سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :12

تالاب جلوه گاه امامين: مڪليءَ جي قبرستان ۾، مرحوم ميان عبدالرحيم شاھه سجاول واري جي بنگلي کان 5 سؤ قدم پري اولھه طرف، جلوه گاھه امامين آھي. انھيءَ متعلق ”تحفـة الطاھرين“ جو مصنف لکي ٿو ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ ٻڪرار روزانو اتان اچي ٻڪريون لنگهائيندو ھو؛ ٻڪريون جڏھن اتان لنگهنديون ھيون، ان وقت بالڪل خاموش ۽ اھڙيءَ طرح پاسو ڪري وينديون ھيون، جو ڄڻ ڪو اسرار ھنن ڏنو آھي: اھا حالت روزانو ٿيندي ھئي. ھڪ ڏينھن ٻڪرار ھڪ بزرگ کي اتي دعا گهرندي ڏٺو. جڏھن بزرگ دعا کان فارغ ٿيو، ان وقت ٻڪرار پنھنجي روئداد کيس ٻڌائي، تنھن تي بزرگ کيس وراڻي ڏني: ’اين جاي پاکان و برگزيدگان الاھي است که عالم ملک وملکوت گردن اطاعت بزير ايشان نھادند‘. ڄام نندي جي زماني ۾، جڏھن حضرت مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد، ولدان مخدوم اسحاق (ھالن وارا) ٺٽي آيا، ۽ مڪليءَ جي انھيءَ زمين تي زيارت لاءِ پھتا، ان وقت جتيون لاھي، نھايت ادب ۽ احترام سان دعا گهرڻ بيھي رھيا. ماڻھن جي پڇڻ تي ھنن ٻڌايو ته ’اين جاي ست که بر عرش مجيد تفوق دارد‘. ڇاڪاڻ ته ھتي ’جلوهﻋ جمال جھان آرائي حضرت امامين ڪريمين ڏسڻ ۾ ايندو آھي‘. چون ٿا ته ھڪ دفعي ’حقائق آگاھه ۽ معارف دستگاه‘، حضرت ملوڪ شاھه قدس سره، اتان اچي لانگهائو ٿيو. کيس انھيءَ جاءِ تي امامن سڳورن جي جلوي جا انوار نظر آيا. ھن فوراً اتي ويھي انھيءَ ٽڪريءَ جي چوڌاري پٿرن جي ديوار ڪڍي، حد نشان قائم ڪيا. ان کان پوءِ روزانو پاڻ ميدان کي ٻھاري ڏيندو ھو. نواب سيف الله خان ٺٽي جي مغل گورنر انھن حد نشانن تي نئين سر پڪي ديوار ڪڍائي، ۽ ڪلھوڙن جي زماني ۾ صاحب زادي خدا دادخان انھيءَ حصي تي گنبذ ٺھرايو(1).

نواب سيف الله خان، بواب مھابت خان ”ڪاظم“ کان پوءِ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو، ۽ 5 سال اتي رھيو؛ وفات کان پوءِ سندس وصيت تي لاش انھيءَ اراضيءَ ۾ دفن ڪيو ويو(2). آقا محمد ڪريم صفاھاني ”عاشق“ نادري دؤر جو مشھور شاعر، جنھن کي نادر شاھه پنھنجو وڪيل ڪري سنڌ ۾ موڪليو ھو، سو به انھيءَ جوار ۾ دفن ٿيل آھي: جلوه گاھه ڏي ويندي، دروازي کان سؤ قدم اوري، چاري جي ڪناري تي، ھڪ پٿر جي ٿلھي تي، سندس مزار موجود آھي؛ 1155ھه ۾ سندس انتقال ٿيو؛ مزار جي ڪتبي جو ھڪ شعر آھي:

بتاريخ ھر سو شنيد اين ندا،   مکان يافتي درجوارِ حسين.

جلوه گاھه امامين جي چوڌاري ھزارين قبرون آھن، جن ۾ ڪيترا نامي بزرگ ۽ مشاھير محو خواب ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ھن وقت به جلوه گاھه نھايت سٺيءَ حالت ۾ آھي؛ چوڌاري ديوار آھي، اندر ڪشادي صحن جي اولھه ۽ اتر جي ڪنڊ ۾، ڇٽيءَ ھيٺان ۽ پٿر جي پڃري اندر، زمين جو اھو مقدس ٽڪرو آھي، جنھن لاءِ بزرگن چيو آھي ته ان جو مرتبو عرش کان به اعلى ۽ افضل آھي! صحن جي ايوان جي ڏاکڻيءَ ديوار جي دروازي مان ٻاھر نڪرجي ٿو، ته پٿر جي ٺل تي ھڪ پٿر نصب ٿيل آھي؛ ان تي ٻن قدمن جا نشان آھن؛ جن لاءِ روايت آھي ته اھي حضور جن جي قدم مبارڪ جا نشان آھن!

انھيءَ جلوه گاھه جي تلاءَ جي درستي، ٺٽي جي سيد ابراھيم شاھه، 1211ھه ۾ ڪرائي ھئي، جنھن جي تاريخ ۾ مير ’مائل‘ ھيٺيون قطعو لکيو:

به مکلي اين گزين تالاب خوش آب،

که آبش در صفا چون مھر و ماھه ھست؛

بــــــراي خـــــرچ درگـــــاهِ امـــــامـــــين،

نشـــــانِ ســـــيد ابراھيم شاه ھست؛

خرد تاريخ تعميرش چنين گفت،

”که اين تالاب وقفِ جلوه گاه ھست“.

1211ھه        _ ص 82

قلندر لال شھباز: سنڌ جي روحاني شھنشاھه، حضرت قلندر شھباز شاه جي روضـﮧﻋ پر انوار جي ترميم، مرمت، ۽ درستي ھر دؤر ۾ ٿيندي رھي آھي. وقت جي ھر بادشاھه ڪجھه نه ڪجھه انھيءَ درگاھه ۾ تعمير ڪرائي، پنھنجي لاءِ سعادت دارين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي.

سڀ کان پھريون، سلطان فيروز تغلق جي دؤر ۾، ملڪ اختيار الدين والي سيوستان، روضو مبارڪ، 7 رجب 757ھه جو ٺھرايو _ ھڪ ڪتبي مان اھو معلوم ٿئي ٿو. ٻئي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته روضي مٿان گنبذ، ملڪ جلال الدين، 7 صفر 757ھ جو جوڙايو. ديندار خان (سيد ڀورو عرف ديندار خان _ وفات 1045ھه) جي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته مرزا جاني بيگ به انھيءَ گنبذ جي مرمت ڪرائي، ۽ فيروزي دؤر جا اھي ڪتبا ھن لھرائي ھيٺ رکي ڇڏيا. شاھجھان جي زماني ۾، جڏھن ديندار خان مرمت ڪرائي، ان وقت ھن وري انھن ڪتبن کي ديوار ۾ ھڻائي ڇڏيو. ديندار خان، 1040ھه ۽ 1041ھه ۾، روضي ۾ ڪجھه ترميمون ڪيون؛ سڄي خانقاھه جي مرمت ڪرائي ۽ ايوان ۾ فرش ٻڌارايو؛ ٻه مسجديون به 1043ھه ۾ خانقاھه اندر تعمير ڪرايون. انھيءَ ساڳئيءَ ديندارخان، ڇٽي امراڻيءَ جو مقبرو به 1044ھه ۾ ٺھرايو. مرزا جانيءَ جي پٽ مرزا غازيءَ (1008_ 1021ھه)، والد جي اڌ رھيل مرمت کي تڪميل تي پھچايو. ميان غلام شاھه 1173ھه ۾ درگاھه کي ھڪ نشان پيش ڪيو، خانقاھه ۽ روضي جي نئين سر مرمت ڪرائي، ۽ ھن وقت جيڪا ڏيوڍي آھي؛ سا انھيءَ وقت ميان غلام شاھه ٺھرائي(1).

ٽالپري عھد ۾، مير ڪرم علي خان درگاھه جي مرمت ڪرائي، ۽ درگاھه ۾ چانديءَ جو دروازو ھڻايو: مير ’مائل‘ انھيءَ سلسلي ۾ ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:

(1)

چون به اين روضـﮧﻋ جنان رفــــــعت،     که بـــــه بـــــابـــش بود فلک دربــان؛

روضـﮧﻋ شــاھباز روضـﮧﻋ قـــــدس،       لـعل شـــــھباز شيـــــخنا عـــــثــــــــمان؛

داد اکنون کرم علي خـان مـــــير،       از کـــــرم ھــــــــاي ايــــــــــزدِ مّـــــنــــــــــــان؛

بـــــھر تـــــرويـــــج کـــــار خــير و اجر،       که بـــــود احـــــسن از شـھانِ زمــــــان؛

خـــوش به ترميم روضه زين نو باب،   زيـــــب و تکميل زيــــنتِ شــــــــــاھــــــان؛

بــــاب اين روضـة الصفا کردنـــــد،       از زر و سيم مھر و مھه رخشان؛

لوحش الله که بخت و اقبال ست،      از درش بـــــخـــــش مــقبلان جھان؛

بسکه بابِکشود کامِ دلســــــــت،        باب اين بارگاھِ فــيض نـــــشان؛

دلم از شــوق آســـــتان بـــــويـــــش،       صـــــبحد در دعـــــاي بـــــالـــيﻋ آن؛

خواند تاريخش اين چنين ”بکمال“،    ”قـــــــبل الله خــــــيــــره ز احـــــســـــــــــان“:

                          91           91+1140= 1231ھه

باز سالش به ”باب“ گفت دگــــر،       ”ضــــــاعـــــف الله اجـــــره بـــــرخـــــوان“:

                 5                    5+ 1226= 1231ھه

حـــــبذا بـــــارگـــــاهِ بـــــابِ ســلام، بـــــا ســـــر کـــــام بـــــاز کـــــرد بـــــيـان؛

20

ھم دگر کرده گل دلم اين سال،       ”آمد اين باب روضـﮧ باب جنان“:

                                       20+1211= 1231ھه

خوش بر اين باب ”مائل“ حق است،   سائل خير و خوبيش ھمه آن.

                                                    _ ص 84

(2)

حبذا اين باب بابِ روضـﮧ جنت نظير،

کامد از خيرِ اميرِ ذوالکرم اکرام جفت؛

ھاتفم سالِ درستيش ز لوحِ سيم و زر،

از طلا و نقره مھر و مه است اين باب گفت.

                                              _ ص 84

مسجد اقصى: مير ’مائل‘ جي ھيٺين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير غلام علي خان ھڪ نئين مسجد ٺھرائي ھئي، جيڪا خوبيءَ ۽ خوبصورتيءَ ، نزاڪت ۽ حسن تعمير جي لحاظ سان مسجد اقصى جي مماثل ھئي. اھا مسجد 1226ھه ۾ جڙي راس ٿي؛ پر قطعي مان اھا خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪھڙي شھر ۾ جوڙائي ويئي؛ گمان آھي ته حيدرآباد ۾ ٺاھي ويئي ھوندي. ھيٺين قطعن مان ميرن جي تعمير جدوجھد ۽ ڪارگذاريءَ جو پتو پوي ٿو.

(1) نام حق کز پيرويﻋ سنتِ مبعوث حق،

انکه در شھرِ مدينـﮧ ساخت مسجد اولا؛

گشت تعميرِ مسجد از پئي شغلِ صلواة،

بر خداوندان قدرت لازم حکمِ خدا؛

خاصه بر اصحاب دين و جمله شاھانِ قديم،

واجب آمد ھمچو فرض اين سنتِ لازم ادا؛

زين جھـة در شھر کوفه سنتا تعمير ساخت،

ھمچو بيت الله نو مسجد علي المرتضى:

شکر للـﮧ کاين زمان بر پيرويﻋ سنتش،

شاهِ والادل غلام نام شاهِ اوليا،

خسروِ سند آن مخاطب با عنايت خان شاه،

پيروِ دينِ نبي و ملجاي اھلِ رجا؛

ساجداً الله پي شغل صلواة المومنين،

طرفه مسجد کام از سعي و صفائي بيش؛

کرد اين مسجد بطرح مسجد اقضى بنا،

کعبهﻋ طاعات عالم قبلهء اھل رجا؛

حبذا نو مسجدي عالي که بابِ طاعتش،

باز چون باب السلام آمد بصد صدق و صفا؛

حبذا نو مسجدي عالي که آمد ز ارتفاع،

قبه ھائش مرتفع چون قبه ھاي بر سما؛

حبذا نو مسجدِ روشن که خورشيد و قمر،

ميکند از پرتوِ روز و شبش کسبِ ضيا؛

تا نمايد اقتدا بشنيده صوتش اھل عرش،

مي رود صوتِ اذانش راست تا عرش علا؛

کو امام و مقتدى گاه دعا خواھد ز حق،

حرمتِ محراب اين مسجد حصولِ مدعا:

سال تعميرِ شريفش چون ھمي جستم ز غيب،

”طرفه اعلا مسجد اقصى ست“ اين آمد ندا:

                         1226ھه

باد يا رب از مساجد تا جھان روشن چراغ،

باد روشن تر چراغ دولتش صبح و مسا!

تا دعائش از کرم ايزد نمايد مستجاب،

’مائل‘ حق در صلواة الخمس مي گويد دعا.

                                                   _ ص ج

(2) چون شھه سند غلام علي آن خان کريم،

ساخت از بھر حق اين مسجد زيبا بازيب؛

ھاتفِ غيب چنين سال بنايش فرمود،

”گشت اين مسجد از مسجد اقصى با زيب“:

                                   1226ھه

يارب اين مسجد شاھي ابداً با شه سند،

باد چون کعبهﻋ حق قائم و برپا با زيب!

                                                 _ ص ج

مقبره شاھه مسڪين: ٺٽي ۾ شاھه مسڪين عليـﮧ رحمـة جو مقبرو اڄ تائين مشھور زيارتگاھه آھي؛ اھو بزرگ مرزا عيسى جي زماني جو مشھور ۽ ڪامل ولي الله آڳي: مرزا عيسى جي زماني ۾، پورچو گيزن جيڪو ٺٽي تي حملو ڪيو ان ۾ اھو بزرگ به شھيد ٿيو.

مرزا عيسى ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾، مرزا حسين ارغون جي انتقال کان چند ڏينھن اڳ (962ھه)، مصحف شريف تي جيڪو ٺاھه ٿيو ھو، سو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائي کڻڻ کان پوءِ به ھلي نه سگهيو. چنانچه ورھاست جي پھرئين سال ئي، سلطان محمود ۽ مرزا جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيو؛ نوبت جنگ جدال تائين وڃي پھتي. مرزا عيسى، امداد وٺڻ لاءِ، پورچو گيزن ڏانھن سفارت، بسين (BASSEIN) شھر ۾ موڪلي. پورچوگيزي گورنر فوجي امداد ڏيڻ قبول ڪئي: سنڌ سان تجارتي مقاصدن خاطر، تعلق قائم ڪرڻ لاءِ ھونءَ به خواھشمند ھو ۽ ھي موقعو ھن کي غنيمت نظر آيو. چنانچه ھن 28 جھاز ۽ ست ھزار سولجر فوراً، پيڊرو باريٽو رولم (PEDRO BARETTO ROLIM) جي ڪمان ھيٺ، سنڌ ڏانھن ڏياري موڪليا. اھا ڪمڪ جنھن وقت ٺٽي پھتي، ان وقت مرزا عيسى، سلطان محمود جي مقابلي لاءِ ٺٽي کان ٻاھر ويل ھو؛ جنگ جي نوبت ڪانه آئي، ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ صلح ٿي ويو. جڏھن اھو اطلاع ٺٽي پھتو، ان وقت پورچوگيز جنرل پنھنجا اخراجات طلب ڪيا. مرزا عيسى اڃا پھتو ڪونه ھو؛ مرزا جي پٽ تاوان ڏيڻ ۾ پس و پيش ڪئي؛ پورچو گيزن اوچتو ھڪ ڏينھن منجھند جو ٺٽي تي حملو ڪيو؛ سڄي شھر کي باھه ڏنائون؛ دڪان، گهر ۽ بازاريون لٽيائون؛ ۽ تقريباً 800 سؤ مسلمانن کي مسجدن ۾ جمعي جي نماز پڙھندي شھيد ڪري ڇڏيائون. ٺٽي ۾ انھيءَ ريت جيڪا لٽ ڦر ٿي ان جو بيان ڪندي، مسٽر ايڪٽن، سنڌ جو گزيٽئر نويس، لکي ٿو ته:

“...... destroying property worth two million of gold, and went off with such loot, as had rarely been taken in Asia. This is a Portuguese version of the affair”.

                     _ Sind Gazetteer, Vol: A, 104_5

تحفـة الڪرام لکي ٿو ته اُھي فرنگي، گوا کان اچي، لاھوري بندر تي لنگر انداز ٿيا: جمعي ڏينھن، 962ھه ۾، عين نماز جي وقت، ھو شھر ۾ داخل ٿيا، ۽ بيدريغ لٽ ڦر ۽ قتل غارت شروع ڪري ڏنائون؛ بازار اميربيگ ۽ جامع فرخ ۾ گنج شھيدان لڳي ويا؛ اھي ٻه جايون خونريزيءَ جون خاص طرح آماجگاهه بڻيون، ليڪن متفرق طرح به سڄي شهر ۾ خون خرابو ڪيائون؛ ويندي وقت، سڄي شھر ۾ بارود وڇائي باھه ڏيئي ھليا ويا.

مرزا عيسى فوراً اچي ٺٽي پھتو؛ ڀڳل ٽٽل جاين کي درست ڪرايائين؛ شھر پناھه نئين سر ٺھرايائين؛ ازانسواءِ سمنڊ کان جيڪا ڪشادي نار لاھوري بندر تائين ايندي ھئي، ان جا ٻئي پاسا پٿرن سان لٽرائي، ان کي ايترو سوڙھو ڪري ڇڏيائين، جيئن جھاز اچي نه سگهي؛ سمنڊ ۽ بندر جي وچ ۾ پھري لاءِ ھڪ ننڍو قلعو ٺھرايائين جنھن کي شاھه بندر سڏيو ويندو ھو. (تحفـة الڪرام، ص 67/3)

تحفـة الطاھرين مصنف جو قول آھي ته ’جامع فرخ ارغون ۾ پھچي، پورچو گيزن قتل عام شروع ڪري ڏنو، ۽ ”انداز دو ھزار کس که بسياري از اولياﻋالله دران ميان بودند، بدرجـﮧﻋ شھادت رسانيدند“.

                                                       _ ص 65

انھيءَ مسجد ۾ جيڪي شھيد ٿيا، تن کي مسجد جي اترينءَ ديوار سان دفن ڪري، گنج شھيدان تيار ڪيو ويو. ساڳئي مصنف جي قول مطابق، بازار اميربيگ ۾ به اھڙيءَ طرح حادثو ٿيو، پر اتي،

”زياده 5 صد کس که درميان شان ابرار و احرار بودند

بدرجـﮧﻋ شھادت فائز ساختند“.             _ ص 75

اھو ٻيو گنج شھيدان، جامع بازار اميربيگ جي ڏکڻ ۾ ٺاھيو ويو: اھي ٻيئي گنج شھيدان مغلواڙي ۾ ھئا. ٽيون گنج شھيدان اگر محلي ۾ ٿيو. تحفـة الطاھرين جو صاحب لکي ٿو ته ’انھيﻋ مسجد ۾ به پنج سؤ کن مسلمان شھيد ٿيا، جن کي پڻ مسجد جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.‘                  _ ص 78

انھيءَ خونريزيءَ ۾ جيڪي بزرگ ۽ اولياﻋ شھيد ٿيا، انھن ۾ شاھه مسڪين عليـﮧ رحمـة به ھو. تحفـة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته:

”شاه مسکين فقيري کامل، سيدي والا نسب تکيه دار مکان مدفنست، در فترت فرنگيان شھادت يافته، در صاحب کمالان آسوده، در تته بقدم بزرگي وقفوق کمالات اشھر؛ ميان ابوالقاسم نقشبندي فرموده، در تته بزرگي به اين کمال مدفن نيافته، الحق زيارتش برارندهﻋ ھر گونه مرادات واقع“.       _ ص 246/3

ھن شھيد درويش جي جيڪا ھن وقت درگاھه آھي، اھا ڪنھن وقت سندس رھڻ جي جاءِ ھئي. انھيءَ بازار کي جنھن ۾ مرحوم جي خانقاھه آھي، ارغون دؤر ۾ غلـﮧ بازار (اَن جي بازار) سڏيو ويندو ھو، ۽ انھيءَ بازار جي نسبت ڪري انھيءَ محلي جو نالو ”محلهﻋ غلـﮧ بازار“ ھو (تحفـة الطاھرين ص 55). تحفـة الطاھرين جي مصنف، سندس احوال لکندي ھيٺيئن طرح کيس ياد ڪيو آھي:

”شاھباز فضاي لاھوت، يکه تازان ميدان جبروت، سر دفتر اولياي کبار، سالار قوافل ابرار، صاحب مناقب عليـﮧ، مظھر کرامات جليـﮧ، گلدستهﻋ بوستان اصطفا، گل سرسبز حديقهﻋ ارتضا، شھسوار مضمار معرفت و يقين، سيد شاه مسکين“.                    _ص 55

اڳتي ھلي لکي ٿو _

”از روات ثقات منقول است که آن بزرگوار بعالم روحانيت در محافل اولياﻋالله بمنصب جانشينيﻋ حضرت غوث الاعظم قدس سره سرفرازي دارد ..... زيارت فيض اشاعت او، گره کشاي کار فروبستگان، و مرھم بند ناسور دلخستگان است، ھر کـﮧ از صدق ارادت باستانش رسيد بکام دل آرميد“.        _ ص 55

’بزرگ ھميشـﮧ ذڪر فڪر ۾ مشغول رھندو ھو، ۽ صلوات شريف ھميشه زبان تي ھوندي ھيس. جيڪو ماڻھو صلواة پڙھندو ھو ، ان کي نھايت ئي قرب ڏيندو ھو، ۽ ان جي حاجت روائي فوراً ڪندو ھو. پنھنجي زندگيءَ ۾ ھن ڪيترن کي ئي صدق وفا جي مقام تي پھچائي ڇڏيو؛ انھن مان ھڪ خاڪي شاھه به آھي، جنھن سموري زندگي شاھه مسڪين جي خدمتگذاريءَ ۾ گذاري ڇڏي، ۽ ”آنچه يافت يافت“: انھيءَ خاڪي شاھه جي مزار به پنھنجي مرشد سان گڏ آھي.‘ (تحفـة الطاھرين ص 55_56)

ٺٽي ۾ اڄ تائين شاھه مسڪين جو وڏي ڌوم ڌام سان عرس ٿئي ٿو. سوين ماڻھو روزانو زيارت ڪندا رھن ٿا. خانقاھه جي مرمت ھر سال ٿيندي رھي ٿي.ٽالپرن جي عھد ۾ ھڪ اھل خير بزرگ، ملا غلام احمد ولد ملا عبدالڪريم، 1228ھه ۾، درگاھه  جي مرمت ڪرائي ھئي، جنھن تي مير ’مائل‘ ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:

(1) باجاھه حق چون اين زمان يمنِ شھهِ مسکين نواز،

بگرفت باز اين مقبره زين نو بنا رشدِ گزين؛

از خير آنکس کو بجان صادق غلامِ احمد است،

چون باب خود عبدالکريم در ’زمره ارباب دين؛

سالِ بنايش صبحدم گفته چنين روح القدس،

”بر بانيﻋ اين مقبره باجاه حق صد آفرين.“

                                 1228ھه     _ ص 82

(2) اين رشک ارم مقبره سيد مسکين،

بگرفت چو زين تازه بنا تازه فضا زود؛

از خير غلام احمدِ نامي که در احباب،

چون باب کريم است به ھر باب ذوي الجود؛

تاريخ بنائش که ز نو آمده بالخير،

”با خير به از مقبره گو“ ھاتف فرمود.

                1228ھه         _ ص 100

مٿين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پھريون خانقاھه ۾ مقبرو ملا غلام احمد ٺھرايو، جنھن کي اڄ تائين ھر سال ٺٽي جا اھل خير مرمت ڪرائيندا اچن ٿا.

علي آباد جو قلعو: ٽالپرن، سنڌ جي دفاع لاءِ راجپوتانه ۽ ڪوھستان طرف ڪيئي مستحڪم ۽ مضبوط قطلعا پنھنجي دؤر ۾ ٺھرايا.رني ڪوٽ جي قلعي کي نئين سر آباد ڪيائون، تاڪ قلات جي حملن کي اتي روڪي سگهجي، ۽ اھڙيءَ طرح ريگستان جي وسيع سرحد ۾ 8_ 9 قلعا تيار ڪرايائون، تاڪ راجپوتن جي پيش دستن کي سندن سرحد تي ئي ٻنجو ڏيئي سگهجي. چند قلعا اڃا ڪن جاين تي موجود آھن، جن جي طرز تعمير ۽ پختگي ڏسي ٽالپرن جي دفاعي اھتمام ۽ مضبوطيءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو.

(1)نئون ڪوٽ، جنھن جو اصل نالو فتح ڳڙھو، سو مير فتح علي خان، 1204ھه ۾ ٺھرايو، جيڪو اڃا تائين موجود آھي.جھڏي لائين تي، نبي سر ڏانھن ويندي، واٽ تي نئين ڪوٽ جي اسٽيشن اچي ٿي، جتان لھي نئين ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ وڃجي ٿو: قلعو موجود آھي، ۽ ڳوٺ به چڱو موچارو آھي.

(2) اسلام ڪوٽ يا اسلام ڳڙھه به ساڳئي سال 1204ھه ۾، مير فتح علي خان، فتح ڳڙھه کان چاليھه ڪوھه پري اتر طرف ٺھرايو؛ اھو به اڄ تائين موجود آھي، ۽ ان نالي سان ڳوٺ ٿر ۾ وڏو واپاري مرڪز آھي.

مير حسن علي خان مصنف ”شاھنامهﻋ سنڌ“ انھن ٻنھي قلعن لاءِ لکي ٿو:

انـــھيءَ طـــــرح دو قلعهﻋ شاھوار،       بنا ڪيئين به سرحد يڪ يڪ حصار:

نئون ڪوٽ ھن وقت جنھن کي چون، اھــــــو فــــــــتح ڳڙھه قلعو ٿيو بي سخن؛

ٻيو اسلام ڳڙھه مير جو يادگار،        جــڙيا ٿر ۾ ھي ڪوٽ ٻئي استوار.

                                                       _ ص  75

(3) رني ڪوٽ، مير ڪرم علي خان جي دؤر ۾، نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي نگهداريﻋ ھيٺ، 1812ع ڌاري، نئين سر آباد ٿيو. اھو قلعو، سن جي شھر کان اتر تي 8_ 10 ڪوھه پري ٿيندو؛ مٿي پھاڙ تي آھي؛ موھن جي نئين به منجھانئس ٿي لنگهي؛ تعمير جي قابليت حيرت انگيز حد تائين اٿس، جنھن مان اُن جي تاريخي قدامت ظاھر آھي. مير حسن علي خان انھيءَ ڪوٽ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

رنيءَ جو ٻڌو ڪوٽ ھوندو اوھان،

ھي ان جي عمارت جو شرح و بيان:

عجب جھڙو ڪوٽ آھه در ڪوھسار،

بزرگن کان منھنجي رھيو يادگار؛

ائين سنگتراشن تراشيا پھڻ،

تراشيو ٿي جيئن بي ستون ڪوھه ڪن؛

سراسر بنا ٿيو ز سنگ رخا،

ٿي ڪوھن ۾ ديوار ان جي بپا؛

بنا ھن تي ان ڪوٽ جي استوار،

بپا ڪيا سوين برج استاد ڪار؛

انھيءَ ڪوٽ جي وچ ۾ محڪم مڪان،

بنا ڪيئون رکيئون شير ڳڙھه ان جو نانءُ؛

جڙي ٻي به ان طرح محڪم سرا،

چون جنھن کي ميري ٿا از ابتدا؛

عجب تر ته ان ڪوٽ جي درميان،

وھي نئين ٿي ان ۾ به آبِ روان؛

قلعي کان ٻھر نئين جي اندر ميان،

نه ڏسندين تون پاڻيءَ جو نام و نشان؛

فقط ڪوٽ جي وچ ۾ ڏسندين تون آب،

درن کان پوءِ ٻاھر سراسر سراب؛

تري ۾ پوءِ ان نئين جي بھرِ گذر،

اُلھندي اڀرندي بيھاريئون ٻه در؛

سوين لوھه جا مڻ مٿس صرف ٿيا،

مگر زور پاڻيءَ جي موڙي ڇڏيا؛

چيئون سترھه لک سترھه سؤ ٿيا ھزار،

ٿيا خرچ ٿيو راس تڏھن حصار؛

درِ آھني ڪين ٿيا ڪارگر،

رھڻ ات تڏھن ٿيو به دشوار تر؛

اچيو ڪوٽ ڀي ڪم وڃي گاه گاه،

نه ڄاڻو قلعو محض بيڪار آھه.

                                                 _ ص 92

رنيءَ ڪوٽ جي نئين سر آبادي واقعي ميرن جي تعميري ڪاوشن ۽ قابليتن جو قابل تعريف يادگار آھي. اُن مان وھندڙ نئين موھن کي جنھن نموني تي قلعي ۾ اندر بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آھي، سو پڻ ڪاريگريءَ جو تعجب انگيز مثال آھي. نئين جو قلعي کان ٻاھر ٻيو ڪوبه رخ نظر ڪونه ٿو اچي، جنھن مان دشمن فائدو وٺي سگهي ھا.

اھڙيءَ طرح ڪوھستان خواه راجپوتانا جي سرحدن تي ميرن ڪيئي قلعا جوڙايا. ٿر جي سرحد وارن قلعن جي مضبوط قطار، راجپوتن کي سيخ پا ڪيو؛ گهڻو ئي اعتراض ڪيائون، ليڪن ميرن ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري پنھنجو دفاعي بندوبست سمورو پورو ڪري ڇڏيو؛ جنھن بعد جوڌپور ۽ بيڪانير طرفان ھر قسم جي حملي جو خطرو ھميشه لاءِ دور ٿي ويو.

ميرن جي انھن چند قطلعن جا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا؛ پر ڪن ڪوٽن جا نالا ئي تاريخ جي صفحن تان مفقود آھن، جيئن ته قلعي علي آباد جو نالو تاريخ ۾ موجود ڪونه آھي. اھو قلعو مير ڪرم علي خان ٺھرايو. قلعو ڪٿي ٺھيو، ان جو پتو ڪونه آھي؛ البته مير ’مائل‘ جي بياض مان تعمير جي تاريخ جا قطعا ملن ٿا(1).

(1)صد شکر حق که يمن نبي و علي و آل،

کز يمن شان شھانِ زمان اند نامدار؛

شاهِ زمان کرم علي شه مراد بخش،

فرمان رواي سند بصد عز و اقتدار؛

روشن چو مھر و ماه ز انوار خسروي،

والا نسب خجسته حسب عالي التبار؛

يکدل به بزم و رزم بھم ھمچو جسم و جان،

از يک دلي بشاھد عيش و ظفر دو چار:

کردند طرح برسرِ کوھي فلک شکوه،

با صد شکوه تازه فصلِ جھان مدار؛

گردون بنا وسيع فضا ما من الورى،

خيبر نما قرص صفاً در صفِ شمار؛

از بسکه در عمارت سنگين نموده اند،

سنگين بکوه آمده ھر سنگ اين حصار؛

از بسکه اين حصار فلک رفعت آمده،

بگرفته زو حصار فلک تازه افتخار؛

فکرِ رسا برفعت شانش نمي رسد،

گر حرفِ وصف او بکند جمله روزگار؛

تا سرفراز جمله حصارِ  جھان شده،

سر کوبيﻋ عدوي شھان کرده اختيار؛

عالي حصار آنکه بھر برج باره اش،

ميبارد از حصار فلک فضل کردگار؛

ھر شير ھمچو روبـﮧ گريزان شود ز وي،

گيرد ببرج سير گرش کرگسي قرار؛

حصرِ صفات محکميش کي توان نمود،

باشد به روم و روس کجا ھم چنين حصار؛

عونِ علي چو ساختـﮧ آباد از کرم،

بگرفتـﮧ طرفه با ”علي آباد“ اشتھار؛

من جاءَ فيـﮧ کان لـﮧ الامن من ھموم،

نقش است روي باب بلندش بصر نگار؛

ھوش و خرد بطول صفايش چو ماند گم،

ديده دلم بسال بنايش در انتظار؛

سال شروع اين علي آباد نام حصن،

بھرِ  نشان نامِ شھانِ نکو شعار؛

فرمود بامراد چنين صبحدم خرد،

”کرد از کرم علي آباد اين حصار“:

تا برقرار باد حصار فلک مدام،

باد اين حصار و شاھه شھان دائم القرار!

                                             _ ص 78

اھو قلعو ڪنھن پھاڙ تي ٺھرايو ويو ھو. تمام ڪشادو ۽ مضبوط ھو. شان شڪوه ۾ به بيمثل ھو. سڄو پٿر جو ٺھيل ھو، ۽ ايڏو محفوظ ۽ مضبوط ھو، جو ڇڙو ڳجھه قلعي جي مٿان ويھي رھي، ته شينھن به لومڙ وانگر دُم دٻائي ڀڄي وڃي. مير ’مائل‘ مبالغي جي حد ڪري ڇڏي آھي، جڏھن لکي ٿو ته انھيءَ قلعي جو مثال روم ۽ روس ۾ به ڪونه ھوندو!

(2) خوش به رشدِ کرم زعونِ علي،    بمراد  شه اين گزين حصن اســــت؛

نامور زين شـــھان نيـــــکو نـــــام،        علي آباد نام اين حـــصن اســــــت؛

بسکه بر کوهِ آسمان فرسا وسعت،     در نظر آسمان زمين حــصن اســـــــت؛

آسمان رفعت و زمين وســـــعت،        کي بروي زمين چنين حـــصن است؛

با کــــــــــمالِ مـــــتانت و رفـــــعت،        حبذا آسمان قرين حـــصن اســــــت؛

بسکه آباديش ز حفظ علي ست،      ھمچو حصنِ حصين ھمين حصن است؛

تــــــا ســـــر فـــــتنه از ســـــرش بـــــرد،       طرفه سر کوب خصم اين حصن است؛

بــھرِفتح المبين ديـــــن مـــــتين، ھـــــمچو ياسين به سي مبين حصن است؛

 

گفـــــت ســـــال درســــتيشِھاتف، ”عـــلي آباد بھه متين حصن است“؛

                                                1234ھه

حـــــق کند عافيت قرين شـــــھان،       الحق اين عافيت قرين حصن است؛

ورد ’مائل‘ بحق دعـــــاي شھــــــان،     ھردم الحق بوصف اين حصن اســـــت؛

اصل آھن چو سنگ مي باشد،        طرفه از سنگ آھي حصن اســــت؛

شاه مبين: مير ’مائل‘ ھڪ قطعو لکيو آھي، جيڪو ٺٽي جي مشھور ولي الله، حضرت شاھه مبين رحمـة الله عليـﮧ، جي سلسلي ۾ آھي.حضرت شاھه مبين جنھن کي شاھه منبو به سڏيو وڃي ٿو، سو حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان ھو، ۽ شاھ حسين ارغون جي ڏينھن ۾ (927ھه) سيد شڪرالله شيرازيءَ سان گڏجي ٺٽي ۾ آيو. سيد ڪمال شيرازي ۽ شاھه عبدالله حسيني به انھيءَ سنگت ساڻ ھتي آيا. قاضي سيد شڪرالله ۽ شاھه صاحب جي وچ ۾، تحفـة الڪرام جي لکڻ مطابق، ڏاڍو گهرو مٺ _ محبت جو رستو ھو (3/245). مير علي شير لکي ٿو ته:

”حصور و مجرد در گذشت، کراماتش اظھر و خوارق آياتش اشھر، زيارتش برآرندهﻋ حاجات عموم خلق الله“.       _ ص 3/245

ھيءُ بزرگ، ٺٽي ۾ پنھنجي ھڪ مريد جي گهر ۾ اچي رھيو؛ جڏھن انتقال ڪيائين ته سندس لاش انھيءَ گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو. جنھن مريد وٽ رھيو، اھو ۽ ان جي والده به سندس پيرانديءَ کان دفن ٿيل آھن. گويا جتي ھاڻي مقبرو آھي، دراصل اِھو اُھو گهر آھي جنھن ۾ بزرگ قيام پذير ٿيو. اھو گهر (يعني، اھو مقبرو) گدا بازار ۾ ھو؛ انھيءَ محلي کي ئي محله گدا بازار سڏيو ويندو ھو: اڄ اھو پير منبي جو محلو ڪري سڏجي ٿو. تحفـة الطاھرين جي مصنف ھنن القابن سان درويش کي ياد ڪيو آھي:

زبدهﻋ عارفان کامل، سلاله واصلات اھل دل، مخزن ھدايت، معدن ولايت، شاھباز اوج جبروت، محرم خلوت سراي لاھوت، نخلبند گلستان توحيد، رنگ بخش بوستان تفريد، شارب رحيق تحقيق، سالک مسالک توفيق“ قدوة الموحدان وارسته، حضرت سيد منبه .................. “

اڳتي ھلي لکي ٿو ته:

”گم گشتگان تبه حالات را بشھرستان ھدايت رھبري مي فرمود، و سر گشتگان ظلمت جھالت را بشغل معرفت راه مي نمود، مقامات عاليش ازان بلند تر است، که طائرِکلک بر اوج بيانش پرواز نمايد و مرغ بيان بر فراز اوصافش بال پرواز کشايد“.

سندس مرزا جي زيارت لاءِ لکي ٿو:

”مزار فيض آثارش مھبط انوار الاھي، و مرقد پر انوارش محل تجليات لامتنھائي است، سائلان در گاھيش را ھردم گلِ اميد بدامان، و آب مراد در زير ران“.      _ ص 84

سيد شڪرالله، اسان جي شاعر سيد غلام علي ’مائل‘ جو وڏو ڏاڏو ھو، ۽ سيد مبين ان جو ساٿي، سنگتي ۽ محبتي ھو؛ تنھنڪري مير صاحب پنھنجي ھيٺئين قطعي ۾ انتھائي معتقدانه جذبات پيش ڪيا آھن؛ اھو قطعو زيارت ڪندي ڪندي، شاعر، مزار پر انوار جي ضيا بارين ۽ تجليات کان متاثر ٿي لکيو آھي؛ فرمائي ٿو:

بدر گاھت اي شاهِ سيد مبين، مرا از قديم است چو راھي نياز؛

ازين راهو رســــمِ نــــيازِ قــــديــــم،       که دارم بدرگاهت از فرطِ ناز؛

بـــه تــــقدير عــــجــــز و نــــياز دلــــم،      به رويم بــفرمــــا درِ فــــيض بــــاز؛

که سازم بدرگاه، فيضِ تو عرض،      ز عــــجز و نــــيازِ دلــــي جــمله راز؛

بــــس اين عرض عجز است ز ”مائل“ بحق،

ببــــين عـــــجزم اي شـــــاه عـــــاجز نـــــواز.          _ص119

قطعي ۾ تخاطب ائين ڪيو اٿائين ڄڻ پاڻ شاهه مبين جي دربار ۾ حاضر آهي، ۽ سندس روبرو پنهنجا معروضات پيش ڪري رهيو آهي.

3_ سنڌ جا سياسي ۽ سماجي واقعا

مير’مائل‘ جي بياض ۾، انهيءَ زماني جي سياسي ۽ سماجي واقعن تي پڻ ڪيترا قطعا ملن ٿا، جن کي سنڌ جي تاريخ ۾ هر لحاظ سان اهميت حاصل آهن. هن هيٺ ترتيبوار اُهي قطعا پيش ڪجن ٿا.

زمان شاهه افغان: نادر شاهه جي ڪاهه کان پوءِ سنڌ جي دامن دهليءَ کان ڇٽي، ليڪن وري وڃي افغانن سان اٽڪي. نادرشاهه جي قتل بعد، افغانستان ۾ درانين جي حڪومت قائم ٿي. سنڌ، حسب دستور، ڪلهوڙن واري رسم رواج کي ٽالپري عهد ۾ به قائم رکندي آئي. احمد شاهه ابداليءَ بعد، تيمور شاهه تخت تي ويٺو. ان جي زماني ۾، سنڌ سان سندس نئون عهد نامو ٿيو؛ اهو عهد نامو 1207هه (1792ع) شڪارپور ۾ ٿيو، ۽ سنڌ جي حڪومت جو پروانو، هڪ جوهر دار تلوار ۽ هڪ هاٿيءَ سميت، مير فتح علي خان تي عنايت ٿيو. جنهن جي قيمت ۾ 24 لک رپيا سنڌ بقايا ۾ ڏيڻ قبول ڪيا. تيمور شاهه کان پوءِ زمان شاهه تخت تي ويٺو؛ ليڪن سخت ظالم ۽ خونخوار هو، جنهنڪري افغانن ان کي لاهي، ان جي ڀاءُ شجاع الملڪ کي تخت تي ويهاريو. زمان شاهه تخت تي ويهندي شرط ڍل جي وصوليءَ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ليڪن پٺيان جي انتشار سبب کيس واٽ تان ئي موٽڻو پيو. مير ’مائل‘ انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪ قطعو چيو آهي:

چڱويم ز تشريف شه سوي سند،      که در شـــور تشريف يکماه رفــــت؛

ولــــي بــــاز آمــــد بخير اين خبر،        که واپـــس ز ره شاه جمجاه رفــــت؛

مگر بهر پيش آمدِ فوج شاه،        ز دلــــهادي مــــا لــــشکرِ آه رفــــت؛

بين حــــکم شاھنشهِ عــــالمين،      که حکمش چسان برسرِ شاه رفت!

بوجه طرب سال اين خوش خبر،        بــــفرمود ھــــاتف ”شــه از راه رفت“.

                                                      1208ھه

ڀانئجي ٿو ته عھدنامي موجب، جيڪا ڍل سنڌ جي حڪومت کي ڏيڻي ھئي، سا پھچي ڪانه سگهي، جنھنڪري زمان شاھه چڙھائي ڪئي ھئي. 1218ھه (1803ع) ۾ شاھه شجاع الملڪ سان وري عھدنامو ٿيو، جنھن مطابق 10 لک روپيا روڪ ھن بقايا ۾ وصول ڪيا، ۽ 5 لک سالياني جو واعدو ٿيو. اھو عھدنامو مير غلام علي خان سان ٿيو. شجاع الملڪ جي حالت به گهرو لڙائيءَ سبب ڪمزور ٿي ويئي، جنھنڪري 1240ھه (1824ع) ۾ آخري طرح سنڌ پنھنجي جند ھميشـﮧ لاءِ ڇڏائي ڇڏي، ۽ نه فقط ايترو بلڪ شڪارپور جو صوبو جيڪو ھميشـﮧ کان وٺي افعانستان جو ھڪ حصو ٿي ويو ھو، سو به اتان آزاد ڪرائي، سنڌ سان شامل ڪيو ويو.

مير ’مائل‘ زمان جي موٽڻ تي ٻــــيو بــــه قــــطعو تــــصنيف ڪـــيو:

شاھا بتو اين مرﱞده نو باد مبارڪ،     واز بھر شھان فتح خداداد مبارک؛

زين مرﱞده که رفت واپس از سند،       ساھنشهِ دين با تو فرستاد مـــــبارک!

                                                       _ ص 88

ايران سان تعلقات: سنڌ جي ٽالپري حڪومت جا ايراني حڪومت سان دوستانه تعلقات تمام استوار ھئا. سفيرن وڪيلن جي به ڏي _ وٺ ٿيندي رھندي ھئي. سوکڙيون پاکڙيون به ھڪٻئي ڏانھن اينديون وينديون ھيون. غالباً انھن تعلقاتن جو اھو نتيجو نڪتو جو ايراني تمدن سنڌ جي درٻار تي ڇانئجي ويو، جنھن ٽالپرن جي مذھبي اعتماد تي به اثر ڪيو، ۽ منجھانئن ڪي شيعيت ڏانھن مائل ٿي ويا. مشي آوتراءِ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا مير“ ۾ لکي ٿو ته ”ٽالپر ڏاڏي پوٽي مڙيئي مذھب جا سني ھئا، مير نصير خان کان سواءِ، جو شيعو ھو ۽ تابوت جھنڊا وغيره ڪڍندو ھو“ (ص 41) اھا ساڳي راءِ ڊاڪٽر برنس به لکي آھي:

“The Talpurs were originally Soonnees like Balochees and Sindhians in general. But their connection with Persia has infected the court with the heresies of that kingdom: and with the exception of Muradali & Sobdar, who are Still attached to the orthodox doctrines, they have become Sheah,s or followers of Ali” . P. 81

مٿينءَ شھادت مان به معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپرن ابي ڏاڏي ته شيعا ڪونه ھئا، ليڪن ايراني دربار سان دوستانه وابستگيءَ سبب منجھن اھو اثر آيو؛ مگر تنھن ھوندي به منجھانئن ڪي حڪمران پنھنجي اصلوڪي عقيدي تي قائم رھيا.

ٽالپرن ايران ڏانھن سفيرن موڪلڻ جو سلسلو غالباً سڀ کان پھريون 1214ھه ۾ شروع ڪيو. ان وقت ايران جو بادشاھه فتح علي شاھه قاچار ھو. ميرن مرزا محمد عليءَ نالي ھڪ وڪيل ايران موڪليو، جيڪو واپسيءَ ۾ مرزا اسماعيل نالي ايراني سفير ورتيون آيو. انھيءَ کان پوءِ اھا آمدرفت برابر قائم رھي. مير ڪرم علي خان جي زماني ۾ ملا محمد اسماعيل سفارت وٺي ويو ھو، جيڪو واپسيءَ ۾ پاڻ سان گڏ خسروخان گرجي خريد ڪيون ورتيون آيو، جيڪو اڳتي ھلي سنڌ جو وزير ۽ امير ٿيو.

پھرئين سفير مرزا محمد عليءَ جي واپسيءَ ۽ ايراني سفير مرزا محمد اسماعيل جي آمد تي اسان جي شاعر، مير ’مائل‘، ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:

_قطعه در مبارک باد آمدن ميرزا محمد علي وکيل از ايران،

بمعه وکيل سلطان فتح علي خان قاچار _

بـــنازم کز ايــــران دگــــر در وطــــن،      مــــحــــمد عــــلي مــــيرزا آمــــده؛

چو ھنگام رفتن دعا خواه بـــود،        خــــدا کــــرد بــــا مــــدعــــا آمـــده؛

ز سلطان ايــــران گــــرفته وکــــيــــل،       بــــاقــــبال شــاھــــانِ مـا آمــــده؛

خوش آمد که خوشنودي طبع من،     ز بــــشنيدنِ ايــــن صـدا آمده؛

دلِ مـن بشکرانهﻋ ايــــن نــــويــــد،        بــشارت دھهِ مــــرحــــبا آمــــده؛

بحمد الله کاين مسلمِپاک دين،       ســــلامــــت بــــحــــفظ خدا آمده؛

فــــبــــلــــغ دعــــــــاي الـــــــى مــــن لـﮧ،      نــويــــدِ حــــصولِ رجــــا آمــــده؛

فــــبلّغ تســــاليم شــــوقــــي الــــيـﮧ،       پيامم به پيکِ صــــبا آمده؛

بــــبــــزمِشــــھــان با روي سرخرو، ز ’مائل‘ بحق اين دعا آمده؛

                                                  _ ص 186

_قطعه مبارک باد تاريخ تشريف آوريﻋ ميرزا محمد اسماعيل وکيل سلطان ايران در سند _

 

مرﱞده اي دل کاين زمان از حضرت خاقان و شاه،

مرﱞده تشريف مرزاي بما خوش آمده؛

ميرزايم سيد اسماعيل ذوالمجد و شرف،

بارک الله خير مقدم مرحبا خوش آمده؛

خوش ز سمتِ شاهِ ايران جانبِ شاھانِ سند،

از صداقت آن وکيلِ با صفا خوش آمد؛

در قدومِ پر نشاطِ آن نشاط افزاي دل،

گفت از شادي دلم صبح و مسا خوش آمده؛

از صداقت شاد دل آمد ز ايران چون بسند،

شاديﻋ دوران بکامِ اصدقا خوش آمده:

سال تشريفِ شريفش زان مکان در ملک سند،

چون ز دل جستم بگفتا ”ميرزا خوش آمده“:

                                        1214ھه

         باد دائم فضل حق بر مدعايش کام بخش،

         از دلِ’مائل‘ بحق عرضِ دعا خوش آمده!   _ص 118

ميرن جو وڪيل، مرزا محمد علي، خود ايراني نسل جو معلوم ٿئي ٿو. ايران سان تعلقات ڪلھوڙن جا به ھئا، ليڪن تمدن جا اثرات ھنن قبول نه ڪيا، ۽ پڇاڙيءَ تائين ٺيٺ سنڌي رھيا. نادرشاھه جي ڪاھه کان پوءِ ايرانين جي آمدرفت جو سلسلو ٻيھر تازو ٿيو ھو؛ نادرشاھه جا ڪيترا وڪيل وصوليءَ لاءِ ھتي آيا، جن مان آقا محمد ڪريم صفاھاني به ھڪ ھو، جيڪو وڪالت ڇڏي سنڌ ۾ رھي پيو. ڪلھوڙن جا به وڪيل ايران ويندا ھئا. مير ابراھيم شاھه ڪلھوڙن جي دور جو سنڌي سفير ھو، جيڪو حڪومت طرفان ڪيئي دفعا ايران ۽ خراسان ويو. انھيءَ آمد و رفت جي سلسلي ۾ مرزا محمد عليءَ جو خاندان به ھتي آيل ٿو ڏسجي، ۽ ٽالپري دور ۾ ھو سنڌ مان پھريون وڪيل ٿي ايران ويو، ۽ ٻنھي حڪومتن جي نئين سر دوستي قائم ڪرايائين.

عمرڪوٽ جي فتح: عمرڪوٽ ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ شامل ھو. ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي، جڏھن جوڌپور جي راجا پنھنجا ٻه ماڻھو موڪلي مير بجارخان کي 1194ھه (1781ع) ۾ شھيد ڪرايو، تڏھن ميان انھيءَ معاوضيءَ ۾ بطور شڪراني جي، عمرڪوٽ جو شھر ۽ آسپاس جو علائقو راجا کي ڏيئي ڇڏيو.

ھالاڻيءَ واريءَ جنگ جو نتيجو جڏھن جوڌپور جي راجا کي معلوم ٿيو، ان وقت ھن عمرڪوٽ تي مڪمل طرح پنھنجي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ راجپوتن جو چونڊ لشڪر قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليو. مير فتح علي خان جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن جيتوڻيڪ ھالاڻيءَ واريءَ جنگ کان پوءِ سندس لشڪر ٽڙي پکڙي ويو ھو، تاھم ڪجھه سپاھي گڏ ڪري، ھن مير سھراب خان جي ننڍي ڀاءُ مير غلام محمد خان جي ڪمان ھيٺ ڏياري موڪليا. مير صاحب جوانمرديءَ سان وڃي مقابلو ڪيو، پر جنگ ۾ ٽالپري لشڪر کي شڪست آئي ۽ مير غلام محمد پاڻ به شھيد ٿي ويو. مير فتح علي خان اھا خبر ٻڌي، پاڻ لشڪر سميت اوڏانھن روانو ٿيو. ليڪن جيسين پھچي پھچي، ان کان اڳ راجپوت قلعو خالي ڪري ھليا ويا، جنھنڪري مير صاحب موٽي آيو. اھو قلعو تقريباً 1201ھه يا 1202ھه ۾ ٿيو، پر ان کان پوءِ به ڀانئجي ٿو ته راجپوتن جو قبضو عمرڪوٽ تي رھندو آيو.

مير ڪرم علي خان جي زماني ۾، مير سهراب خان، مير صاحب کي عمرڪوٽ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اڀاريو. مير سهراب خان کي راجپوتن ڏانهن پنهنجي ڀاءُ جو وير رهيل هو، سو سالن کان وٺي تمنا هيس ته عمرڪوٽ فتح ڪري، راجپوتن کان اهو وير وٺجي. نيٺ مير ڪرم علي خان پنهنجو لشڪر تيار ڪيو؛ هوڏانهن مير سهراب خان به تياري ڪئي. اهي خبرون جوڌپور جي راجا کي به پيون. انهيءَ زماني ۾ ٽونڪ جو نواب، امير خان روهليو، راجپوتن جو وڏو مددگار هو؛ راجا ان کان مدد طلب ڪئي. مير ڪرم علي خان کي جڏهن خبر پيئي، تڏهن هن ڏانهن فارسي نظم ۾ هڪ دردناڪ خط لکي موڪليو. مير حسن علي، سنڌ جي شاهنامي ۾ لکي ٿو:

انهيءَ وقت روهليو هو ميرخان،

مدد تي ٿيو راضي ۽ همداستان؛

ٻڌي مير صاحب به ايها خبر،

ته ڪئي ميرخان شر تي محڪم ڪمر؛

لکيو ان ڏي خط هڪڙو يا آب وتاب،

ته”بيدار ٿي، ناهي هن وقت خواب؛

مسلمان      آهين      بدينِ     نبي،

مسلمان تي ڪينءَ ٿو ٿئين اجنبي؛

خدا کي تون ڏس، ڪهڙو ڏيندين جواب،

جتي ڏيڻو آهي حساب و ڪتاب؛

بکفار دين گشتهﻋ همرڪاب،

رسولِ  خدا   را چه     گوئي   حساب!“

                                                _ص 91

مير صاحب قادر الڪلام فارسي شاعر ھو. چوندا آھن: ”از دل خيزد بر دل ريزد“ _ جڏھن خط وڃي امير خان کي مليو، ان وقت اميرخان جون اکيون کلي ويون: ھونءَ به مرد مجاھد ۽ پڪو مسلمان ھو، تنھن راجا ڏي جواب ڏياري موڪليو(1).

ھيڏانھن ٻنھي ميرن پنھنجا پنھنجا لشڪر تيار ڪيا؛ مير حسن علي خان لکي ٿو:

ٿيو حڪم لشڪر جي جمع آوري،    وڃي راجــــــپوتن تـــــــي ڪـــــن داوري؛

ولــــي مــــحمد جــــو ھــــو نــــامـــور،       ٻيو طاھر جو ھو جنگ جــــو شــير نر؛

روانا پوءِ في الفور ٿيا باسپاھه، عمر ڪوٽ جي ڏس ورتائون راه.

                                                _ ص 91

مير ’مائل‘جي بياض ۾ انھيءَ جنگ تي ھڪ تاريخي فتح نامو آھي، جيڪو اڳتي ھلي پيش ڪنداسين؛ ليڪن ان کان ريادھه اھم ٻيو منجھس تاريخي دستاويز آھي، جيڪو معلوم ٿئي ٿو ته مير ڪرم علي خان جو يا مير مراد علي خان جو لکيل آھي، ۽ جنگ جي سموري روئداد ان ۾ ڏنل آھي. انھيءَ نثري دستاويز جا اھم حصا ھي آھن:

(1)عمرڪوٽ جي فتح لاءِ جيڪو لشڪر عمرڪوٽ روانو ٿيو، ان جا سرڪردا ھي ھئا:

برادران مھربان: ميان ڄام خان، ميان ولھيو خان،

ميان غلام علي خان، ميان ڪرم خان، ۽

اخوت پناھان: ميان ولي محمد لغاري، موسى کٽياڻ،

بھادر خان کوکر، دريا خان نظاماڻي، فضل محمد ٽالپر؛

سيادت و شرافت پناه: مير علي اڪبر؛

فدوي شعار ان: طاھر ۽ ڇٽو خدمتگار، ۽ الھه بخش

خدمتگار، برادرم مھربان مير ٺاري خان جي طرفان؛ ۽

سيادت و شرافت پناه: سيد گولوشاھه، عمويم صاحب

مھربان مير سھراب خان جي طرفان.

مٿين القابن مان معلوم پيو ٿئي ته اھا روئداد ضرور ڪنھن حڪمران ٽالپرن جي لکيل آھي؛ ازانسواءِ ھي فقرو پڻ ان ۾ اتي لکيل آھي، جيڪو به ان ڳالھه جي تصديق ڪري ٿو: ”براي تسخير قلع مذکور و قلع قمع بتخانهﻋ ھستيﻋ کفار فجار تعين و تزئين نموديم.“

(2)اھو قلعو ٽيھه ورھيه راجپوتن جي حوالي ھو.

(3) عمرڪوٽ جي علائقي ۾، ان وقت سخت ڏڪار ھو؛ گاھه جو ھڪ ڪک ۽ اَن جو ھڪ داڻو به مھيا ڪونه ٿي ٿيو.

”در آن مرزبوم آشيانهﻋ بم، از ممر خشک سالي قحط غله نوعي رخ نما بود که يکدانه غله پيدا نمي شد، و قلت گياه بحدي ھويدا بود که خلالي بدست کسي نمي رسيد“.

(4) ٽالپري لشڪر، ھيٺينءَ طرح پنھنجا بندوبست ڪيا:  ”غازيان ظفر نشان خيام گلگون و سراوقات رنگا رنگ ”بر افراشته “ آن زمين را چون چمن چمن رنگين ومانند فضاي گلشن ”طراوت آگين“ ساختند، و ھزاران شتران  گيــــــــــــــــاه از مــــــــســــافـــــــــــت صــــــــــــدھــــــــــــاي کــــــــــــروه آورده، ”تودھاي“ کوه نما مھيا ساخته، ھزاران خروار از اجناس غلات فراھم آورده انبارھا کرده، واسطهﻋ آسائش آدميان و دواب نمودند“.


(1)  تحفـﺔ الطاهرين، ص 42_43

(2)  مقالات الشعرا، ص 159.

(1)  هيءَ معلومات درگاهه تي لڳل ڪتبن مان حاصل ڪئي ويئي آهي.

(1)  تعلقي ٽنڊي باگي ۾، ڪارياڻو ۽ نئين ڏاڏاهه جي ڀرسان، علي آباد ديهه، ۽ براج جي علي آباد ڊسٽريبيوٽري موجود آهن؛ اتي، قريب ئي، ڳوٺ ۽ قلعي جا ڦٽل آثار به ڏسڻ ۾ اڃن ٿا: ممڪن آهي ته اتي قلعو علي آباد هجي؛ اها جاءِ ٽنڊي باگي کان 7_8 ميل پري آهي: ليڪن هن قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو ڪنهن بلنديءَ تي يا ٽڪريءَ تي هوِ ڳوٺ علي آباد جن ڏٺو هوندو، اهي بهتر اندازو ڪري سگهندا!

(1)  اميرالدوله اميرالملڪ نواب محمد اميرخان بهادر شمشير جنگ واليء ٽونڪ، ضلعي مراد آباد جي سنبهل ڳوٺ ۾، 1182هه (1768ع) ۾، هڪ معمولي سپاهي محمد حيات خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو. محمد حيات جا وڏا، علائقي بُنير (افغانستان) مان، محمد شاهه جي زماني ۾ هندستان آيا، ۽ مختلف زميندارن وٽ بطور سپاهيءَ جي جنگي ڪم ڏيندا رهيا. ويهن ورهين جي ڄمار ۾، روزگار کان پريشان ٿي، مفلسيءَ کان تنگ ٿي، امير خان ملازمت لاءِ گهر کان نڪتو. رفته رفته نوڪريون ڪندي، بهادر جرنيل ٿي پيو؛ روهيلن، راجپوتن، ۽ مرهٽن، جي وچ ۾ سندس وجود فيصلي ڪن ثابت ٿيو؛ جنهن ڏي اميرخان ٿيندو هو، فتح ان جي حوالي ٿيندي هئي!. ٿيندي ٿيندي، وٽس به وڏو لشڪر جمع ٿي ويو. بيڪانير، گواليار، ۽ ٻين راجپوت رياستن کي وقت بوقت امداد ڏيئي، وڏين مصبيتن مان بچايائين. مهاراجا هولڪر جڏهن انقال ڪيو ۽ راجپوت رياستن جو انگريزن سان صلح ٿي ويو، ان وقت اميرخان تنها رهجي ويو، ۽ آخر انگريزن ساڻس صلح ڪري، کيس رياست ٽونڪ ڏني. نواب، 30 سيپٽمبر 1834ع جو انتقال ڪيو. نواب، سيد احمد شهيد بريلويءَ جو خاص معتقد هو. سيد صاحب سالن جا سان ساڻس گڏ رهيو. جهاد جي تياريءَ ۾ به ناب صاحب هر وقت سندس امداد ڪندو رهيو. سيد صاحب جي شهادت بعد، مجاهدن جا ٻار ٻچا ۽ اهل و عيال، پير سائين پاڳاري وٽ پير ڳوٺ ۾ رهيل هئا، تن کي نواب صاحب ٽونڪ ۾ گهرائي ورتو ۽ سڀني مصيبت زدن سان آخري وقت تائين نباهيندو آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com