سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات خانائي

باب: --

صفحو :3

مخدوم جعفر بوبڪائي

سنڌ ملڪ، قديم زماني کان وٺي، اسلامي تعليم، ديني علمن ۽ فنن جو مرڪز پئي رهيو آهي. سنڌ جي عظيم سرزمين، هر دؤر ۾ ڪيترن بزرگن ، عالمن، مفسرن، محدثن ۽ فقيهن کي جنم پئي ڏنو آهي، جن جي علميت ۽ بزرگي نه صرف سنڌ تائين محدود رهي، بلڪ ساري اسلامي دنيا ان مان فيض حاصل ڪيو.بـــُـوبڪن (1) جو قديم علمي، تهذيبي ۽ تمدني شهر، سنڌ جي اوائلي ۽ مکيه علمي مرڪزن مان هڪ آهي. قديم زماني ۾ هيءُ شهر، علم ۽ عرفان جو هڪ وڏو گهوارو هو. هن شهر ۾ وڏا وڏا ديني مدرسا ۽ خانقاهون، ۽ بزرگن ۽ درويشن جا آستانا هئا، جتي صدين تائين علم جي شمع روشن رهي. سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ بزرگن انهن مدرسن ۽ خانقاهن مان دنيوي خواه باطني علم جي روشني حاصل ڪئي. بــُـوبڪن جي اها قديم بستي اڄ به قائم آهي، پر منجهس اها اڳ واري علمي رونق نه رهي آهي ۽ هن وقت اهي مدرسا ۽ خانقاهون اجڙي ويران ٿي ويا آهن ۽ بزرگن جا آستان اڄ خالي آهن.

ڏهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر ڪيترائي بلند پايي جا عالم، بزرگ ۽ صوفي درويش ٿي گذريا آهن، جن جو احوالُ عربي ۽ فارسي تذڪرن ۾ ملي ٿو. ان ساڳئي دؤر ۾، بــُـوبڪن جي قديم شهر ۾، مخدوم جعفر هڪ وڏو جيد عالم، مفسر، محدث، فقيه ۽ صاحبِ شريعت بزرگ ٿي گذريو آهي. سرزمينِ سنڌ کي مخدوم صاحب جي علمي بصيرت تي هميشه ناز رهندو. مخدوم جعفر بــُـوبڪائي جي زندگيءَ جو مفصل احوالُ، سنڌ جي ڪنهن به تواريخ ۽ تذڪري ۾ ڪونه ٿو ملي. البت، هن ويجهڙائيءَ واري زماني ۾، مخدوم صاحب جي حياتيءَ ۽ سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي ڪنهن حد تائين ڪجهه نه ڪجهه روشني وڌي ويئي آهي.

مخدوم جعفر جي خانداني پس منظر جي باري ۾ ڪن عالمن جي تحقيق موجب، بــُـوبڪن ۾ قديم زماني کان وٺي حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم  جن جي چاچي، حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنه بن عبدالمطلب جي اولاد مان هڪ خاندان رهندو هو، جو حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنه  جي نسبت سان عباسي ڪري سڏيو ويندو هو ۽ اهو خاندان اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. ساڳئي وقت، هيءُ خاندان پنهنجي علمي برتريءَ جي ڪري، عزت ۽ احترام وچان مخدوم جي نالي سان به سڏجي ٿو.

مخدوم جعفر، بــُـوبڪن جي انهيءَ معزز عباسي خاندان جو هڪ روشن چراغ هو. انهيءَ خاندان جي نسب جو سلسلو، حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنه جي خاندان جي لــَـڙهيءَ جي هڪ بزرگ، مخدوم ابوبڪر سان ملي ٿو.(1) مخدوم جعفر جي نسب جو سلسلو، هن ريت بيان ڪيو وڃي ٿو:

مخدوم جعفر بن عبدالڪريم عرف ميران بن يعقوب(2) بن نــُـورالدين بن مرذوق بن شيخ قلندر بن مروه بن ميراه بن عاري بن شيخ توغان ابوبڪر بن شيخ محمد بن شيخ ابوبڪر بن سلطان خلجي خان بن سلطان ترڪ بن سالار خان بن بزدار خان بن سلطان اندسن  بن ابوبڪر بن هاشم بن عبدالله بن عباس رضه بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدالمناف.(1)

 

انهيءَ مٿئين نسب نامي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته مخدوم جعفر هڪ اعليٰ ۽ اِرفع خاندان جي هڪ بلند مرتبي جي عالم، مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران (المتوفي: 949هه/1542ع) جو فرزند رشيد هو. کانئس وقت جي ڪيترن ئي نامور عالمن ۽ بزرگن علم جو فيض حاصل ڪيو. علامه طاهر بن يوسف پاٽائي(1)، حڪيم عثمان بن  عيسيٰ برهانپوري(2)،  مخدوم محمد عثمان درٻيلوي(3) ۽ سنڌ جو حڪم مرزا شاهه حسن ارغون (المتوفي: 962هه/ 1555ع) سندس خاص طالب العلم هئا.(1)

مخدوم عبدالڪريم عرف ميران جي باري ۾، مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو:

مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب، معقولي خواه منقولي علمن جو جامع هو. مرزا شاهه حسن کي به ڪجهه وقت تعليم ڏني هئائين. اڪثر طالب، علم جو نور سندس روشن طبع جي فانوس مان وٺندا هئا. سن 949هه ۾ گذاري ويو. علامه وارث الانبياء‘ سندس تاريخ آهي. هن جي مزار مڪلي ٽڪريءَ تي آهي.(2)

اهڙيءَ طرح، مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي ٻين ڪتابن، جهڙوڪ: مقالات الشعراء“(3) ۽ معيارِ سالڪانِ طريقت (4) ۾ پڻ مخدوم ميران جو اهو ساڳيوئيتحفته الڪرام وارو احوال بيان ڪيو آهي. مير قانع ٺٽويءَ مخدوم ميران کي ٺٽي جي عالمن ۽  بزرگن ۾ شمار ڪري، سندس مدفن مڪلي ٽڪريءَ تي ڄاڻايو آهي. دراصل، مخدوم ميران جو تعلق ٺٽي سان نه، بلڪ بــُـوبڪن سان هو. مخدوم ميران ديني ۽ فقهي مسئلن جي بحث مباحثي جي سلسلي ۾ ٺٽي جي عالمن وٽ ايندو رهندو هو. ان دوران مخدوم صاحب جي وفات ٺٽي ۾ واقع ٿي ۽ کيس مڪلي ٽڪريءَ تي مدفون ڪيو ويو.(1)

مخدوم ميران جي والد، مولانا يعقوب جو بــُـوبڪن ۾ وڏو ديني مدرسو قائم هو. هن پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ، ان مدرسي کي جاري رکيو ۽ پاڻ خود ان مدرسي ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. مخدوم ميران ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف هو، جي هن وقت زماني جي دستبرد جو شڪار ٿي ناپيد ٿي ويا آهن. مخدوم ميران، سنڌ جي هاڪاري حاڪم، ڄام نظام الدين سمي عرف ڄام نندي جي دؤر حڪومت ۾، سن 949هه/1542ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي.(1)

مخدوم جعفر جي زندگيءَ جو ڪوبه مفصل احوالُ، سنڌ جي ڪنهن به تواريخ يا تذڪري ۾ بيان ٿيل ڪونه ٿو ملي. انهيءَ جي باوجود، سنڌ جي ڪن تواريخن ۽ سيرت جي ڪتابن خواه هن ويجهڙائيءَ جي زماني ۾ ڪن عالمن ۽ محققن جي ڪيل تحقيقات ۽ جاکوڙ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب جي حياتيءَ جي باري ۾ بيان ڪيل منتشر احوال جي ڪڙين کي يڪجاءِ ڪري، مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

سنڌ جي تواريخ ۾ سڀ کان پهرئين مؤرخ، مير محمد معصوم بکريءَ جو  نالو ملي ٿو، جنهن مخدوم جعفر جي باري ۾ پنهنجي ڪتابتاريخ معصومي ۾ ٿورو ڪجهه اشارتاً بيان ڏنو آهي. مير محمد معصوم بکري لکي ٿو:

سنڌ جو هڪ عالم مخدوم جعفر، مرزا عيسيٰ ترخان کان روايت ڪندو هو ته هن حملي ۾ مغل هڪ هزار ته رڳو اُٺَ ڪاهي ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪندا هئا.(5)

 مير محمد معصوم بکريءَ جي انهيءَ مٿئين بيان مان مخدوم جعفر جي متعلق ڪوبه مفصل احوال ڪونه ٿو ملي. البت، ان مان ايترو واضح ٿئي ٿو ته مخدوم جعفر ان زماني جي وڏن عالمن ۽ بزرگن جي سـَـٿَ مان هو. تاريخ معصومي کان پوءِ، اسان کي سنڌ جي مشهور ۽ معروف تذڪره نويس، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ مخدوم صاحب جي باري ۾ ڪجهه احوال دستياب ٿئي ٿو. مير قانع  ٺٽوي لکي ٿو:

مخدوم جعفر ولد مخدوم ميران - مخدوم نوح جو همعصر، ڪماليتن جو جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليه الرحمته فرمايو ته، مان خدا تعاليٰ  کي هنن اکين سان ڏٺو آهي. مخدوم جعفر فرمايو ته، توهان هنن اکين سان ڪونه ڏٺو هوندو، هن حقيقت جي ظاهر ڪرڻ خاطر، توهان کي گهرجي ته  جڏهن به توهان کي اهڙي حالت پيدا ٿئي، تڏهن ڪنهن خادم کي پنهنجين اکين بند ڪرڻ جو امر فرمايو. پوءِ به جيڪڏهن خداتعاليٰ  جو ديدار قائم آهي، ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اُها اَکِ هيءَ ظاهري اَکِ ۽ اُهو دِيدار  هيءُ رواجي دِيدار نه آهي. مخدوم نوح هن تجربي  ڪرڻ کان پوءِ فرمايو ته، جي نه هجي ها جعفر، ته نوح ٿئي ها ڪافر.‘“ (6)

 

مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي انهيءَ مٿئين بيان مان مخدوم جعفر بوبڪائي ۽ سنڌ جي وڏي روحاني بزرگ، مخدوم نوح هالائيءَ جي درميان ٿيل روحاني منزل جي گفتگوءَ جو پتو پوي ٿو. ساڳئي وقت ، انهيءَ ڳالهه جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي ته مخدوم جعفر، مخدوم نوح (المتوفي: 998هه/1590ع) جو همعصر هو.

 مخدوم جعفر جي ولادت جي باري ۾ پڻ ڪنهن قديم ذريعي مان ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي. مخدوم صاحب جي ولادت متعلق صرف قياس آرائيون ملن ٿيون. انهيءَ ڏس ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:

جڏهن سن 949هه/1542ع ۾ مخدوم جعفر جي والد، مخدوم ميران وفات ڪئي، انهيءَ سال جي مناسبت سان ۽ پڻ انهيءَ حوالي جي اعتبار سان ته مخدوم جعفر سن 958هه/1551ع ۾ حج ڪيو، چئي سگهجي ٿو ته مخدوم جعفر سن 930هه/ 1524ع ڌاري ڄائو. (7)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو اهو مٿيون بيان واضح ڪونه ٿو ٿئي ۽ نه وري پاڻ ان لاءِ ڪو مستند حوالو ڏنو اٿائين. دراصل، مخدوم صاحب جي حياتيءَ جي تذڪري ۾، سندس ڄم، تعليم ۽ تربيت جي باري ۾، سنڌ جي ڪنهن به عالم ڪوبه واضح ۽ پورو صحيح احوال بيان نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي انهيءَ مٿئين راءِ جي آڌار تي مخدوم جعفر جي ڄمڻ واري سال 930هه/ 1524ع کي سامهون رکي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته مخدوم  صاحب پنهنجي والد جي وفات وقت پاڻ 19 ورهين جي ڄمار جو هوندو! مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي ڪتابتحفته الڪرام ۾ مخدوم جعفر ۽ مخدوم نوح جي وچ ۾ جيڪا گفتگو بيان ڪئي آهي، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، ان مان انهيءَ ڳالهه جو پورو ثبوت ملي ٿو ته مخدوم جعفر ننڍيءَ عمر ۾ ئي علم تصوف ۽ روحانيت ۾ ايتري پختگي حاصل ڪري چڪو هو، جو پاڻ مخدوم نوح سان روحاني مجلس ڪندي، سندس ڪيل دعويٰ جي اصلاح ڪئي هئائين، جنهن جو مخدوم نوح خود اعتراف ڪيو آهي.

مخدوم جعفر ابتدائي تعليم جو درسُ پنهنجي والد، مخدوم عبدالڪريم عرف ميران کان سندس ئي مدرسي ۾ بــُـوبڪن ۾ حاصل ڪيو ۽ اعليٰ ديني تعليم ۽ ٻين مختلف علمن ۾ پڻ پنهنجي والد کان تحصيل ڪيائين، ۽ وٽانئس ئي مڪمل فارغ التحصيل ٿيو. ان کان سواءِ، پاڻ ضرور سنڌ جي ڪن ٻين وڏن عالمن ۽ مشائخن کان به ظاهري خواه روحاني علم جو استفادو ڪيو هوندائين!

مخدوم جعفر سن 958هه/ 1551ع ۾ حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪئي. ان موقعي تي مخدوم صاحب مڪي معظمه ۾ اسلامي دنيا جي هڪ وڏي جيد عالم ۽ حديث جي فن جي وڏي ماهر، محمد بن محمد البڪري الشافعي سان ملاقات ڪيائين ۽ کانئس حديث جي فن ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. (8) ان کان سواءِ، اُتي جي مشهور امام عبدالقادر بن ابراهيم بن محمد سان به مخدوم جعفر جون علمي ڪچهريون ۽ بحث مباحثا ٿيا. مخدوم صاحب سن 961هه/ 1554ع ڌاري مڪي شريف کان واپس پنهنجي وطن سنڌ ۾ بــُـوبڪن ۾ موٽي آيو. بــُـوبڪن ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ، پاڻ پنهنجي والد جي قائم ڪيل ديني مدرسي ۾ هڪ ڄاڻو، ماهر ۽ قابل اُستاد جي حيثيت ۾ پنهنجن شاگردن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:

مخدوم جعفر حج ڪرڻ کان پوءِ سنڌ موٽي آيو ته  پنهنجي والد وانگر هڪ وڏي ڄاڻو اُستاد جي حيثيت ۾ ٺٽي ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.(9)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو اهو مٿيون رايو درست نه آهي. مخدوم صاحب ۽ سندس والد صاحب جو تعلق ٺٽي سان نه، پر بــُـوبڪن سان هو. بــُـوبڪن ۾ سندس وڏن جو قائم ڪيل مدرسو هو، جنهن کي مخدوم جعفر قائم رکيو. سندس درسگاهه مان ڪثرت سان وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل صاحبِ علم بڻجي نڪتا. مخدوم صاحب پنهنجي  مدرسي ۾ ظاهري خواه باطني تعليم ذريعي عالمن ۽ فاضلن جي هڪ وڏيءَ جماعت کي علم ۽ فضل جي آخري درجي تائين پهچائي، صاحبِ ڪمال بڻايو. اهڙيءَ طرح، مخدوم صاحب پنهنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس جي مشغلي ۾ پوري ڪئي.

مير علي شير قانع ٺٽوي، مخدوم جعفر جي علميت ۽ بزرگيءَ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندي، مقالات الشعراء“ ۾ لکي ٿو:

مخدوم جعفر بوبڪائي وڏي جلالت، شان ۽ علمي عظمت جو مالڪ هو. تصوف ۽ احسان ۾ يڪتاءِ زمانه هو. مخدوم صاحب جتي فقه ۽ حديث جو وڏو عالم هو، اتي ٻين علمن جو پڻ جامع هو.(10)

مير قانع ٺٽويءَ جو بيان آهي:

مخدوم جعفر تي مشهور عالم حافظ ابن تيميه جو وڏو اثر هو ۽ اهو مخدوم صاحب جي تصنيفات مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو.(11)

مخدوم جعفر جو اڪثر وقت تزڪيه باطن، مجاهده نفس، زهد، رياضت، عبادت ۽ درس تدريس جي مشغلي سان گڏوگڏ، تصنيف ۽ تاليف ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ گذرندو هو. سموري حياتي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ پوري ڪيائين. پاڻ منطق ۽ فلسفي سان گڏ ٻين علمن، فنن ۽ حڪمت جا ڪتاب پڻ پڙهائيندو هو ۽ انهن ۾ يڪتاءِ روزگار هو. مخدوم صاحب وڏو بااخلاق ۽ ڪريم النفس شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو اولياءُ، متقي عالم، باعمل بزرگ، فاضل ۽ ڪامل انسان هو. مخدوم صاحب حرمين شريفين جي سفر کان سواءِ، سنڌ ۽ هند جو به وڏو سير ۽ سفر ڪيو، ۽ ڪيترن ئي وقت جي عالمن، مشائخن ۽ روحاني بزرگن جي آستانن تي وڃي استفادو ڪيائين، پاڻ گجرات ۽ شاهجهان آباد(دهلي) جي طرف به ويو هو.(1)

مخدوم جعفر ڪيترن ئي اعليٰ ڪتابن جو مصنف هو. سندس اهي علمي شهه پارا سموريءَ اسلامي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن ۽ هڪ سند جي حيثيت رکن ٿا. مخدوم صاحب نثر سان گڏو ڪڏهن ڪڏهن فارسيءَ ۾ شعر به چوندو هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ سندس هڪ شعر جو نمونو ڏنو آهي:

بهارِ طرهء دلدار طرفه رنگي داشت،
ک
ه آهوانِ حرم را بصيد مي آورد.(12)

 

ازان سواءِ، مخدوم صاحب جي باري ۾ اها به هڪ حيرت ۾ وجهندڙ  روايت ملي ٿي ته پاڻ جيتوڻيڪ تصوف جي طرف مائل هو، پر شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي تصوف جي ڪتابن پڙهڻ کان ٻين کي اڪثر منع ڪندو هو. اها حقيقت سندس تاليف ڪيل ڪن ڪتابن مان ڀليءَ ڀت ظاهر ٿئي ٿي.

مخدوم جعفر جي باري ۾، محمد غوثي شطاري مانڊويءَ جو قول آهي:

مخدوم جعفر بوبڪائي پنهنجي زندگيءَ جي پوئين دور ۾ منطق ۽ فلسفي جي ڪتابن کي پاسيرو رکي، سفر خواه حضر ۾ احياءُ العلوم، عوارف المعارف ۽ فصل الخطاب جهڙن تصوف جي ڪتابن جو گهڻو مطالعو ڪندو هو.(13)

مخدوم جعفر جي متعلق، جهڙيءَ ريت سندس ڄمڻ جي تاريخ ۽ سن بابت ڪنهن به تواريخ يا تذڪري جي ذريعي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي، اهڙيءَ طرح سندس وفات جي باري ۾ به ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي ته مخدوم صاحب ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي. ليڪن، تاريخ معصومي جي بيان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ مرزا شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ وقت زنده هو ۽ مرزا عيسيٰ ترخان(1) (المتوفي: 974هه/ 1566ع) جي زماني تائين به مخدوم صاحب حال حيات هو، ۽ پنهنجي اباڻي شهر  بــُـوبڪن ۾ پنهنجي مدرسي ۾ درس ۽ تدريس سان گڏ تصنيف ، تاليف ۽ فتويٰ نويسيءَ جي ڪم ۾ مشغول هو. مخدوم صاحب پنهنجو مشهور تعليمي سکيا وارو ڪتابحاصل النهج سن 976هه/1568ع ۾ تاليف ڪيو. مخدوم صاحب کي اڪثر ڪري سڀني تذڪره نگارن ڏهين صدي هجريءَ جي عالمن ۾ شمار ڪيو آهي.

مخدوم جعفر جي وفات جي باري ۾، محمد غوثي شطاري مانڊويءَ پنهنجي ڪتاب گلزار ابرار ۾ باد بروحش مقام جنت فصل الخطاب جو فقرو بيان ڪيو آهي.(14) انهيءَ مذڪور فارسي فقري مان جڏهن ابجد جي حساب موجب قيمت ڪڍجي ٿي، ته پوءِ ان جو حساب پورو نه ٿو بيهي. گلزار ابرار جو مؤلف، مسيح الزمان شيخ عيسيٰ بن قاسم پاٽائيءَ جي زباني روايت ڪري ٿو ته مون حڪيم عثمان بوبڪائيءَ کان ٻـڌو، ته مخدوم جعفر آخري عمر ۾ منطق جا ڪتاب درياء ۾ لوڙهي ڇڏيا هئا.(15) جيئن ته حڪيم عثمان بوبڪائيءَ سن 1008هه/1600ع ۾ رحلت ڪئي، انهيءَ لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته مخدوم جعفر يارهين صدي هجريءَ جي ابتدائي سالن ۾ 1008هه/ 1600ع کان اڳ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي هوندي. مخدوم صاحب کي وفات کان پوءِ بــُـوبڪن ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

مخدوم جعفر پنهنجي زماني جي عجائبات مان هو ۽ سندس اولاد به فضيلت جو صاحب هو. سندس اولاد مان وڏا عالم ۽ ڪماليت جا صاحب ٿي گذريا آهن. مخدوم صاحب کي پنج فرزند ٿيا:

1. مخدوم عبدالله: هيءُ  مخدوم جعفر جو وڏو فرزند هو. مخدوم صاحب انهيءَ  فرزند جي نالي سان ابوعبدالله جي ڪــُـنيت استعمال ڪندو هو. سندس هيءُ فرزند شايد ننڍي هوندي فوت ٿي ويو، ان ڪري سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي.

2. مخدوم عبدالعليم: مخدوم جعفر جو هيءُ فرزند هڪ وڏو جيدعالم ۽ بلند مرتبي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ فتويٰ جو صاحب هو. سندس فتوائون  ان زماني ۾ ضرب المثل هيون. مخدوم عبدالعليم کي مخدوم صلاح الدين نالي فرزند هو. هو به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر وقت جو ناميارو عالم ۽ فاضل هو.

3. مخدوم نصيرالدين / نصيرمحمد: هيءُ بزرگ پنهنجي زماني جي اهم ناميارن شخصيتن مان هڪ هو. تاريخ مظهر شاهجهاني جي مؤلف ، يوسف ميرڪ سان سندس گهرا ۽ گهاٽا تعلقات قائم هئا. يوسف ميرڪ پنهنجي  ڪتابتاريخ مظهر شاهجهاني ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي.(16)

4. مخدوم نورالدين: مخدوم نورالدين جو احوال بياض هاشمي ۾ ملي ٿو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحبالمتانته“ جي حاشيي ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي.

5. مخدوم  نجم الدين: هيءُ هڪ وڏو عالم ۽ فضل جو مالڪ هو. پنهنجي زماني جي وڏن مشائخن مان هو. ظاهري علمن سان گڏ روحاني علمن جو پڻ جامع هو. بـُـوبڪن جي شهر ۾ اتر - اوڀر ۾ سندس تعمير ڪرايل مسجد  آهي، جتي سندس آخرين آرام گاه آهي. سندس مزار اڄ به مرجع عام و خاص آهي.

مير علي شير قانع  ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ مخدوم عبدالغني ۽ سندس ڀاءُ مخدوم نورالدين جو ذڪر ڪيو آهي. مير قانع ٺٽويءَ هنن ٻنهي بزرگن جي ڪماليت ۽ فضيلت جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن ۽ کين مخدوم جعفر جي اولاد مان ڄاڻايو آهي. انهن مان مخدوم عبدالغني، سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪمو ميان محمد مرادياب خان جي حڪومت جي دؤر ۾ هو ۽ ٻيو بزرگ مخدوم نورالدين وري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ گذاري ويو.(17) اهي ٻئي بزرگ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جا همعصر هئا.

مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب مقالات الشعراء“ ۾ انهن مٿين ٻنهي بزرگن لاءِ لکي ٿو:

مخدوم عبدالغني، مخدوم جعفر جي پـُـشت مان آهي، مخدوم عبدالغنيءَ جي ڀاءُ مخدوم نورالدين سندس وفات جي تاريخ 1169هه قرآن پاڪ جي آيت موافق منظوم ڪئي آهي. جا هن ريت آهي:

مخدومِ پاک سيرت عبدالغني که بود،
در علمِ شرع مصطفوي مخزنِ نهفت.
هاتف بروز رفتنِ وي در جنان ز غيب.
فيهـَـا عــَـلـَـي الارَائـِـکِ نـِـعمَ الثوَابگفت.(18)

1169هه

اهي مٿيان ٻئي بزرگ، مخدوم جعفر جي پوٽاڻ مان آهن ۽ انهن ٻنهي جون مزارون اڄ تائين بــُـوبڪن جي قبرستان ۾ موجود آهن. مخدوم عبدالغنيءَ جي مزار تي هيٺيون تحرير ٿيل آهي.

کرد حق سال رحلتِ مخدوم،
دو عدد را باسم آن داخل.
درجه اول از بهشتش داد،
کرد عبدالغني دران داخل.(19)
                    1169هه

تصنيفات

مخدوم جعفر کي سڀني علمن، جهڙوڪ: تفسير، حديث ۽ فقـه وغيره ۾ وڏو درڪ حاصل هو. پاڻ هڪ وڏي عرصي تائين سنڌ ۾ پنهنجي  اباڻي ڳوٺ “بــُـوبڪ” ۾ انهن مڙني علمن جو درس ڏيندو رهيو، جتي سندس شمارُ وڏي مستند عالمن ۾ ٿيندو هو. مخدوم صاحب تمام گهڻين تصنيفن ۽ تاليفن وارو بزرگ ٿي گذريو آهي ۽ اها هڪ صحيح ۽ واضح حقيقت آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف ۾ پوري ڪئي. سندس تصنيف ۽ تاليف ڪيل ڪتابن مان جن جو احوال دستياب ٿي سگهيو آهي، تنهن جو هتي مختصر تعارف ڏجي ٿو:(1)

1. نهج التعلم

مخدوم جعفر، هيءُ ڪتابُ هڪ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾، عربي ٻوليءَ ۾ تصنيف ڪيو. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ ان وقت جي مدرسن ۾ عربي ٻوليءَ جي جيڪا تعليم ڏني ويندي هئي، اُن جي سکڻ، پڙهڻ ۽ اصولن تي هڪ ڪامياب مدرس ۽ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ نهايت ئي عالمانه انداز ۾ مفصل بحث ڪيو آهي. عربي زبان پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي طريقن ۽ اصولن تي برصغير هند و پاڪ جو هيءُ پهريون معلم ڪتاب آهي. ساڳئي وقت، شاگردن ۽ استادن جي ذهني ۽ نفسياتي صلاحيتن، تعليمي طريقن ۽ اصولن متعلق، هن ڪتاب ۾ تفصيل سان ڄاڻ ڏني ويئي آهي. مخدوم صاحب، هيءُ ڪتاب ڪهڙي سن ۾ تصنيف ڪيو، ان جي معلومات حاصل ٿي ڪانه سگهي آهي. ليڪن ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي ته مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب سن 973هه/1565ع ۾ لکيو هو. (20)

2. حاصل النهج

مخدوم جعفر پنهنجي مٿئين مذڪور عربي ڪتابنهج التعلم جو سن 976هه/1568ع ۾ حاصل النهج جي نالي سان فارسي زبان ۾، اُستادن جي رهنمائيءَ لاءِ خلاصو تيار ڪيو.(21) هن ڪتاب ۾ علم، معلم ۽ تعليم جي فلسفي تي نهايت ئي عالمانه ۽ ماهرانه انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي. هن موجوده سائنسي دؤر ۾ تعليم جي سلسلي ۾، هيءُ ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب جو فارسي متن، انگريزي خــُـلاصي ۽ مقدمي سميت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ تصحيح سان سن 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ انهيءَ ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي، جو سن 1993ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ طرفان اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي.

3. مـَنهـَجُ العمـَال

مخدوم جعفر هيءُ ڪتاب حديث جي فن تي هڪ جامع ڪتاب جي صورت ۾ تصنيف ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب اصل ۾ علامه علي متقي الهندي(1) (المتوفي: 975هه/1567ع بن حسام الدين برهان پوريءَ جي تاليف ڪيل ڪتاب ڪنزالعمال جو خلاصو ۽ انتخاب آهي. هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو، درگاهه ٽنڊي سائينداد جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

4. عــُـجالته الطالبين في انتقاد الحافظين في بيان الاحاديث الموضوعات

مخدوم جعفر هيءُ ڪتاب علم حديث ۾ موضوعات، يعني جــُـڙتو روايتن ۽ مشهور ڪــُـوڙين حديثن جي باري ۾ لکيو آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب علامه محمد بن طاهر پٽنيءَ(1) (المتوفي: 986هه/1578ع) جي ڪتابتذڪره الموضوعات(2) جو خلاصو آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ المتانـته“ جي مقدمي (ص 34 کان 40) ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي.

5. فتح الدارين

مخدوم صاحب، فارسي  زبان ۾ وظائف ۽ اخلاقيات جي موضوع تي هيءُ هڪ بهترين ڪتاب تاليف ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ حديث نبويءَ جي روشنيءَ ۾ اوراد ۽ وظائف ڏنا ويا آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ انساني اخلاق جي سڌاري لاءِ علامه سيوطيءَ جي مشهور ڪتاب جامع صغير تان چاليهه حديثون ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب جو قلمي نسخو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.(22)

6. اِرشاد الصادقين

مخدوم جعفر جو هيءُ ڪتاب تصوف جي موضوع تي فارسي زبان ۾ نهايت ئي عمدو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ تصوف جا اصول، وظائف، وعظ ۽ وصيتون بيان ٿيل آهن. هن ڪتاب جو قلمي نسخو مولانا عبدالوهاب چاچڙ روهڙيءَ واري جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

7. ڪشف الحق للصادق المـُـنصف المــُـحـِـق بالدلائلِ الـِـتي هي بالتقدِيم اَحريٰ و اَحـَـق

مخدوم صاحب جي هيءَ تصنيف عربي زبان ۾ آهي. هيءُ ڪتاب علم الڪلام سان واسطو رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب پنهنجي دؤر ۾ سنڌ ۾ مروج عقيدن، بدعتن ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن تي عالمانه انداز ۾ بحث ڪيو آهي ۽ مستند ڪتابن، تفسيرن ۽ حديثن جي حوالن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون شرع محمديءَ جي بلڪل خلاف آهن ۽ انهن تي عمل ڪرڻ کان منع فرمائي ويئي آهي. هن ڪتاب ۾ حديث شريف جي ڪيترن ئي ڪتابن جا جاءِ بجاءِ حوالا ڏنا ويا آهن، جنهن مان مخدوم جعفر جي علميت ۽ مطالعي جو پتو پوي ٿو.

8.مـَـعـَـاقـِـدُ العقائد المعروف بـِـالمــُـڪالـَـمـَـاتِ

مخدوم جعفر جو هيءُ ڪتاب علم الڪلام جي موضوع تي عربي زبان ۾ تصنيف ڪيل آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ ڏهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر جيڪي به عقيدا، نظريا ۽ فڪر موجود هئا، تن سڀني کي مڪالمن جي صورت ۾ نروار ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب انهيءَ موضوع تي مخدوم صاحب جو هڪ بي نظير ۽ قيمتي ڪتاب آهي. منجهس وقت جي وڏن بلند مرتبي جي عالمن، مفسرن ۽ فقيهن، جهڙوڪ: جلال الدين سيوطي، ابي زڪريا يحيٰ بن شرف الدين النوري، ابن العطا الاسڪندري ۽ شيخ احمد البرنسي الزروق جا جاءِ بجاءِ حوالا ڏنا ويا آهن.

9.الاشاراتُ اليٰ حل المعاقد والڪالمات

مخدوم جعفر هن ڪتاب ۾ پنهنجي اڳ لکيل ڪتاب المعاقد العقائد جو شرح بيان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ به اسلامي دنيا جي نامور عالمن، محدثن ۽ فقيهن جي ڪيترن ئي ڪتابن کي ماخذ طور ڪتب آندو ويو آهي.

10.مـِـنهـِـياتُ المڪالمات والاشارات

مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي ڪتابن المڪالمات ۽ الاشارات ۾ آيل اهم مسئلن جي تشريح ڪئي آهي. المڪالمات، الاشارات ۽ منهيات جا قلمي نسخا هڪ جلد ۾ درگاهه جوڻاڻي شريف تعلقي وارهه قنبر-شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن.

11.اَقلُ و اَعدَلُ ڪلمات في حــُـڪــُـم فـُـصـُـوص الحـِـڪم و الفتوحات

اسان مخدوم جعفر جي حياتيءَ جي احوال ۾ اهو بيان ڪري آيا آهيون ته مخدوم صاحب جيتوڻيڪ پاڻ تصوف جي علم ۾ يگانه روزگار عالم هو، پر ان هوندي به پاڻ اڪثر ڪري ابن عربيءَ جي ڪتاب فصوص الحڪم ۽ فتوحات المڪيه“ جي پڙهڻ کان منع ڪندو هو. مخدوم صاحب انهيءَ ڳالهه جي ضرورت کي محسوس ڪندي، هيءُ ڪتاب فارسيءَ ۾ تصنيف ڪيو. دراصل، هيءُ ڪتابُ المڪالمات ۽ الاشارات جي آخر ۾ آندل هڪ بحث جو شرح آهي.

12.المتانـته في مرمـته الخزانته

مخدوم جعفر هن ڪتاب ۾، جو اصل ۾ قاضي جگن گجراتيءَ(1) جي مشهور ڪتاب خزانته الروايات، جو حنفي فقه جو مشهور آهي، ان جي تنقيح ۽ تصحيح ڪئي آهي. دراصل، قاضي جگن گجراتيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ضعيف فقهي مسئلن ۽ روايتن کي آندو آهي. مخدوم صاحب، ان ڪتاب جو وڏيءَ محنت ۽ جاکوڙ سان اصلاح ڪيو آهي. سنڌ جي مشهور عالم، اديب ۽ محقق، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ هن ڪتاب کي ايڊٽ ڪري، ان تي 118 صفحن تي مشتمل عربيءَ ۾ مبسوط مقدمو لکيو آهي. علامه قاسمي صاحب جي انهيءَ ايڊٽ ڪيل ڪتاب کي برصغير هند و پاڪ کان سواءِ، عرب جي عالمن پڻ ڪافي ساراهيو آهي. هيءُ ضخيم ڪتاب 652 صفحن تي ڦهليل آهي، جو سنڌ جي قومي اداري، سنڌي ادبي بورڊ طرفان سن 1962ع ۾ شايع ٿيو.

13.الحــُـجـَـتهُ القويته في جواب الرسالـته الحلفيته

مخدوم جعفر هيءُ ڪتاب پنهنجي دؤر جي هڪ همعصر عالم ۽ محدث، قاضي قاسماڻي پاٽائيءَ(2) جي ڪتاب الرسالت الحلفيته“ جي رد ۾ تصنيف ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ طلاق جي اهم ۽ نازڪ مسئلي  تي مخدوم صاحب نهايت ئي عالمانه ۽ فلسفيانه نموني ۾ بحث ڪيو آهي. مخدوم صاحب جي زماني ۾ سنڌ اندر هڪ محاورو مروج هو، يعني: جيڪڏهن ڪو شخص هن طرح سنڌي زبان ۾ چوي ته،مون طلاقن اُتي سنوه، يعني: مڙس پنهنجيءَ زال کي چوي ته، مون کي طلاقن قسم(ســُـنــُـهه) آهي ته هيءُ ڪم نه ڪندس. هاڻي ان چوڻ سان شرع محمدي يا فـقـه جي روشنيءَ ۾ ان شخص جي زال تي ٽي طلاقون صادر ٿينديون يا نه؟ ان مسئلي تي قاضي قاسماڻيءَ جو رايو هو ته اها طلاق ڪانه ٿيندي، جنهن جي باري ۾ هن هڪ رسالو الرسالته الحلفيته“ نالي تحرير ڪيو هو. مخدوم جعفر انهيءَ فتويٰ جي خلاف فتويٰ ڏني. مخدوم صاحب جو نظريو هو ته انهن لفظن اُچارڻ سان قسم جي ڪوڙي ٿيڻ وقت طلاق واقع ٿيندي. مخدوم صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ پهريائين قاضي صاحب جي دليل جو ذڪر ڪري، پوءِ ان جو رد ڏنو آهي.

14.حــَـلُ الــُـعقود في طلاق الــُـسنود

مخدوم جعفر هن ڪتاب ۾ سنڌ واسين جي طلاق ڏيڻ جا نمونا ۽ انهن جا شرعي احڪام بيان ڪيا آهن. هن ڪتاب مان  ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ جي تمدن ۽ زبان متعلق ڪافي روشني پوي ٿي. ساڳئي وقت، هن ڪتاب مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دؤر ۾ سنڌ ۾ طلاق ڏيڻ جو مسئلو تمام اهم ۽ نازڪ هو. مخدوم صاحب انهيءَ مسئلي تي ان زماني ۾ جيڪي به فتوائون صادر ڪيون ويون هيون، يا جيڪي ننڍڙا رسالا الڳ الڳ لکيا ويا هئا، تن سڀني کي هن رسالي ۾ درج ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ استعمال ٿيل سنڌي نثر جو نمونو، سنڌي زبان ۽ نثر نويسيءَ جو هڪ قديم مثال آهي. مخدوم صاحب سنڌي معاشري  ۾ اهڙن استعمال  ۾ آيل لفظن، محاورن ۽ فقرن جي لغوي ۽ مرادي معنيٰ ۽ مقصدن جو شرعي قانون ۽ فقه جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو آهي. ان وقت جي سنڌي عالمن ۽ فقيهن انهيءَ مسئلي تي پنهنجي پنهنجي نڪته نگاهه کان جيڪي فتوائون ڏنيون آهن،(1) انهيءَ مسئلي کي آڏو رکي مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب تصنيف ڪيو. سنڌ جي مشهور عالم ۽ محدث، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پنهنجي ڪتابتمام العنايته في الفرق بين الصريح و اکنايته“ ۾ هن ڪتاب جا حوالا ڏنا آهن ۽ ان ۾ آيل سنڌي عبارت جو پڻ تفصيل آندو آهي.(2)

15.قـَـرنـهَ في حڪم الحلف بالمرنـه والپرنه

مخدوم جعفر جو هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ هڪ ننڍڙي رسالي جي صورت ۾ آهي. قديم زماني کان وٺي  اڄ تائين سنڌي معاشري ۾ هڪ فقرو رواج ۾ آهي ته ، مان تنهنجي مرڻي پرڻي تي نه ايندس. اهو فقرو اڪثر سنڌي ماڻهو پنهنجي برادريءَ ۾ يا ڪنهن ويجهي دوست کي ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي ڪتب آڻيندا آهن. دراصل، ان محاوري جي معنيٰ اها ٿيندي ته سمورا تعلقات ختم ڪرڻ يا مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ. ان ڏس ۾، ان دؤر جي عالمن مختلف نمونن ۾ فتوائون ڏنيون آهن. مخدوم جعفر به انهيءَ مسئلي تي فتويٰ ڏني آهي، جا انهيءَ رسالي جي صورت  ۾ آهي.

16.الــَـتنمـِـيقُ في توقيت المـَـرءَه في التطليق

هن عربي رسالي ۾ مخدوم جعفر طلاق جي هڪ مسئلي تي فتويٰ ڏني آهي.

17.البيانُ المــُـبرم في قولِ الـــُـسنود ڇڏي او ڇڏيم

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ سنڌ اندر مروج طلاق جي مسئلي تي بحث ڪيوآهي.

18.ڪـَـمـِـيـَـتهُ الواقع

مخدوم صاحب هيءُ رسالو پڻ طلاق جي مسئلي تي هڪ فتويٰ جي صورت ۾ لکيو آهي.

19.اِستفـِـتاءٌ

هن ننڍڙي رسالي ۾ پڻ طلاق جي مسئلي تي بحث ڪيل آهي.

20.البصارهِ في العمل بـِـالاِ شارهِ

مخدوم صاحب عربي زبان ۾ هيءُ رسالو التحيات ۾ اشهد آڱر سان اشارو ڪرڻ سنت هئڻ بابت تحرير ڪيوآهي.

انهن مٿين مڙني تصنيفن ۽ تاليفن کان سواءِ، مخدوم جعفر بوبڪائيءَ ان زماني ۾ سنڌ جي ديني ۽ علمي مدرسن ۾ جيڪو مروج نصاب پڙهايو ويندو هو، ان جي مختلف موضوعن تي به ڪتاب جوڙيا آهن، جهڙوڪ:

21. شرح ميزانِ الصرف (عربي/علم صرف)

22. بـَـدَ ايته النحو (علم نحو)

23. اهـَـمُ النـَـحو (عربي/علم نحو)

24. حواشي شرح الجامي (عربي/علم نحو)

25. بـُـنيته البـَـيان(عربي/علم المعاني والبيان والبديع)

26. بيانُ البـُـنيته (عربي/علم المعاني والبيان والبديع)

27. العـُـراضته في علم العروض والقافيته (عربي/علم العروض والقافيه)

28. عرض العـُـراضته في علم العروض والقافيته (عربي/علم العروض والقافيه)

29. مـِـعيارُ النـَـظـَـر(عربي/علم المنطق)

30. نـَـهجُ المـُـناظرهِ (عربي/علم المباحثه)

31. عجاله الوقت (عربي/حديث)

32. مختصر فتح الدارين (فارسي/اوراد و وظائف)

33. نفيُ الاعـِـتسافِ فيُ سـنه الاعـِـتڪافِ(عربي/ فـقه)

 

*
حوالا

(1) رحماني عبدالعزيز خطيب: مقالات رحماني ياتذڪرهء بزرگان (اردو)، ڪتبخانه قلندريه رحمانيه، ڪراچي سنڌ، 1975ع، ص 80

(2) مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1975ع، ص 537

(3) مير علي شير قانع ٺٽوي: مقالات الشعراء“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ،  1957ع، ص 85- 784

(4) مير علي شير قانع  ٺٽوي: معيارِ سالڪانِ طريقت (فارسي)، مصحح: ڊاڪٽر سيد خضرنوشاهي، اداره معارف نوشاهيه، ساهن پال شريف، 2000ع، ص 546

(5) مير محمد معصوم بکري: تاريخ معصومي (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو 1959ع، ص 150

(6) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 374

(7) بلوچ نبي بخش خان ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو سنڌ، ڇاپو ٽيون 1990ع، ص 339

(8) قاسمي غلام مصطفيٰ علامه، “مخدوم محمد جعفر بوبڪائي(مضمون)، ڏسو ماهوار الرحيم حيدرآباد سنڌ، نومبر - ڊسمبر 1988ع، ص 30

(9) ڏسو حوالو نمبر (7)

(10) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 152

(11) ايضاً

(12) ايضاً

(13) مانڊوي محمد غوثي شطاري، گلزار ابرار (اردو)، مترجم: فضل احمد جيوري، اسلامڪ بوڪ فائونڊيشن ، لاهور، 1395هه/ 1975ع، ص 375

(14) ايضاً

(15) ايضاً

(16) ميرڪ يوسف: تاريخ مظهر شاهجهاني (سنڌي)، مترجم: نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 284

(17) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 76- 375

(18) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 53- 152

(19) ڏسو حوالو نمبر (8)، ص 32

(20) ڏسو حوالو نمبر (7)

(21) ايضاً

(22) ڏسو حوالو نمبر (8) ص 39

*

(ماهوار الرحيم حيدرآباد سنڌ، آگسٽ - سيپٽمبر 1977ع ۾، سـَـنواريل ۽ وڌايل)


 

(1) بــُـوبڪن جي قديم بستي، هن موجوده زماني ۾، ضلعي دادو جي تعلقي سيوهڻ ۾ واقع آهي. هيءُ ننڍڙو شهر ‘27- 26 اتر ويڪرائي ڦاڪ  ۽ ‘46- 67 اوڀرندي ڊگهائي ڦاڪ تي ايشيا کنڊ جي وڏيءَ ڍنڍ، منڇر جي اتر - اوڀرندي ۽ سيوهن شهر جي اولهندي طرف 9 ميلن جي مفاصلي تي آباد آهي. قدامت جي لحاظ کان تمام قديم آهي. هن شهر تي انهيءَ نالي پوڻ جي متعلق ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. چوڻ ۾ اچي ٿو ته بـُـوبڪ نالي هڪ مڇي ٿئي ٿي، اُن تان هن شهر تي اِهو نالو پيو. ڪن جو وري چوڻ آهي ته بـُـوبڪ لفـظ ٻن لفظن جو مــُـرڪب آهي، يعني: بــُـوءِ“ ۽ بــَـڪَ.منڇر ڍنڍ جي نسبت سان مـُـهاڻن جي گوڙ (بـَـڪبــَـڪِ) ۽ مڇيءَ  جي بدبوءِ سبب بــُـوبڪ سڏجڻ ۾ آيو. مسٽر هيوز پنهنجي گزيٽيئر (ص 146) ۾ ڄاڻائي ٿو ته هتي هڪ اهڙي قسم جو گاههُ اُڀري ٿو، جنهن جي نالي پوئتان هيءُ شهر بــُـوبڪ سڏجڻ ۾ آيو. ساڳئي عالم جو اهو به چوڻ آهي ته هتان جي ڄاموٽ قبيلي جي هڪ چڱي مڙس جي انهيءَ نالي سان بــُـوبڪ سڏجي ٿو.

اهي مٿيون سموريون روايتون پنهنجيءَ جاءِ تي مخدوم جعفر جي راءِ سان ڪابه اهميت نه ٿيون رکن. مخدوم صاحب جو قول آهي ته بــُـوبڪ نالي شهر، سيوهڻ کان اولهه طرف ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي آباد آهي، جو سندس ڏاڏي ابوبڪر جي نالي سان سڏبو هو، جو پوءِ تخفيف ٿيندي بــُـوبڪ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.(جعفر بوبڪائي، مخدوم: المتانـه في مرمته الخزانـه“- عربي، ڏسو مقدمو از:علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ص 3)

انگريزن جي زماني ۾ سن 1854ع ۾ هتي ميونسپل ڪاميٽي قائم هئي.  هتي غاليچن ۽ ڀنگ جي پيدائش گهڻي ٿئي ٿي. ايڇ . ٽي. لئمبرڪ جي راءِ آهي ته اهو ٿي سگهي ٿو ته بــُـوبڪن جي قديم بستي، اصل قديم بستيءَ جي برباد ٿيل ويراني تي آباد ٿيل هجي. (لئمبرڪ، ايڇ ٽي: سنڌ - هڪ عام جائزو، مترجم: سليم احمد، ص 164)

بـُـوبڪن ۾ هر محلي ۽ پاڙي ۾مسجدون هيون، جنهن ڪري هن شهر کي مسجدن جو شهر پڻ سڏيو ويندو آهي. هڪ روايت آهي ته مخدوم بلاول کي بــُـوبڪن جي هڪ چاڪيءَ لوهه جي گهاڻي ۾ پيڙيو هو.

(1) حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنـه جي خاندان مان عرب دؤر ۾، ابوبڪر نالي هڪ بزرگ، منڇر ڍنڍ جي نزديڪ ٽهڻي نالي هڪ ڳوٺڙي ۾ اچي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ، پاڻ  اُتان لڏي، اُن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ نئون ڳوٺ ٻڌي اچي رهيو، جو پوءِ بــُـوبڪ سڏجڻ ۾ آيو.

(2) محترم ڊاڪٽر نبي  بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب“سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ (ٽيون ايڊيشن، 1990ع، ص 339) ۾ مخدوم جعفر جي والد جو نالو مخدوم يعقوب عرف مخدوم ميران ڄاڻايو آهي، جو دُرست نه آهي. مخدوم جعفر جي والد نالو مخدوم عبدالڪريم عرف ميران هو. مخدوم يعقوب سندس ڏاڏو ٿيندو هو.

(1) مؤرخ سنڌ سيد حسام الدين راشدي، تاريخ مظهر شاهجهاني (مترجم سنڌي) جي مقدمي (ص 82 ۽ 83) ۾ لکي ٿو ته راقم کي پنهنجي ڪتابن جي ذخيري مانديوان حافظ، مطبوعه منشي نولڪشور (پنجون ايڊيشن، 1314هه/ 1897ع) جو هڪ نسخو مليو، جنهن جي سرورق تي مخدوم محمد جعفر بوبڪائي ابن مخدوم ميران جو نسب نامو ڪنهن نامعلوم شخص جي هٿ اکرن ۾ لکيل هو، جو هن کان اڳ ڪٿي به نه مليو آهي. اهو نسب نامو هتي ڏجي ٿو:

شجره متبرڪ مخدوميان قريشيان بني عباس بوبڪان

عبدالمناف  =   هاشم =   عبدالمطلب  =   عباس   =  عبدالله = هاشم  =  ابوبڪر  =  سلطان اندس (؟)=  بزدار خان  =   سالار خان  =   سلطان ترڪ  = سلطان خلجي خان  =    ابوبڪر  =  شيخ  محمد   =   شيخ ابوبڪر  =     عاري  =
 ميره   =    مروقـه (؟) =    شيخ قلندر =  مرزوق   =    نور الدين  =   محمد يعقوب   =   محمد ميران بوبڪائي (اُستاد شاه حسن ارغون وغيره) =      مخدوم جعفر بوبڪائي(صاحبمتانـه“) =  نصير الدين    =    خير محمد   =    عبدالصمد =       خيرمحمد  =     عبدالصمد   عرف وڏل =پير محمد   =    اميد علي

 

 

 

راشدي صاحب، انهيءَ مٿئين شجري لاءِ لکي ٿو ته اندازو آهي ته هيءُ شجرو ميرمحمد ولد اميد علي نالي ڪنهن شخص ديوان حافظ جي خالي ورق تي لکيو آهي.

(1) علامه شيخ طاهر بن يوسف، سنڌ جي قديم تواريخي شهر پاٽ جو ويٺل هو. پاڻ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم، محدث ۽ صوفي بزرگ هو. محمد غوثي  شطاريءَ پنهنجي ڪتاب گــُـلزار ابرار ۾ سندس ڪافي احوال بيان ڪيو آهي. علامه طاهر، ارغونن جي ڏاڍ ۽ جبرواري دؤر  حڪومت ۾، سن 982هه/ 1574ع ۾ سنڌ مان هجرت ڪري برهان پور ۾ وڃي رهيو، جتي 1004هه/ 1596ع ۾ رحلت ڪيائين. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو، سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري: بــُـرهان پور ڪي سنڌي اولياء“ (اردو)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 1 کان 14.

(2) علامه حڪيم عثمان بن عيسيٰ بن شيخ ابراهيم صديقي پنهنجي زماني جو يگانه روزگار عالم هو. سن 983هه/ 1575ع ۾ گجرات مان لڏي بــُـرهان پور ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائين، جتي قضا ۽ فتويٰ جو عهدو ماڻيائين. ازان سواءِ، مختلف علومن جو درس پڻ ڏيندو رهيو. گلزار ابرار جو مصنف، محمد غوثي مانڊوي سندس شاگردن مان هو. سن 1008 هه/ 1600ع ۾ اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ پاڻ پنهنجي عزيزن ۽ قريبن سميت ڌاڙيلن جي هٿان شهيد ٿيو. (مانڊوي محمد غوثي شطاري: گلزار ابرار - مترجم اردو، ص 46 - 445)

(3) مخدوم محمد عثمان، درٻيلي شهر جو هڪ وڏو جيد عالم، متقي بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو مجدد ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اصل ۾ عرب جي قريشي خاندان مان هئا. درٻيلي شهر ۾ سندس قائم ڪيل مسجد جي ڀرسان مدرسو هو، جنهن ۾ پاڻ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. سندس مدرسو ، ان زماني ۾ علم ۽ فضل جو هڪ اعليٰ مرڪز هو. علم ڪمال ۾ وڏيءَ عمر هوندي به منجهس تواضح ۽ ڪسرنفسيءَ جوگـُـڻ هو. سندس مدرسي ۾ هميشه فاضلن ۽ طالبن جي هڪ وڏي جماعت رهندي هئي. دنيوي ڳالهين کان اڪثر پري رهندو هو. ڪنهن کان به نذر نياز نه وٺندو هو. کيس حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو قاضي ڪري سڏيندا آهن. سندس حياتيءَ خواه مماتيءَ جون ڪيتريون ئي ڪرامتون روايت ڪيون وڃن ٿيون. مخدوم صاحب سن 1002هه/1594ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. سندس مزار درٻيلي ۾ اڄ به مرجع عام و خاص آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب تواريخ ظهورنامه مــُـوي مبارڪ(قلمي)

(1) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،المتانـه“ جي مقدمي (ص 4 ۽ 5) ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي مخدوم ميران  جي مدفن بابت بيان ڪيل راءِ کي صحيح ۽ دُرست ٺهرايو آهي.

(1) مخدوم ميران، علم تصوف ۾ به يڪتاءِ دهر هو. پاڻ فارسي شاعريءَ جي مذاق رکندڙ هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي فارسي ڪتاب مقالات الشعراء “ (ص 785) ۾ سندس هڪ فارسي شعر درج ڪيو آهي، جو هن طرح آهي:

ميانـه من و جانان همين من است و نـه غير،
خدا شناس نماند ببند کعبـ
ه و دير.

 

(1) مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب مقالات الشعراءِ“ (ص 152) ۾ سندس دهليءَ جي سفر جو هڪ واقعو بيان ڪندي لکي ٿو ته مخدوم صاحب جڏهن شاهجهان آباد (دهلي) جي طرف وڃڻ وقت لاهور پهتو، ته سندس زادِ سفر ختم ٿي ويو. انهيءَ پريشانيءَ جي حالت ۾ ڪنهن کان گهرڻ به مناسب نه سمجهيائين. آڳاٽن حڪيمن جي طرز تي شهر کان ٻاهر هڪ وڻن ۽ ميون سان ڀريل باغ تيار ڪيائين، جو رڳو ڏسڻ ۾ هو ۽ ان کي شهر جي هڪ سرمايه دار وٽ ڳهه رکيائين. اهڙيءَ طرح ان کان کيس سفر جو خرچ ملي ويو. مخدوم صاحب جڏهن شاهجهان آباد جو سير ڪري موٽيو، ته اهو ٺيڪيدار باغ  جي پيداوار تي متصرف هو. مخدوم صاحب واپس اچڻ کان پوءِ،  باغ کي ڳهه مان ڇڏايو، ۽ پوءِ ان کي نظرن کان غائب ڪري ڇڏيائين..

(1) مخدوم جعفر جي سنڌ جي حاڪم، مرزا عيسيٰ ترخان وٽ وڏي عزت هئي. مرزا عيسيٰ ترخان سندس هم مڪتب ۽ هم جليس هو.

(1) مولانا عبدالله کوسي صاحب 1999ع ۾ مخدوم جعفر بوبڪاني ۽ ان جا علمي ڪارناما جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽي ، ڄام شوري، سنڌ مان پي ايڇ . ڊي . جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. راقم، مخدوم جعفر جي ڪن تصنيفات جو احوال، انهيءَ مذڪور تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڏنو آهي.

(1) شيخ علي متقي بن حسام الدين بن عبدالملڪ بن قاضي خان قادري شاذلي چشتي پنهنجي وقت جو وڏو جيد عالم ۽ محدث هو .متقي سندس لقب هو. سندس اصل وطن جون پور هو. سن 885هه/1480ع ۾ برهان پور ۾ ڄائو. پاڻ شيخ بهاءُ الدين عرف شيخ باجن برهان پوريءَ جو مريد هو. مرشد جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند شيخ عبدالحڪيم جي هٿ تي چشتي طريقي ۾ ٻيهر بيعت ڪري، خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. ملتان ۾ شيخ حسام الدين ملتانيءَ وٽ تفسير بيضاوي  عين الحق جا ڪتاب پڙهيائين. شيخ حسام الدين جي صحبت ۾ زهد ۽ تقويٰ جا سبق پڻ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ، حرمين شريفين جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. مڪي شريف ۾ شيخ ابوالحسن بکريءَ کان حديث جو درس ورتائين. شيخ محمد بن محمد بن محمد سخاويءَ جي هٿ تي قادري طريقي ۾ بيعت ڪيائين. پاڻ وڏو عابد، زاهد ۽ متقي هو. عربي ۽ فارسيءَ ۾ اٽڪل هڪ سؤ کن ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيائين. ڪنزالعمال سندس هڪ بهترين ڪتاب آهي. 975هه/1567ع ۾ مڪي معظمـه ۾ رحلت ڪيائين. شيخ عبدالحق محدث دهلوي سندس مريد هو. هن پنهنجي ڪتاب اخبار الاخيار ۾ سندس تفصيل سان احوال بيان ڪيو آهي.

(1) علامه محمد بن طاهر بن علي حنفي پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو بلند پايي جو عالم ۽ محدث ٿي گذريو آهي. سندس تبحر علميءَ جو وقت جي اڪثر سڀني عالمن اعتراف ڪيو آهي.نزهـته الخواطر (ج4، ص 311) ۾ سندس جنم جو سن 913هه/1507ع ڄاڻايو ويو آهي. ليڪن، تذڪره علماءِ هند (ص 440) وارو صاحب سندس ڄمڻ جو سال 914هه/1508ع لکي ٿو. پاڻ گجرات جي شهر نهرواله (پٽن) ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي وقت جي وڏن نامور عالمن کان علم حاصل ڪيو. پاڻ قرآن پاڪ جو حافظ هو. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، درس و تدريس ۽ تصنيف جي شغل ۾ مشعول رهيو. النور السافر جي صاحب سندس علميت ۽ نيڪ خصلتن جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. سن 944هه/ 1538ع ۾ حجاز مقدس جي طرف روانو ٿيو، جتي شيخ عبدالله زبيدي، سيد عبدالله عدني، شيخ عبدالله حضرمي، شيخ جارالله مڪي، شيخ ابن حجرمڪي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ محدثن سان ملاقات ڪيائين ۽ حديث جي فن ۾ استفادو ڪيائين. ان زماني ۾ مهدويت ۽  بوهريت جو وڏو اثر هو. علامه صاحب انهن جي بدعتن ۽ منڪرات جي بيخ ڪني ڪرڻ ۾مشغول رهيو. کيس 986 هه/ 1578ع ۾ اُجين جي ويجهو شهيد ڪيو ويو. سندس لاش کيپٽن ۾ مدفون ڪيو ويو. پاڻ متعدد تصنيفن جو صاحب هو.

(2) هيءُ ڪتاب ڪتبخانه مجيديه، بيرون گيٽ، ملتان وارن ڇپايو آهي.

(1) قاضي جگن گجراتي، حنفي فقـه جو هڪ وڏو عالم هو. هن حنفي فقـه ۾ خزانـته الروايات جي نالي هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو، جنهن ۾ تمام جزئيات کي وڏيءَ ڪماليت ۽ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. قاضي صاحب خود پنهنجي ڪتاب لاءِ چوي ٿو ته مون پنهنجي سموري حياتي مسائل ۽ غريب الروايات ڪٺي ڪرڻ ۾ پوري ڪئي. مولانا عبدالحي لکنويءَ پنهنجي ڪتاب النافع الڪبير ۾ هن ڪتاب کي غير معتبر ڪتابن ۾ شمار ڪيو آهي. قاضي جگن سن 920هه/1514ع ۾ وفات ڪئي، (سيد عبدالحي بريلوي: نـزهته الخواطر ج 4-اردو، مقبول اڪيڊمي، لاهور، ص 97 ۽ 98)

(2) قاضي قاسماڻي ڏهين صديءَ جي عالمن فقيهن مان ٿي گذريو آهي. پاڻ وڏي مرتبي وارو صاحبِ فتويٰ بزرگ هو. پاڻ بـُـوبڪن جي ڀرسان پاٽ جو رهاڪو هو. سندس حياتيءَ جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي. پاٽ پراڻيءَ جي اولهه - ڏکڻ ۾ واقع قديم قبرستان کي قاضي قاسماڻي چون ٿا. (صديقي حبيب الله، ڊاڪٽر: تاريخ باب الاسلام سنڌ، حبيب صديقي اڪيڊمي، ڄام شورو سنڌ، 1996ع ، ص 204)

(1)  هن مسئلي تي ان دؤر جي عالمن جو مکيه مقصد اهو هو ته زال ۽ مڙس جي وچ ۾ گهرو اڻبڻت ڪري، مڙس جذباتي ٿي اهڙي نموني ۾ لفظ، محاورا ۽ فقرا نه چون ۽ نه وري قسم کڻن، ۽ ان طرح ٽي ڀيرا طلاق ڏيڻ کي هڪ دفعو تصور ڪيائون. مخدوم جعفر ڪن ٻين ڪتابن، جهڙوڪ: المتانـه في مرمـته الخزانـته“ ۾ پڻ اهڙن طلاق ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي لفظن/اصطلاحن، جهڙوڪ: ڇـَـڏِي ۽ ڇڏيم تي ڪافي وضاحت سان بحث ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڏنل عربي فتويٰ ۾ شرعي فيصلو ڏنو آهي. ان عربي عبارت جو سنڌي ترجمو هن ريت آهي:  يعني ته جيڪڏهن ڪنهن مڙس پنهنجي زال لاءِ  چيو ته مون هيءَ ڇڏي، ڇڏي، ڇڏي يا ٽي ڀيرا ڇڏيم، ڇڏيم، ڇڏيم چيائين، مگر ائين ورائي ورائي چوڻ سان جيڪڏهن سندس مقصد پنهنجي گفتي تي زور ڏيڻ ۽ چـِـٽي ڪرڻ جو تاسيس هو، ۽ نه طلاق ڏيڻ خاطر پنهنجي ارادي کي پڪو ڪرڻ، ته ان حالت ۾ اهو هڪ طلاق جي اعلان جي برابر ٿيندو.

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتابسنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ (ڇاپو ٽيون، 1990ع ۾، ص 254 کان 260 تائين) ۾ ان مسئلي تي وضاحت سان روشني وڌي آهي.

(2) راقم کي اڄ کان 35 ورهيه کن اڳحل العقود في طلاق السنود جو هڪ قلمي نسخو، نوشهري فيروز جي ڀرسان کاهي راهو جي هڪ جيد عالم، فاضل ۽ محدث، قاضي ميان شاهه محمد(اول) جي ڪتبخاني مان دستياب ٿيو هو. راقم، پنهنجي مقالي سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ ۾، ان ڪتاب جا ڪيترائي حوالا ڏنا هئا. اهو تحقيقي مقالو سن 1971ع ۾ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد سنڌ جي 4 پرچي ۾ شايع ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org