سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :45

 

شاه عنايت اللـﮧ رضوي: هي بزرگ نصرپور جو ۽ سنڌي زبان جو ڪامل شاعر هو. ’قانع‘ سندس شعر جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ”سندس  شعر عارفن جي زبان جو ورد ۽ يقين جي حقيقتن تان پردو کڻندڙ آهي. سندس مزار موسى آهيداڻيءَ جي قبرستان ۾ خلق جي زيارت گاه آهي“(398). هن بزرگ متعلق به اسان جو قياس آهي ته يارهين صديءَ جي آخر جو آهي. ’قانع‘،  جنهن پنهنجو ڪتاب (1188هه) ۾ لکيو، تنهن کان  گهڻو اڳ ٿي چڪو هوندو. امڪان آهي ته سندس انتقال ٻارهين صديءَ  جي بلڪل شروع ۾ ٿيو  هجي.

سيد هارون ڍوريءَ هنڱوريءَ جو مشهور بزرگ هو. ’قانع‘ لکيو آهي ته ”پوئين زماني وارن بزرگن ۾، فقيريءَ ۽ رضا ۾ گهڻن فقيرن جو سردار ٿي گذريو آهي. سندس ڪيئي کليل ڪرامتون ۽ محققانه شعر آهن. سندس قبر ڳوٺ جي ٻاهران عام مخلوق جي زيارت گاه آهي“(442).

”پوئين زماني“ جي لفظ جو اطلاق ڪم از ڪم ٻارهين صدي، جنهن ۾ ’قانع‘ پاڻ موجود آهي، ٿي نٿو سگهي. ’قانع‘ جو تذڪرو 8_9 سَو سالن جي بزرگن تي حاوي آهي، تنهنڪري اهڙي تذڪري ۾ ”پويون زمانو“ به ڪم از ڪم صدي ڏيڍ اڳ هجڻ گهرجي: بهرحال جيسين ڪن ٻين ذريعن سان هن بزرگ جي زماني جو يقين  ڪونه ٿو ٿئي تيسين هن کي به يارهين صديءَ جي آخر ۾ رکي سگهجي ٿو.

ڪامل مجذوب: هي بزرگ، بقول مير ’قانع‘، ٺٽي جو مجذوب ۽ سالڪ  هوندو هو. هميشه رڻ پٽن ۾ پيو گذاريندو هو، ۽ جڏهن ڪنهن ڳوٺ  ۾ ايندو هو، ته قدرت خدا جي سان ان ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪانه ڪا خوشي رهندي هئي. انهيءَ سبب ڪري، ڪيترا ماڻهو  کيس پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وٺي وڃڻ لاءِ طرحين طرحين جانا ڀريندا هئا، ليڪن هو جڏهن خيال پوندو هئس تڏهن پاڻهُرتو  ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي نڪرندو هو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”مسائل جو جواب جيڪڏهن مرضي پوندي هيس ته ڪنهن سنڌي بيت ۾ ڏيندو هو؛ جيڪو مطلب سان ٺهڪي ايندو هو“(627).

هي مجذوب پاڻ شاعر هو يا ٻين جا بيت پڙهندو هو، ان جي صفائي ٿيل ڪانه آهي؛ بهرحال ان مان سنڌي شعر جي عام رواج جي تصديق ٿئي ٿي. هن بزرگ لاءِ پڻ اسان جو قياس آهي ته 11 صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ٿيو هوندو.

شاهه لطيف جو دور

ٻارهين صدي، جنهن ۾ سنڌ جي شاعريءَ جو سرتاج يعني شاه عبداللطيف پيدا ٿيو، اها صدي مغلن جي زوال جي صدي هئي، جنهن ۾ عالمگير جي وفات کان پوءِ شهزادن هڪٻئي سان وڙهي، مغل سلطنت جو خانو خراب ڪري ڇڏيو، ۽ آخر سنڌ تان  سندن حڪومت جو قبضو ٽٽي،  پنهنجي سنڌين يعني ڪلهوڙن جي هٿ ۾ آيو، جن جي مادري زبان سنڌي  هئي. ليڪن اها سموري صدي به سڪون ۽ راحت، يا امن امان سان ڪانه گذري. شاه عنايت صوفيءَ جي شهادت جو واقعو، نادرشاه جي سنڌ ۾ آمد ۽ لٽ ڦر، مدد خان پٺاڻ جو سنڌ ۾ وارد ٿيڻ، ڪلهوڙن جون پاڻ  ۾ خونريزيون ۽ قنڌار جي پٺاڻ حڪمرانن جون سنڌ تي ترڪتازيون،  سڀ انهيءَ صديءَ جا امن سوز واقعا آهن. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌين کي هن صديءَ ۾ سوکڙيون اهڙيون مليون، جن سندن دک درد ۽ ڏک سور سڀ مٽائي ڇڏيا. هڪ ”شاه جو رسالو“ ٻيو ”تحفـةالڪرام“. هڪ سنڌي زبان کي حيات جاويد بخشي ڇڏي ۽ ٻئي سنڌ جي تمدن ۽ تهذيب، تاريخ ۽ تصوف، مشاهيرن ۽ بزرگن کي هميشـﮧ لاءِ زندگي ڏيئي ڇڏي.

هن صديءَ جي پهرين اڌ تائين مغل صوبه دار سنڌ تي ايندا رهيا، ليڪن جڏهن آخري طرح سموري سنڌ ڪلهوڙن جي قبضي ۾ آئي، ان وقت صوبه دارن جو اچڻ بند ٿيو. ڪلهوڙن جي اگرچه مادري زبان سنڌي هئي، ۽ سندن امير امراءَ ۽ انهن جا متعلقين سڀ سنڌي هئا، تاهم سرڪاري لکپڙهه جي زبان اڃا به فارسي هلندي آئي. هن صديءَ ۾ ٽن ملڪن مان فارسي دان اچي سنڌ ۾ پهتا. صديءَ جي پهرينءَ چوٿائيءَ ۾ مغل صوبه دارن جي توسط سان هندستان مان، وچ صديءَ ۾ نادر شاهه جي ڪري ايران مان ۽ صديءَ جي پوئين اڌ اندر احمد شاه ابدالي وغيره پٺاڻ حڪمرانن جي توسل سبب قنڌار کان. خود سنڌين ۾ به فارسي مقبول هئي. مدرسن جي سموري تعليم فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ ٿيندي هئي. عطا، محسن، قانع، رجا، مداح، تسليم، سرخوش، مشوقي، عزلت، عطارد، مشتاقي، مير جان الله رضوي، جهڙا فارسي گو شاعر خود سنڌ جي سرزمين مان پيدا ٿيا. عبدالرﺆف منشي ۽ نورالحق سيوستاني جهڙا فارسي نثر جا مشاق انشا پرداز، سنڌي نرﱞاد هئا. ڪلهوڙن حڪمرانن جو پنهنجو ذوق به فارسيءَ سان هو. نور محمد جي وصيت فارسيءَ ۾ آهي. طب دائودي ۽ صيدنامو به شاهي خاندان جي افرادن جو لکيل آهي. محمد علي عالي، ۽ سرفراز خان وغيره پڻ فارسيءَ جا صاحب ديوان شاعر هئا.

ليڪن اهي سڀ سهولتون اگرچه فارسيءَ لاءِ مهيا هيون، اها سموري سرپرستي جيتوڻيڪ ڌاري زبان جي لاءِ وقف هئي، ان هوندي به سنڌي هن صديءَ اندر خوب ڦَلي ۽ ڦهلي.

”تحفـﺔ الڪرام“ اندر اگرچه هن دور جي سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪونه آيو آهي، ايستائين جو خود شاه عبداللطيف جي بيان ۾ به سندس سنڌي شعر ڏانهن اشارو ڪونه ٿيل آهي، ليڪن سنڌ جي ادبي تاريخ جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته شاه جا همعصر ڪيترائي سنڌيءَ جا شاعر هئا، جن جو ذڪر هن مضمون جي حدن کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ کي هتي ”تحفـﺔ الڪرام“ جي اطلاعن تائين محدود رکيو آهي.

شاه عبداللطيف عليه رحمـﺔ ڏوهيڙا، سنڌ جي قديم شاعرن جا ٻڌي، پوءِ چيا، اهڙيءَ طرح ڪافيون پڻ صدين کان سنڌ جي ادب ۾ مروج هيون، ۽ شاه انهن کي ’وائيءَ‘ جو نالو ڏيئي تصنيف ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جي عشقيه قصن جي سلسلي ۾ مشهور آهي ته انهن کي شاه لطيف ڏوهيڙن ۾ آڻي، مختلف حقيقي ۽ روحاني رمزون ۽ مطلب ڪڍيا، ليڪن هن مضمون ۾ اسان ڏسي آيا آهيون ته انهن قصن کي سنڌي نظم ۾ آڻڻ جو رواج پڻ شاه کان ڪيئي صديون اڳ هو. خود شاه جا وڏا معاصر شاه جي دور ۾ اهي قصا پنهنجي ڏوهيڙن ۾ قلمبند ڪري چڪا هئا. ليڪن باوجود انهن سڀني ڳالهين جي، شاه جو مقام سنڌي ادب ۾ ايترو اوچو آهي، جو نه کانئس اڳ ڪو انهيءَ مقام تي پهتو ۽ نه وري پوءِ ڪو پهتو ۽ پهچندو.

”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف فارسي شاعريءَ جو عاشق هو، سنڌيءَ شاعريءَ جو هو قائل ڪونه ٿو ڏسجي_ انهيءَ حد تائين، جو هن شاه جي شاعريءَ کي به ڪا اهميت ڪانه ڏني آهي ۽ نه ان جو ذڪر ڪيو اٿائين. اسان کي يقين آهي ته هن دور اندر ڪيئي سنڌيءَ جا شاعر ٿيا هوندا، جن جو تذڪرو ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ موجود به هوندو، ليڪن انهن جي احوال ۾ سنڌي شاعريءَ جو چونڪه ذڪر ڪونه آهي تنهنڪري اسان کي خبر پئجي نٿي سگهي.

يوسف سهتو: هن بزرگ جو احوال ٺٽي جي مشائخن ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ لکي ٿو ته ”پنهنجي وقت ۾ حال ۽ قال جو صاحب هو، ۽ سنڌي زبان جو مشهور شاعر هو. سنڌي شاعرن جو ميلو سندس خانقاه تي لڳندو آهي“(581).

’قانع‘ سندس زماني جو تعين ڪونه ڪيو آهي، ليڪن قرينو اهو آهي ته هي بزرگ شاه کان اڳ جو يا ڪم از ڪم شاه جو وڏو معاصر هو. ليڪن ٻي اهم ڳالهه، جا مير ’قانع‘ جي مٿينءَ عبارت مان ظاهر ٿئي ٿي، سا هيءَ آهي ته شاه جي دور خواه قانع جي زماني ۾ يوسف سهتي جي مزار تي سنڌ جا سنڌي شاعر هر سال ميلو لائيندا هئا. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته:

(1) شاه ۽ قانع جي دور (1165۽1188هه) تائين اهو ميلو لڳندو هو.

(2) ٺٽي خواه سنڌ ۾ ايترا گهڻا سنڌيءَ جا شاعر هئا، جو جڏهن سال ۾ هڪ دفعو اچي يوسف سهتي جي مزار تي گڏ ٿيندا هئا، ته ميلي جيترا ٿي پوندا هئا_ اگرچه غير شاعر به ميلي ۾ موجود هوندا هئا.

(3) انهيءَ ميلي ۾ جڏهن شاعر اچي گڏ ٿيندا هوندا، تڏهن ظاهر آهي ته پنهنجا شعر به پڙهندا هوندا ۽ هڪٻئي جا شعر به ٻڌندا هوندا، گويا شاه عبداللطيف جي زماني ۾ اهو هڪ قسم جو سنڌي مشاعرو ٿيندو هو.

مخدوم محمد هاشم: سنڌ جو هي لافاني عالم 10_ربيع الاول 1104هه ۾ ڄائو. ”تحفـﺔالڪرام“ ۾ سندس ذڪر آيو آهي. ميان ابوالحسن کان پوءِ هي پهريون بزرگ آهي، جنهن ان جي تتبع ۾ سنڌي زبان ۾ تصنيفون ڪيون ۽ مذهبي معاملات متعلق ڪيئي ڪتاب سنڌي نظم اندر لکيا جيڪي اڄ تائين مشهور ۽ معروف آهن.

مخدوم صاحب شاه عبداللطيف جو معاصر هو ۽ شاه (المتوفي 1165هه) کان چند سال پوءِ يعني 6_رجب 1174هه جي فوت ٿيو.

شاه عبداللطيف جو ساڻس ڪوبه رستو ڪونه هو. البته سندس علمي رقيب مخدوم محمد معين سان شاه جي ياراني هئي ۽ شاهه بار بار ٺٽي ۾ ان کي ڏسڻ ايندو هو.

بهرحال ميان ابوالحسن کان پوءِ سنڌي ادب جو هي ٻيو شاعر آهي، جنهن نظم ۽ مثنوي تصنيف ڪئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب جوڙيا.

(منيلا، 22_ آڪٽوبر 1959)

[روزنه ”مهراڻ“_ سالگره نمبر، 1959]

 

 

 

اردو ٻوليءَ جو مولد_ سنڌ

اردوءَ کي صورتخطيءَ ۾ آڻڻ جو سڀ کان پهريون فخر ”دکن“ کي آهي، ليڪن اردو زبان اُتي جي پيدا ٿيل نه هئي، بلڪ دهليءَ کان دولت آباد ۾ پهتي ۽ اتان وري گلبرگ، بيدر، بيجاپور وغيره شهرن ۾ پکڙي.

ٻولين جو عام اُصول اهو آهي ته سڀڪا زبان ابتدا ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ سندس صورتخطي ڪجهه عرصي کان پوءِ وجود ۾ ايندي آهي. هاڻي سوال آهي ته اردو زبان سڀ کان اڳ ڪٿي پيدا ٿي ۽ ڪڏهن کان وٺي ڳالهائڻ ۾ آئي؟

ياد رهي ته اردو ٻولي هندن ۽ مسلمانن جي اها ڳڏيل زبان آهي، جا مسلمانن جي هندستان ۾ اچڻ بعد سرڪاري ۽ تمدني لاڳاپن سبب اهڙيءَ ريت وجود ۾ آئي، جو اسلامي ٻولين جا هزارين لفظ هندستان جي مختلف ٻولين ۾ گڏجي ويا ۽ هندو توڻي مسلم هندستان جي انهيءَ ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ لڳا. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اردو ٻوليءَ کي موجوده معياري درجي تي پهچڻ ۾ هڪ وڏو عرصو لڳو ۽ مختلف منزلن مان لنگهڻو پيو آهي، ليڪن اردو جي وجود ۾ اچڻ جو سبب، جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي، سو سڀني هنڌن تسليم شده آهي. ۽ اها حقيقت به اظهرمن الشمس آهي ته مسلمان سڀ کان اڳي سنڌ ۾ آيا هئا_ هت سندن عربي ۽، ان کان پوءِ، فارسي ٻولين جو هندي ٻولين سان گڏجڻ شروع ٿيو هو. تنهنڪري هيءُ هڪ واضع امر آهي ته اردوءَ جي اصلي جاءِ پيدائش سنڌ آهي.

اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ اردو جي ابتدا مغل درٻار ڏانهن منسوب ڪئي ويئي هئي. جڏهن مغلن کان پهرئين دؤر جا ڪي ڪتاب مليا، تڏهن ڪن صاحبن چيو ته هيءَ زبان بهمني، عادل شاهي ۽ قطب شاهي درٻارين جي ٺاهيل آهي. ٻه ٽي آواز گجرات جي باري ۾ به بلند ٿيا. تنهن کان پوءِ مشهور فاضل، حافظ محمود شيراني مرحوم، ”پنجاب ۾ اردو” ڪتاب لکي، هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ٻولي جهلم ۽ چناب جي وادين ۾  پيدا ٿي ۽ ستلج ۽ راويءَ جي هنج ۾ پلي آهي. شيراني مرحوم جي نظريي جو بنياد ٻولين جي کوجنا جي ڀيٽ واري اصول تي رکيو ويو هو. سڀڪنهن جي کوجنا جو اهوئي ذريعو هئڻ گهرجي، ليڪن خود شيراني مرحوم  هڪ وچ واريءَ منزل ۾ پنهنجي اصلي رستي کان هٽي ويو آهي: جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته مسلمانن جي هندستانين سان مستقل رهڻي ڪهڻي سنڌ ۾ قائم ٿي ۽ هتي جي باهمي تعلقات سبب ٻنهي ٻولين ۾ گڏجڻ جو آغاز ٿيو.

سنڌ جي اسلامي فتح ۽ ان کان پوءِ جي تاريخ کان جيڪي صاحب واقف آهن، تن کي علامه سيد سليمان ندويءَ جي هن قول کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪوبه تامل نه هوندو ته هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل ٻوليءَ جو پهريون پينگهو سنڌ آهي. مولانا موصوف 1933ع ۾ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ۾ ”هندستان ۾ هندستاني“ جي عنوان سان هڪ مقالو پڙهيو هو، جو سندس تقريرن جي مجموعي ”نقوش سليماني“ ۾ 19 صفحي کان 77 صفحي تائين شايع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ۾ بلڪل صاف طرح تسليم ڪيو ويو آهي ته ” جنهن کي اڄ اسان اردو چوندا آهيون، انهيءَ جو بوتو واديءَ سنڌ ۾ تيار ٿيو هو“  (صفحو 31). لسانيت ۽ تاريخ جي تفصيلي بحث کي ڇڏي، اسين مختصر طور ڏيکارڻ گهرون ٿا ته ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ (يعني اٺين ۽ نائين صدي عيسوي) ۾ خلافت اسلاميه سان سنڌ کي نهايت ويجهڙائيءَ جا پختا سياسي، علمي، تجارتي ۽ تمدني لاڳاپا رهيا. ملتان ۽ منصوره (جو شهداد پور، ضلعي نواب شاه جي ويجهو، آباد هو ۽ آزاد عرب رياست جو هڪ بارونق صدر مقام هو) ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ تائين عربي ۽ سنڌي زبان عام طور ڳالهائي ويندي هئي، جنهن جي شهادت اصطخري، ابن حوقل ۽ مسعودي وغيره همعصر مصنفن ڏني آهي. اصطخري جي قول مطابق مڪران جي شهرن ۾ فارسي ۽ مڪرانيءَ جو رواج هو (”مسالڪ الممالڪ“ صفحي 17 کان 178 تائين). چوٿين صدي هجريءَ ۾ اها نئين فارسي، جا عربيءَ جي ٿڃ تي پلجي وڌي وڏي ٿي، سا ايران کان ترڪمانستان، خراسان ۽ غزنيءَ ۾ نپجي رهي هئي. انهيءَ عربي آميز فارسيءَ اڳتي هلي اردوءَ جي دائيءَ طور خدمت ڪئي هئي. جڏهن عربن جي حڪومت ۾ زوال آيو، تڏهن سنڌ تي پهريائين غزنوي بادشاهن ۽ ان کان پوءِ غورين جو قبضو ٿيو. سلطان شهاب الدين جي امير ”قباچه“ به سنڌ ۾ آزاد حڪومت قائم ڪئي، مگر سندس حياتيءَ ۾ فوري ترڪن جي هڪ وسيع سلطنت دهليءَ ۾ ٺهي ۽ سنڌ تي به ان جو قبضو ٿي ويو، ليڪن اڳتي هلي، تيموري مغلن جي اچڻ تائين، جڏهن به دهليءَ جي مرڪزي سرڪار ڪمزور ٿيندي هئي، تڏهن به سنڌ جا امراءُ ۽ نواب به خودمختار ٿي ويندا هئا.

ابتدائ.ي دور ۾ عراق ۽ عرب مان هزارن جي تعداد ۾ عرب خاندان لڏي  اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ ديبل کان ملتان تائين هڪ وڏي تعداد ۾ انهن جون فوجي ڇانوڻيون ۽ آباديون پکڙنديون  ويون. وري انهن علائقن مان، جيڪي هينئر افغانستان، بلوچستان ۽ سيستان ۾ داخل آهن، تن مان هڪ وڏي تعداد ۾ سپاهين، جابلو باشندن، شهري ۽ ڳوٺاڻن ٽولن جي اچڻ جو هڪ وڏو سلسلو شروع ٿي ويو. ان کان به وڌيڪ  وڏي پيماني تي هڪ ٻي لڏپلاڻ هئي جيڪا تاتارين جي حملي سبب شروع ٿي هئي. هزارين نه بلڪ لکين مسلمانن کي، پنهنجو  وطن ڇڏي، سنڌ ۽ ان کان اڳتي هندستاني علائقن ۾ پناه وٺڻي پيئي. انهن ايندڙن جي ٻولي عام طرح فارسي يا ترڪي هئي، ۽ انهن جي عملي زبان فارسي ٿي ويئي هئي. مسلمانن جي آمد ۽ ڪيترين صدين تائين سنڌ ۾ سندن بود و باش هتي جي تهذيب و تمدن جو رنگ بلڪل بدلائي ڇڏيو هو، ۽ هن ڳالهه ۾ شڪ ۽ شهود نه آهي ته هتي جي مقامي ٻولين ۾ هزارن جي تعداد ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ گڏبا ٿي ويا. اهڙيءَ طرح هيءُ به هڪ يقيني امر آهي ته خود نووارد مسلمامن به هتي جا باشندا ٿي ويا ۽ پنهنجن گهرن ۾ هتان جون ٻوليون  ڳالهائڻ لڳا. دراصل شمالي هند جي انهيءَ مخلوط ٻوليءَ جو نالو ”اردو“ آهي، جنهن کي هڪ وڏي عرصي کان پوءِ سرڪاري ۽ نثر جي زبان جو مرتبو دهلي ۽ لکنو ۾ نه، بلڪ فورٽ وليم ڪلڪتي ۾ انگريزن ڏنو هو.

هندستاني ٻولين جي هڪ ماهر مسٽر گوري شنڪر اوجها  کوجنا ڪري ٻڌايو آهي ته مسلمانن جي آمد وقت گجرات، مارواڙ وغيره ۾، اتر ۽ اوڀر پڻ وچ هندستان ۾، هڪ مخلوط پراڪرت ڳالهائي ويندي هئي جنهن جو ”قديم هندي“ جي ٺاهڻ  ۾ ان جي بگڙيل صورت جو وڏو حصو آهي (”نقوش سليماني“ صفحو 24_ ”بحواله وچئين زماني ۾ هندستاني تهذيب“). انهن پراڻين سنڌي ۽ مغربي  هندستان جي ٻولين، اسلامي ٻولين جو سڀ کان پهريون اثر قبوليو. هن ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي ته سنڌ ۽ ملتان ۾ ئي اردو زبان جو ٻج پيو، جيڪو وڌي طاقتور وڻ ٿيو.

تاريخي طور ابتدائي اردو ڳالهائڻ جي ٻولي بنجڻ جو سڀ کان قديم ۽ پهريون ثبوت شيخ فريدالدين شڪر گنج رحه جي اها مختصر گفتگو آهي، جا سندس قريبي زماني جي تذڪره نويس ”سير الاولياء“ ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ذريعي اسان تائين پهتي آهي. خواجه فريد شڪر گنج رحه جي ولادت 569هه (73_1174) ۾ ٿي هئي، جڏهن مسلمانن جو قبضو سنڌ ۾ پنجاب کان اڳتي نه وڌيو هو. خواجه صاحب ملتان جي هڪ ڳوٺ ”کوت  وال“ ۾ ڄائو هو ۽ ملتان ۾ ئي تعليم و تربيت پرايائين. سنڌ جي شهر اُچ جي ”جامع مسجد جاج“ ۾ سندس قيام ۽ سخت رياضت ۽ مجاهدات جو ذڪر مشهور آهي (”اخبار الاخبار“ صفحو 53 وغيره). خود ملتان شهر، جيئن اهل علم کي معلوم آهي ته، سنڌ جي  وڏن شهرن ۾ شامل هو. ملتان کي گهڻي عرصي کان پوءِ پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. حضرت خواجه فريد شڪر گنج رحه جي حياتيءَ جا آخرين ڏينهن به ملتان جي پسگردائيءَ ۾ گذريا هئا ۽ آخرڪار 664هه (اٽڪل 1265ع) ۾ انتقال ڪيائين. سندس هڪ بزرگ  خليفي شيخ جمال الدين جو هانبي ۾ انتقال ٿيو. انهيءَ بزرگ جي گهر واري، جا ”مادر_مومنان“ جي معزز لقب  سان مشهور هئي، تنهن پنهنجي پٽ کي حضرت خواجه شڪر گنج (رحه) جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. حضرت خواجه شڪر گنج (رحه) انهيءَ صاحبزاده (شيخ برهان الدين) جي ننڍيءَ ڄمار جي باوجود کيس خلافت عطا ڪئي. ”مادر_مومنان“ عرض ڪيو ته: ”حضرت خوجا بالا هـﻶ“. تنهن تي حضرت شڪر گنج وراڻيو ته ”مادر مومنان، پونم کا چاند بهي بالا هوتا هـﻶ“.

”جمعات شاهي“، ”تذڪرة الاصفيا“، ”جواهر فريدي“ ۽ انهن کان بعد جي تذڪرن ۾ ٻيا به ڪي لفظ ۽ جملا خواجه صاحب جي زباني اهڙيءَ هنديءَ ۾ منقول آهن، جيڪي بڻجي سڻجي اردو ٿي ويا. جناب مولوي عبدالحق صاحب مدظله حضرت فريدالدين شڪر گنج جا ڪي نظم ۽ هڪ ” لولي“ به سندن تصنيف مان هٿ ڪئي آهي ۽ پنهنجي تصنيف ” اردو کي نشو و نما مين صوفيون کان حصه“ ۾ سندس ڪيترا شعر درج ڪيا آهن. ليڪن نظم بابت اسان جي خيال ۾ هيءَ مختصر گفتگو، جنهن جي درست هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي، اردو جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي ۽ انهيءَ دعوى جي تصديق ڪري ٿي ته ڇهين صدي هجري ۾ جڏهن ”دکن“ ته ٺهيو، خود گنگا ۽ جمنا جو ميدان اڃا مسلمانن جو وطن نه ٿيو هو، سنڌ جي مختلف ڀاڱن جي اوچي طبقي جي ماڻهن ۾ اردو ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي.

مرحوم فاضل شيراني لکي ٿو ته ” اردو پنهنجي صرف ۽ نحو ۾ ملتاني ٻوليءَ سان گهڻي قدر ويجهي آهي. ٻنهي ٻولين ۾ اسمن ۽ فعلن جي پڇاڙيءَ ۾ الف ايندو آهي. ٻنهي ٻولين ۾ جمع جو طريقو هڪجهڙو آهي، ايتري قدر جو ٻنهي ٻولين جي جمع جي جملن ۾ هڪجهڙو قاعدو جاري آهي. ٻنهي زبانن جي مذڪر ۽ مـﺆنث جا قاعدا ۽ مرڪب افعال ۽ توابع هڪجهڙا آهن. (”پنجاب مين اردو“، مقدمه).

وري مرحوم پنهنجي کوجنا ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته انهي زبان جو سرچشمو پنجاب آهي ۽ ڏهين صدي هجري (يعني مغلن جي عهد) ۾ اردو دهليءَ ۽ دوآبي جي زبان بنجي وئي. انهيءَ فاضل جي چوڻ مطابق اها ٻولي اڳتي هلي اردو بڻي. ليڪن اٺين صديءَ ۾ چنگيزي مغلن جي ڦرلٽ پنجاب کي تـﮧ و بالا ڪري ڇڏيو هو ۽ لاهور جو شهر بلڪل تباهه و برباد ٿي ويو هو. اڪبر بادشاه جي زماني تائين هي شهر سڌري نه سگهيو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم شيراني سڌي سنئين دڳ تي هلندي هلندي هڪ طرف مڙي ويو آهي. حالانڪ، زماني جون منزلون طيءِ ڪندي، اسين اڳتي وڌنداسون ته انهيءَ نتيجي تي ئي پهچنداسون، جو هن مضمون جو عنوان آهي.

لسانيت جي تفصيل ۾ وڃڻ جو وقت نه آهي ليڪن ان جي کوجنا جو ٻيو باب هن ريت شروع ٿو ٿئي ته: اسين اردوءَ جي ابتدائي نشو و نما جو زمانو ستين ۽ اٺين صدي هجريءَ کي قرار ڏيون، جڏهن هندستان تي ترڪن جي حڪومت ۽ فارسي زبان جو سرڪار، درٻار، تعليم گاهن ۽ خانگاهن ۾ پورو دخل هو. اُتر هند جي زبانن ۾ فارسيءَ جي آميزش سان اردو ٻوليءَ جو وجود ۾ اچڻ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن کان محدود تحقيق ڪرڻ  وارو به انڪار نه ڪندو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهر اسلامي علوم و فنون ۽ صنعت و تجارت جا مرڪز هئا ۽ مغرب کان دهليءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي جيڪڏهن هڪ نگاه وجهنداسون ته اسان کي هيٺيان شهر نظر ايندا: ملتان کان علاوه ’بکر‘ ۽ ’اچ‘ وڌيڪ مشهور آهن.

”اخبار الاخبار“ لکيو آهي ته سيد جلال سرخ، جو مخدوم جهانيان جهان گشت جو ڏاڏو هو، سو بخارا کان اڳ بکر آيو ۽ پوءِ اُچ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هي ستين صدي هجريءَ جا بزرگ هئا. حضرت جهانيان جهان گشت رحه جي وفات 707 هجريءَ لکيل آهي. انهيءَ بزرگ گهراڻي سان سلطان فيروز تغلق کي گهري عقيدت هوندي هئي ۽ حضرت جهان گشت  ڪيترا دفعا انهيءَ بادشاه جي درخواست تي دهليءَ ويو هو. ليڪن اسان لاءِ اهو اهم اطلاع ”جمعات شاهي“ (ملفوصات حضرت شاه عالم رحه) ۾ محفوظ آهي ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ سيد راجو قتال رحه جي حق ۾ هي جملا فرمايا هئا ته ”اسان خوجــﻶ تسان راجـﻶ“.  خود قتال فيروز شاهه تغلق سان اردوءَ ۾ ڳالهايو هو ۽ سندس طبيعت پڇي هئائين ته ”کاکا فيروز چنگائـﻶ“.

انهيءَ بزرگ پنهنجي ڀاءُ جي پوٽي سيد برهان الدين کي تعليم و تربيت ڏني هئي، جو اڳتي هلي ”قطب عالم“ جي لقب سان مشهور ٿيو. قطب عالم رحه جي ولادت اُچ ۾ 790هه ۾ ٿي. پوءَ هو گجرات ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي انتقال ڪيائين. سندس ڪشف ۽ ڪرامت ۽ گجرات جي حڪمرانن جي ڏانهس عقيدتمنديءَ جا واقعا تاريخ ۾ گهڻائي بيان ٿيل آهن ۽ هنديءَ جا يا انهيءَ اردو جا، جيڪا سنڌ مان آندي هئائين، سندس ڪيترا جملا، گيت ۽ ڏوهيڙا گهڻي قدر مشهور آهن، جن جي بيان ڪرڻ جي هت ڪا ضرورت نه آهي. ليڪن هن مختصر مقالي ختم ڪرڻ کان اڳ اٺين صديءَ جي هڪ واقعي کي بيان ڪرڻ گهرون ٿا، جو اسان جي نزديڪ انهيءَ ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ به سنڌ ۾ اردو عام هئي. اهو واقعو هن ريت آهي ته: 751هه ۾ سلطان محمد تغلق سومرن جي گاديءَ جي هنڌ ٺٽي تي فوج ڪشي ڪئي، ليڪن انهيءَ زماني ۾ هو بيمار ٿي مري ويو. ڏهن ورهين بعد وري فيروز تغلق انهيءَ شهر تي چڙهائي ڪئي، مگر رسد نه ملڻ سبب کيس ناڪام ٿي موٽڻو پيو. ”تاريخ فيروز شاهي“ ۾ شمس سراج عفيف صفحي 331 تي لکي آهي ته انهيءَ وقت ٺٽي جا باشندا گهڻو خوش هئا ۽ انهن هڪ تڪ بندي ڪئي هئي ”برکت شيخ پڻها_ ايک موا ايک هڻا“. پڇاڙيءَ واري لفظ ۾ ڪجهه شڪ آهي ۽ ممڪن آهي ته ڪلڪتي جي ڇاپي انهيءَ کي ”تها“ لکيو آهي. پروفيسر هوڙي والا انهيءَ کي ”بهڪا“ پڙهيو آهي. آءُ انهيءَ کي ”هڻا“ يا ”نهڻا“ خيال ڪريان ٿو. شيخ حسين عرف پير پٺو سنڌ جي مشهور ولين مان آهي. ”تحفـﺔ الڪرام“ واري سندس ولادت 560هه ۽ وفات 606هه لکي آهي. هيءُ بزرگ ٺٽي جي نزديڪ سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهي. شهر کان ٿورڙي مفاصلي تي سندس مزار عام و خاص جي زيارت گاه آهي. مطلب ته مٿيون بيان ڪيل پهاڪو، جو معتبر ۽ مستند تاريخن مان نقل ڪيو ويو  آهي، سو نه فقط پراڻيءَ اردو جو نمونو پيش ڪري ٿو، بلڪ ان مان چٽيءَ طرح اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ ڏکڻ اولهه ۾ سنڌ جي عام زبان ڪهڙي هئي.

سنڌ جا اردو شاعر

اردو زبان جي پيدائش ۾ سنڌ جو جيڪو مقدم ۽ معظم حصو آهي، تنهن جو  هڪ اجمالي احوال اڳ پيش ڪيو ويو آهي. هينئر اسان انهن دؤرن تي هڪ نگاه وجهون ٿا، جڏهن اردو شعر ۽ شاعريءَ جي  زبان بڻجي رهي هئي. جيتوڻيڪ حضرت امير خسرو وغيره جا ڪي متفرق اشعار منقول آهن، جي ابتدائي زبان ۾ عربي بحرن ۾ چيا ويا هئا ۽ خود حضرت فريدالدين شڪر گنج رحه جو  ڪلام به ملي  ويو آهي جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون، تاهم جيتري قدر اڃا تحقيق جي رسائي ٿي آهي اوتري قدر قديم اردو ۾ باقاعده  شاعريءَ جو آغاز قطب  شاهي درٻار ۾ ٿيو. قلي  قطب  شاه (988هه تا 1020هه)  پهريون شاعر هو، جنهن جو ڪلام مختلف صفحن ۾ دکني اردو ۾ اسان تائين پهتو آهي_ توهان کي شايد هي ٻڌي تعجب ۽ حيرت ٿيندي ته انهيءَ زماني ۾ اسان کي سنڌ ۾ هڪ مقبول عام  اردو شاعر جو پتو ملي ٿو. انهيءَ  شاعر جو نالو مير محمد  فاضل بکري هو، جيڪو  صاحب ”تايخ معصومي“ جي مصنف مير معصوم بکريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ هنديءَ ۾ فصيح ۽ بليغ شعر چوندو هو، جيڪو گهڻي قدر  مقبول عام هو، ليڪن افسوس جو سندس ڪلام ڪٿي به ڪونه مليو. ”ذخيرة الخوانين“  ۾ لکيل آهي:

”شعر بزبان هندي از قسم کافي بکمال فصاحت ميگفت و قبوليت داشته“ (”ذخيرة الخوانين“ قلمي_ مصنف شيخ فريد بکري).

دکني شاعرن کان  سواءِ شمالي هند جي ٻين شاعرن جو يارهين صدي هجري (سترهين صدي  عيسوي) تائين ڪو ديوان يا ڪلام جو مجموعو اردوءَ ۾ نٿو ملي. البته انهيءَ صدي جي پڇاڙيءَ ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ”ولي“ گجراتيءَ جي ڪلام جو غلغلو بلند ٿيو ۽ دهلي ۾ ”ابرو“، ”مضمون“ ۽ ”حاتم“ وغيره جو دؤر آيو، جنهن کي موجوده اردو زبان جي شاعريءَ جو پهريون دور قرار ڏنو ويو آهي. هينئر اسان توهان  کي ٻڌايون ٿا ته جڏهن اردو پنهنجي ترقيءَ جي روشن تاريخي منزلن ۾ داخل ٿي ۽ شاعريءَ جي  ذريعي ”ريخنه“ يا ”اردو“ جي  نالي هڪ جدا زبان بڻي، تڏهن به سنڌ جا (اردو) شاعر هندستان جي سخنورن سان نه  فقط همعصريءَ جي  دعوى ڪندا  هئا، بلڪ هم چشميءَ جا به دعويدار هئا ۽ اردو ادب جي خدمت برابر انجام ڏيندا ٿي آيا. اها ڳالهه هن دعوى جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌ جي اردو شاعرن کي سندن ٺاهيل ۽ نپايل  زبان سان دلچسپي ۽ دلي لڳاءُ هو.

جهڙيءَ طرح اردو شاعريءَ جا  دؤر متعين ڪيا ويا  آهن، تهڙيءَ طرح آءُ به سنڌ جي (اردو) شاعرن کي ٽن دؤرن ۾ ورهايان ٿو:

پــــــهـــــريـــــــون دور: 1700ع/1112هه کان وٺي 1747ع/1160 تائين. ٻيو دور: 1747ع/1160هه کان وٺي 1843ع/1259هه تائين. ٽيون دور: 1843ع/1259هه کان وٺي 1900ع/1318هه تائين. اهي دور زبان جي تدريجي ترقيءَ تي مبني نه آهن بلڪ ملڪي حڪومت جي اعتبار سان انهن کي تقسيم ڪيو ويو آهي.

پهريون دور: 1700ع/1112هه کان 1747ع/1160هه تائين.

توهان کي معلوم آهي ته هندستان ۾ اردو شاعريءَ جو اهو ابتدائي دور سمجهيو ويندو آهي. اردو جو پهريون صاحب ديوان شاعر ”ولي“ گجراتي انهيءَ دور ۾ شهرت حاصل ڪري ٿو. دهليءَ جا اهي مشهور شاعر، جي فارسي شاعريءَ سان گڏو گڏ ”ولي“ گجراتيءَ جي طرز تي اردو ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو، سي هيٺيان هئا:

”ابـــــرو“ 1747ع مــــطــــابــــــق 1119هه، ”مضمـــــون“ 1745ع،

”ناجي“ 1754ع مظهر جان جانان 1781ع، ۽ ”حاتم“ 1781ع. اهو دور مغليه حڪومت جي انحطاط ۽ تنزل جو هو، تنهن هوندي به سنڌ لاءِ دهليءَ کان گورنر مقرر ٿيندو هو. تاهم پڇاڙيءَ ۾ هڪ خاص سنڌي نسل خاندان حڪومت تي قابض ٿيو ۽ اهو خاندان ڪلهوڙه خاندان هو، جنهن جا ٻه حڪمران انهيءَ دور ۾ ٿيا:

(1) يار محمد خان 1700ع/1112هه کان وٺي 1718ع/1131هه تائين ۽ (2) نور محمد خان 1718ع/1131هه کان وٺي 1747ع/1160هه تائين.

انهيءَ خاندان جي پنهنجي زبان سرائڪي هئي، جنهن جي طرز گفتگو ۽ الفاظ اردوءَ سان ملن ٿا. درٻاري زبان فارسي هئي ۽ هتي سوين فارسيءَ جا شاعر موجود هئا. انهيءَ دور ۾ ڪيترا بلند پايه ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيا ويا.

خدا آباد، بکر، بوبڪ، روهڙي، سيوهڻ ۽ ٺٽو انهيءَ وقت اسلامي علمن جا مرڪز سمجهيا ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ نادر شاه هندستان ويندي هتي آيو ۽ ايران موٽندي به سنڌ مان ويو.

ايران جا وڏا وڏا شاعر جهڙوڪ مرزا غالب، شيخ علي حزين ۽ والـﮧ داغستاني وغيره انهيءَ زماني ۾ هتي آيا ۽ مهينن جا مهينا سنڌ جي علمي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا.

هندستان مان به انهيءَ زماني ۾ بلگرامي سادات وقائع نويسيءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيا هئا. مير عبدالجليل بلگرامي، سيد محمد اشرف، سيد ڪرم اللـﮧ، سيد محمد نوح، سيد محمد بلگرامي ۽ سيد غلام علي آزاد_ اهي بزرگ پنهنجي زماني جا وڏا عالم ۽ فارسي شاعريءَ ۾ يگانهء روزگار هئا. مير عبدالجليل ۽ غلام علي آزاد جا اردو اشعار به ملن ٿا. سنڌ ۾ انهن جو زمانو 1704ع/1116هه کان وٺي 1723ع/1145هه تائين آهي.  مغل گورنرن جي سبب هندستان کان سنڌ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آيا، جي اردوءَ ۾ شعر چوندا هئا. جيئن ته سيد محمود صابري رضوي استر آبادي، جو دهليءَ ۾ ڄائو هو، سو 1140هه مطابق 1727ع ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ مستقل طور تي اچي رهيو. ”مقالات العشرا“ واري لکيو آهي ته: ”بزبان هندي و فارسي ديوانها متعدد در مرثيه و بعضي در غزليات و مناقب درست کرده“

محمد سعيد راهب، گواليار جو هو، نواب سيف الله خان جي زماني (1724_1137هه 1730ع_1143هه) ۾ ٺٽي ۾ آيو. هيءُ صاحب به مير علي شير ’قانع‘ جي قول مطابق: ”شعر هندي بسيار ميگفت و خوب مي گفت.“

مير جعفر علي ”بي نوا“ هندستان مان مهابت خان ڪاظم جي زماني (1719ع/1132هه 1722ع/1135هه) ۾ ٺٽي ۾ آيو. غلباً اِهو اُهو ”بي نوا“ آهي، جنهن جا ٻه شعر اردو جي تذڪرن ۾ ملن ٿا، جن مان هڪ جو مقطع هي آهي:_

      بي نوا هون زکوات حسن کي دﻵ، او ميان مال دار کي صورت

سيد  فضائل علي خان ”بي قيد“: پهريائين عمدت الملڪ نواب امير خان جي نائبيءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو هو، ليڪن ٻيهر پاڻ صوبيدار ٿي پهتو ۽ هتي ئي رهي پيو_ اردو جو سٺو شاعر هو_ سندس مثنويءَ جا اشعار مير حسن ۽ علي ابراهيم خان پنهنجي تذڪرن ۾ نقل ڪيا آهن.

محسن الدين شيرازي: سورت مان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ مير علي شير ’’قانع‘ مصنف مقالات الشعرا سان سندس ملاقات ٿي، جنهن بابت هو لکي ٿو ته:

”اگرچه ولايت زا بود اما هندي فصيح ياد داشت“.

عمادالملڪ نواب غازي الدين خان فيروز جنگ: هيءُ اهو بزرگ هو، جو سترهن  سالن جي ڄمار ۾ وزارت عظمى جي عهدي تي پهتو. دهليءَ جو عريبڪ ڪاليج سندس نالي تي يادگار آهي. هي صاحب 1780ع/1195هه ۾، ”گلزار ابراهيم“ جي اطلاع مطابق، سنڌ ۾ آيو هو ۽ فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو.

اهي سمورا شاعر هندستان مان سنڌ ۾ آيا هئا ۽ انهن جي آمدرفت سبب هتي جي شاعر ۾ اردو شاعريءَ جو ذوق وڌيو، ۽ هتي جي فارسي گو شاعرن فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ ۾ به شعر چوڻ شروع ڪيو.

سنڌ واسي اردو شاعر جيڪي انهيءَ دور ۾ ملن ٿا، سي هي آهن:

شيخ ورو يا ورد: سنڌ جي اردو شاعرن ۾ متقدم آهي. ٺٽي جي منصبدارن جي قبيلي سان سندس تعلق هو، ”مقالات الشعرا“ وارو لکي ٿو ته:

”جوانـﻶ صاف طبيعت بود“.

مشهور آهي ته ٺٽي جي قاضيءَ جي هجو ۾ شعر چوندو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪنهن قتل جي الزام ۾ شايد انهيءَ ساڳئي قاضيءَ جي فتوا سان ڦاسيءَ جي سزا مليس. اهو واقعو نواب سيف الله خان جي زماني (1730ع/1142_ 1761ع/1173هه) جو آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ سندس هيٺيون شعر ڏنل آهي ۽ اهو قاضي شهر جي هجو ۾ چيل آهي: ليڪن انهيءَ زماني جي معيار سان ڏسبو ته بلڪل صاف ۽ شسته اردو جي شهادت ڏئي ٿو: چوي ٿو ته:

الايا ايهاالمفتي شده ريش تو جنگلها

اکهاڻيون بال يک يک کر بنائون خوب کمبلها

”جنگل“ ۽ ”ڪمبل“ جو قافيو خوب آندو اٿس. شاعر ”ولي“ گجراتي جي زماني جو ۽ آبرو، مضمون، ناجي، سراج، مرزا مظهر ۽ حاتم کان به اڳ جو آهي.

عبدالسبحان فائز ٺٽوي: هيءُ به صاحب انهيءَ زماني (1724ع/1137هه/ 1730ع/1143هه) جو هڪ مشهور شاعر آهي. ”مقالات الشعرا“ جي مصنف لکيو آهي ته سندس فارسي شاعري ته ظرافت ۽ بذله سنجيءَ سبب شعريت کان خالي هئي، ليڪن ”ايهام هندي خوب نويسد“ ۽ ”هندي و پارسي خوب گفتـﮧ و اثر آن در منقبت ۽ مرثيه واقع“.

سيد حيدرالدين ڪامل المتوفي 1750ع/1164هه، مير رضي الدين احمد فدائي المتوفي 1708ع/1120هه جو فرزند هو. ”مقالات الشعرا“ جو مصنف سندس تعريف ۾ رطب السان آهي ته: ”فارسي، سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ تي پوري مهارت رکندو هو ۽ انهن ٽنهي ٻولين ۾ شعر چوندو هو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته:

”در ايهام هندي بـــﻶ مثل و دهره و گيت و نکات غريب وضعات عجيب و سائر اقسام زين سان بسيار بزبانها است“.

هن پنهنجا ديوان پنهنجي خاص شاگرد ميان محمد پناه ”رجا“ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ڏنا هئا. نه معلوم اهي ديوان ڪيڏاهن ويا ۽ انهن کي ڇا ٿيو؟ هينئر سندس فقط ڪي ٿورڙا شعر اسان کي ملن ٿا، جيڪي ”مقالات الشعرا“ جي ذريعي محفوظ رهجي ويا آهن. ”مقالات الشعرا“ واري لکيو آهي ته:

”هر چند اشعار هندي ايشان عالمگير است اما فقير آنچه ياد دارد نويسد“.

سندس چند شعر هتي پيش ڪجن ٿا:

لبون دلبر کــﻶ ميرﻵ قتل کان بيڙا اڻهايا هـﻶ

خدايا خون سون ميرـﻵ تو اس کون سرخرو کرنا

___

چاک ناموس کا هـﻶ سينه مين

نام کا زخم هـﻶ نگينه مين

___

خال رخسار کا اچنبا هـﻶ،

گال کـﻶ کهيت مين اُگاهـﻶ تل

___

سويا پڙا هـﻶ کيا اﻵ نازک بدن اکيلا

خون جوش دﻵ ڻپکتا جا من اســﻶ اُڻها ديکهه

___

عشق اب دهول هـﻶ زليخا کا

اس سون آگــﻶ هـﻶ چاه مين يوسف

___

گل گل پگل پگل کـﻶ محبت کي راه مين

پاني هوئي زليخا يوسف کي چاه مين

___

دوست بخشــﻶ گا دوست سب کي سب

گرچـه عاصي هون اس کا عاصي هون

___

کـﮧ يا جس کي داغ چهاتي هي

اسکي مرهم کي بات بهاتي هـﻶ

اهي شعر انهيءَ دور جي ’الهام گو‘ دهلي شاعرن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جي مقبوليت ڏسي، هن ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن علائقي نه فقط اردو کي پيدا ڪيو آهي، پر هزار سالن کان پوءِ به اُهو اردوءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ حصه دار بنيو رهيو.

مخدوم محمد معين بيراگي، المتوفي 1748ع_1161هه، سمورن معقول ۽ منقول علوم ۾ جامع ۽ فاضل هو. هن بزرگ عربيءَ ۾ ڪيترا بيش بها ڪتاب لکيا آهن، جن مان  ”دراسات اللبيب“ عربيءَ جي ڪتابن ۾ هڪ بلند پايه ڪتاب آهي.

هندستان سان سندس تعلقات گهرا هئا. هن بزرگ شاه ولي الله جي مدرسي ۾ تعليم پرائي هئي، مير سعد اللـﮧ سورتيءَ سان، جو مير عبدالوالي ”عزلت“ جو والد هو، نهايت گهرا تعلقات هئس. فارسيءَ جو هڪ وڏو شاعر هو. سندس تخلص هو ”تسليم“، ۽ هنديءَ ۾ ”بيراڳي“ تخلص لکندو هو. مخدوم محمد معين جو ديوان بلڪل مفقود ٿي ويو آهي، نه ته معلوم ٿئي ها ته سندس ڪلام ڪيتري قدر شاندار هو.

مير حفيظ الدين علي (المتوفي 1767ع_1181هه) مير حافظ الدين جو صاحبزادو ۽ حيدرالدين ”ڪامل“ جو ڀائٽيو هو. علوم و فنون ۾ پنهنجي چاچي وانگر قابل هو. مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”هو پنهنجي چاچي جي سمورن ڪمالن جو حامل هو. عالي طبع جو مالڪ هو. هندي شاعريءَ ۾ خسرو جو ثاني هو. جن خيالن ۽ معنائن کي پنهنجن ڏوهيڙن، بيتن ۽ ڪلام جي ڪويتائن ۾ ظاهر ڪيو اٿس، اهو سندس ئي حصو آهي. فارسي ڪلام جي مقابلي ۾ سندس هندي ڪلام گهڻو آهي.“ سندس ڪلام جي خوبيءَ جي باري ۾ لفظ لکي ٿو ته:

”ايهام که از دو، سه و چهار  و پنج معني هم  گاهي گاهي تجاوز دارد.“

سندس ڪلام جو نمونو هي آهي:

اچار هوا کهڻا پاپڙ هـﻶ مچهي

سرکا بنا توآ کي سوي سلوني اچهي

هن هڪ ئي بيت مان ظاهر آهي ته هيءُ ”ايهام گوئي“ جي صنعت سان گڏ شاعريءَ جي حيرت انگيز ذهانت ۽ زبان تي پوري قدرت رکي ٿو. هن شاعر هڪ ئي بيت ۾ آچار، کٽاڻ، پاپڙ، مڇي، سرڪو توو، سوي (سيوين جو واحد) ۽ سلوڻي جي اٺن کاڌن جا موزون لفظ گڏ ڪيا اٿس. اسان کي اها اُميد ناهي ته لکنو جي ”ضلع جگت” جا استاد شاعر، هڪ شعر ۾ ايترا لازمات آڻي سگهن. پراڻو ۽ پهريون دؤر هن بزرگ تي پورو ٿئي ٿو. هي اهو دؤر آهي جنهن ۾ اسان جو قومي شاعر شاه عبداللطيف رحه موجود هو ۽ سنڌ کي پنهنجي سنڌي ڪلام  سان مست ۽ بيخود بنائي رهيو هو.

شاه عبداللطيف اگرچ سنڌي زبان جو پهريون شاعر نه آهي، تاهم هو ٽيون شاعر هو، جن جو ڪلام محفوظ رهيو. بيشڪ سندس شاعري پهريائين دؤر جي شاعري آهي. ۽ هيءَ پڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي جو انهيءَ دؤر ۾ به اردو جا ههڙا با ڪمال شاعر موجود هئا.

ٻيو دور 1747ع_1160هه کان 1843ع_1259هه تائين): انهيءَ دؤر کي ٻن حڪومتن سان واسطو پوي ٿو، يعني ڪلهوڙن جو خاندان ۽ ٽالپرن جي حڪومت.

ميان نور محمد جهڙي زبردست ۽ عالي  همت حاڪم، نادر شاه جي ڏَن کان پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرايو هو ۽ ان سان گڏ مغلن جا گورنر به اچڻ بند ٿي ويا، ڇو ته مغله سلطنت ”بادشاهي شاهِ عالم از دلي تا پالم“ جي حد تائين وڃي رهي هئي. چنانچه بنا ڪنهن شرڪت جي سنڌ جي حڪومت ميان نور محمد خان جي هٿ اچي ويئي. ميان نور محمد جي وفات 1747ع ۾ ٿي.

انهيءَ کان پوءِ مرادياب 1747ع_1169هه کان 1755ع_1169هه تائين حڪومت ڪئي، جنهن کان پوءِ هيٺينءَ ريت بادشاه ٿيا:

غلام شاه 1755ع_1169هه کان 1173ع_ 1186هه تائين؛ سرفراز 1772ع_1186هه کان 1775ع_1189هه تائين؛ غلام نبي 1775ع_1189هه کان 1777ع_1191هه تائين؛ ۽ عبدالنبي 1777ع_1191هه کان 1782ع_1197هه تائين.

انهيءَ آخري حڪمران سان ٽالپرن جو، جيڪي انهن جا پهرين حامي هئا، ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو، جنهن هالاڻيءَ جي ميدان ۾ جنگ جي صورت اختيار ڪئي.

ڪلهوڙن شڪست کاڌي ۽ ٽالپر فتحياب ٿيا. ٽالپرن جي حڪومت جو بنياد حيدرآباد سنڌ ۾ 1782ع_1197هه کان 1843ع_1259هه تائين قائم رهيو. انهيءَ خاندان جا حڪمران هن طرح ٿيا:

مير فتح علي خان 1782ع_1197هه کان 1802ع_1217هه تائين. مير غلام علي خان 1802ع_1217هه کان 1811ع_1227هه تائين. مير ڪرم علي خان 1812ع_1227هه کان 1828ع_1244هه تائين. مير مراد علي خان 1828ع_1244هه کان 1833ع_1249هه تائين. مير نور محمد خان 1833ع_1249هه کان 1841ع_1257هه تائين. مير نصير خان 1841ع_1257هه کان 1843ع_1259هه تائين.

ٽالپر حڪمران علم و ادب جا سرپرست رهيا. ٽالپرن جي دربار ۾ رات ڏينهن فارسي شعر و شاعريءَ جو مشغلو رهندو هو. ٽالپرن جي زماني ۾ ڪيترا معياري  ڪتاب لکيا ويا. ٽالپر مير پاڻ به نثر ۽ نظم جا ماهر هوندا هئا. ٽالپرن جي زماني ۾ اردو شاعر گهڻا ئي پيدا ٿيا، ليڪن زماني جي ڦير گهير ۾ اردو ادب بچي نه سگهيو، البته فارسيءَ  جا  ڪتاب محفوظ آهن.

مان انهيءَ دؤر جي سنڌي شاعرن  جو احوال بيان ڪرڻ کان اڳ هي ضروري محسوس ڪريان ٿو ته قارئين قرام جو ڌيان ٿوريءَ دير لاءِ هندستان ڏانهن ڇڪيان، ته سندن ذهن تي اها  حقيقت روشن رهي ته انهيءَ دؤر ۾ دهليءَ ۽ لکنوءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ممتاز شاعر هئا. توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته مان ان دؤر تاريخ کي هڪ  صديءَ جي  ڊگهيءَ مدت تي ڦهلايو آهي. انهيءَ هڪ صديءَ ۾ اردو شاعريءَ جا هي استاد هئا:

سودا 1713ع_1125هه تائين. درد 1719ع_1123هه کان 1785ع_1199هه تائين. مير حسن 1736ع_1149هه کان 1786ع_1201هه تائين. مير تقي 1724ع_1137هه کان 1810ع_1251هه تائين. جرات ......... 1810ع_1225هه. انشا ............ 1817ع_1233هه. مصحفي 1750ع_1164هه کان 1824ع_1240هه تائين. نظير اڪبر آبادي 1740ع_1153هه کان 1830ع_1246هه تائين. رنگين 1756ع_1170هه کان 1834ع_1151هه تائين. ۽ نصير .......... 1838ع_1254هه.

هينئر آئون توهان سان سنڌ جي اردو شاعرن جو تعارف ٿو ڪرايان. سنڌ جا انهيءَ دؤر جا اردو شاعر هندستان جي استاد شاعرن جو مقابلو ته نٿا ڪري سگهن، ليڪن اسان سندن بلند همتن ۽ اردو کي ساراهڻ کان به رهي نٿا سگهون. سنڌ جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ جڏهن ته هن علائقي جو سياسي تعلق دهليءَ کان ڇڄي ويو هو، اردوءَ جي خدمت کان غفلت ڪيل ڪانه هئي.

مير علي شير قانع (1727ع_1140هه کان 1788ع_1203هه تائين): هيءَ اها شخصيت آهي، جنهن جي ”مقالات الشعرا“ کان اسان مدد وٺي رهيا آهيون. ”تحفـﺔ الڪرام“، سنڌ جي تاريخ ۾ سندس بينظير ڪتاب آهي. فارسي نظم ۾ به سندس ڪئين ڪتاب آهن. هو فارسي جو اعلى درجي جو شاعر ۽ اديب هو ۽ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. هو مير حيدرالدين ڪامل جو شاگرد هو. ”مقالات الشعرا“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”فقير نيز در حضور آل استاد کامل گاهـﻶ فکر هندي مي کرد.“

فارسيءَ جو تکو شاعر هو. فارسي شاعريءَ جو ڪوبه اهڙو قسم نه آهي جنهن ۾ سندس شعر نه هجن. سندس اندازي مطابق هن جا هڪ لک شعر هوندا. ظاهر آهي ته اهڙي وڏي شاعر ضرور اردوءَ ۾ به شعر چيا هوندا، ليڪن افسوس جو سندس اشعار زماني جي خرد برد کان بچي نه سگهيا، البته هڪ ٻه شعر پنهنجا ”مقالات“ ۾ درج ڪيا اٿس. ليڪن اڏوهيءَ جي کاڄي وڃڻ سبب اهي شعر صاف نٿا پڙهي سگهجن. 1788ع مطابق 1203هه ۾ وفات ڪيائين.

منشي پرسرام مشتري ٺٽوي: هي فارسيءَ جو مشهور شاعر هو ۽ مير علي شير ’قانع‘ جو شاگرد هو. اردوءَ ۾ به شاعري ڪندو هو. فارسيءَ ۾ ”مشتري“ ۽ اردوءَ ۾ ”بيربل“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. اردوءَ ۾ سندس استاد مير محمود ’صابر‘ رضوي هو. منشي پرسرام جي ديوان جو پهريون بيت هن ريت آهي ته:

الاهي مد بسم الله کن کلک بيانم را،

سر ديباچهء توحيد گردان داستانم را.

جنهن وقت ”مقالات الشعرا“ لکيو ويو ٿي (1760ع مطابق 1174هه)، انهيءَ وقت منشي پرسرام بلڪل نوجوان هو.

سيــــــــد ثــــــابـــــــت عـــــــلــــــــي شــــــــــــــــــاه ســـــــيـــــــــوهـــــــــــڻ وارو (المتوفي1810ع1225هه): سنڌ ۾ مرثيه گوئي ۾ کيس اهوئي مرتبو حاصل آهي، جو هندستان ۾ مير انيس ۽ مرزا دبير کي هو. سنڌي زبان ۾ سندس بيشمار مرثيا آهن، جن جا ڇپيل مجموعا موجود آهن. هن ٽالپرن جي ڏينهن ۾ گهڻي شهرت حاصل ڪئي. ”فريئر نامه“ جو مصنف مير يار محمد بن مير مراد علي لکي ٿو ته:

در عهدش (مير کرم علي خان) دو آدمي عروج کردند_ ازانها (يکـﻶ پير محمد راشد) دوم ثابت علي نام شاعر، اگرچه مذهبش قرامطه بود، ليکن شاعر در زبان سندهي بينظير بود_در مرثياتش که در ماتم داري حضرت امامين کرامين خوب مرغوب گفته است و تا اليوم در ايام محرم الحرام که مرثيات مي خوانند من تصنيفات او است. (لکيل 1807ع مطابق 1274هه)

سيد ثابت علي شاه سيوهڻ جو باڪمال شاعر ۽ عديم النظير تاريخ گو مخدوم نورالحق مشتاقي ۽ ميان غلام علي ’مداح‘ ٺٽويءَ جو شاگرد هو. سيد ثابت علي شاه جو ڪلام ڇپيل آهي، ليڪن سندس ڪلام جو ڪو نسخو راقم الحروف وٽ موجود ناهي، تنهنڪري ڪلام جي نموني پيش ڪرڻ کان معذور آهيان. سيد ثابت علي شاه جي وفات 1810ع مطابق 1225هه ۾ ٿي هئي ۽ 1704ع مطابق 1153هه ۾ ڄائو هو.

شاهو بن روحل فقير: خيرپور ميرس کان چند ميلن جي مفاصلي تي هڪ مشهور خاندان جي خانقاه آهي. اهو صوفي شاعر انهيءَ خانقاه جي باني ميان روحل فقير جو صاحبزادو هو. سنڌي ۽ ملتاني (سرائڪي) سان گڏ اردوءَ ۾ شعر چيو اٿس. هڪ شعر هن ريت آهي:

”کيا مجهه سون هوئي خطا که سجن بولتا نهين،

کس بيدرد سون ملا رﻵ سجن بولتا نهين“.

سچل سرمست (1739ع_1152هه کان 1829ع_1243هه تائين): هي سنڌ جي اهو مشهور سنڌي زبان جو صوفي شاعر آهي، جنهن جا مٺا نغما اڄ تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙلاءُ ڪري رهيا آهي، خيرپور ميرس جي رياست ۾ درازن نالي هڪ بستي آهي؛ هي بزرگ اتي جو رهندڙ هو. سندس اردوءَ جا چند بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

”سارا خيال تيرا مجهه پر گناه کيا هـﻶ

تم هي گواه رهنا ديگر گواه کيا هـﻶ

 

سنون رﻵ آج سر ميرﻵ بره باران آيا هـﻶ

کرم کر که صرف اوپر ابر نسيان آيا هـﻶ

 

پتهر هـﻶ ايسي زندگي بـﻶ عشق هـﻶ شرمندگي

جسکو سجن کا درد هـﻶ رويت اس کي زرد هـﻶ

سيد ضياء الدين ضياء ٺٽوي: هيءُ بزرگ مشهور شيرازي خاندان مان هو. هن جو مورث اعلى سيد محمد حسين المعروفي 1487ع مطاق 893هه سومرن جي دؤر حڪومت ۾ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو هو.

هينئر به اهو خاندان سادات شيرازيءَ جي نالي سان ٺٽي ۾ آباد آهي. سيد ضياء الدين ’ضياء‘ فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ جو ديوان مرتب ڪيو ۽ ان جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته:

”فقير اضعف العباد ضياءُالدين المتخلص به ”ضيا“ ولد سيد عزت الله الشيرازي ساکن بلده ڻهڻه از غزليات در زبان فارسي و قصائد و مناقب بسيار که هنوز او را ترتيب ديوان نداده و يک مثنوي عشقيه ”هير رانجها“ تصنيف کرده در حضور گردانيده بود_ بالفعل ديوان بزبان هندي تصنيف نموده“.

سيد صاحب جو اهو ديوان، مير ٺارو خان ٽالپر (1284ع_1199هه کان 1829ع_1245هه) جي نالي تي منسوب آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته مير پور خاص جو ٽالپر حاڪم اردوءَ سان ڏاڍي دلچسپي رکندو هو. سيد صاحب جو اردو ديوان ۾ غزل، مستزاد، ترجيع بند، قصيدا، مخمس ۽ مسدس وغيره مختلف اوصاف سخن مشتمل آهن. ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

آج گلشن مين نوبهار آيا

مت کهو کس کو اپنا يار آيا

کسي کي طاقت نهين که ديکهـﻶ اُسـﻶ

جس نـﻶ ديکها هـﻶ بيقرار آيا

__

نه فراموش هوئـﻶ گا دل سون وه

نام اس کا جو يادگار آيا

نظم روشن ”ضياءَ“ کا معنى

سنج گوهر صرف آبدار آيا

__

رات دلبر کو خواب مين ديکها

جلوه تها ماهتاب مين ديکها

هوگي اس کي حديث طولاني

نسخـﮧ انتخاب مين ديکها

__

هون پريشان موبمو اس کا

زلف کو پيچ و تاب مين ديکها

نور از جبـﮧ مير ڻهارا خان

جلوه گر مهتاب مين ديکها

__

عشق کي راه مين جو کـﮧ باز هوا

آگــﻶ عشاق سرفراز هوا

هوکــﻶ پروانه سان بـﮧ محفل راز

شمع ماند جان گداز هوا

بهره ور هئيگا عشق کي ره مين

جون کـﮧ محمود با اياز هوا

 

خاموش کيا بلبل از نالـﮧ جان کاه

گلشن مين هوا شور کس غنچـﮧ دهان کا

 

باريک هوا برگ سخن کا نه ضخامت کا

جب ذکر هوا اس کي کبهي موي ميان کا

 

هر وقت ”ضيا“ رنگ دگر دور جهان هـﻶ

يکجا کهان هـﻶ فصل بهار اور خزان کا

 

هيءَ شاعر مير علي شير جو سـﺆٽ، ۽ مير ٺارو خان (المتوفي 1829ع_1245هه) جو خاص مصاحب ۽ درٻاري شاعر هو.

نواب ولي محمد خان ”ولي“ لغاري المتوفي 1832ع مطابق 1248هه_ حيدرآبادي ٽالپرن جي حڪومت جي زماني ۾ امير الامراءَ ۾ سپه سالار هو. هن صاحب جي فارسي ۾ مثنوي ”هير رانجها“ ۽ فارسي ديوان شاعرانه ڪمال جو هڪ بين ثبوت آهن. نواب صاحب علم طب ۾ مهارت رکندو هو. سندس هڪ ڪتاب ”مصالح الامراض“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

آب حيات  چشمه  ظلمات کـﻶ هـﻶ اندر

مجهه کو هـﻶ آب حيوان چاه ذقن دهن کا

مير صوبيدار خان راللمتوفي 1832ع مطابق 1247هه): هيءَ مير فتح علي خان ٽالپر، سنڌ جي حڪمران، جو پٽ هو، ۽ فارسيءَ جي خوشگو شاعرن مان هڪ هو ۽ شاعرن جو وڏو قدردان پڻ هو، اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو سندس ڪلام موجود هوندي به دستياب نه ٿيو.

خليفو نبي بخش خان (المتوفي 1834ع مطابق 1250هه): حضرت پير سائين محمد راشد عليـﮧ الرحمـﺔ المعروف به پير سائين روضي ڌڻي 1756ع مطابق 1170هه کان وٺي 1817ع مطابق 1224هه تائين) جو خاص مريد ۽ خليفو هو. حضرت پير صاحب محمد راشد رحه حر تحريڪ جو پايو وجهندڙ حضرت پير محمد صبغت الله شاه (المتوفي 1830ع مطابق 1246هه) جو والد بزرگوار هو. سندس درگاه خيرپور ميرس جي قريب آهي.

مطلب ته خليفي نبي بخش جو روحاني تعلق انهيءَ گهراڻي سان هو. خليفي صاحب جو سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو ۽ هڪ مثنوي، ادبي يادگار آهن. سندس رسالي ۾ هڪ وڏو تعداد غزلن جو به آهي. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

مجهه تشنگي کي آگ بجهانــﻶ کو نه آيا

بهر جام وصل ساقي پلانـﻶ کو نه آيا

تجهه عشق کي آتش مين جلتا هون سدا مين

ڻک نين بهي نينون سـﻶ ملانـﻶ کو نه آيا.

ٽيون دور (1843ع مطابق 1254هه_ 1900ع مطابق 1318هه): هينئر اسان ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو ٽيون دؤر پيش ڪريون ٿا. هي دؤر سنڌ ۾ انگريزن جي عهد حڪومت کان شروع ٿي 1900ع مطابق 1318هه تي پورو ٿئي ٿو.

1843ع_1259هه ۾ حيدرآباد (سنڌ) جي ويجهو مياڻيءَ جي ميدان ۾ ٽالپرن کي شڪست آئي ۽ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو. نئين زبان ۽ نئون قانون آيو؛ پراڻي تهذيب ۽ تمدن جو بساط بدلجي ويو؛ ڪي بزرگ رهجي ويا هئا، جن پنهنجو چراغ نئين طوفان ۾ به پنهنجي حياتيءَ تائين روشن رکيو.

انهيءَ زماني ۾ بعض هستيون ته اُهي آهن، جيڪي ميرن جي زماني جي پيداوار آهن، ليڪن سندن زمانو انگريزن جي عهد حڪومت ۾ گذريو، ۽ وري ڪجهه اهڙا صاحب علم به هئا، جيڪي انگريزن جي حڪومت ۾ ڄاوا ۽ وڌي وڏا ٿيا. ليڪن ان کان اڳ ته آءُ اهڙن شخصيتن جو احوال بيان ڪريان، بهتر ته ائين ٿيندو ته هڪ دفعو ٻيهر توهان کي دهليءَ ڏانهن وٺي هلان ته توهان جي ذهن ۾ انهيءَ زماني جي اتي جي شاعرن جي ياد اچي وڃي.

اردو ادب جي تاريخ ۾ اهو دؤر ”ناسخ“ (1838ع مطابق 1254هه) کان شروع ٿي، مولانا حالي مرحوم (1838ع_1203هه کان 1912ع_1260هه) تي پورو ٿئي ٿو. انهيءَ دؤر جا اردوءَ جا نامي گرامي شاعر هيٺيان هئا:

مير ممنون (1838ع_1203هه کان 1912ع_1260هه تائين)، آتش (1846ع_1263هه تائين)، مومن (1800ع_1215هه کان 1851ع_1263هه تائين)، ذوق (1789ع_1204هه کان 1862ع_1279هه تائين)، ظفر (1775ع_1189هه کان 1862ع_1279هه تائين)، غالب (1797ع_1212هه کان 1869ع_1285هه تائين)، ۽ حالي (1837ع_1253هه کان 1915ع_1331هه تائين). هينئر وري ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ سنڌ جي اردو شاعرن جو احوال بيان ڪجي ٿو.

ميان قادر بخش ”بيدل“ روهڙي وارو (1814ع_1230هه کان 1873ع_1289هه تائين): انهيءَ دؤر جو آغاز ميان قادر بخش ”بيدل“ جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. هن جي شخصيت انهيءَ دؤر ۾ اهائي حيثيت رکي ٿي، جا پهرئين ۽ ٻئي دؤر ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سچل سرمست رحه جي هئي. شعر و شاعريءَ جو ذوق سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. هن ڪيترا ديوان فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ ديوان اردوءَ ۾ به ترتيب ڏنو هو. نظم کان سواءِ فارسي نثر ۾ ڪيتريون تصنيفون پنهنجي پٺيان ڇڏي ويو آهي. عربي، سنڌي، فارسي ۽ سرائڪيءَ تي يڪسان قدرت رکندو هو ۽ اردو به ڄاڻندو هو. روهڙيءَ جي شهر ۾ رهندو هو ۽ اتي ئي دفن ٿيو.

ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ (1814ع مطابق 1230هه) ڄائو هو ۽ انگريزن جي صاحبيءَ ۾ 1873ع مطابق 1289هه) وفات ڪيائين. فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ”بيدل“ تخلص ڪندو هو ۽ اردوءَ ۾ ”طالب“. اردوءَ ۾ سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

 

دل وحدت طلب فارغ نه قيد جسم و جان هوگا

کـﮧ بيڻهک عاشقان دائم بـﮧ ملک لامکان هوگا

___

معشوق بـﻶ پروا کو گرچه عبث هـﻶ التجا

عشاق کو بهتر نهين زين شکوه کار مگر

___

مرتا هون تيرﻵ ناز کا آغاز هـﻶ هنوز

خوني کفن يه ناوک انداز اور هـﻶ

___

مين هون مشهور عشق بازي مين، خاصهء درد غم مجازي مين

___

آج گلشن مين چلو ديکهو که چرچا اور هـﻶ

باغ مين گل رخ کـﻶ آنـﻶ سـﻶ تماشا اور هـﻶ

___

نکهت سنيل بنفشه سـﻶ معطر هين دماغ

عطر بيزي شاخ آن زلف پريشان اور هـﻶ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com