سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :16

 

سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو ن مهرون

سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران خاندان، جنهن کان انگريزن ڪوڙ ڪپت، دغا ۽ دولاب، مڪر ۽ فريب، بد عهدين ۽ حيله جوئين جي هڪ طويل سلسلي کان پوءِ مياڻيءَ واري نام نهاد لڙائيءَ بعد سنڌ کسي_ اُن جي ابتدا مير فتح علي خان کان ٿي ۽ اختتام مير نصير خان تي ٿيو. انهيءَ گهراڻي پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ کي تهذيب تمدن، علم ۽ا دب جو هڪ عظيم الشان ثقافتي ورثو ڏنو، جيڪ سنڌ جي تاريخ لاءِ هميشـﮧ ناز ۽ افتخار جو سبب رهندو.

صاحبزادو مير نور محمد خان، انهيءَ گهراڻي جو چشم و چراغ ۽ نهايت صالح دل ۽ دماغ، سنجيده طبيعت ۽ فطرت جو مالڪ آهي. حيدرآباد ۾ سندس ڪتب خانو ۽ عجائب گهر موجود آهي، جو عرب ۽ عجم يعني شاهه ايران کان وٺي شاهه مسعود تائين خراج تحسين حاصل ڪري چڪو آهي. تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ انهيءَ نيڪ بخت ۽ نيڪ نهاد نوجوان تاريخي ۽ ثقافتي مواد مهياڪري ڏيڻ ۾ منهنجي جيڪا مدد ڪئي آهي، ان جي احسان کان نه فقط آءُ بلڪ اڳتي هلي سڄي سنڌ سبڪدوش ٿي نه سگهندي. تازو هن شريف النسل نوجوان مون کي پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن يعني سنڌ جي شاهن ۽ شهزادن جون مهرون ڏيکاريون، ۽ انهن جو عڪس ڪڍڻ ڏنو: منهنجي اکين عبرت حاصل ڪئي؛ دل گهريو ته ”مهراڻ“ جي مطالع ڪندڙ دانشمندن کي به انهن جي زيارت ڪرايان، ته جيئن اهي سنڌ جي آخري آزاد ۽ خود مختيار رياست جون نشانيون ڏسي پنهنجي ماضيءَ سان روشناس ٿين، حال جو اندازو ڪن ۽ مستقبل لاءِ سوچين.

اِهي اُهي مهرون آهن، جيڪي تقريباً منيءَ صديءَ تائين، سنڌ جي آخري خودمختيار حڪومت جي شاهي فرمانن، انتظامي نوشتن، ۽ سياسي مراسلن تي استعمال ٿينديون رهيون؛ اِهي اُهي مهرون آهن، جن کي سنڌ جي حڪمران آڱرين زيب ۽ زينت بخشي؛ اهي ڪڏهن مجرمن جي موت وارن فرمانن تي لڳيون، ڪڏهن جان بخشيءَ جي حڪمنامن تي ثبت ٿيون؛ انهن ئي مهرن جي ذريعي جاگيرن بخشيون ويون؛ ۽ انهن ئي مهرن ايران ۽ سنڌ جي هزارن هنر وارن تي لکن رپين جي ورکا وسائي؛ اِهي ئي اُهي مهرون آهن، جيڪي انگريزن جي بد عهدين جي عهدنامن تي، گهُريون آڻ گهُريون، ۽ خوشيءَ ناخوشي، ثبت ٿيون؛ هي مهرون سخن جون سچيون هيون_ انهن پنهنجا قول پاڙيا_ ليڪن ٻاهران کان جيڪي مهرون آيون، انهن پنهنجو هڪ به واعدو وفا ڪونه ڪيو_ دغا ۽ فريب سندن خمير ۾ داخل هو؛ تاريخ ته اهو ئي چوندي ته هِنن مهرن ٽالپري حڪومت جي ابتدا آندي ۽ هِنن ئي مهرن ان جي انتها به آندي_ ليڪن ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته حقيقت ۾ ڇا وهيو واپريو!

اسان انهن مهرن جا عڪس هن لاءِ هتي شايع ڪري رهيا آهيون ته تاريخ جو مطالعو ڪندڙ اکيون، حڪومتن جي ترقيءَ ۽ تنزل جا داستان پڙهندڙ نگاهون، ۽ قومن جي بلنديءَ ۽ پستيءَ جون حقيقتون پسندڙ بصارتون انهن کي ڏسن ۽ عبرت حاصل ڪن.

اڄ اگرچه اهي مهرون خاموش، بي حس و حرڪت، صاحبزادي مير نور محمد خان جي عجائب گهر ۾ پيون آهن؛ ليڪن بد عهديُن جي تاريخ جا هزارين دلچسپ ۽ حيرت انگيز داستان دل ۾ رکيو ويٺيون آهن. اڄ کان ڪيئي سال اڳ، انهن تي شاهي چوبدار پهرو ڏيندا هئا، درباري مهر بردار انهن جي حفاظت ڪندا هئا، ۽ درٻار ۾ داخل ٿيڻ وقت، انهن جو دست بسته سرو قد ٿي استقبال ڪيو ويندو هو: ڪهڙو تعجب، جيڪڏهن وري هڪ دفعو سنڌ جي اهڙين با اختيار مهرن جو وارو وري، شاهي چوبدار اٿي کڙا ٿين، مهر بردار موٽي اچن، ۽ درباري دسته بسته انهن جو استقبال ڪن، سنڌ جي قسمت پلٽو کائي، ۽ سنڌ جو مقدر جاڳي_ ڇاڪاڻ ته دنيا دورنگيءَ جو دستور اهو ئي آهي، هميشـﮧ کان ائين ٿيندو آيو آهي، ۽ هميشـﮧ ائين ئي ٿيندو رهندو!

انهن مهرن جو تفصيل ۽ مهرن جي مالڪن جو مختصر احوال هيٺ ڏيون ٿا.

(1)مير ڪرم علي خان

مير ڪرم علي خان ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ جو ٽيون پڳدار هو، جيڪو مير غلام علي خان (وفات 6 جمادي الثاني 1227هه_1811ع) کان پوءِ سنڌ جي شاهيءَ تي ويٺو. سندس ننڍو ڀاءُ مير مراد علي خان ۽ سندس ڀائٽيو مير محمد خان بن غلام علي خان ساڻس شريڪ رهيا.

ميرصاحب جو دور سنڌ لاءِ نهايت آرام ۽ آسودگيءَ جو دور هو_ علم ادب، تهذيب ۽ تمدن، وڻج ۽ واپار، وڏو زور ورتو. انگريزن سان پهريون واپاري معاهدو انهيءَ زماني ۾ ٿيو_ سرجان ملڪم بمبئي جو گورنر هو، ميجر اسڪين (SKeene)وٽانئس سفير ٿي آيو؛ عهد نامي ٿيڻ بعد انگريزن جو عملداريءَ ۾ سنڌ جو مال وڃڻ لڳو ۽ سنڌ ۾ اتان جي مال جي آمدرفت ٿي. شاهه ايران، فتح علي شاهه قاچار، سان دوستيءَ جو پيمان ٿيو_ ايلچين جي آمدرفت وڌي، تمدني ۽ ثقافتي رستو پيدا ٿيو؛ ڪيترا شاعر، اديب، خطاط ۽ مصور سنڌي درٻار ۾ اچي پهتا. جن جي سرپرستي مير صاحب ڀلئون ڀل ڪئي. مرزا خسرو بيگ جو اڳتي هلي ميرڪرم علي خان جو پٽيلو ۽ سنڌي درٻار جو امير ڪبير ٿيو، سو هن ئي دور ۾ ايران منجهان خريد ٿي آيو.

1230هه ۾، شاه شجاع الملڪ، محمد عظيم هٿان شڪست کائي، حيدرآباد ۾ اچي پناه گزين ٿيو_ ڦليليءَ جي ڪپ تي ٽنڊي آغا ۾ ابراهيم شاه وٽ اچي لٿو؛ حيدرآباد جي فوجدار (ميان علي بخش ابن ميان فقير محمد خدمتگار) جي خبر ڏيڻ تي، ميرصاحب سندس شايان شان استقبال ۽ بندوبست ڪيو. محمد عظيم انهيءَ خبر ٻڌڻ تي ڪابل کان لشڪر چاڙهي ميرن تي موڪليو. شڪارپور وٽ ٻيئي طرف آمهون سامهون ٿيا. لڙائي ڪانه لڳي. ليڪن خير کٽندي، ميرصاحب پنهنجا هٿ ساڙايا_ افغاني سپـﮧ سالارن سان ميرن معاهدو ڪيو_ ٻارهن لک تاوان ڏيڻ جو، ۽ سنڌ ۾ افغاني سڪو چالو ڪرڻ جو واعدو ڪري، لشڪر موٽايائون _ شجاع الملڪ رات ڏيئي شڪارپور مان لڌياني ڀڄي ويو، جنهنڪري ميرن کي اهو نقصان سهڻو پيو.

انهيءَ ئي دور ۾ خبر آئي ته ”پنجاب جي حاڪم راجا رنجيت سنگ جي پوٽو سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جي خيال سان مٺڻ ڪوٽ تائين اچي پهتو آهي.“ مير ڪرم علي خان جو خيال هو ته پنهنجو لشڪر وٺي، هلي شڪارپور جي سرحـد تي ساڻس ٻه هٿ ڪجن؛ ليڪن مير مراد عليءَ اهو مناسب نه سمجهيو. آغا اسماعيل شاه ايلچي ڪري بمبئيءَ ڏانهن سرجان ملڪم ڏانهن موڪليو ويو، تاڪه انگريزن کان امداد وٺي اچي، جنهن بعد سکاشاهيءَ جو مقابلو ڪجي. سرجان ملڪم، ايلچيءَ جي پهچڻ کان اڳ وطن روانو ٿي چڪو هو؛ نئين گورنر لارڊ ايلفنسٽن ٽالپري سفير جي پذيرائي ڪئي. لارڊ ايلفنسٽن لڌياني ۾ رهندڙ انگريزي ريزيڊنٽ، ڪيپٽن ويڊ، جي ذريعي رنجيت سنگ سان لکپڙهه ڪئي. رنجيت سنگ لکي موڪليو ته سندس پوٽو دسهڙي: جي موڪل ملهائڻ مٺڻ ڪوٽ ويل هو، سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جو ڪوبه خيال سندس دل ۾ ڪونه هو؛ اهڙي طرح اهو معاملو رفت گذشت ٿي ويو. رنجيت سنگ ساڳئي وقت ملتان جي نائب حاڪم ديوان سانوڻ مل جي معرفت ٽالپرن ڏانهن دوستانو خط موڪلي؛ ذاتي طرح به غلط فهمي دور ڪئي.

1240هه ۾، مير مراد علي خان بيمار ٿيو. مقامي علاج معالجو ڪرايو ويو. آخر لارڊ ايلفنسٽن ڏانهن انگريزي ڊاڪٽر کي موڪلڻ لاءِ لکيو ويو. ڊاڪٽر برنس علاج لاءِ آيو ويهن ڏينهن اندر مير صاحب خوش ٿيو، ۽ تقريباً ڏيڍ مهيني بعد صحت مند ٿي ويو. ڊاڪٽر برنس پنهنجو مشهور ڪتابA Visit to the court of Ameers of Sind انهيءَ زماني ۾ لکيو.

1240هه ۾ مرحوم فتح علي خان جي صاحبزادي، مير صوبدار خان، مال ملڪيت ۽ ملڪ جي ورهاڱي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چاچن سان بغاوت ڪئي. ميرڪرم علي خان لا ولد هو، تنهنڪري هن کيس پٽن جيان پاليو هو_ محبت وچان هن گهريو ته سندس خواهشون پوريون ڪجن؛ ليڪن مير مراد علي خان انڪار ڪيو. مير صوبدار شڪار جي بهاني سان قلعي مان نڪري وڃي لاڙ پهتو. غلام علي (ولد فيروز) ٽالپر سندس مدد ڪئي، ۽ هيرا جواهر وڪڻي مير صوبدار 8 هزار لشڪر گڏ ڪيو. هوش محمد شيدي ۽ ديوان پرتابراءِ ساڻس گڏ هئا. مير غلام علي اٺن سوَن ماڻهن سان وڃي سندس مقابل ٿيو. اهو حال ڏسي، مير صوبدار کان لشڪر ٽٽڻ لڳو، ۽ چند ڏينهن اندر وٽس وڃي باقي ٻارنهن سـؤ ماڻهو بچيا. مير ڪرم علي خان وري به اچي وچ ۾ پيو، ۽ آخر ڀائٽئي سان صلح ڪري، کيس تنخواه ۽ جاگير ڏيئي راضي ڪيو ويو.

مير ڪرم علي خان پويون سال ڏيڍ بيماريءَ ۾ گذاريو، ۽ آخر 12 جمادي الثاني 1244هه/1828ع جو هي جهان ڇڏيائين. هي پهريون حڪمران هو، جيڪو پراڻيءَ خداآباد جي بجاءِ حيدرآباد ۾ دفن ٿيو.

دستور مطابق هر سال نئين مهر ٺهرائي ويندي هئي، جنهن تي نالي يا سجع سان گڏ نئون سال به اڪريل هوندو هو.

اسان جيڪا مهر پيش ڪري رهيا آهيون، اها سال 1231هه جي آهي ۽ ان تي هيءَ مهر اڪريل آهي:

”بندهﻋ آل علي ڪرم علي_1231هه“

ميرڪرم علي خان جي هڪڙي هيءَ به سجع هئي:

”کرد با من کرم عليﻋ عظيم_

بحق حضرت نبي و کريم.“

 (2) مير مراد علي خان

مير مراد علي خان پهرينءَ چـؤياريءَ جو آخري فرد ۽ وڏن ميرن مان پويون مير هو. مير ڪرم علي خان کان پوءِ سنڌ جي حڪومت جو هي سربراهه ٿيو؛ سندس تخت نشيني 16 جمادي الثاني 1244هه/1828ع جو عمل ۾ آئي.

مير مراد علي وڏي شان شوڪت ۽ فهم فراست جو صاحب هو. سياسي تدبر ۽ عقلمندي، حڪومت ڪرڻ جو رنگ ۽ ڍنگ ڀلئون ڀل ڄاڻندو هو. گاديءَ تي ويهندي شرط هن سنڌ جي سڀني سربراهن، بلوچ سردارن ۽ قومن قبيلن جي پڳدارن سان پنهنجا ناتا نوان سوان ڪيا. ميرپور ۽ خيرپور جي ٽالپرن سان به هن نئين سر محبت ۽ مُودکت پيدا ڪري، پنهنجي سياسي قوت ۽ ملڪي يڪجهتيءَ کي سنواري سڌو ڪيو. ملڪي فضا کي درست ڪرڻ بعد، هن سرحدي ملڪن ڏانهن توجهه ڪيو: پنجاب جي راجا رنجيت سنگ، جيسلمير جي راجا، ڪڇ جي راؤ، مسقط جي امام ۽ مڪي معظمه جي شريف سان هن نئين سر ناتا ڳنڍيا؛ بمبئيءَ جي گورنر سان به تعلقات پيدا ڪيائين. ميجر پاٽنجر اُن وقت ڪڇ ۾ انگريزن طرفان ريزيڊنٽ هو_ اتان ڪهي اچي مير صاحب سان ملاقي ٿيو، ۽ ايتري قدر سندس شخصيت کان متاثر ٿيو، جو هميشه پيو سندس واکاڻ  ڪندو هو. مرزا قليچ بيگ مرحوم جو قول آهي (”تاريخ سنڌ“. جلد ٻيو، ص 220) ته ’فتح علي شاهه قاچار مٿس ايترو اڪن ڇڪن ٿيو، جو هن پنهنجي نياڻيءَ جو سنڱ کين ڏيڻو ڪيو، ليڪن مير صاحب دوريءَ ۽ پنهنجي عمر رسيدگي جو سبب ڏيئي، اها پيشڪش ٽاري ڇڏي‘.

شاهه شجاع الملڪ وري ٻيو دفعو هن ميرصاحب جي دؤر ۾ لڌياني مان لڏي، اچي سنڌ پهتو؛ ميرصاحب مهمانداريءَ کان مجبور ٿي، شڪارپور جو شهر کيس رهڻ ۽ ٻئي خرچ لاءِ ڏنو.

سڪي سازيءَ جو ڪارخانو پهريون دفعو ميرصاحب حيدرآباد ۾ قائم ڪيو؛ ارادو هوس ته سنڌ اندر ٽالپري سڪو چالو ڪري، ليڪن موت مهلت ڪانه ڏنيس ۽ اهو ضربخانو کلندي ئي بند ٿي ويو.

مير مرحوم 6 جمادي الثاني 1249هه/1833ع جو هي جهان ڇڏيو_ 15 ڏينهن کن سيني جي سور ۽ ڀيڏيءَ جي درد ۾ مبتلا رهي، ان مان ابدي نجات حاصل ڪيائين.

نهايت نيڪ، ارادي جو پڪو ۽ پختو، ۽ فيصلي جي قوت جو صاحب هو. پٺيان چار شهزادا ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين_ مير نورمحمدخان، مير نصيرخان، ميرمحمدخان ۽ ميريارمحمدخان (مصنف_ ”فريئر نامه“) کانئس پوءِ سندس يادگار رهيا. هن خوش قسمت ٽالپر پنهنجا پوٽا به اکئين ڏٺا_ ميرنور محمد جا نينگر،مير شهداد علي خان ۽ مير حسن علي خان، ۽ مير نصير خان جا صاحبزادا، ميرحسن علي خان ۽ ميرعباس علي خان.

مير صاحب مرحوم جي فقط هڪ مهر موجود آهي، جيڪا هن وقت پيش ڪئي وڃي ٿي؛ ان تي سجع جو هي شعر اڪريل آهي:

”از تقاضاي حکمت، ازلي

گشت مير، جهان مرادعلي _1235هه“

ميرصاحب مرحوم جون ٻيون سجعون هي به هيون:

”بحق حضرت نبي و ولي،

يافت از حق همه مراد علي“.

بندهﻋ مصطفيٰ مرادِ علي داشت“.

انهن سجعن واريون مهرون موجود نه آهن.

 

 

(3) ميرنور محمد خان

ميرمراد علي پهرينءَ چوياريءَ جو آخري فرد هو، جيڪو رب ڏي راهي ٿيو_ پوئتي سڀ وڃي صاحبزادا بچيا. بلوچن ۽ سردارن، دستور مطابق، مير مراد علي خان جي وڏي شاهزادي، مير نور محمد خان، کي پڳ ٻڌرائي، نئينءَ چوياريءَ جو بنياد وڌو.

ميرمرحوم، شجاع الملڪ کي مهمانداريءَ لاءِ شڪارپور جو شهر ڏيئي ويو هو_ سندس جهان ڇڏڻ بعد، افغاني امير پڪيءَ طرح هضم ڪرڻ لاءِ ان ۾ اکيون وڌيون. نئين پڳدار، آغا اسماعيل شاهه جي فرزند آغا محمد ڪاظم ڏانهن، جيڪو ان وقت شڪارپور جو ناظم هو، لشڪر موڪليو. خيرپور جي ميرن به سيد گولي شاهه جي سپهه سالاريءَ هيٺ پنهنجو سپاهه روانو ڪيو. ارڙهن هزارن جو لشڪر شڪارپور کان ڇهه ميل اوري لکيءَ جي آسپاس وڃي پهتو. هڪ _ ٻه مقابلو ٿيو، جنهن ۾ آغا ڪاظم شاهه ۽ سيد گولي شاهه، جان جهان آفرين سپرد ڪئي. ٽالپري لشڪر غيظ و غضب ۾ اچي ويو. افغاني امير شاهه شجاع الملڪ مقابلي جي توانائي نه سمجهي، صلح جو پيغام موڪليو، ۽ زاد راهه لاءِ 12 لک سنڌي روپيا، جيڪي انگريزي 9 لکن جي برابر هئا، طلب ڪيائين. ٽالپر نيڪ طبيعت ۽ نرم سرشت هئا _ سو، شاهي نسل جي هن جلاوطن شهزادي جي گهر پوري ڪري، کيس هڪ دفعو وري لڌياني ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائون، ۽ شڪارپور جي نظامت آغا محمد ڪاظم شهيدجي ڀاءُ، آغا زين العابدين جي سپرد ڪئي ويئي. اهو واقعو شوال 1249هه/1833ع ۾ ٿيو.

1252هه/1836ع ۾ شجاع الملڪ انگريزن کي التجا ڪئي ته هو کيس امدادي لشڪر ڏيئي، ڪابل جو تخت ۽ تاج کيس وٺي ڏين. هندستان جي گورنر جنرل، لارڊ آڪلنڊ، سر وليم ميڪناٽن کي انهيءَ ڪم تي مقرر ڪري، بمبئيءَ جي فوج کي، سر جان ڪين جي ڪمان هيٺ، ڪابل وڃڻ جو حڪم ڏنو؛ ڪرنل پاٽنجر کي ڪڇ مان موڪليو ويو ته هو سنڌ پهچي، ٽالپر حڪومت کان لشڪر جي لنگهڻ لاءِ اجازت نامو حاصل ڪري. سنڌ جي بدبختي انهيءَ ڏينهن شروع ٿي، جنهن ڏينهن، ڪابل جي تخت حاصل ڪرڻ جو منصوبو، شجاع الملڪ ۽ انگريزن سٽيو.

ڪرنل پاٽنجر جي اچڻ تي، مير نور محمد اجازت نامي ڏيڻ لاءِ آماده ٿيو؛ ليڪن ٻين ميرن ۾ ان جي خلاف ايترو اچي تاءُ پيدا ٿيو، جو هينري پاٽنجر مٿان غصي وچان بازار مان لنگهندي پٿر اڇلايا ويا. جتي هاڻي ٽنڊو مير نور محمد آهي، اتي اُن وقت ”آباد“ نالي هڪ ننڍو ڳوٺ آباد هو_ اتي انگريزن جي ڪيمپ هئي. بلوچ ايترو جوش ۽ ڪاوڙ ۾ هئا، جو لٺيون، لوڙهيون، تير ۽ تلوارون کڻي اوڏانهن ڪاهي هليا. مير شير محمد لاءِ به مشهور ٿيو ته ”ٻارهن هزار لشڪر وٺيو، انگريزن جي ڪئمپ تي اچي رهيو آهي“. حالتون ضابطي کان ٻاهر ٿيڻ تي هيون، جو مير نور محمد پنهنجي ڀائرن سميت قلعي کان ٻاهر اچي ان مشتعل هجوم کي قبضي ۾ ڪري، معاملي کي رفع دفع ڪيو.

اڃا اجازت نامي جون ڳالهيون هليون ئي ٿي، جو ڪراچيءَ جي ناظم، جمعدار الهه رکيي، اطلاع موڪليو ته ”انگريزن جي لشڪر جهازن تان لهي، زوريءَ ڪراچيءَ جي بندر تي قبضو ڪيو آهي“. حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي، مير نور محمد خان، آغا اسماعيل شاهه کي ايلچي ڪري ڪراچيءَ، سر جان ڪين سان ملڻ لاءِ موڪليو. هينري پاٽنجر حيدرآباد جون حالتون ڏسي، آغا اسماعيل کان اڳ ئي ڪراچيءَ پهچي چڪو هو. حالتن جي اوچتي ڦيري، ۽ خلاف توقع انگريزن جي اچانڪ پهچڻ، ميرن کي مجبور ڪيو، ۽ هنن انگريزن سان نئون عهد نامو ڪيو، جنهن جا مکيه شرط هي هئا:

1_سنڌ ۾ انگريزن جو ريزيڊنٽ رهندو:

2_ٽيويهه لک روپيا انگريزن کي ڏنا ويندا؛

3_ٽي لک روپيا ساليانا لشڪر جي خرچ لاءِ ڏنا ويندا؛ ۽

4_ ٽي هزار انگريزي لشڪر آئينده ڪراچيءَ ۾ رهندو.

سنڌ جي برباديءَ واري دستاويز جو عنوان انهيءَ عهد نامي سان شروع ٿيو. پهريون ريزيڊنٽ ڪرنل هينري پاٽنجر ٿيو، ۽ خيرپور ۾ مسٽر راس بيل کي مقرر ڪيو ويو. ڏيڍ سال بعد، راس بيل جي مرڻ ڪري، خيرپور جي چارج به ڪرنل پاٽنجر کي ڏني ويئي. ستن مهينن بعد، ڪرنل پاٽنجر بيمار ٿي لنڊن هليو ويو، ۽ ڪيپٽن ليڪي (LecKie) جو تقرر عمل ۾ آيو. ٿوري وقت بعد ان جي به بمبئي بدلي ٿي، ۽ ڪئپٽن اِيسٽوڪ ريزيڊنٽ ٿي آيو. اِهو اُهو سِنڌي دوست انگريز هو، جنهن پوءِ ”Dry Leaves from young Egypt“ نالي پنهنجو مشهور ڪتاب لکيو، جنهن انگريزن جي فريب ڪارين ۽ مظالمن جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو. ريزيڊنن جي سلسلي جي آخري ڪڙي ڪرنل آئوٽرام هو، جنهن جي دؤر ۾ نيپئر آيو، ۽ مياڻيءَ واريءَ جنگ اُنهيءَ ڊرامي جو ڊراپ سين آندو، جيڪو مٿي ذڪر ڪيل معاهدي کان شروع ٿيو هو.

سرجان ڪين جو لشڪر درياهه جي رستي کان حيدرآباد پهتو. لشڪر جي انگريز عملدارن حيدرآباد جو شهر ڏسڻ گهريو_ شهر جي ڪوٽوال، سيد جئندل شاهه، سخت خطري جي حالت هوندي به ايترو بهتر انتظام ڪيو، جو انگريز صبح کان شام تائين شهر ۽ شهر جون تاريخي جايون اطمينان سان ڏسندا رهيا.

1254هه/1838ع جي ذي القعد مهيني ۾ ، سر جان ڪين شجاع الملڪ کي تخت تي ويهاري، بمبئيءَ واپس وڃڻ لاءِ حيدرآباد اچي پهتو. مير نور محمد خان 16 توپن جي کيس سلامي ڏياري، ريزيڊنسيءَ ۾ پهريون پاڻ سندس آجيان ڪرڻ ويو؛ ۽ سندس ڀائرن سان شاهي دربار ۾ مليو، ۽ مير صوبدار خان سان، ان بعد، جدا وڃي سندس جاءِ تي ملاقي ٿيو.

مير نور محمد خان کي انهن صدمن جلد ئي نهوڙي وڌو_ جمادي الثاني 1255/1840ع ۾ بيمار ٿيو. مقامي علاج کان سواءِ بمبئيءَ مان انگريز ڊاڪٽر به گهرايا ويا، ليڪن فائدو ڪونه ٿيو. خاندان ۽ حڪومت جي جنهن برباديءَ جي ابتدا سندس دﺆر ۾ شروع ٿي چڪي هئي، اُن جي انتها کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ کان کيس بچائي ورتو، ۽ اربع ڏينهن اَسُر مهل 10 شوال، 1256هه/1840هه ع جو مير صاحب پنهنجي جان جان آفرين جي سپرد ڪئي.

سندس مزار مير ڪرم علي خان جي روضي جي ڀر واريءَ تجر ۾، مير نصيرخان ۽ مير شهداد خان جي وچ ۾ آهي، ۽ مٿس هي ڪتبو لکيل آهي:

”تاريخ وصال مرحوم مغفور مير صاحب نورمحمد خان تالپور عليـﮧ رحمت

   _دهم شوال 1256هه“

مير صاحب جي هڪ سجع هئي:

        ”ز نور مِحمد جهان روشن است“.

هتي جيڪا مهر ڏني ويئي آهي، اُن تي سجع جو هي شعر اُڪريل آهي:

گرفت نورمحمد ز لطف يزداني،

نگين خاتم جمشيدي وسليماني_ 1247“

 (4) مير محمد نصير خان

        مير نورمحمد خان کان پوءِ، مير مراد علي خان جو ٻيو نمبر فرزند، ۽ کانئس ننڍو ڀاءُ، مير محمد نصيرخان سنڌ جي ناپائدار ۽ عنقريب زوال سان همڪنار ٿيندڙ تخت تي جلوه افروز ٿيو. چوندا آهن ته جڏهن بخت منهن موڙيندو آهي، ته سڀ کان پهرين گهرو مشڪلاتون منهن ڪڍنديون آهن: تخت تي ويهندي ئي مير محمد نصير خان کي گهرو جهڳڙن ۾ مبتلا ٿيڻو پيو. سندس ٻيئي ڀائر، مير حسين علي خان  مير شهداد خان پاڻ ۾ وڙهي پيا. مير صوبدار، جيڪو گهڻي زماني کان وٺي مخالف رهندو پئي آيو، تنهن انهيءَ باهه کي هوا ڏني، ۽ قريب هو ته تير ۽ تلوارون اچي وچ ۾ پون، ليڪن مير نصير خان جي معتمد خاص، آخوند محمد بچل، دانشمنديءَ کان ڪم وٺي، انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل آئوٽرام کي آڻي وچ ۾ وڌو، جنهن، خبر نه آهي ڇو، همدردي ڪري انهيءَ جهيڙي کي ٽاري وڌو.

        1257هه/1841ع ۾ ڪرنل آئوٽرام بيمار ٿي مصر هليو ويو، ۽ سندس اسٽنٽ، ڪئپٽن ميلن (Mylne ) قائم مقام ربزيڊنٽ ٿيو. 1258هه/1842ع ۾ حيدرآباد اندر سخت وبا پيئي. جنهن سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙي ملڪ جا رانڱا لاهي وڌا. حڪمران خاندان حيدرآباد ڇڏي مياڻيءَ ۾ وڃي رهيو، ۽ مير حسين علي خان ۽ مير صوبدارخان اڳهيماڻن ۾ قيام پذير ٿيا. ٽي مهينا ساندهه اها بلا ملڪ تي مسلط رهي. جڏهن خير شير ٿيو، تڏهن جمادي الثانيءَ ۾ هر ڪو موٽي اچي گهرين تڙين ٿيو.

1258هه جي شعبان (سيپٽمبر 1842ع) ۾ سر چارلس نيپئر پوني مان ريزيڊنٽ ٿي، سنڌ اچي پهتو. اچڻ سان هن نئون معاهدو تيار ڪيو، جنهن جا مکيه شرط هي هئا:

سنڌ جي سڪي تي انگلستان جي بادشاهه جو نالو لکيو وڃي،

ڪراچي، شڪارپور، عمرڪوٽ ۽ سبزل ڪوٽ جا شهر ۽ انهن جي ملحقه زمين انگريز جي حوالي ڪئي وڃي؛ ۽

درياهه جي ٻنهي ڀرين واري زمين، هڪ سـﺆ وال جي ويڪر ۾ انگريزن کي ڏني وڃي.

انهيءَ معاهدي تي دستخط ڪرڻ کان ميرن انڪار ڪيو. خدا ڄاڻي انگريز اِنهيءَ انڪار کان پوءِ ڇا سوچين ها، ليڪن فوري مدد کين ٻين سببن ڪري پهچي پيئي_ مير علي مراد پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان کان تخت حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن سان سازش رٿي، ۽ حيدرآباد ۾ مير صوبدار ڳجهه ڳجهاندر ۾ پاڻ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سر چارلس سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. انهيءَ ڳالهه ٻولهه جو نتيجو اهو نڪتو، جو جڏهن ڪرنل آئو ٽرام موڪل تان مصر مان موٽي آيو، تڏهن مير صاحبن ڏانهس جيڪي سوکڙيون سوغاتون موڪليون، سي هن واپس ڪري ڇڏيون، ۽ مير صوبدار جا موڪليل تحفا هن کڻي اکين تي رکيا!

انهيءَ کان پوءِ ڇا وهيو واپريو، ۽ ڇا ڇا ٿيو، سو هڪ درد ناڪ داستان آهي. بهرحال نتيجو اهو نڪتو، جو مياڻيءَ واري ميدان تي، 17محرم 1259هه (1843ع) جو انگريزن اهو کيل کيليو جنهن جو مدت کان وٺي کين انتظار هو_ يعني سنڌ جو نه بخت رهيو، نه تخت رهيو؛ نه تاج رهيو، نه تاجور رهيو.

ٻئي ڏينهن تي ٽالپرن ڪرنل آئوٽرام جي خيمي ۾ پهچي، سر چارلس نيپئر جي سامهون حڪمرانيءَ جي تلوار ڪمر مان کولي سندس حوالي ڪئي. مير صوبدار کي انتظار هو ته انگريز ساڻس به اهو ئي سلوڪ ڪندا، جيڪو هنن مير رستم جي مقابلي ۾ مير علي مراد سان ڪيو آهي. موسيٰ آرمني ۽ منشي آوتراءِ سڄي رات ڊڪيا، ليڪن وريو ڪجهه ڪونه، ۽ آخر 10 ربيع الاول جو هيٺين مير صاحبن سان گڏ، مير صوبدار به باندي بڻجي، جلاوطن ٿي، ”نمرود“ جهاز ۾ ڪلڪتي ڏانهن روانو ٿيو؛

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com