ور به ميريم، عذر ما بپذير.

اي بسا آرزو که خاکه شده!

(”شاگرد“ ماهنامه،.... 1957ع)


(1)  دادي ڄيٺمل پرسرام مرحوم جي حب الوطنيءَ جي هيءَ ڪيفيت هئي، جو بمبئيءَ ۾ وفات وقت پنهنجن پوين کي وصيت ڪري ويا آهن ته سندس هاٺي يا گورو يعني سندس چکيا جي خاڪ سنڌ جي سدا حيات سنڏو درياءَ جي سپرد ڪئي وڃي:

ساريندي سائينءَ کي، آءُ جي هت مياس،

ميائي جياس، جي وڃيم مڙه ملير ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com