سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو

باب :1

صفحو :6

3 ــــــــ ملڪيت ۽ معاشي قوتون:

اقتصادي مسئلن ۽ قوتن، قديم ابوي دور رياست ۾ بدلائڻ جي بنيادي ڪم ڪيو. شڪاري دور کان پوءِ جڏهن زراعت، پوک ۽ ڌڻ پالڻ جي شروعات ٿي، ته انهن رولاڪ ماڻهن جي حياتيءَ ۾ هڪ زبرو ڦيرو آيو. هاڻي انهن کي هڪ هنڌ ٽڪي رهڻو هو. ٻنين جي حدبندي ۽ ورهاست، پاڻيءَ پهچ ۽ ريج بابت جھيڙن جي فيصلي ۽ خاندان ۽ ملڪيت جي ورهاست جھڙن مسئلن سان گڏ، جڏهن فاضل پيداوار جي واپار جو مسئلو به اٿيو، ته انهن جو حل قبيلائي سردارن وٽ ڳوليو ويو. اهڙيءَ طرح پهريان جج قبيلائي سردار هئا ۽ پهرين ڪورٽ سندن اوطاق، ٻي پاسي هو هڪ اهڙو ماڻهو به ٿي پيو، جنهن وٽ فيصلي جي قوت هئي. هو ئي سياسي ۽ جنگي مسئلا به نبريندو هو. رياست جي ارتقا ۽ مضبوطيءَ کيس به اعليٰ حاڪم ٺاهي ڇڏيو.

اهو هڪ طرح ملڪيت رکندڙن ۽ پورهيو ڪندڙن جي وچ ۾ هڪ قسم جو جھيڙو به هو، جنهن رياست ۽ ان جي عنصرن کي مضبوط ڪيو. ذاتي ملڪيت رکندڙ کي ان جي کسجي وڃڻ يا محفوظ جو اونو سک ــــــــ سمهڻ نه پيو ڏي، ۽ ڀرپاسي وارين آبادين جي مال متاع تي سندس خريص نظرون پڻ کتل هيون. هن جي گھرج هئي ته پنهنجي مال جي حساب ڪتاب ۽ سار سنڀال لاءِ ۽ ٻين جي مال جي ٿُر لاءِ مُنشين، چوڪيدارن ۽ غنڊن جي هڪ لوڌ پالي، جنهن اڳتي هلي ڪامورا شاهيءَ جو روپ ورتو ـــــ هڪڙا دفتري هئا، ٻيا پوليس ٿي ويا ۽ ٽيان لشڪري سڏيا ويا. اها ڪامورا شاهي اڄ به ڦورو حاڪم طبقن جي مفادن جي تحفظ لا مُنشين، چوڪيدارن ۽ غنڊن جو ڪم پئي ڪري.

4 ــــــــ جنگ ۽ جبر :

جيڪو سردار جنگ ۾ پنهنجو جوهر ۽ بهادري نه ٿي ڏيکاري سگھيو. تنهن تي ماڻهن جو ڀروسو رهڻ ممڪن نه هو. جنگ ۾ سوڀ، قبيلائي سردار کي بادشاهه ٺاهي ڇڏيو. گيٽل جي چوڻ موجب جنگ بادشاهه کي جنم ڏنو ۽ فوجي ڪاروائي سياسي طاقت بنجي وئي. جنگ قانون ۽ حڪم، يعني امن ۽ امان جي صورتحال پيدا ڪئي، جنهن لاءَ وري تنظيم جي گھرج هئي. اهڙيءَ طرح قبيلي مان قوم ۽ ان مان سلطنت کي جنم مليو.

5 ــــــ سياسي شعور:

   سياسي شعور مان مراد اها آهي ته انهن خيالن کان واقفيت، جن وسيلي سياسي تنظيم جا مقصد پورا ٿيندا هجن، جيڪي بادشاهت قائم ڪن يا جمھوريت يا ٻيو ڪو نظام. اهو ذهني عمل هوري هوري وڌي ٿو ۽ جڏهن پختو ٿئي ٿو تڏهن رياست جي ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. قانون جي چڱائي ۽ لڱائي تي ڌيان ڏيڻ، رياست جي نوعيت تي سوچڻ، سياسي پاليسون ٺاهڻ وغيره جھڙا ڪم تڏهن ٿي سگھن ٿا، جڏهن شعور هجي.

اهڙيءَ طرح هڪ رياست ۽ حڪومتي سرشتو، ڏاڪي به ڏاڪي اسري ۽ مضبوط ٿئي ٿو. 

جمھوريت

هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني جمھوريت جي لفظ کي ڄاڻي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته اهو به حڪومت هلائڻ جو هڪ ڍنگ آهي. حڪومت هلائڻ جي ڌار ڌار طريقن کي مختلف نالا ڏنل آهن، جيئن بادشاهي يا شهنشاهي، اميراڻي (نواب شاهي)،آپيشاهي، ڊاڪٽيٽري وغيره، پر حڪومت جي جنهن طريقي کي سڀ کان وڌيڪ ڀلو سمجھيو وڃي ٿو ان جو آهي جمھوريت.

جمھوريت جو ڌاتو عربي لفظ ”جَم“ آهي، جَم معنيٰ ماڻهو ۽ ان جو جمع آهي جھمور. تنهن ڪري جمھوريت جي لفظي مراد ماڻهن جو نظام آهي. سياسي اصطلاح ۾ جمھوريت کي انگريزي جي لفظ ڊيموڪريسي (Democracy) جي معنيٰ ۾ ڪم آندو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آحي عوام جي حڪومت يا ماڻهن جو وس انگريزي  اصطلاح پڻ يوناني ٻولي جي اصلاح ڊيموڪريتا (Democratia) تان ورتل آهي جيڪو پاڻ ٻن لفظن جي ميلاپ سان ٺهيل آهي ـــــ ديموس معنيٰ ماڻهو ۽ ڪريتوس معنيٰ سگھ يا حڪومت. ان ڪري ڊيموريڪتا مان مراد ماڻهن يا عوام جي حڪومت يا وَسداري آهي. جمھوريت جو لفظ ان يوناني اصطلاح ڊيموڪريتا جو هم معنيٰ سمجھي ڪم آندو وڃي ٿو جڏهن ته هن لفظ جي حقيقي معنيٰ ماڻهو ــ وس، ماڻهن ـــ سگھ يا عوامي راڄ نه ٿي نڪري پر عوام پڻو يا عواميت ٿي نڪري جنهن کي انگريزي ۾ پاپولرزم (Popularism) سڏبو آهي. جمھوريت ۾ يوناني لفظ ڪريتوس وارو حصو موجود ڪونهي جنهن مان حڪومت يا سگھ (وس) جي مراد ورتي وڃي ٿي.

 جمھوريت جي اخذ ڪيل ۽ حقيقي معنيٰ عوام جي حڪمراني آهي. هڪ حڪومت جي نموني طور جمھوريت جي معنيٰ ڪيترن ئي ماڻهن جي حڪمراني آهي. ان ڪري جمھوريت جي مراد اهڙو رياستي نظام آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي حڪومت کي چونڊيندا آهن، جيڪا عوام آڏو جوابده ۽ ذميدار آهي ۽ جنهن کي ماڻهو ووٽ وسيلي پنهنجي مرضيءَ سان بدلائي سگھن ٿا. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته جمھوريت هڪ اهڙي رياست آهي جنهن ۾ عوام جي راءِ ۽ صلاح سان حڪومت ٺهي ۽ هلي ٿي.

جمھوريت جي مختلف اڪابرن هيءَ سڃاڻپ ڄاڻائي آهي:

ارسطو، جيڪو جمھوريت کي ناپسند ڪندو هو، جمھوريت جي سڃاڻپ ميڙ جي حڪمراني طور ڪرائي ٿو ۽ ان نموني جمھوريت کي ردي سڏي ٿو.

سيلِي ٻڌائي ٿو ته جمھوريت ”اهڙي حڪومت آهي جنهن ۾ سڀ ماڻهو شريڪ ٿين ٿا.“

ڊائيسي لکي ٿو ته جمھوريت ”اهڙي قسم جي حڪومت آهي جنهن ۾، حڪمران جماعت سڄي قوم آهي جو ڳڻپ جوڳو حصو هوندي آهي.“

لارڊ برائسِ چوي ٿو، ”لفظ جمھوريت، جنهن جو واهپو هيرو ڊوٽس جي ڏينهن کان ٿي رهيو آهي، مان مراد ان قسم جي حڪومت آهي جنهن ۾ رياست جي حڪمران طاقت ڪنهن خاص طبقي مان طبقن کي مليل ناهي پر قوم جي سڀني ماڻهن کي مليل هوندي آهي.“ ۽ وڌيڪ چوي ٿو ته قوم جي حڪمران طاقت گھڻائي وٽ هوندي آهي جنهن جي وسيلي ئي قوم جي مرضي ظاهر ٿي سگھي ٿي.

راهام لِنڪن چوي ٿو ته جمھوريت عوام جي حڪومت، عوام جي وسيلي ۽ عوام جي لاءِ هوندي آهي.

سيِٽل جمھوريت جي سڃاڻپ هيئن ڪرائي ٿو، ”هيءَ اهڙي نموني جي حڪومت آهي جنهن ۾ آبادي جو وڏو حصو حاڪماڻي طاقت جي واهپي ۾ شريڪ هجڻ جو حق رکي ٿو.“

وليم روسٽو ڄاڻائي ٿو. ”جمھوريت حڪمراني جو اهڙو طريقو آهي جيڪو حڪومت کي مجبور ڪري ٿو ادارن جي ماٺيڻي رضا نه پر ڪم ڪرڻ واري مرضي ڳولي اها ظاهر ڪري.“

سينيڪا موجب جمھوريت ان اُصول تي ٻڌل آهي ته ”ماڻهو ماڻهوءَ جي لاءِ مقدس شيءِ آهي.“ (Homo Homini res sacra).

 

جمھوريت جا قسم

 

سڌي جمھوريت (Direct Democracy ) ۽ اڻ سڌي يا نمائنده جمھوريت (Indirect or Representative Democracy )

سڌي جمھوريت: نمائندا چونڊڻ بدران عوامي ميڙ سڏائي پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ. جمھوريت جو هي قسم اڄ ڪلهه سوِزرِ لئنڊ جي ڪجھ ننڍن پرڳڻنن (Cantons ) ۾ ملي ٿو جيئن اَپينزيل، اَري، گلارَس ۽ اَنٽر والڊن وغيره.

ان کان سواءِ رهائشي ثقافت رکندڙ قبيلن ۽ ڳوٺن ۾ پڻ ان طريقي سان معاملا فيصل ڪيا وڃن ٿا. پراڻي يونان جون شهري رياستون يعني پوليس به ان ئي جمھوري طريقي موجب ڪم هلائينديون هيون. هن طريقي سان ڪمزوري اها هئي جو ننڍي ايراضي ۾ ئي عمل جوڳي ٿي پئي سگھي.

اڻسڌي جمھوريت: جڏهن عوام جي مرضي جي جوڙجڪ ۽ اظهار اهڙي ننڍي جماعت وسيلي ڪيو وڃي جنهن جا فرد نمائندن کي چونڊن، جيڪي ويهي قانونَ ٺاهن ۽ ملڪ جي حڪومت هلائن ته اهڙي جمھوريت کي اڻسڌي يا نمائنده جمھوريت سڏجي ٿو. اها جديد قسم جي جمھوريت آهي جيڪا پهريائين يورپ جي ملڪن ۾ ظاهر ٿي ۽ هاڻي دنيا جي ڪيترن ئي ڏيهن ۾ پکڙجي وئي آهي. سڌي جمھوريت جيان اڻسڌي جمھوريت به عوام جي حاڪميت کي مڃي ٿي پر اها حاڪميت عوام پنهنجي نمائندن وسيلي ظاهر ڪندا آهن جن کي ووٽ ڏئي چونڊيندا آهن. اهي نمائنده عوام جا مندوب (عيوضي) ۽ امانتدار هوندا آهن. ان ڪري اهڙي جمھوريت ۾ چونڊون، عوامي راءِ ڏيڻ جو حق، گھڻائيءَ چونڊن، چونڊيل جماعت ۽ لازمي عوامي جوابدهي وغيره جا طريقا ڪم آڻبا آهن ۽ نمائندن کان اميد رکي ويندي آهي ته عوام جي مرضي موجب فرض نڀائن. جمھوريت جا ڪجھ پوئلڳ ته قانون جوڙيندڙ اسميبلي جي ميمبرن سان گڏ رياست جي هر قسم جا آفيسر، مثل طور، جج، گورنر، انتظامي عملدار وغيره کي به عوامي راءِ ووٽ وسيلي چونڊڻ جي گھر ڪن ٿا. پر اڄ ڪلهه عام طرح قانون جوڙ جي ميبرن ۽ ملڪ جي صدر (وزير اعظم) کي ئي چونڊيو ويندو آهي. سوزرلئنڊ ۾ نمائنده جمهوريت جي ڪجھ خامين کوٽن سبب سڌي لوڪ راءِ (Refrendum) ابتدائي (اوائلي، آرنڀ) قانون جوڙ (INITIATIVE) ۽ ياد ڪرڻ يا رد ڪرڻ (Recau = باز طلبي) جا طريقا ڪم آندا ويندا آهن.

جمهوريت جي جاچ

ڪهڙي قسم جي حڪومت کي جمهوري چئجي ٿو، جيئن ته ان بابت مختلف ڳالهيون ميدان تي موجود آهن ان ڪري انهن گڏيل گڻن ۽ وصفن جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. جمهوريت ۾ هيٺ ڏنل ڳالهيون ضرور هجڻ گھرجن:

1. راءِ جي اظهار ۽ تنقيد جو حق:  جمهوريت آزاد بحث مباحثي ۽ راءِ جي اختلاف کي مڃي ٿي ۽ خوش ٿي قبول ڪري ٿي، راءِ ۽ تنقيد جي اظهار لاءِ طور طريقا مهيا ڪري ٿي، ڪو به قانون ٺاهڻ کان اڳ مخالف کي ان تي راءِ ۽ تنقيد جو حق ڏي ٿي. حڪومت جا فيصلا دٻڙ ڌونس ۽ ڏنڊي بدران ووٽ ۽ صلاح سان ٿيندا آهن.

2. عوام کي حڪومت بدلائڻ جو حق: ماڻهن کي راءِ جي اظهار ۽ تنقيد جي حق سان گڏ اهو به حق آهي ته اهي حڪومت کي بدلائي سگھن. عام راءِ جوڙڻ لاءِ سياسي پارٽين جو وجود لازمي آهي. جمهوريت ۾ گھڻائي واري پارٽي اقتدار ۾ ويهي حڪومت ٺاهيندي آهي ۽ ٿورائي واري پارٽي (يا پارٽيون) حزب مخالف، جيڪڏهن اقتدار ۾ ويٺل ڌر جي خلاف عوامي راءِ بدلجي وڃي ته ان کي لاهي اقتدار حزب مخالف جي گھڻائي واري ڌڙي جي حوالي ڪجي. اهڙي راءِ جي تبديليءَ مطابق حڪومت ۾ ردوبل نه ڪري سگھبو ته اها جمهوريت نه ٿي رهي پر ڊڪٽيٽري ٿي پوي ٿي.

 

3. قانوني برابر قائم ڪرڻ:  ٽيون شرط اهو آهي ته رياست جو هر شهري قانون آڏو هڪ جيترو جوبدار هجي پوءِ اهو معمولي شهري هجي يا آفيسر، غريب هجي يا امير، گھٽ هجي يا وڌ ۽ اها برابري حقيقي هجڻ گھرجي، لفظي نه.

 

4. هر فرد لاءِ هڪ جھڙا موقعا: جمهوريت عام ماڻهو کي سندس ذاتي زندگي ۾ هڪ جھڙا موقعا ميسر ڪري ٿي. جمهوريت فرد کي تعليم تدريس، سرڪاري نوڪري، ذاتي ڪاروبار ۽ جائداد ۽ شخصيت جي مڪمل ترقي جا هڪ جھڙا ۽ برابر موقعا مهيا ڪري.

 

5. حقن جو تحفظ ۽ انهن جو يقيني هجڻ جو حق: جمهوريت نه رڳو هر ماڻهو کي حق ڏي ٿي پر انهن مان فائدو وٺڻ جي پڪ ڏياري ٿي ۽ انهن جي حفاظت ڪري ٿي. اهي حق نه رڳو ٻين ماڻهن پر حڪومت جي به دٻڙ ڌونس کان محفوظ رکيا وڃن ٿا. جمهوريت سينيڪا جي چوڻ موجب هن اصول تي ٻڌل هوندي آهي ته ”هومو هومِيني ريس سَيڪرا“ (ماڻهو ماڻهوءَ لاءِ مقدس آهي).

 

6. ماڻهو دهشت ۽ ڀو کان آزاد هجن: جمهوريت ۾ اهو به يقيني هئڻ گھرجي ته ماڻهو اقتدار ۽ دولت جي دهشت گردي جي خدشي ۽ ڀو کان آزاد هجن. جمهوريت ۾ حاڪم پنهنجي سياسي طاقت جي نشي ۾ ڏاڍ  ۽ ڏمر نه ٿا ڪري سگھن ۽ نه ئي ماڻهن کي اميرن جي دولت وسيلي ڀَـــوَ ۽ هراس وسيلي رعب هيٺ آڻي سگھجي. جمهوريت ۾ سياسي ۽ اقتصادي رعب ۽ دٻدٻو نه هوندو آهي پر هر ماڻهو آزاديءَ ۽ برابري جو مزو وٺندو آهي.

 

 

جمهوريت جي سوڀ لاءِ شرط:

 

جمهوريت بيشڪ ڀلي رياست آهي پر اها قائم ڪرڻ ۽ جاري رکڻ ڏاڍي ڏکي هوندي. آهي ڪيتريون ئي حڪومتون لٻاڙ لفاظيءَ ۾ ته جمهوري سڏرائينديون آهن پر اهي اصل ۾ غير جمهوري طريقا ڪم آڻي بدمعاشي ۽ ارهه زورائي ڪنديون آهن. گھڻا ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته جمهوريت جو سولائيءَ سان قتلام ڪري ڊڪٽيٽري مڙهي وئي آهي جڏهن ته پوش جمهوريت جو ئي پائي رکيو ويو آهي. رڳو گذريل هڪ صديءَ تي نگاهه وجھبي ته اهڙا ڪيترائي مثال ملي پوندا جن مان مشهور فرانس جي ڊيگال ۽ جرمني جي هلٽر جا آهن.

1. باشعور شهريت: جمهوريت ۽ باشعور شهريت ۾ دل ۽ من جو ساٿ آهي. جمهوريت جي شهرين کي سٺو خبروار، چوڪس، پڙهيل ۽ باشعور شهري هجڻ گھرجي. اهي ڏيهي ۽ قومي مسئلن ۽ معاملن ۾ هوش ڀري ڀري ۽ سمجھ واري دلچسپي رکندا هجن. اهي پنهنجن حق جي تحفظ لاءِ هر جتن ڪندا هجن ۽ اهي هر قسم جي دخل اندازي خلاف رنڊڪ ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ساڻيهه سان سڪ ۽ وفاداري رکندا هجن. هنن جو ڪردار سٺو ۽ عادتون ڀليون هجن.

2. چوڪسي: جمهوريت ۾ شهرين کي ان جي سنڀال ۽ بچاءَ لاءِ هر گھڙيءَ پهري سجاڳ ۽ خبردار رهڻ گھرجي. اهو چوڻ ٺيڪ آهي ته آزاديءَ جيان جمهوريت جي قيمت دائمي چوڪسي آهي. ”جمهوريت ۾ شهري رڳو اطاعت ڪرڻ لاءِ نه هوندو آهي پر هو پنهنجي اطاعت کي معقول  ۽ موزون به ڪري ٿو.“ ان ڪري شهرين کي هر گھڙي چوڪس، سجاڳ، خبردار ۽ تيار رهڻ جي گھرج آهي. جيڪڏهن اهي غافل لاپرواهي ٿي ويندا ته جمهوري نظام تي خود غرض ۽ مفاد پرست ماڻهو ڇائنجي ويندا. حقيقت اها آهي  ته ملوڪيت  يا آمريت ۽ رياست جي سڀني مسئلن ۽ معاملن جو حل حڪومت پاڻ ڳوليندي آهي پر جمهوريت، جيڪا عوام جي پنهنجي  حڪومت آهي، تڏهن ئي قائم رهي سگھي ٿي جڏهن عوام پاڻ به هوشيار، ڦڙت ۽ سڌير هجن، مانتيسقيو چيو هو، ”بادشاهه جو ظلم رياست کي ايترو تڪڙو تباهه نه ٿو ڪري سگھي جيترو عوام جي پنهنجن معاملن کان لاپرواهي.“ عوام جي عمل ۽ سڌيرائي سان جمهوريت قائم دائم رهي سگھندي.

3. سهپ ۽ ذميداري:‎‎ جيئن ته جمهوريت جو پڻ بنياد بحث مباحثي، تنقيد ۽ راءِ جي اظهار (پوءِ ڀلي اختلاقي هجي) تي آهي ان ڪري ان ۾ مختلف ماڻهن، پارٽين طبقن ۽ ٽولن ۾ مخالفت ٿيڻ لازمي آهي پر ان راءِ جي اختلاف ۽ مخالفت کي سهپ ۽ ذميداري جي حدن ۾ رکڻ ضروري آهي نه اختلاف وڌي جھيڙن ۽ ڦڙڦوٽ جي جي صورت وٺندا. اهڙيءَ صورت ۽ جمهوريت جو بچي رهڻ ممڪن نه رهندو ۽ پوءِ ترت ئي يا دير سان ڪو ڊڪٽيٽر جمهوريت کي امن امان جي نالي ۾ ختم ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪري وٺي ٿو. جمهوريت جي ان خطري کي نظر ۾ رکي ارسطو ان کي خراب سڏيو ۽ ٻڌايو ته جمهوريت نيٺ هڪ ماڻهو جي حڪومت يا ملڪيت ۾ بدلجي ويندي آهي. فرانسي انقلاب جي ڦڙڦوٽ نپولن بوناپارٽ جي ڊڪٽيٽر شهنشاهيت کي ڄڻيو. اڄ به سياسي پارٽين جي پاڻ ۾ جھيڙن ۽ ويڙهه ان جي لاءِ بهانو پئي مهيا ڪيو آهي. ان ڪري چئجي ٿو ته جمهوريت جي بقا شهرين جي هڪ ٻي لاءِ سهپ ۽ زميداري جي احساس ۾ لڪل آهي ۽ ان جو حل اهو آهي ته نه رڳو پاڻ ڳالهايو پر مخالفت کي به ڳالهائڻ ڏيو.

4. تعليم:  تعليم ته جمهوريت جي سوڀ جو ٿنڀو آهي. ڄٽ ۽ اڻڄاڻ عوام نه ته جمهوري هوندا آهن ۽ نه وري ٿي سگھندا آهن. رڳو تعليم ۽ ڄاڻ ئي آهن جيڪي کين پنهنجي حقن، پنهنجي رياست ۽ ڏيهه جي مسئلن ۽ معاملن لاءِ خبردار ۽ منجھن انهن معاملن ۾ دلچسپي ۽ لڳاءُ پيدا ڪري سگهن ٿيون ڄاڻو ماڻهو ئي ڏيهه ۽ رياست جي جمهوري نظام جا فائدا سمجھي سگھن ٿا ۽ انهن کي سلامت ۽ صحيح حالت ۾ رکڻ جا اهل ٿي سگھن ٿا.

5. بنيادي حق: جمهوريت جي بقا لاءِ جمهوري حق اڻٽر آهن جيڪي رياست جو آئين عوام کي مهيا ڪري ٿو. بنيادي حقن ۾ شهري آزادين کي مٿاهون هنڌ مليل آهي. اهي حق ماڻهن، ٽولن اقليتن جي نظرين، راين ۽ عقيدن ۽ انهن جي مال ۽ مفاد جو بچاءُ ڪن ٿا ۽ کين آزاديءَ سان پنهنجي حياتي گذارڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جا موقعا ڏين  ٿا ۽ سندن مذهب، عقيدي ۽ ٻوليءَ ۾ ثقافت کي محفوظ رکن ٿا.

6. جمهوري آدرش:  جمهوريت مان نه رڳو رياستي ۽ حڪومتي نظام مراد هوندو آهي  پر ڪجھ اهڙا ۽ اعليٰ مقصد به مراد هوندا آهن جيڪي جمهوريت کي سياسي نظام ۽ سماجي حياتيءَ جو روح ٺاهيندا آهن جن مان پهريون ماڻهوءَ عزت ۽ قدر لائق هستي بنائڻ آهي. جمهوريت ماڻهوءَ جي ماڻهپي ۾ ايمان رکي ٿي ۽ هن جي گھرجن، امنگن جذبن ۽ احساسن جو مان رکي ٿي. وولف جي چوڻ موجب جمهوري سماج برابري رکندڙ، سرگرم ۽ فهميده شهرين جو سماج هوندو آهي ۽ ٻين کي به سندن جيان زندگي گذارڻ جو ڏس پتو ڏيندو آهي. جمهوريت جو ماڻهوءَ تي ايمان آهي ته هو رياست جي معاملن ۾ سمجھ ۾ ساڃاهه، شوق ۽ جذبي ۽ انسان دوستي ۽ حب الوطني سان هٿ ونڊائي.

جمهوريت اميراڻي راڄ جي ان هام کي رد ڪري ٿي ته حڪومت ۽ سياست ڪجھ ڍاول ماڻهن جو معاملو آهي. جمهوريت  کي پڪ آهي ته سياست جو ڏکي کان ڏکيو ۽ منجھيل معاملو به عام ماڻهو جي سمجھ سوجھ ۾ اچي سگھي ٿو ۽ هو ان بابت ڏاهپ ۽ ڏات کان ڪم وٺي سگھي ٿو ۽ جيڪا راءِ ڏيندو اها قوم جي ڀلي ۾ هوندي. لارڊ لنڊسي چوي  ٿو ته جمهوريت جو اصل مقصد ۽ مول متو هي آهي ته ”ماڻهو لاءِ وسيع ۽ ڳتيل ٽولين ۾ ائين رهڻ ممڪن هجي جو هر هڪ ماڻهو پنهنجي انفرادي عمل جو حق رکندي پنهنجي ضمير موجب عمل ڪري ۽ ان سان گڏ ئي ٻين ٽولن جي خوشي ماڻڻ واري گھر کي مڃي ۽ گڏيل حياتي لاءِ پنهنجو ڪم، عقل ۽ سڄي شخصيت  سيڙائي ڇڏي.“

جمهوريت وچٿري ماڻهو کي به جيڪڏهن هو مناسب ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ آهي، وڌ کان وڌ سياسي ڪم ۽ عهدي جو اهل سمجھي ٿي. جمهوريت ۾ هر ماڻهوءَ لاءِ حياتي جو هر رستو ۽ موقعو موجود آهي. جمهوريت ۾  انتهائي غريب ماڻهو به وڏي کان وڏو عهدو ماڻي سگھي ٿو.

جمهوريت تي اعتراض:

افلاطون ۽ ارسطو جي ڏينهن کان اڄ تائين جمهوريت بابت ڪيترن ئي عالمن اڪابرن ان جو کوڙ کوٽون ۽ خاميون ظاهر ڪندي اعتراض ڪيا آهن جن مان ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا:

1. جمهوريت عمل ۾ رهڻ جوڳو نظام ناهي:

جيتوڻيڪ هيءُ هڪ انسان دوست نظريو آهي پر حڪومتي طور عمل ۾ آڻي سگھجي اهو ممڪن ناهي. عام ماڻهو ۾ سمجھ، ساڃاهه ۽ سوچ هوندي ئي ڪانهي پر هو جوش ۽ اٻوجھائي سان ڀريل هوندو آهي ۽ پنهنجن ذاتي غرضن ۽ مقصدن کي قومي ۽ گڏيل مفادن کان مٿاهون سمجھندو آهي، ان ڪري جمهوريت  رڳو نالي ماتر عوام جي حڪومت هوندي آهي. اها ته حقيقت ۾ ڪجھ اهڙن ماڻهن جي حڪومت هوندي آهي جيڪا عوام  جي جذبن ۽ نامعقول خيالن ۽ روين کي ڀڙڪائي چونڊون کٽندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي من ماني ڪندا آهن. ان ڪري ئي جمهوريت  عوام جي کٽل عقل، ۽ ڄٽائپ ۽ لنوائپ تي ٻڌل آهي. اميرن منجھان جمهوريت جا نقاد مثال طور انگريز سياستدان ايڊمنڊ برڪ ۽ نازي اڳواڻ هٽلر اميراڻي نظام جا حامي هئا. برڪ چوي ٿو ته قدرت ماڻهن ۾ سمجھ ۽ ساڃاهه جو فرق رکيو آهي ان ڪري ”جمهوري برابري هڪ جبلن جيڏو ڪوڙ آهي.“ هٽلر چوي ٿو ته سياسي اقتدار کي رڳو غير معمولي لائق ٿورائي وٽ رهڻ گھرجي ڇو ته قانون جوڙڻ جو پارليامنٽري اصول جيڪو گھڻائي کي قانون ٺاهڻ جو اختيار ڏي ٿو، هڪ فرد يعني ڊڪٽيٽر  جي اختيار واري اصول رد ڪري ٿو ۽ ان جي جاءِ اڻڄاتل گھڻائي کي ڏي ٿو يعني اميراڻي راڄ کي جيڪو قدرتي اصول موجب آهي، جمهوريت ان کي رد ڪري ٿي.

2. جمهوريت جھالت جي حڪمراني آهي:

ٻيو اعتراض اهو آهي ته جمهوريت ڄٽ ميڙ ۽ انبوهه جي پوڄا ۽ نالائقي جي مڃتا آهي. افلاطون پهريون مفڪر هو جنهن جمهوريت کي ڄٽپڻي ۽ ڇسپڻي جو نظام سڏيو. پر جديد زماني ۾ ٻه انگريز مفڪر ليڪي ۽ مين به اهي ئي اعتراض ورجائن ٿا. ليڪي جي چوڻ موجب جمهوريت ”غريب ترين، جاهل ترين، نااهل ترين ماڻهن جي حڪومت هوندي آهي جيڪي لازمي طرح گھڻائي ۾ هوندا آهن.“ مينِ به جمهوري حڪومت کي ”جاهلن ۽ اٻوجھن جي حڪومت“ سڏي ٿو. ڪارلائل، جيڪو سورهيه جي پوڄا جو قائل هو، چوي ٿو ته جيئن ته هڪ عقلمند ماڻهو جي ڀيٽ ۾ سدائين نو احمق موجود هوندا آهن ان ڪري جمهوريت احمقن جي حڪمراني هوندي آهي.“ هڪ نقاد ته ابراهام  لنڪن جي قول کي بگاڙي جمهوريت جي تعريف هيئن ٻڌائي ته ”جمهوريت ڍنگرن جي، ڍنگرن لاءِ ڍنگرن وسيلي هوندي آهي.“ ان اعتراض جو بنياد هن ڳالهه تي آهي ته عوام گھڻي قدر اڻپڙهيا ۽ ڄٽ هوندا آهن پر انهن کي به ووٽ ڏيڻ جو حق هوندو آهي. اهي بنا ڪنهن سوچ سمجھ جي اهڙن ماڻهن کي چونڊيندا آهن جيڪي انهن جيان ئي نااهل ۽ نالائق هوندا آهن، ڇو ته اهي ڏاهن، پڙهيلن ۽ ترقي پسند ماڻهن کي چونڊڻ کان ڊڄندا آهن.  بس، جمهوريت هڪ اهڙو نظام آهي جنهن ۾ مدهوش ۽ بدحواس انبوهه شراب جي نشي ۾ ٻُٽ اڳواڻ پٺيان گوڙ ڪندو وڌندو ويندو آهي.

3. جمهوريت غلط اصولن تي ٻڌل آهي:

پهريون، جمهوريت ان غلط سياسي اصول تي ٻڌل آهي ته سياسي طرح سڀ ماڻهو برابر آهن، ان ڪري ”هر هڪ ماڻهو وٽ هڪ ووٽ ڏيڻ“ جو حق  آهي. ان جو نتيجو هي ٿو ٿئي ته اهي عقلمند ۽ باشعور ماڻهو کي بي سمجھ ۽ لاپرواهه ماڻهو جي برابر ڳڻن ٿا. ووٽر ان جي سمجھ ۽ سرت ۽ قدر و قيمت نه ٿا جاچن. هر شيءِ جو فيصلو ووٽن جي ڳڻپ سان ٿئي ٿو ــــ ووٽن کي ڳڻيو وڃي ٿو پر ماڻهوءَ جي سمجھ ۽ سرت، ڏاهپ ۽ڏات جي تور نه ٿي ڪئي وڃي ـــــــــ عالم ۽ احمق هڪ جھڙا سمجھيا وڃن ٿا.

ٻيو غلط اصول هي آهي ته حڪومت جي ڪم ۽ فرضن لاءِ ڪنهن خاص قابليت، مهارت ۽ اهليت جي ڪا به گھرج ناهي پر هر ماڻهو جيڪو چونڊن ۾ کٽي وڃي انهن فرضن کي سڄو پورو ڪري سگھي ٿو. ان ڪري جمهوريت اناڙين ۽ غير پيشه ور ماڻهن (amateure) جي حڪومت آهي ۽ انهن فلاسافر بادشاهن جي حڪومت ناهي جن جو افلاطون پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”رعيتي راڄ“ ۾ ذڪر ڪري ٿو.

ٽيون جمهوريت جو نقص هي آهي ته اها علاقائي نمائندگي ۽ ڪثرت راءِ جي اصول تي ٻڌل آهي. علاقائي نمائندگي ۾ هر قسم جا ماڻهو جيڪي ڪنهن خاص علائقي ۾ رهندا هجن پنهنجو نمائندو چونڊين ٿا. پر اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته اهي نمائندا پنهنجي علائقي جي ٽولن، طبقن، ڌنڌن ۽ ميڙن جي هڪ ڪري نمائندگي ڪري سگھن. اتي دڪاندار به هوندا آهن، مزودور به هوندا آهن، هاري ۽ زميندار به هوندا آهن، ڊاڪٽر، استاد، اڪابر وغيره سڀ هوندا آهن ۽ هر هڪ جا مفاد ۽ خيال ڌار هوندا آهن پر سڀني جو نمائيندو هڪ ئي هوندو آهي جيڪو هرگز انهن ڌار ڌار مفادن ۽ خيالن جي ترجماني نه ٿو ڪري سگھي. ان کان سواءِ گھڻن ووٽن وسيلي ٻن ٽن اميدوارن مان هڪ چونڊجي ٿو. جيتوڻيڪ ان جي مخالف اميدوارن به کوڙ ووٽ، اڃا به مجموعي طرح گھڻا ووٽ حاصل ڪيا هوندا آهن. پر اهي ووٽ ذيان ٿي وڃن ٿا.

4. سٺي شهريت کان سواءِ جمهوريت ممڪن ڪونهي:

عوام جو وڏو حصو خراب شهرين تي ٻڌل هوندو آهي جيڪي خود غرضي، مفادن پرستي، فرقيداري، پارٽي بازي جھڙين خرابين ۾ ٻڌل هوندا آهن. اهي ماڻهو جمهوريت کي ڪيئن صحيح طريقي تي هلائي سگھن ٿا.

5. جمهوريت سٺي ۽ آزاد حڪومت جي خلاف هوندي آهي:

اعتراض ڪندڙن جو خيال آهي ته آزادي ۽ جمهوريت ۾ ڪا به مائٽي ڪانهي. عوام گھڻي قدر آزاديءَ جا مخالف هوندا آهن ان ڪري انهن جي حڪومت به آزادي ۽ سهپ جي خلاف هوندي آهي. ان ڳالهه جو ثبوت انهن ڏيهن ۾ ملي ٿو جيڪي جمهوريت جا دعويدار ۽ علم بردار آهن پر انهن ۾ نسل پرستي جي لعنت جو کوڙ آهي. مثال طور، ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪارن ماڻهن کي سدائين گوري جي ٿورائي هٿان برابريءَ، انصاف ۽ آزاديءَ جي اڻهوند جو شڪار ٿيڻو پيو آهي.

6. هاڻوڪي جمهوريت سرمائيندارڪي ۽ سامراجي هوندي آهي:

اڄوڪي دور جون مشهور جمهوريتون، مثال طور، برطانيا، فرانس، اميريڪا جون حڪومتون مدتن کان سرمائيداريءَ ۽ سامراجيت جون عملدار آهن. ان ڪري هي اعتراض ڪيو ٿو وڃي ته جمهوريت ۾ رڳو سرمائيداري ۽ سامراجيت جو ڪنڌ مٿي هوندو آهي. چيو وڃي ٿو ته برطانوي جمهوريت تي ڪجھ سرمائيدارن ۽ ڪارخانيدارن جو راڄ آهي ۽ اميريڪي جمهوريت حقيقت ۾ ”ڊالر جي جمهوريت“ ٿي پئي آهي. اهڙي طرح مغربي جمهوريت وسيلي سرمائداري، بينڪاري ۽ ناڻو مايا ئي حڪومت ڪن ٿا ۽ اهي اقتصادي طاقتون مختلف ڏيهن کي قبضي هيٺ آڻي حڪومت ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح ايشيا، افريڪا ۽ ڏکڻ اميريڪا جون قومون ۽ ڏيهه مغربي جمهوريتن جا محڪوم ۽ مظلوم علائقا ٿي پيا آهن جيڪي اڄوڪي زماني ۾ ان سامراجي غلاميءَ مان جنگ ۽ بغاوت وسيلي آزاد ٿي رهيا آهن.

7. هاڻوڪي جمهوريت جنگباز ۽ جنگ پرست آهي:

پنهنجن سامراجي منصوبن لاءِ جمهوري رياستون جنگارڻ ۽ رتوڇاڻ جو ميدان تپائي رکنديون آهن ۽ جڏهن محڪوم قومون آزادي جي ڪوشش ڪن ٿيون ته اهي جمهوريتون غلاميءَ ۾ سامراج کي برقرار رکڻ لاءِ انهن قومن کي ڪُچلڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، ان ڪري فرانس الجيريا ۾ ست سال جنگ وڙهي ۽ انگريزن عربستان ۽ افريڪا ۽ اسان جي ننڍي کنڊ ۾ ڪوس ۽ دهشت جاري رکي. انگولا جي ماڻهن خلاف پورچوگيز وڙهندا رهيا. اهڙيءَ طرح اميريڪا ڪانگو، ڏکڻ ويٽنام، لائوس ۽ ڪمبوديا ۾ پنهنجي اقتدار لاءِ عوام جو رت ڳاڙيندو رهيو.

8. جمهوريت ۾ پارٽي بازي جي لعنت پکڙجي وڃي ٿي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org