سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :36

 

 

بيدل جي دل جو ڌڻي

غلام محمد جي موت تي ”بيدل “ جي مرثيه خواني

 

بغم خوگر شو ”بيدل“ بسوز ٖ فرقتش ميساز

دريغا روزگار عشرت ندارد پائداريھا

ميان عبدالقادر روھڙيءَ جو باشندو، سنڌ جي بلند پايي شاعرن مان ھڪ ٿي گذريو آھي. ”بيدل“ سندس تخلص ھو. عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس. فارسيءَ ۽ سنڌيءَ جا ديوان اٿس، عربيءَ ۽ اردو جا اشعار متفرق سندس ديوانن ۾ آھن.

1814ع کان 1872ع تائين زندھه رھيو. تصوف جو قائل ۽ ان جي اصولن جو پابند ھو. زندگيءَ ۾ خدا ٿو ڄاڻي، باقي وصال بعد ته سندس تربت تي جھڙو مسلمان زيارتي اچن ٿا، اھڙو ئي ھندو زائر. سندن روضو روھڙيءَ ۾ ريلوي حد جي ڀرسان آھي، جنھن ۾ ساڻس گڏ، سندس فرزند، ”بيڪس“ شاعر، به ابدي خواب جا مزا ماڻي رھيو آھي.

شڪارپور جي ھڪ درزي نوجوان، ميان غلام محمد، سان سندس دوستيءَ ۽ محبت جو پختو پيوند ھو. پيار ۽ قرب جو اھو عالم ھو، جو مرحوم ”بيدل“، خدا مٿس پنھنجو رحمتون ريل ڇيل نازل ڪري، آخري روھڙي ڇڏي وڃي شڪارپور رھيو. ارادو ۽ اميد ھيس ته زندگيءَ جي زماني جو شڪارپور ۾ خاتمو ڪندو، مگر الله جو شان، ميان غلام محمد جي عمر وفا نه ڪئي، ۽ ڦوھه جوانيءَ ۾ سندس زندگيءَ جو چراغ گل ٿي ويو، جنھن ھن يار جا طاق ئي لائي ڇڏيا؛ سندس اميدون ۽ آسرا اجڙ ٿي ويا، ۽ دل جي دنيا سان گڏ، شڪارپور جو شھر به سندس لاءِ ويران ٿي ويو. چوي ٿو _

آن مخلص يگانـﮧ کـﮧ خوش بود صحبتش

رفت از جھان ماند بدل داغ حسرتش

مقبول حق غلام محمد که ....................

خون شد دلم ز سوز غم، درد فرقتش

يا  رب  دوام   باد   بحق ٖ   حبيب   تو

فيضان ابر رحمت بر خاک تربتش

جانش  مدام  غرق  به  بحر ٖ  و  صال دار

شادان نما ....................................

شب چار شنبه نو و دھم آخرين جماد

رستـﮧ ز قيد ھستي تاريخ رحلتش

مقطع مان معلوم ٿئي ٿو ته 19 جمادي الاخر 1861ع اربع رات جو، مرحوم غلام محمد جھان ڇڏيو. سندس موت تي ”بيدل“ ڏاڍيون رباعيون چيون آھن؛ ڀلا ڪيئن نه چوندو، دلي دوست ۽ محبوب ترين سنگتي ھئس. حقيقت ۾ غلام محمد جو موت ”بيدل“ جي دل جو موت ھو. ڪيئن نه آزاري ڪندو! وصال جي تاريخ تي ھيٺيان قطعا چيا اٿس _

چو شد غلام محمد رحيل زين عالم

بماند بر دل محزون داغ درد و بلا

سوال کردم بتاريخ فوتش از ھاتف

ندا رسيد، ”بنا گه چراغ بزم بھا“

1261ھه

چون غلام ٖ محمد از عـــــــــــالـــــــم        به نھان خـــانه بي نشان نھفـــــت

غنچهﻋ تنگ صفات کــــرد قـــــــبا        گل جـــانش بباغ ذات شگـــــفت

ســـــــال فـــــوتـــــش ازو بـــــپـــــرسيدم       ”نـــــو گل روضـﮧﻋ جنانم“ گفت

1261ھه

رفت از جھان غلام محمد مرا گذاشت

مرھون بحسرت و بتاسف اسير ھم

پرسيد دل چو سال وفاتش ز فکر پاک

”سالک نظر“، بگفت، ”مصفا ضمير“ ھم

1261ھه                 1261ھه

چون مونسم غلام محمد وداع کرد

زين عالم بماند بدل داغ درد ھم

پرسيدم از دل ٖ غمزده سال ِ رحلتش

دل درد مند گفت که ”غمگين مانده“ ام

1261ھه

 

آن مخلص ٖ غلام محمد چو ازان جھان

باجان شتافت بسوي ملک سرمدي

کردم سوال سال ِ وصالش ز عقل گفت

”جاويد حاضري بجناب محمدي“

1261ھه

بيدل عرض ٿو ڪري حضرت محمد مصطفى صه کي، ته پنھنجو وصال ڪراءِ، ڇڙو مون کي نه، مگر ”منھنجي رفيق، يعني غلام محمد کي به. گذارش ڪري ٿو _

اي بر ترين ز درک دو عالم کمال تو

ورد ٖ زبان ملک ملک قيل و قال تو

گرچه جملي تو ز تخيل منزه است

خالي مباد ھيچ دلي از خيال تو

خاک ٖ سيـﮧ طفيل تو اين آبروءِ يافت

عرش ٖ برين است فرش صفت پائمال تو

ھرچند ذات پاک بعالم ظھور کرد

مظھر کمال نيست و نباشد مثال تو

فرما اجازتي بکرم تا ”من و رفيق“

بوسيم خاک پاک جناب جلال تو

يابيم بار در صف ٖ خدام حضرتت

فارغ ز خود شويم بديدن جمال تو

”بيدل“ بمع غلام محمد که بنده تست

گو  تا  درآيد  اندر  بزم ٖ  وصال   تو

غلام محمد جي موت تي ميان صاحب مرثيو چيو آھي؛ مرثيي جي ھر مصرعي مان، مصرعي جي ھر فرد ۽ فرد جي ھر لفظ مان درد، غم، اندوھه ۽ بيتابي ٽپڪي رھي آھي؛ چوي ٿو _

بزير ٖ خاک جا کردي بھرجايت خدا خافظ

غلام ٖ احمدي بادت محمد مصطفى حافظ

ره ٖ نا ديد سر کردي به تنھائي مطاعت را

ز شر ٖ رھزنان بادا علي المرتضى حافظ

مذاق ٖ روح تو شيرين ز شربت جام عرفان باد

ز تلخيھاي غم بادات حسن المجتبى حافظ

بسوي عالم ٖ ارواح زين جا کردهﻋ رحلت

ز ھر کرب و بلا اي جان شھيد ٖ کربلا حافظ

بدرويشي بسر بردي حيات ِ مستعار ٖ خود

بھر سختيت بادا ھمت ٖ آل عبا حافظ

مرحوم ”بيدل“ پيرن کان قدري منڊو ھو، انھيءَ معذوريءَ ۽ مجبوريءَ ڏي اشارو ڪندي چوي ٿو _

ز پا افگند مارا محنت دوري و مھجوري

ترا اي جان! شھه بغداد تاج الاوليا حافظ

نيارد ”بيدل ِ“ مسکين بجز فاتح فرستادن

دعاي مخلصان بادت ز ھر رنج و عنا حافظ

يار کان پوءِ ڀلا شڪارپور جي شھر ۾ رھي ڇا ڪندو ھو، تاھم ٻه ٽي سال دوست جي تربت تي گهاريائين، ۽ نيٺ اچي پنھنجا اصلوڪا ماڳ روھڙيءَ ۾ وسايائين.

فقير عبدالقادر که صوفي و حنفي است

فگند باز سکونت نقصبهﻋ لُھري

بيک ھزار دو صد شصت و ٻنج کرد رقم

سطور چند به ترتيب نغز نظم دري

يعني 1265ھه ۾ شڪارپور موٽي ماڳين آيو، جتي 16 ذوالقعد 1289ھه جو زندگيءَ جا زنجير ڇني، وڃي غلام محمد سان مليو. ھڪ جاءِ تي چوي ٿو _

شھرهﻋ شھر شدم از سبب ٖ عشق بتان

ورنه بسر جان بلب آمدکه بروکس نه گريست

الله ۽ ان جي حبيب جون مٿس رحمتون ھجن_ آمين.

[”ستارهء سنڌ“ سکر، 1935ع]

 

منشي صاحب راءِ ”آزاد“

ٽالپري عھد جو بيمثل شاعر

 

سنڌ جي ھندن، انگريزي عھد کان پوءِ، سنڌي زبان جي ادب ۾ بھرو ورتو؛ ورنه ان کان پھريون، مغليه دؤر کان وٺي ٽالپري عھد تائين، سندن پيدا ڪيل سمورو علمي سرمايو فارسي زبان ۾ آھي. فارسي زبان جو ڇاڪاڻ ته دربار خواھه دفتر تي قبضو ھو، تنھنڪري ھندو صاحبن ان کي ابتدا ۾ ته ملڪي رواج ۽ روزگار جي ضرورت ماتحت سکيو، ليڪن اڳتي ھلي ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪيائون، جو منجھن سوين صاحب طرز اديب، ۽ اھل قلم پيدا ٿيا، جن جي نالي کڻڻ کان سواءِ سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ مڪمل ٿيڻ ناممڪن آھي.

ترخاني دؤر، مغل عھد، ڪلھوڙن جي راڄ ۽ ميرن جي صاحبيءَ تائين، اسان کي ھونءَ ته ھر دؤر ۾ ھندو اديبن جا نالا نظر اچن ٿا، ليڪن پوين ٻن حڪمران گهراڻن جي زماني ۾ ڪثرت سان، سنڌ جي فارسي ادبيات ۾، سندن آثار ملن ٿا. ڪلھوڙن جي راڄ ۾ ڪئين ھندو شاعر ۽ مصنف ٿيا؛ انشا نويس به چڱا چڱا پيدا ٿيا؛ ليڪن سندن حقيقي علمي جوھر ٽالپري دؤر ۾ کليا. ٽالپري عھد ۾، فارسي شعر و سخن طرف دربار جو خاص لاڙو ھو؛ تاجوَرَ پاڻ به فارسيءَ جا شاعر ھئا، ۽ سندن دربار ۾ اديبن، سخنورن ۽ مصنفن جي سرپرستي به ڪشاده دليءَ سان ڪئي ويندي ھئي؛ تنھنڪري سنڌ جي مسلمانن سان گڏ ھندن به انھيءَ ڏس ۾ اڳري کان اڳرو حصو ورتو.

ٽالپري دؤر ۾، ھندو شاعرن جو سرخيل، منشي صاحب راءِ ”آزاد“ ھو، جنھن جو ذڪر اسان ھن صحبت ۾ ڪرڻ گهرون ٿا.

”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ جو مصنف، ڀيرومل مھرچند، لکي ٿو ته ’ملڪاڻي خاندان جا وڏا اصل جيسلمير کان سنڌ ۾ آيا ۽ ساھتيءَ ۾ اچي رھيا، جتان پوءِ ميرن جي زماني ۾ لڏي اچي حيدرآباد ۾ ويٺا؛ حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽي، اڄ تائين انھيءَ گهراڻي جي سڪونت جو يادگار آھي. اھو گهراڻو ٻن نکن  ۾ ورھايل آھي _ ھڪ ”روڙا“ ۽ ٻيو ”دڙي.“ آخري نک وارن مان منشي صاحب راءِ ھو؛ انھيءَ خاندان جو ڏاڏو ملڪ مل ھو، جنھن جي نسبت ڪري اڳتي ھلي  ”ملڪاڻي گهراڻو“ مشھور ٿيو.‘

خاندان جي بانيءَ، ملڪ مل کي ھڪ پٽ آڏومل ٿيو، جنھن کي چار پٽ ٿيا: گوپالداس، گدومل ، سڀاچند ۽ سيئومل. وڏي پٽ گوپالداس کي ٻه پٽ ٿيا: ھڪ موھنداس ۽ ٻيو مولچند. منشي صاحب راءِ ”آزاد“، ديوان موھنداس جو پٽ ھو.

ڀيرومل مھرچند، انھيءَ سلسلي ۾، ھڪ ٻي روايت به لکي آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته منشي صاحب راءِ، موھنداس جو نه بلڪ حقيقت ۾ ديوان نئين سنگ جو نيگر ھو، جيڪو صاحب رامچنداڻين جي وڏي ڏاڏي ديوان رامچند جو پٽ ھو. ديوان نئين سنگ، ملڪاڻين مان ديوان موھنداس جي نياڻي پرڻيو، جنھن صاحب راءِ ”آزاد“ پيدا ٿيو. ديوان موھنداس کي نرينو اولاد ڪونه ھو، تنھنڪري ھن پنھنجي ڏوھٽي کي ديوان نئين سنگ کان وٺي پاليو ۽ کيس منھن _ چيو پٽ ڪيو، ۽ انھيءَ ڪري ديوان صاحب راءِ، اصل رامچنداڻي ھوندي به، ملڪاڻي مشھور ٿيو، ۽ نئين سنگ جي بجاءِ موھنداس جو پٽ ٿي مشھور ٿيو.

صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي (وفات 1244ھه) ۾ مير مرادعلي (وفات سنه 1249ھه) جي زماني ۾، ٽالپري حڪومت جو مالي وزير ھو. سندس گهراڻو، ذي عزت عالمن ۾ شمار ٿيندو ھو، ۽ اقتدار جي ڪري به انھيءَ گهراڻي جو ملڪ تي وڏو اثر رسوخ ھو. منشي صاحب جو پٽ، منشي آوتراءِ ملڪاڻي، مير صوبدارخان (وفات 1262ھه) جو مالي وزير ٿيو. سر چارلس نيپئر جنھن وقت سنڌ فتح ڪئي، ان وقت ميرن جي خزاني جون ڪنجيون منشي آوتراءِ وٽ ھيون. ڀيرومل لکي ٿو ته ’سر چارلس پاڻ ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، تاڪ منشيءَ کان وڃي خزاني جون چاٻيون وٺي ۽ لڪل ٽجوڙين جو نشان پتو حاصل ڪري؛ ليڪن سر چارلس کي ھن وفادار ملازم خزاني جو واءُ به لڳڻ نه ڏنو.“ ان وقت (1843ع) منشي آوتراءِ جي عمر 31 ورھيه ھئي.

ميرن جو منشي آوتراءِ تي ايڏو اعتماد ۽ ايترو آرُ ھوندو ھو، جو حويليءَ جي دروازي تائين جتي نر پکيءَ کي به پھچڻ جي مجال نه ھئي، کيس وڃڻ جي اجازت ھئي؛ ٽالپري محلسراءِ جا مالي معاملات به سندس ئي سپرد ھوندا ھئا.

مير، جڏھن قلعي مان نڪري، گدوبندر واري بنگلي ۾ وڃي نظربند ٿيا، ان وقت منشي آوتراءِ کي انگريزن حويليءَ تي موڪليو، جنھن پنھنجي مالڪن جي رسم و رواج ۽ قاعدي قانون مطابق پرده داريءَ جو انتظام ڪري، ڏولين جي ذريعي، ديرن کي قلعي مان ڪڍي، گدوءَ پھچايو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته منشيءَ، سڀ کان پھريون لڪ چوريءَ ۾، انھن ڏولين جي ذريعي خزانو ڪڍرائي، ميرن ڏانھن موڪليو، ۽ ان کان پوءِ ديرن کي سوار ڪرايائين.

منشي آوتراءِ کي سر چارلس پنھنجي نوڪريءَ ۾ رکڻ گهريو، ليڪن ھن انڪار ڪندي چيو ته ’مان پنھنجي مالڪن کي ڇڏي ڪين سگهندس.‘ منشي صاحب سنسڪرت جو وڏو عالم ھو. سندس اولاد، انگريزن جي زماني ۾ به، وڏي وقار ۽ عزت سان رھيو؛ منشي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا: ديوان چيتن رام وڪيل ۽ گوبند بخش(1). منشي آوتراءِ، پنھنجون ياد داشتون، ديوان چانڊومل ٿڌاڻيءَ کي لکرايون، جيڪي ”سنڌ جا مير“ جي عنوان سان 1938ع ۾ شايع ٿي چڪيون آھن؛ ميرن جي تاريخ جا ان ۾ دلچسپ ۽ اکين ڏٺا واقعا ڏاڍي سھڻي نموني آيل آھن.

منشي صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي خان جي زماني ۾، نه فقط مالي وزير ھو، بلڪ مير صاحب جو صاحب خاص ۽ سندس ديوان انشا جو ناظم به ھو. ھو فارسيءَ جو جيد عالم ۽ انھيءَ دؤر جو بيمثل قادرالڪلام شاعر ھو. معاصر شاعرن سان سندس خاص دوستي ھوندي ھئي. مخدوم نور محمد بوبڪائي، مير غلام علي ”مائل“، صابر علي شاھه ”صابر“، ولي محمد خان ”ولي“ وغيرھه سندس خاص سنگتي ھوندا ھئا، ۽ ھڪٻئي جي تتبع تي شعر چوندا ھئا؛ ”محڪ خسرويءَ“ ۾ گهڻو ڪري انھن جا ھم طرح غزل جمع ٿيل آھن.

مير حسين الحسيني شيرازيءَ، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي نالي تي پنھنجو تذڪرو ”زبدة المعاصرين“ 1240ھه ۾ لکي معنون ڪيو: ان ۾ مصنف پنھنجي معاصرن جي شعرن جو انتخاب ڏنو آھي، ۽ ديباچي ۾ انھن شاعرن جو مختصر حال به قلمبند ڪيو اٿائين. سنڌ جي فقط چند شاعرن کي ھن ورتو آھي، جن مان ھڪ منشي صاحب به آھي: چنانچه ھيءُ ايراني النسل ۽ زبان دان نقاد جيڪي لکي ٿو، اھو منشي صاحب جي شاعرانه عظمت لاءِ بيمثل دليل آھي _ لکي ٿو:

”منشي صاحب راءِ ”آزاد“، اصلش ھندو مي باشد، و منشيﻋ سرکاران شو کتمداران مير کرم علي خان و مير مراد علي خان ميباشد؛ و شصت و پنج سال از عمر او گذشته، و در سخنوري عديل و نظير خود ندارد؛ و  درميان ھندو ھيچ کس متصف به ابن صفت نيست؛ و ساکن حيدرآباد سند است.“

ھڪ ايرانيءَ جي قلم مان اھو نڪرڻ ته ”در سخنوري عديل و نظير خود ندارد“، ھڪ ايڏو وڏو سرٽيفڪيٽ آھي، جيڪو ڪنھن به ٻئي ھندستاني شاعر کي مشڪل مليو ھوندو؛ ورنه ايرانين جو عام دستور آھي ته ايران کان ٻاھر جي جنھن شاعر کي پسند ڪندا آھن ته اڪثر فقط ايترو لکي ڇڏيندا آھن ته ”در پوچ گويان ھند غنيمت است!“

انھيءَ تذڪري جو صاحب، منشي صاحب کان ايترو متاثر نظر اچي ٿو، جو انتخاب جي عنوانن ۾ مير عظيم الدين جھڙي شاعر جو فقط نالو لکي ٿو، ۽ ھِن لاءِ لکي ٿو ته ”من کلام دولت دستگاه منشي صاحب راءِ آزاد“. اھا عنوان طرازي غالباً ھن ڪري به آھي، جو منشي صاحب مالي وزير ھو، ۽ ٽالپرن جي ”ڏيڻ وٺڻ“ جون ھُنڊيون سندس معرفت ڀربيون ھيون، ۽ اھا ڪشش ھڪ ايراني مسافر لاءِ ڪا گهٽ ڪانه ھوندي! مير حسينيءَ جي ھن اقتباس مان اھو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته 1240ھه (1824ع) ۾، منشي صاحب جي عمر 65 ورھيه ھئي، جنھن جو مطلب اھو ٿيو ته سندس تولد 1175ھه (1761ع) ڌاري ٿيو ھوندو، ۽ 1240ھه کان پوءِ 65 ورھين جي طبعي عمر کي پھچي، ستت ئي انتقال ڪيو ھوندائين.

منشي صاحب پُرگُو شاعر ھو. سندس ديوان به مرتب ٿيو ھو، جيڪو ممڪن آھي ته سندس پڙ پوٽي مسٽر لوڪمل جي نادر ذخيري ۾ موجود ھجي. اسان ھتي جيڪي غزل پيش ڪريون ٿا سي ”مجموﻋ، دلڪشا“، ”زبدة المعاصرين“ ۽ ”محڪ خسرويءَ(1)“ تان ورتل آھن. ”محڪ“ ۾ سندس 43 غزل آھن، ۽ ”مجموعه دلڪشا“ ۾ ھڪ قصيدو ۽ چند شعر ڏنل آھن، ھڪ غزل ”زبدة المعاصرين“ ۾ آيل آھي، ۽ ڪي منتشر اشعار متفرقه بياضن تان به مليا آھن.

مضمون طويل ٿي ويو آھي، تنھنڪري منشي صاحب جي شاعريءَ تي اسان بحث ڪرڻ نٿا گهرون: پڙھندڙن جي پنھنجي مذاق سليم ۽ سخن فھميءَ تي انھيءَ معاملي کي ڇڏيون ٿا.

منشي صاحب راءِ ”آزاد“ جو فارسي شعر

وه چه پرنور است يا رب روي رخشان ٖ شما!

شد خجل خورشيد پيش ٖ ماه تابان ٖ شما(2)؛

چون نه باشد خاطرم آشفته کاندر خواب شب،

ديده  ام  من  بارھا  زلف ٖ  پريشان ٖ شما؛

تا ز روي لطف بربندي بفتراک سمند

سر بکف استاده ام در راه جولان ٖ شما؛

ماه  يا  آئينه  خوانم  يا  شعاع ٖ  آفتاب،

يا  فروزان  آتشي  يا  روي   تابان ٖ  شما؛

مطلع ٖ خورشيد گويم يا تجلي گاه ٖ حُسن،

شعشعه  انوار  يا   چاک ٖ   گريبان ٖ  شما؛

اي بصيرت پيشگان زين ھر دو به باشد کدام،

خاک راه ٖ دوست يا کحل ٖ صفاھان ٖ شما!

بر  اميد ٖ  آنکه  روزي  رو  بميدان  آوري،

ھمچو گو افگنده ام سر را بچو گان ٖ شما(1)؛

زلف را فرما که با ما از رسن سازد مدد،

تا کشم بيرون دل از چاھه ٖ زنخدان ٖ شما؛

خود بده انصاف تا بھتر کدام است اي فلک،

چشم اشک افشان ٖ ما يا ابر نيسان ٖ شما!

مي کني سودا اگر با ما بجان يکبوسه اي،

سود من خواھد شدن ھم نيست فقصان ٖ شما؛

بر سر ”آزاد“ آمد، درد مندش ديد، کفت

غم مخور کاندر لب ٖ ما، ھست درمان ٖ شما.

 

الاھي نو بھار ٖ لطف ٖ معنى کن زبانم را،

گل افشان ساز شاخ ٖ خامهﻋ رنگين بيانم را!

ز بس محو ٖ خيال ٖ رنگ و بوي گلرخان گشتم،

ببال ٖ نالهﻋ بلبل به بنديد آشيانم را؛

نميدانم که مي ريزد نمک بر ريش ناسورم،

که لب برلب نمي آيد سر ٖ زخم ٖ نھانم را؛

کدامي شوخ بر گرد سرم گرديد، حيرانم،

که دل چون مرغ بسمل مي طپد در بر روانم را!

بتي نازک دماغ ٖ من که بوي گل نمي تابد،

کجا تاب آورد يا رب شر و شور و فغانم را!

چه باک از کوه سنگين ٖ گناه ٖ من که عفو او،

بدست ٖ مرحمت بر دارد اين بار ٖ گرانم را!

ھماي بخت چون ”آزاد“ برمن سايه اندازد،

پسندد گر سگ کوي تو جانان استخوانم را.

 

قدت را نخليﻋ جان آفريـــدنــــد،        لبت را آب حيوان آفـــريــــدنــــد؛

ز دل آشفتگيھـــا جمع کــــردنــــد،       ســــر ٖ زلف ٖ پريشــــان آفـريدنــد؛

خط ٖ پشت ٖ لبت را ھم چو طوطي،   بگرد ٖ شکرستـــان آفــــريــــدنـــــد؛

مرم را برسر ٖ کوي تو جــــانــــان،       ميان ٖ خاک غلطان آفريدنــــــد؛

فلک فرمانبر ٖ راي تــو بــــاشــــد،        قضا مشتاق ايماي تو باشــــد؛

ميان بسته به گلشن سرو ٖ آزاد،        غلام ٖ قد ٖ رعناي تو بــاشـــــد؛

به ابرويت چه نسبت ماه ٖ نـو را،        که کم از ناخن پاي تو باشـد؛

بخوبي طاق بـــاشــــد گــــر مه نــــو،      کجا چون نـــاخن پـــــاي تـــــو باشد؛

بچشم من نشين در موسم گرم،     که اين خسخانه خوش جاي تو باشد؛

سيه چشهان ٖ عالم جمله يـکسر،       فداي چشم شـھـــــلاي تـــــو بــاشد؛

به بستان ھمچو نرگس چشم بر ره،   گــــــل از بــــھر ٖ تماشاي تو بــاشد؛

سخن شيرين طرازد گرچه طوطي،      نه چون لعل ٖ شکرخاي تو بــاشد؛

شھنشاھـــــا عظيمــــا کــــامــــگــــارا،      فلک محکوم ايماي تو باشد(1)!

ز تشريف ٖ دو عالم ھر چه بھتر،       مـــــھـــــيـــــا بـــــھـــــر بــالاي تو باشد؛

نـــــوازش را سزاوار است ”آزاد“

که نيکو مدح آراي تو باشد.

 

ترا بکشتن من گر سر ٖ رضا بخشند،

مرا چه بھتر ازين حسن مدعا بخشند!

بجاي قطره فروبارد ابر نافهﻋ مشک،

اگر شميم ز زلف ٖ تو با ھوا بخشند؛

چه مدعاست اگر يکشنبي برم به وصال،

مرا بيار من و يار را بما بخشند !

نباشدش ھدف جز نشانهﻋ دل ٖ من،

اگر کمان ٖ ترا تير ٖ بي خطا بخشند؛

بجز تو نيست مرا ھيچ مدعا ديگر،

اگر مراد دلم حسب مدعا بخشند؛

بپاي يار زنم بوسه ھر زمان گستاخ،

چو زلف او اگرم طالع رسا بخشند؛

شوي مصاحب آئينه طلعتان ”آزاد“،

ز صدق عشق گرت طالع رسا بخشند.

فتنهﻋ چشم او چه ســـــر دارد، عـــــالمي پــر ز شور و شر دارد!

زلف مشکين عنبر افشانش، روز در جيب و شب بسـر درد؛

گل چه لافد بنازک انـــــدامي، کز رخش خار در جــــــگــــر دارد؛

نگه ٖ شــوخ آن بـــــت ٖ طـــــنّاز، بـــــر دلـــــم حکم ٖ نيشتر دارد؛

خط ٖ ســـــبزه بــــفتنه انگريزي،        .......................... کمر دارد؛

غنچهﻋ گل گرد نالهﻋ بلبــــل، گـــــرمـــــيﻋ عـــــاشـــقان اثر دارد؛

نه آورد ھيچ ياد کبک دري، لطـــــف رفتار که آن پسر دارد؛

باز آمد بھار و سبزه دمـــــيد، حـــــسن گـــــل نشهﻋ دگــــر دارد؛

 

چو نازنين ٖ من آيد به آن ناز دگر،

به  آن ٖ  آن ٖ  فزايد  مرا  نياز   دگر؛

نکرد   فکر ٖ  دقيق  مدققان ٖ  خيال،

ميان ٖ  مو  و  ميان ٖ  تو امتياز دگر؛

متاع جانُ دل ٖ ما ربود يک نگهت،

بترک ٖ چشم مفرما تو تر کتاز دگر،

به رازداريﻋ شيرين است تازه جان پرويز،

ولي بکوھکنش دست ذوق راز دگر (؟)؛

بجز تطاول زلفت ز بخت کوتاھم،

نمي رود به لبم شکوهﻋ دراز دگر؛

تو شمع جمع جمالي مرا چو پروانه،

ببزم عيش تو دادند سوز و ساز دگر؛

منم بمھر تو جانان علم بعالم عشق،

بخوان تو قصهﻋ محمود آن اياز دگر؛

کشيد طوق غلامي بگردن ٖ ”آزاد“،

چو قامتت نبود سر و سرفراز دگر.

 

بگلشن آمد آن مه چھره گل پوش،    ز بـــــلبل کـــــرد ياد ٖ گل فـــــراموش؛

کشد در بند تا صبد ٖ حــــرم را،       ز گيسو کرده مشکين دام بردوش؛

کند صد جان ٖ شرين را نـثارش،        اگر فرھاد بيــــند آن لـــــب ٖ نــــــوش؛

کنم آه از تھي آغوشيﻋ خـــود،        چو بينم ھاله را مه انـدر آغــــــوش؛

محال ست اين که خيزد تادم صور،   دلي کز چشم مستش گشت مدھوش؛

کشد گر صورتش ماني ز حيرت،      بماند چون لب تصوير خـــــامـــوش؛

به بيند گر مه ٖ نـــــو نـــــاخنش را،       کشد ھمچون غلامان حلقه در گوش؛

تــــرا ”آزاد“ وصـــــل ٖ مـــــاه ٖ رويــــــــــان ،

ميسر کي شود، بيھوده کم کوش!

 

دل نھادن بوفاي تو غلط بود غلط،

بيدماغي بجفاي تو غلط بود غلط؛

بر دل زار ھمه درد بدرد افزودن،

بتمناي دواي تو غلط بود غلط؛

آن جفاھا که کشيدم ز غمت از سر شوق،

در ره عشق براي تو غلط بود غلط؛

دامن افشان ز غبارم گذري زان سر ٖ کو،

خاک گشتن بھواي تو غلط بود غلط

تشنه مردن بدرت و ز لب ٖ جان پرور تو،

جستن ٖ آب ٖ بقاي تو غلط بود غلط؛

بسملم کرده ز حالم نگرفتن خبري،

جان سپردن برضاي تو غلط بود غلط؛

نازنينا ز سر عجز و نياز تو نياز،

ھر چه کرديم بجاي تو غلط بود غلط؛

چشم بد دور که چشم نظرم زان سر ٖ چشم،

چشم کردن ز وفاي تو غلط بود غلط؛

جز برخسار تو ”آزاد“ بھر سوکه کشاد،

چـــــشم اميـــد وراي تو غلط بود غلط.

 

اي بي تو حرام در چمن حـــــظ،        بي روي تو نيست از سمن حــــظ؛

شيرين نبود حــــديث ٖ قـــــنـــــدش،       برد آنکه ازان شکـــــر دھــــــن حــــــظ؛

اي سوخته ھمچو خـــــون بخاطر،        بي لعل تو لعل در يـــمـــــــن حـــــظ؛

جــــان دريـــــدنـــــم در گـــــريـــــبـــــان،       تا يافـــت قـــــبـــــا ازان بـــــــدن حـــــظ؛

بـــــي نـــــافه زلـــــف عـــــنـــــبـــــرينت،      از عين خطاست در خـتـــــن حــــــظ؛

آورده ز سنـگ نقش شـــــيريـــــن،        زان يافت ز تيشه کوھکـــن حـــــظ؛

يا رب چه رساست بخت ٖ زلفش،       کـــــز بـــــوســـــه بـــــرد ازان ذقن حـــظ؛

زان دير بــــــر آيـــــد از دھـــــانـــــت،        کـــــز لعـــــل تـــــو يافته سخن حـــظ؛

پروانه صفت بشمع رويت،

”آزاد“ برد ز سوختن حظ.

 

تيغ بازيﻋ ابروي خم دار ما دانيم و دل،

نيزه داريھاي چشم ٖ يار ما دانيم و دل؛

ھر زمان در خرمن ٖ جانم شراري مي زند،

شعله کاريﻋ آه آتشبار ما دانيم و دل؛

بھر ٖ سامان ٖ نثار ٖ مقدم ٖ ميمون ٖ يار،

درفشاني چشم گوھر بار ما دانيم و دل؛

از ره ٖ لطف ٖ نھاني مخفي از چشم ٖ حسود،

دلنوازي ھاي آن دلدار ما دانيم و دل؛

دم بدم از کاوش مرﱞگانت اي گل پيرھن،

خار خار ٖ سينهﻋ افگار ما دانيم و دل؛

گفته بيزارم ............................ اي دلربا،

گر شدي اذکار ٖ دل بيزار ما دانيم و دل (؟)؛

دل ز من بردي و کردي با من و دل بارھا،

آن چه در جور و جفا تکرار ما دانيم و دل؛

دوش در حرف ٖ رقيبان کار من ميکرد راست،

خوبيﻋ اين بر غلط گفتار ما دانيم و دل؛

از خدنگ ٖ او کدامي دل که او پر خون نشد،

تيزيﻋ آن غمزهﻋ خونخوار ما دانيم و دل؛

خوبيﻋ گل را شناسا نيست جز بلبل کسي،

جلوهﻋ انوار آن رخسار ما دانيم و دل؛

قـــــدر جـــــوھـــــر جوھري داند نداند ديگري،

عشق را اين گرميﻋ بازار ما دانيم و دل.

آن حلقهﻋ زلف تر روئي تو جانان در بغل،

دادند  دور  ھاله  را   ماه ٖ   درخشان   در   بغل؛

نازيم اعجاز ترا کز دور خطّ مشک سا،

دادي شب يلداي را خورشيد تابان در بغل؛

نبود عجب سازد کنون کز خانهﻋ مردم زبون،

اشک مرا کز موج ٖ خون جوشيد طوفان در بغل؛

خواھم کنم سر را چوگو بازيچهﻋ ميدان او،

آن شوخ طفل شرّخوگيرد چو چوگان در بغل،

اي لاله روي سيم تن تا رفته اي از پيش من،

جان کشته عاجز دربدن دل مانده حيران در بغل؛

کي عاشق رويت بتا گردد به بستان ره گرا،

باشد گل روي ترا صد باغ رضوان در بغل؛

ھردم خلد خارد بجان کز تير آن ابرو کمان،

چون غنچه دارم من نھان يکمشت پيکان در بغل؛

شب بود احوال توچون در بزم غير اي مه کنون،

مست آمدي آشفته کان زلف ٖ پريشان در بغل (؟)

ھردم ز اشک ھمچو دُر آرم بدامنھا گهُر،

دارم ز فيض چشم تر صد ابر نيسان در بغل؛

پرواي جان دار م کجا صد ره کنم بر تو فدا،

يکدم گر از مھر و وفا باشي تو جانان در بغل؛

تا اي بت ٖ شيرين سخن با غير گشتي ھم سخن،

”آزاد“ رفـــــت از انجمن صـــــد داغ حـــــرمـــــان در بــــغل.

 

آمدم ياران بجــــان از دســــــت دل،     ميزنم ھردم فغان از دســـت دل؛

بارھاي ناله مي بنــــــدم ز غـــــــــم،     کاروان در کـــــاروان از دســــــت دل؛

ھردم از مرﱞگان ٖ چشم ٖ پــــرفنش،      ميخورم تيغ و سنان از دست دل؛

غم مخور اي جان که در ميدان ٖ عشق،        ميبرم اينک عنان از دســت دل؛

زين دو چشم ٖ خون فشان راز دلم،     پيش مردم شد عيان از دست دل؛

خوش مصاحب بود عقل و جان مرا،  رفت يک يک اين زمان از دست دل؛

شد بکام دشمنان جانم ضعيف،  از کدامي دوستان از دســــــت دل؛

گشت در بيماريﻋ عشق ٖ تو جان،     ھمچو چشمت ناتوان از دست دل؛

بي تو ھر شب نالهﻋ مـــــن ميــرود،      تا سحر بر آسمان از دســــــت دل؛

در کشاکشھاي زلف و کــــاکلــش،     جان فگندم درميان از دسـت دل؛

زار مي نالم برنگ ٖ عــــــنــــدليــب،     با ھزاران داستـــــان از دســــــت دل؛

دل بسوي محملش من چون جرس،    در پس ٖ افغان زنان از دست دل؛

آن چه با ما کرد با صدق و يقين،     کي مرا بود اين گمان از دست دل؛

ذرّه وار ”آزاد“ مي غلطد بخاک،

اي مه ٖ نــــــا مھربــــان از دست دل.

 

مرا  که   دل  بخم ٖ  زلف  عنبرين   دارم

چه حاجت است که پرواي مشک چين دارم!

شراب  و  شاھد  و آب ٖ روان و گل بچمن،

حرام گر ھوس جنّت برين دارم؛

ز  خندهﻋ  لب  و  چين ٖ  جبين  آن  گلرو،

پيﻋ حرارت ٖ دل سرکه انگبين دارم؛

صبا بخدمت يعقوب از زليخان گو،

دگر مپرس ز يوسف که من ھمين دارم؛

ز نوبھار رخ او که گلشن ٖ جانھاست،

چمن چمن گل و نسرين و ياسمين دارم؛

فروغ بخت من امروز رشک خورشيد است،

که بر مراد دل آن ماه ھمنشين دارم؛

بنــــــالــــه ھمدم ٖ قمري و بلبلم ”آزاد“،

مگر بدل ھوس ٖ سرو گل جبين دارم.

 

جانم از درد بجانست بجان ٖ تو قسم،

ھم آنم ز غمت زار به آن ٖ تو قسم؛

قامت از جلوه  بر افراختن ٖ خوبان  را،

علم ٖ ناز نگون گشت  بشان ٖ تو قسم؛

ھمه داري و نه داري بمن اي ماه زمھر،

ذرهﻋ لطف بخورشيد  رخان ٖ تو قسم؛

من  نگفتم که دھان ٖ تو بود ھيچ  ز ھيچ،

ھست شکل ٖ سر ٖ موي بميان ٖ تو قسم؛

نيست امروز درين عرصه کسي از خوبان،

ھم عنان ٖ تو نگارا بعنان ٖ  تو  قسم؛

در چمن قمري و بلبل شده حيران بي تو،

گلعذارا   بسر  سرو ٖ  چمان ٖ تو قسم؛

ميرسد راست ز ابروي تو تير ٖ مرﱞه ات،

بر دل و جان بسر تير و کمان ٖ تو قسم؛

اين زمان سر بخط بندگيت بنھادند،

سرفرازان ٖ  زمانه   بزمان ٖ   تو   قسم؛

بدگماني مکن اي دوست که ”آزاد“ صفت،

بيقين بــــــنــــــــده امت من بگمان ٖ تو قسم؛

 

ندارد جز جفاکاري دل آزاري که من دارم،

نمي ورزد وفا گاھي جفاکاري که من دارم؛

بخاکم مينشاند چون ھدف از تير مرﱞگانھا،

نشان نه دھدکسي ز نشان کمانداري که من دارم؛

ندارد ياد جان ٖ کوھکن کاه از غم شيرين،

ز جور خسرو ٖ خوبان بدل باري که من دارم؛

بغارت برد دل را ميرسد اکنون بقصد جان،

جفا جو تند خوياري ستمگاري که من دارم؛

دلم از قيد زلف او نمي خواھد رھائي را،

چه الفتھا ست با دامش گرفتاري که من دارم؛

ببازار محبت ميکنم سودا غمش با جان،

که دارد در جھان اين زور بازاري که من دارم؛

اگر بختم کند ياري بتو روشن کنم روزي،

ز ظلم زلف شبرنگت شب تاري که من دارم؛

ببازم سر بکار عشق او ز انسان که کس ھرگز،

نخواھد داشت با عشقش سروکاري که من دارم؛

بــــــتــا از حد مبر درد دل ”آزاد“ مسکين را،

حذ رکن از تف ٖ آه ٖ شررياري که من دارم.

 

در رخ جانان جمالـــــــي ديــــــده ام،        حــــــسن در حـد کمالي ديده ام؛

شب بزانوي تو خواب آمـــد مــــــرا،        يا بخواب اندر خيالي ديده ام؛

کوھکن آسا بجان کندن خوشم،         دلبر شــــــيرين مــــــقـالي ديده ام؛

...........................................      ز ابروي جانان ھلائي ديـــده ام؛

کاکلت را مشک چين گفتم ولي،       زين خطا بس انفعالي ديده ام؛

بسکه کاھيد از غم بـدر رخــــــت،        ماه ٖ نو را چون ھلائي ديده ام؛

زلف تو شام فراق عــــــاشــــــقـــــــان،        روي تو صبح وصالي ديده ام؛

بــــــرسر ”آزاد“ از روي اکرم،

مھرباني را کمالي ديده ام.

 

ز لعل تو نوش شکــر مي بــــــرم،      شـــکر چيست ذوق دگر ميبرم!

دھانش بود ھيچ بل کم ز ھيچ،       بــــــرازش گمان اين قدر ميبرم؛

خــــــيـــال رخ صندلــــــين رنــگ او،      عـــــلاج از پيﻋ درد سر ميبرم؛

پريشانيﻋ کاکــــــلـــش ديــــــده ام،      بجـــــــمعيت دل خــــــبــــــر ميبرم؛

بسوادي زلــف تــــــو عــــــمــــــر دراز،      به آ شــــــفنگيھا بــــــســر ميبرم؛

بدامن در افگنده طفل سرشک،        يتيـــمــــــانه اش در بــــــدر ميبرم؛

صبا ھم بکويت نيارد گذشت،        عبث منت ٖ نــــــامه بــــــر ميبرم؛

بھر حيله گر بخت ياري کــــــند،        رقــــــيــــب از در او بـــــدر ميبرم؛

چو بکشايد از قوس ابرو خدنگ،      من از سينه پيش سپر ميبرم؛

چو ”آزاد“ صد آرزوھا بدل،

بخود زاد راه ٖ ســــفر ميبرم.

 

ز تشريف تو گــــر خــــــبر داشـــتم،        گــل و لالــــه در راه ميکاشتم(1)

عجب نر گست مردم آزار بــــود،         مـنـش ھـــــر زه بيمار پنداشتم؛

خيالت که چشم بدش کم رساد،        ز مــــــردم بديده نھان داشتم؛

بمن ذرهﻋ مـــــاه مــھـــــرت نـــــبــــود،        غــــلط من وفادارت انگاشـنم؛

بوصف ِ قدت کار بالا کــــــشيد،         قلم را علم چون برافراشـتم؛

چو ”آزاد“ در نامه شرح غمت

بخون ٖ دل و ديده بنگاشتم.

 

 

غم نامهﻋ خود را سوي جانان چه فرستم،

اين حرف پريشان بسخندان چه فرستم!

احوال دل زار بزلفش ننويسم،

پيغام پريشان بپريشان چه فرستم!

بيتابيﻋ دل را نه کنم عرض بجورش،

ديوانه نيم، قطره بطوفان چه فرستم!

ما و سر آن زلف پريشانيﻋ شبھا،

دل را بعبث در پيﻋ سامان چه فرستم!

از دل ننويسم رقم شکوه بجانان،

کيفيّت موري بسليمان چه فرستم!

دل طاقت ايماي نگاھش چو ندارد،

بازش بصف خنجر مرﱞگان چه فرستم!

مھمان عزيز ست غمش در دل ”آزاد“،

جان نزل حقيرست بمھمان چه فرستم!

اي ترا در سخن گهر معـلــــــوم،        وز لــــــبت ريــــزمش شکر معلوم!

جز جمال رخت نــــــظر نــــــکنــــــم،       تا بــــود نــــــور در نــــــظــــــر معلوم؛

گشتم از فکر ھمچو مو باريک،       از ميانت نشــــــد خــــــبــــــر معلوم؛

شبنم از گريه يافت مسند گل، گشت اقبـال چشم تــــــو معلوم؛

نـــسبت او بــــــود بــــــموھومــــــات،       از دھانش نـــــه شــــــد دگر معلوم؛

پــــــســـــر ٖ برھمــــــن ربــــــود دلــــــم،       که ز پردش بود ثمر معلوم؛ (؟)

ھـــــــســــــت ”آزاد“ را ز دولــــــت او،

روي چون زر و ليک زر معلوم.

گلرخي، غنچه لبي، مو کمري، بھتر ازين،

ديدهﻋ دھر نديده دگري بھتر ازين؛

به تماشاي جمالت شده لبريز نشاط،

حاصل ديده نباشد نظري بھتر ازين؛

غير خون خوردن بيمار غمت نيست مگر،

چشم فتان ترا خود ھنري بھتر ازين؛

نامهﻋ درد نوشتم مددي آم رسا،

که نداريم دگر نامه بري بھتر ازين؛

دوش در بارگه ٖ بزم تو اي ماه مرا،

بار دادند و ليکن قدري بھتر ازين؛

گل بسر، شيشه ببر، جام بلب، چنگ بکف،

نيست ميخواره بت سيمبري بھتر ازين؛

قاصد از مرگ رقيبان تو ام داد نويد،

خير مقدم نبود خوش خبري بھتر ازين؛

سر ما خاک ره کوي بتان گشت کنون،

بفداي تو بياريم سري بھتر ازين؛

ديده  بانان ٖ  قفس  در   بکشايند   مرا،

تا بشوقش بزنم پال و پري بھتر ازين؛

شاه ما مير ٖ زمان کرم علي خان ست دلير،

که نباشد بجھان تاجوري بھتر ازين؛

نظم ”آزاد“ چه در سفت بسلکٖ سر کلک،

صــــــدف شــــــعر نــــــدارد گهــــــري بھتر ازيـــــن.

اي طرهﻋ تو خم خم و گيسو شکن شکن،

در ھر شکن اسير دل صد چو من چو من؛

شرمنده از عذار تو گلھا چمن چمن،

شيواي آھوي تو غزالان ختن ختن؛

اي شب ندانمت که چه دلھا شکستهﻋ،

در مجلس تو بود صداي شکن شکن؛

در شام ٖ غربت ٖ خم ٖ زلفت دلم چو ديد،

صبح ٖ صفاي روي تو، گفتا وطن وطن؛

از فيض چشم تر مرﱞهﻋ اشکبار ٖ من،

افشاند بر قدوم تو درھا عدن عدن؛

گفتي زکواة آن لب شيرين دھم دو بوس،

من مستحق ٖ زار ضعيفم بمن بمن!

در  سوز  و  ساز  ماتم ٖ  پروانه  تا سحر،

شمع از جگر گريسته خون شب لگن لگن (؟)؛

در تلخيﻋ فراق تو گاھي ز ذوق ٖ وصل،

نشنيده ايم زان لب ٖ شيرين سخن سخن؛

بر روي غير چون برخ من نظر کني،

بھر خدا که چين بجبينت مزن مزن؛

”آزاد“ واقــــــفي کــــــه دل يار نازکست،

مُھر ٖ سکوت بر دھن ٖخود بزن بزن.

 

يار با اغيار شد، آثار ياري را ببين!

دشمن جان گشت شرط دوستداري را ببين!

دل درون ٖ سينه مي رقصد ز شوق بسملي،

برسر تيغ تو جانان جان نثاري را ببين!

کامگار ٖ ملک ٖ خوبي دلبر ٖ خودکام ٖ من،

کام ٖ  من  ناداده ناز ٖ کامگاري را ببين!

زار ناليدم ز دردش سخت جان آزاد شد،

دردا چون سنگ ٖ او تاثير ٖ زاري را ببين!

برسر ٖ کويت رقيبان شرمسار کرده اند،

شرم دار آخر ز من اين شرمساري را ببين!

گــــــر کــــــند ”آزاد“ فريـــــاد از غمت زجرش مکن،

ضعف ٖ طاقت را نگه کن، درد ٖ ياري را ببين!

 

از کرم شد يار يار ٖ مــــــن بــــــمن،  کــــــرد يـــــاري روزگـــــار ٖ من بمن؛

زارتر کــــــرد ســــــت کــــــار ٖ زار ٖ دل،     گــريــــــه ھــــــــــاي زار زار ٖ من بمن؛

برخلاف ٖ دشمنان اي دوســــــتــــــان،      دوســتــــــدار و دوستدار ٖ من بمن؛

اختيـــــــاري راز پــــــوشــــــيدن نــــــداد،     گــريهﻋ بــــــي اختيـــــــــار ٖ من بمن؛

شد ز ساز ٖ بخت سازنده کنـــــون،      داد ســـــــرو ٖ گــــــلــــــعذار ٖ من بمن؛

ناله چون بلبل فغان چون عندليب،     سازد از مــــــا ســــــازگار ٖ من بمن؛

ميکند صد تيغ بازي از نــــــگهه،      چشم ٖ ترک ٖ دل شکار ٖ من بـمن؛

ناگواره کرد ھجر ٖ او چـو مــــــرگ،       اين حيات ٖ خوشگوار ٖ مـن بمن؛

 

باز چون ”آزاد“ غمخواري نمود،

از کرم آن غمگسار ٖ من بمن.

 

چه خـــوش باشد بفصل نوبھاران،      شــراب لــــــعـــــل و لعل ٖ گلعذاران!

چـــو زلفت خــــــانمان آواره گشتند،      ازان کاکـل پــــــريشان روز گــــــاران؛

کف خاکم براھت رفت بــــــربــــــاد،     چـــه نعمت شـد نصيب ٖ خاکساران!

سر مرﱞگان بکويت خاک ره نيست،     که خون نـاکرده چشم اشــکباران؛

ترا من دوست ميدارم و ليــــــکن،      شــدي دشـــمن بجان ٖ دوستداران،

بچشم ٖ مست و لعل ٖ مي فروشت،   شـــکســــــتي تــــــوبــــهﻋ پرھيزگاران؛

مفرما چشم را ايما بخون ريــــــــز،       تــرحـــم کــــــن بــــــحــــــال دلفگاران؛

برنگ ٖ گل گريبان چاک کردند،

بــــــبويت ھمچو ”آزاد“ ت ھزاران.

 

بلبت که خوش نباشد بلبم شراب بي تو،

بغمت که شد دل ما ز غمت کباب بي تو؛

بنگر به لاله و گل که ستاده اند حيران،

بچمن پياله بر کف ز شراب ناب بي تو؛

ز سر ٖ کرامت اي گل نظري بجان ٖ بلبل،

که فگنده شور و غلغل بدل ٖ خراب بي تو؛

چه کشي ميﻋ مروّق برخ ٖ رقيب ٖ شادان،

چو مرا نيابد از غم به گلو خوش آب بي تو؛

تو بيا که زنده مانم ز غمت وگر نه جانم

بلب آمد روانم ز سر شتاب بي تو؛

دل ٖ عندليب نالان چه کند که خون نگريد،

که گل از غم تو گشته ھمه تن گلاب بي تو؛

چه کنم بشام ٖ ھجرت سر و برگ شادماني،

که نمک بديده ريزد شب ٖ ماھتاب بي تو؛

دل مستمند ”آزاد“ بخدا کــــــه بــــــازيــــــابـــــي،

که کشيد از فراقت غم ٖبي حساب بي تو.

 

عمرم سر آمد در مھرت اي ماه،      گشتي نه يکدم از حــــالم آگـــــــاه؛

استاده خضر است بر آب ٖ حيوان،      بر لعل ٖ جان بخش آن خط دلخـواه؛

دل غـــافلانه ســـــــوي زنخ رفـــــــت،       يا رب نگه دار مستي است بر چــاه!

گــــــيرم که شمشاد ماند بقدت،       گو حسن رفتار گو روي چون ماه؛

رفتند بـــــــپــايت ھر لحظه جانان،       عذري که دارد آن زلـــــــف ٖ دلخواه!

شرح ٖ غم ٖ يار ”آزاد“ عاشق،

پـــــــايان ندارد اين قصه کوتاه.

 

اي که شمشير بکف تاخنهﻋ، يعني چه!

طرح ٖ جور و ستم انداختهﻋ، يعني چه!

راست با جمله  جھان ساختهﻋ، يعني چه!

کجک ٖ  جور  بما  آختهﻋ،  يعني  چه!

در صف سروقدان با قد ٖرعنا چو سھي،

علم ٖ    ناز    بر   افراختهﻋ،    يعني!

بي ثباتي گنه اي شوخ بقتل ٖ من زار،

تيغ ٖ ابرو ز ميان آختهﻋ، يعني چه!

بار دل بردن  ”آزاد“ بطرز ٖ ’حافظ‘،

مست خــــــانه برون باختهﻋ، يعني چه!

 

دل  ربود  دلبر ٖ  شنگي   که  واه  واه!

رنگ ٖ رخم بريخت برنگي که واه واه!

بکشاد چين و زلف ٖخود آن کافر ٖ خطا،

در چشم وا نمود فرنگي که واه واه!

سرمست نيم خواب بکف ساغر ٖ شراب،

بر لب نھاده گوشهﻋ جنگي که واه واه!

لعلش به نيم بوسه بمن کرد آشتي،

چشمش ز فتنه خواست بجنگي که واه واه!

در دل نشسته تير تو نازم ز شست تو،

کافگنده بر نشانه خدنگي که وا واه!

ز  ابرو  کشيد تيغ بتاراج ملک ٖ  دل،

گشته  سوار  برسر ٖ  خيلي  که  واه واه!

”آزاد“ از حـــــــوادث  ٖ دوران شھنشھـــــــا،

در دامن ٖ تو بر زده چنگي که واه واه!

 

زد طعنه رخ و زلف تو بر سنبل و لاله،

چشم تو گرفت آھوي بر چشم ٖ غزاله؛

يا رب نه دھي صبح شبي را که دھد دست،

صھباي دو ساله صنم چار ده ساله؛

خط نيست بروي چو مھت کز بن ٖخونم،

آورد برون شاھد حسن تو قباله؛

از سرمهﻋ چشم تو برم پيش که فرياد،

خون  کرده  دلم  بسته  برونم  در ٖ  ناله؛

”آزاد“ چه تدبير کني در خم زلفش،

کـــــن کار ٖ دل ٖ خويش بتقدير حواله.

 

تا لعل شکّر ريز تو جانان بگفتار آمده،

شيرين لبان از حسرتش در رنج تيمار آمده؛

تا اي عزيز ٖ مصر ٖ جان رويت ز برقع شد عيان،

يوسف ز جان نقد ٖ روان برکف خريدار آمده؛

با آنکه از اعجاز ٖ لب باشي مسيحا بوالعجب،

چشم تو اندر روز و شب بھر ٖ چه بيمار آمده؛

اي لاله رو، نسرين بدن، تا رو نمودي در چمن،

گل چاک کرده پيرھن بلبل ز گفتار آمده؛

در شرح ٖحسن ٖ دلبران ميرفت حرف ٖ زان ميان،

از گفتگوي در بيان موتي بتکرار آمده؛

اي رشک ٖ ماه و مشتري خوشتر ز مھر ٖ خاوري،

جانان چه ظالم دلبري کز تو دلم زار آمده؛

بر روضهﻋ رضوان دگر ھرگز نيندازد نظر،

در کوي تو اي سيمبر ھر کس که يکبار آمده؛

اي غم کنار از من گزين کان زھره سيما مـﮧ جبين،

آمـــــــد بـــــــر ”آزد“ حـــــــزيـــــــن دلـــــــدار و غم خوار آمده.

 

دل که جوياي مشت ٖ زر گــــشته،        بــــھــــــر آن يــــــار ســــيمبــــر گشته؛

روي تو مطلع ســـــــحـــــــر گـــــــشته،       موي تـــــو لــــيــــلـــــة الــــقــــدر گشته؛

پرده از رو چه بـــــــرکـــــــشيد از ناز،       رشک صــد شمش وصد قمر گشته؛

حرف ٖ لعل ٖ تو بر زبـــــــان آمـــــــد،       دھــــن از ذوق پُــــر شــــکــــر گشته؛

نيست ممکن دگر بھوش آيـــــــد،       دل کزان چشم بي خبـــــر گشته؛

موشگافي کند چرا نـــــــه قـــــــلـــــــم،     کــــــــاشـــــــــف ٖ راز آن کــــمــــر گشته؛

ھـــــــر ســـــــر ٖ مو ز دشنهﻋ مرﱞه اش،      بـــر رگ ٖ جــــان چو نيشتر گشته؛

از غمت چشم تر لب ٖ خشــکم،       حسـرت افــــــزاي بحـر و بر گشته؛

مردمـــان در ره ٖ نـــــــظـــــــارهﻋ تـــــــو،       ھمه تن چــــــشــــــم منتظر گــشته؛

ز ابر نيسان کلک من ”آزاد“،

صــــــدف ٖ شعر پُر گهر گشته؛

 

وه که در بزم من اي شمع طراز آمده اي!

چشم بد دور که پروانه نواز آمده اي!

شوخ چشمي چکنم با تو من اي طفيل سرشک،

که ھمه پرده در و کاشف ٖ راز آمده اي؛

توئي اي شوخ ستمگر که بصد شيوهﻋ ناز

بھر دل بردن ٖ ارباب ٖ نياز آمده اي؛

نيست ممکن دل ٖديوانه ز قيد تو رھد،

کز خم زلف دوتا سلسله باز آمده اي؛

جازنينان ٖ   جھان   جمله    بناز    برند،

تو که امروز چنين برسر ٖ ناز آمده اي؛

نــــــظــــــري ســــــوي دل ٖ غــمــــــزده ”آزاد“ ت،

جان ٖ من چون ز کرم بنده نواز آمده اي.

 

از بــــــر ٖ مــــــا ھمان کــــــه ميدانـــــي،       کــــــرد يغنا ھمــــــان کــــــه ميداني؛

راست باشد چـو قامتت، ليکــــــن،        نيست رعنا ھمان کــــــه ميداني؛

مــــــکــــــش امــــــروز عــــــاشقــــانت را،       ھست فردا ھمان کــــــه ميــــــداني؛

چون فـــــروزي ببزم چھره ز نــــــاز،        تو شمع ما ھمان کــــــه ميــــداني؛

عيب مجنون مکن بناله که داشت      محمل آرا ھمـــان که ميــــــدانــــي؛

رحم بر خستهﻋ غمش ھمه کس         کند، الاّ ھمـــان کــــــه مــــــيدانـــــــي؛

در شب ِ وصل مــــونس جــــــانــــــم        شود، آيــــــا ھمــــــان کــــــه ميداني؛

ھست ”آزاد“ بر درت ز قديم،

شــــــود آيــــــا ھمــــان که ميداني؛

 

دلم از درد ھجرت مبتلا ميخواستي کردي،

مگر اين مدعا را از خدا ميخواستي کردي؛

بدين شوخي و بي باکي ز روي کم نگاھيھا،

بکويت مشت خاکم را فنا ميخواستي کردي؛

ز روي کج روائيھا براھت اي کمان ابرو،

مرا  قربان ٖ  آن  تير ٖ جفا ميخواستي کردي؛

چو گل ناسور ٖ زخم ٖ ما مبندد لب بلب ھرگز،

بدين شوخي نمک در ريش ما ميخواستي کردي؛

تو راه عقل و جان ٖ ما به جادو کاريﻋ چشمت،

بچين زلف ٖ مشکينت خطا ميخواستي کردي؛

بمقراص ٖ غم دوري بخارد روي مھجوري،

چو گل پيراھن ٖ عمرم قبا ميخواستي کردي؛

براه ٖ  عشقت  آخر  رفته رفته  از نحيفيھا،

تنم را نقش روي بوريا ميخواستي کردي؛

نشستي فتنه بنشاندي بعزم خامشي ناگهه،

ز قامت صد قيامت را بپا ميخواستي کردي؛

به تيغ غمزهﻋ نازت بناحق ريختي خونم،

و زان خون برکف پايت حنا ميخواستي کردي؛

ز خــــــون بيـــــگنـــــاھـــــان ســـــــــيلھا راندي بھر وادي،

بکويت گشت خون چون کربلا ميخواستي کردي.

 

اي  ماه ٖ عکس ٖ  طلعت ٖ  زيباي کيستي،

مرجان شبيھه، لعل شکر خاي کيستي!

چشم در انتظار تو خون شد برھگذر،

نور ٖ   نگاه   ديدهﻋ   بيناي    کيستي!

صد ملک دل به نيم نگه کرده اي خراب،

ھر ھفت کرده باز به يغماي کيستي!

بلبل بدن ز شوق ٖ تو صد خار ٖ غم شکست،

اي گل تو خون بجوش ز سوداي کيستي!

جعد ٖ  بنفشه  گون  بسر ٖ   زلف    تابدار،

صد  تاب  داده  بھر ٖ  تماشاي کيستي!

خون  بست  نافه  در  دل ٖ آھو  ز شوق تو،

اي وحشيﻋ رميده ز صحراي کيستي!

”آزاد“ گـــــون ســـــتاده بيکپاي قائمي،

اي راست قد ٖ بندهﻋ بالاي کيستي!

 

 

کن تازه بمن عھد وفارا دو سه روزي،

بگذار ز خود طرز جفا را دو سه روزي؛

اي خسرو خوبان بدرت ما دو سه روزيم،

کن لطف بران مشت گدا را دو سه روزي؛

بالاي  بلاخيز ٖ  تو   دارد   سر  رفتار،

بنشين و نشان شور بلا را دو سه روزي؛

دارد   دل ٖ   ديوانه   بزلف ِ  سروکاري،

اين سلسله مکشا خدا را دو سه روزي؛

در حسرت ٖ آغوش تو جانم بلب آمد،

بکشا ز ھم آن بند قبا را دو سه روزي؛

مشتاق لقاي تو ام اي ماه ٖ دل افروز،

کم پوش ز من روي دلا را دو سه روزي؛

 

خستي دل ”آزاد“ ز بيداد ٖ تغافل،

ره داد بتا ناز و ادا را دو سه روزي.

 

ز چه رو تو اي پري رو ز برم رميده باشي،

چه شود اگر زماني بمن آرميده باشي!

بتو شمع گر ز دعوى بزبان درازي آيد،

بسرت که جاي دارد سرت از بريده باشي!

ز تو اي صبا به رشکم چو روي بکوي يارم،

که مباد خواب باشد تو برو وزيده باشي!

ھمه شب بناله بستم ره ٖ خواب مرغ و ماھي،

تو ھم از زبان ٖ مردم خبري شنيده باشي!

چه خوش است يا رب آندم که به رغم دشمنانم،

تو بدوستيﻋ خويشم ز ھمه گزيده باشي!

بدرت رقيب بدخو چه ستم نموده باما،

که کسي نه کرد باکس تو ھمه اش شنيده باشي!

چه کني ستم بر ”آزاد“ که ز روي صدق باطن،

بـــــوفـــــاي  او غـــــلامـــــي نـــــه بـــــزر خـــــريده باشي!

 

اي از جمال عارضت در رشک ماه و مشتري،

وز جلوهﻋ تاب رُخت بي تاب مھر ٖ خاوري!

آئينهﻋ شمس الضحى يا شعشهﻋ بدرالدجى،

يا مطلع صبح صفا يا روي زيبا آن پري!

گيسو برو آويخني شب را بروز آميختي،

غوغا بخلق انگيختي زين شيوهﻋ جادوگري!

خوبان بکويت خاک ره سيما بخاکت سوده مھه،

در حسن ٖ خوبي بي شبھه از خوبرويان بھتري!

ماني ترا بيند اگر اي لعبت ٖ چين يک نظر،

ماند ز حيرت بيخبر شرمنده از صورت گري!

در انـــــتظار ســـــيمبر ”آزاد“ را خـــــون شـــــد جگر،

در پيش نمي آري گذر جانان چه ظالم برتري!

 

ھان اي نيسم صبح بکوي که ميروي؟

داري بجيب مشک بسوي که ميروي؟

سر تا بپا لرزه گرفتست در تنت،

اي  آفتاب ٖ  روي   بروي  که  ميروي؟

دادي بناي خانهﻋ مردم بزير آب،

اي سيل ٖ اشک باز بسوي که ميروي؟

آتش بجان خشک و تر افتاده از دمت،

اي  سرو  ناز بر لب ٖ جوي که  ميروي؟

”آزاد“ سالھا ست که دل رفت از برت؛

اکنون بکو سراغ به سوي که ميروي؟

 

مخزن  سرّشد   خدا   جز خاطر ٖ  آگاه  نيست،

ور نه ھر دل را که مي بيني ازو گمراه نيست،

بندهﻋ  جور ٖ  تو  ام  لطفت  نمي خواھم دگر،

ز آنکه آن دائم بود اين گاه ھست و گاه نيست؛

ناوک ٖ   خونخوار ٖ   مرﱞگان ٖ   درازش   را نگر،

کش  بقربان ٖ  دلم  دست ٖعمل  کوتاه نيست،

بسکه باريک است آن موي ميان، فکر ٖ مرا

باوجود ٖ مُوشــگافيھا    برازش    راه    نيست،

دل  ز  مستي  بر  زنخدان ٖ تو  گردد ھر زمان،

وه چه مستت اينکه ھيچش بيم و باک از ماه نيست،

ھر چه ميخواھد دلت از فيض ٖ لطف حق بخواه،

ھيچ منع ٖ کامجوئيھا درين درگاه نيست،

ھـــــرکـﮧ چـــــون ”آزاد“ رخـــــسار تـــــو دارد در نگاه،

چشم جانش را نظر بر روي مھر و ماه نيست،

 

چنين که عارض ٖ زيباي يار گلرنگ است!

چه جاي گل که گلستان بروي او ننگ است!

گهي بناز برد دل ز من گهي ز ادا،

مدام چشم ترا کار مکر و نيرنگ است!

ميان ٖ  سبزهﻋ  خط ٖ تو خال ٖ مشکينت،

فتاده حبهﻋ افيون بکاسهء بنگ است!

نمي شود دل ٖ عاشق شود بصبر قريب،

ز عشق و صبر و مسافت ھزار فرسنگ است!

ز رشک جان ببدن ميدرد گريبانم،

تنت گرفته قبا بسکه در بغل تنگ است!

نــــــــــــــگــــــــــــــاه دار دل ٖ خــــــــــويــــــــــش را اي ”آزاد“،

که دلربا بُت من شوخ ظالم و شنگ است(1).

[”مھراڻ“، اونھارو _ 1955ع]


(1)  ديوان گوبند بخش 1850ع ۾ ڄائو؛ مئٽرڪ پاس ڪري، ڪوٽڙيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ ماستر ٿيو؛ آخر وڪالت جو امتحان پاس ڪري، سکر ۾ پرئڪٽس شروع ڪيائين؛ قابل وڪيل ثابت ٿيو، تنهنڪري آمدني ججهي ٿيس. منشي آوتراءِ پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ گوشه نشين ٿيو، ۽ فقيرن سان محبت رکيائين؛ خيرات به ڪندو رهيو. هر مهيني ديوان گوبند بخش پنهنجي والد طرفان خيرات جي هڪ هزار رپين جون چٺيون ڀريندو هو. ديوان بخش پهريون سنڌي آهي، جو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي شروع ٿيڻ شرط، ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ديوان صاحب 1892ع ۾ 42 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو مسٽر لوڪومل هو. لوڪومل پاڪستان جي بنجڻ تائين سنڌ جي مشهور ماڻهن مان هڪ هو، ۽ وٽس قلمي ڪتابن ۽ نادر شين جو عظيم الشان ذخيرو هو. (هن خاندان جو مڪمل احوال ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، جلد 1، ص ص 247_260، ۾ پڙهڻ گهرجي.)

(1)  ”مجموعه دلڪشا،“ مير ڪرم خان پاڻ گڏ ڪيو؛ ”محڪ خسروي“، 1237هه ۾ مير مراد علي خان جمع ڪرائي: اهي ٻيئي مجموعا مختلف شاعرن جي اشعارن جو انتخاب آهن.

(2)  هي غزل حافظ جي تتبع ۾ چيو ويو آهي.

(1)  هي خيال هڪ فارسي شاعر هن طرح ادا ڪيو آهي:

همه اُهوان صحرا سر خود بکف نهاده،  به اميد آنکه روزي پشکار خواهي آمد!

(1)  مير ڪرم علي خان به انهيءَ زمين ۾ غزل چيو آهي. آخري ٻه شعر، ”آزاد“، مير صاحب جي مدح ۾ چيا آهن. هن غزل کي مير ڪرم علي خان پنهنجي بياض ”مجموعه دلڪشا“ ۾ به آندو آهي: بعض شعر (نمبر 8،6،3 ۽ 10) ”دلڪشا“ ۾ وڌيڪ آيل آهن، جيڪي هتي شامل ڪيا ويا آهن.

(1)  مير ڪرم علي خان انهيءَ خيال کي هن طرح ادا ڪيو آهي:

بسوي چمن چون روي، پيش زان،      گــــــــــل و لالــــــــه از راه بـــــرداشتم؛_

ليڪن ”آزاد“ جو شعر هزار مرتبا بلند آهي.

(1)  هي جملي 43 غزل، ”محڪ خسرويءَ“ تان ورتل آهن: هي مجموعو همطرح غزلن جو انتخاب آهي، ۽ فارسيءَ جي مشهور ايراني ۽ هندي شاعرن کان سواءِ، مير ڪرم علي، مير مراد علي، مخدوم نورمحمد بوبڪائي، عظيم الدين ٺٽوي، صابر علي ٺٽوي، ”مائل“ ٺٽوي ۽ ولي محمد لغاري وغيره به هن انتخاب جي بزم ۾ شامل آهن: هي ڪتاب مير ڪرم علي خان جي فرمائش تي مرتب ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com