سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار

باب :1

صفحو :3

تي کين خبر پوندي آهي ته ڪهڙا سندن رفيق گم آهن ۽ پوءِ کين هٿ ڪرڻ لاءِ رکي کين سڏيندا آهن. اهو عمل ٻه-ٽي ڏينهن جاري رکندا آهن؛ جنهن کان پوءِ تسلي ڪرڻ تي سندن انتظار لاهي ڇڏيندا آهن. اهڙا ڪڙايل تتر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا وري دام تي نه ايندا آهن ۽ جڏهن وري به نئين سر ٻچا ڪندا آهن ۽ اهي جوان ۽ وڙهڻ جهڙا ٿيندا آهن ته انهن سان گڏجي وڙهڻ لاءِ ايندا آهن، مگر جيڪي دام سان ڦاسي پوءِ ان مان آزاد ٿي ويندا آهن، اهي يا ته دام وٽ اچي اتي بيهي رهندا آهن ۽ اتي پيا ٻوليون ڪندا ۽ هڪلون ڏيندا آهن يا ته دام مٿان ٽپي اندر لنگهي ايندا آهن ۽ پڃري واري وڻ جي هيٺيان بيهي پاليل تتر سان وڙهندا آهن ۽ سندس منهن ۾ مٽي وجهندا يا وري ٻه – ٽي گڏ پڃري تي چڙهي ويندا آهن ۽ پاليل تتر کي ايترو پريشان ڪندا آهن، جو هو نه رڳو وڙهڻ ڇڏي ڏيندو آهي، پر ٻولڻ به بند ڪري پڃري ۾ لڪڻ لڳندو آهي، ۽ اهڙو هيسيل تتر گهڻو وقت شڪار کان بيڪار ٿي ويندو آهي، يا اصل هميشه لاءِ شڪار کان بيڪار ٿي ويندو آهي. پڃري تي چڙهي ويل تترن کي ڦٽو ڏيئي ڊوڙائبو آهي ته اهي سڌو اڏامي هليا ويندا آهن، ۽ جيڪي هيٺ لهي ڊوڙندا آهن، اهي به دام وٽ رهجي ان مٿان ٽپي هليا ويندا آهن. اهڙا تتر اتفاقي ڦاسندا آهن.

پاليل تترن جي حفاظت ڪرڻ:

ڪاري تتر کي رات جو سيءَ کان بچائڻ لاءِ يا ٻلن وغيره کان محفوظ ڪرڻ لاءِ ماڻهو کيس پنهنجي ڀر ۾ يا کٿيءَ سان ڍڪي رکندو آهي، جتي ٻلو يا نور وغيره کيس نقصان پهچائي نه سگهي ۽ پڃري مٿان ڪپڙي جو پوش، يعني چولي وجهي ڇڏبي آهي، جيئن هو ڪنهن شي کان نه ڊڄي. فقط شڪار تي رکڻ مهل چولي لاهي ڇڏبي آهي، ۽ ٽارين جي مٺ پڃري مٿان رکبي آهي، جيئن جهنگلي تتر کي شڪ نه پوي ۽ سانڍيل تتر کي مٿان اوچتو باز ڌڪ نه اچي هڻي. هيءُ تتر سندس همجنس لاءِ سخت ضدي هوندو آهي. ان جي باوجود حد درجي جو ڊڄڻو هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت جهگراڙ ٻلي، نور، ڪتي يا باز جو اوچتو حملو ٿيو ته پوءِ ڪيترا ڏينهن ٻوليندو ئي نه آهي. جنهن بعد گهر ۾ ته ٻوليندو آهي، پر جهنگ ۾ شڪار تي ڪو نه ٻوليندو آهي، رڳو ڪِٽ ڪِٽ جو آواز ڪري خطري جو اطلاع ظاهر ڪندو آهي. پر ڪي تتر هميشه جي لاءِ ٻولڻ ختم ڪري شڪار کان بيڪار بنجي ويندا آهن. جنهن سبب شڪاريءَ کي وڏو نقصان رسندو آهي، ڇو ته ڪارو تتر گهٽ انداز ۾ پالڻ سبب وڏيءَ قيمت تي ملندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ شڪاريءَ کي سَوَن رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، انهيءَ ڪري هن جي بچاءَ ۽ حفاظت جو خاص انتظام ڪبو آهي ۽ شڪار جي وقت تمام چوڪس رهڻو پوندو آهي. ڀوري تتر جي بچاءَ لاءِ به ساڳيا انتظام ڪبا آهن، مگر ان جي پڃري جي مٿان چوليءَ ڍڪڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. رڳو شڪار جي وقت جهنگ ۾ کين ڍڪيل رکبو آهي، جيئن مناسب وقت ۽ شڪار جي نشان بغير نه ٻولي، ڇو ته جتي راها هوندا آهن، اتي تتر جي ٻوليءَ سان ٻڌڻ ساڻ ڊوڙي ايندا آهن ۽ دام رکڻ کان اڳ اچي شڪاريءَ کي ڏسي ٽهي ويندا آهن، پوءِ تتر ڪهڙو به کڻي ٻولي ته به وري ويجهو نه ايندا آهن، رڳو پري کان ٻوليندا رهندا آهن. ڀوري تتر کي جيتوڻيڪ شڪار وقت مٿي وڻ تي لڪائي رکبو آهي، جيئن گدڙ، جهگراڙ ٻلي، نور ۽ باز جي حملو جو خطرو نه رهي. ڇو ته شڪاري تتر کان پرڀور ۽ لڪل رهندو آهي ۽ تتر کي ڏسي نه سگهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ تتر تي حملي هئڻ جو وڏو خطرو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته لائوي تتر جو منهن جهنگلي تترن ڏانهن هوندو ۽ هو انهن سان وڙهڻ ۽ ٻولڻ ۾ مشغول هوندو آهي ته جانور اوچتو مٿس حملو ڪري ڏيندا آهن ۽ اهڙن جانورن ۽ بازن جو جيڪڏهن حملي کان اڳ پاليل تتر کي پتو پوندو آهي ته ٻولڻ بند ڪري زور سان چرڙاٽ ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جنهن تي شڪاري سجاڳ ٿي سندس بچاءَ لاءِ پهچي ويندو آهي. پر جيڪڏهن بيخبري ۾ مٿس حملو ٿي پوندو آهي ته مالڪ جي پهچڻ کان اڳ کيس نقصان پهچي ويندو آهي. نور سندس سنهو منهن پڃري جي ڪاُٺين جي مٿين مان اُڪاري تتر جي ڄنگهن يا کنڀڙاٽين سان جهلي سندس عضوا ڀڃي وجهندو آهي. ۽ جهنگ ٻلو يڪدم وات وجهي پڃرو ڀڃي تتر کي ماري وجهندا آهــن، يــــا کيس سخت نقصـــان پهچائيندو آهـــي. ان کان سواءِ ڪارن توڙي ڀورن کي گهمڻ ۽ واريءَ ۾ ليٽڻ ۽ سائي گاهه ۾ جيتن چڻڻ لاءِ پڃري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏبو آهي. تڏهن سندس بچاءَ لاءِ خاص طرح چوڪس ٿي ويهڻو پوندو آهي.

ڳارين يعني کنڌين سان شڪار ڪرڻ:

گهوڙي جي پڇ جي وارن سان ڏهه- ٻارنهن وار پاڻ ۾ ملائي، انهن چوٽين کي پاڻ ۾ گڏي ڳنڍ ڏيئي کين بند ڪبو آهي. پوءِ انهن کي وٽُ ڏيئي تند تيار ڪبي آهي، جنهن کي ڦاندو چئبو آهي. اهو ڦاندو ڪاري توڙي ڀوري تترن جي دام ٺاهڻ ۾ به ڪم آڻبو آهي. اهڙا ٽي يا چار ڦاندا هڪ نميءَ ۽ وٽيل ڏور، جيڪا فوٽ کن ڊگهي هوندي آهي، ان ۾ ڌار ڌار وِتين تي ٻڌي کين گول ڇلي وانگر سرڪڻ ٺاهي تيار ڪبو آهي. ان کي ڳاري يا کنڌي چئبو آهي. پوءِ اهڙيون ويهارو يا گهٽ وڌ انداز ۾، وقت ۽ حالت جي لحاظ سارو تيار ٿيل کنڌيون کڻي جهنگ ۾ جنهن جاءِ تي تتر گهمندڙ هوندا آهن، اتي وڃبو آهي ۽ ننڍي ڀروٽي سارين جي تهن (توترن) جي ساڻ لنيي آهي، پوءِ اتي وڃي گسن ۽ وڻن جي وچ ۾ مُٺ مُٺ تهن جي رکي گهڻي پَٽَ ۾ تهن کي ورڇبو آهي، ۽ وڻن جي وچ وارين گهٽين ۽ وٿين ۾ جتان پکين جي اچ وڃ جو لنگهه سمجهبو آهي، اتي وڻ جي ٽارين جون ڪليون کوڙي انهن ۾ کنڌيون ٻڌي وڃبو آهي ۽ رهيل وٿين ۾ ٽار هڻي بند ڪبو اٿن، ڄڻڪ هڪ قسم جو لوڙهو ٺاهبو آهي، جو جهنگ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين يڪو ڳنڍيل هوندو آهي، ۽ جن گهٽين تي کنڌيون اڏيل هونديون آهن، تن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌان اچڻ وڃڻ جو رستو نه هوندو آهي، پوءِ جنهن وقت جهنگلي تتر چوڳي ۽ گهمڻ لاءِ نڪرندا آهن، ان وقت تهن کي ڏسي ان کي پيرن سان ڦولهيندا آهن ۽ ان مان ريون ۽ اَن جا سنها داڻا کائيندا آهن ۽ وري ٻيءَ ڍڳيءَ ڏانهن ڊوڙندا آهن. اهڙيءَ هلچل سبب کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن. پوءِ جڏهن ٻن- چئن ڪلاڪن بعد شڪاري سڌ سماءُ لهڻ لاءِ ويندو آهي، تڏهن وڃي ڦاٿل تترن کي پڪڙيندوآهي. هن نموني ڪارا توڙي ڀورا، نر ماديون ڦاسايون وينديون آهن. اهڙي نموني واري شڪار کي ٽانڪ وارو شڪار چئبو آهي. هن شڪار مان شڪاريءَ کي وڏو فائدو نه پهچندو آهي، ڇو ته ڪو تتر ڪڏهن ڦاسندو آهي ته ڪو ڪڏهن. ڦاٿل تتر کي شڪاري ڪڍڻ لاءِ ويندو آهي ته کيس ڏسي ٻيا تتر اڏامي هليا ويندا آهن، انهيءَ ڪري ماري ٻن-چئن ڪلاڪن بعد گُهمرو ڪندو آهي. ان ڪري ڪي ڦاٿل تتر ڦاندو ٽوڙائي ويندا آهن ته ڪي گُهٽجيءَ مري ويندا آهن. ٽانڪ جو ٻيو نمونو هن ريت هوندو آهي ته تترن کي ڪن وڻن ۾ ويٺل ڏسي، انهن جي هڪ پاسي ٽانڪ ڏيئي پوءِ پوئين پاسي کان آهستي آهستي وڻن کي ٺڪائبو آهي ته تتر اڳتي ڊوڙندا ويندا آهن ۽ وڃي کنڌين ۾ ڦاسندا آهن. هيءُ شڪار ٻنپهرن جو گرميءَ ۾ ڪبو آهي. جڏهن تتر اڏامڻ بدران پيرڙيو ڊوڙندا آهن ۽ سڀيئي ڦاٿل تتر شڪاري بروقت حاصل ڪري سگهندو آهي. ٽانڪ جو مٿيون هيءَ طريقو هوندو آهي جو صبح جو يا شام مهل جهنگ ۾ ٺڪائي تترن جي ولر کي اڏائيندا آهن، جنهن سبب تتر پکڙي ويندا آهن ۽ پوءِ سندن وچان ٽانڪ جلدائيءَ سان ڪڍي ان ۾ کنڌيون ٻڌي لِڪي وڃبو آهي، پوءِ تتر هڪٻئي سان ملڻ لاءِ ٻوليون ڪندا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڊوڙندا آهن. اهڙي ئي ڊوڙ ۾ هو کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن، جن کي شڪاري بروقت هٿ ڪري وٺندا آهن. هن نموني واري شڪار ۾ فقط ڀورا تتر خاص ڪري ڦاسندا آهن، بعضي ڪاري تتر جا ٻچا، جيڪي جوانيءَ کان اڳ ماءُ سان گڏ گهمندا آهن ۽ اهڙي ٽاهه پوڻ وقت اڏامي ماءُ کان جدا ٿي ويندا آهن، اهي به سندن ماءُ جي سڏڻ تي ان سان ملڻ لاءِ اوڏانهن ڊوڙندا آهن. پوءِ جيڪڏهن وچ ۾ ٽانڪ هوندي آهي ته اهي به ڦاسي پوندا آهن. کنڌين سان شڪار جو چوٿون طريقو هن ريت هوندو آهي ته جهنگ ۾ تهه پکيڙي وڃبا آهن۽ هڪ هنڌ جهنگ جي وچ ۾ وڏي ڍڳي تهن جي ڪري ڇڏبي آهي ۽ ان جي چوڌاري ٽارين جو لوڙهو ڏيئي ان جون پنج چار گهٽيون کليل ڇڏبيون آهن ۽ تهن جي ڍڳيءَ ۾ ڪجهه ان جا داڻا به ملائي ڇڏبا آهن. پوءِ تتر جهنگ ۾ گهمندي تهن جي ننڍين ڍڳين کي ڦولهيندا، آخر وڏي ڍڳيءَ تي پهچي ويندا آهن ۽ ان کائي خوش ٿيندا آهن. انهيءَ آسري تي ٻئي ڏينهن سويل اٿي تهن جي ڍڳي تي اچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، مگر سندن اچڻ کان اڳ ماري انهن گهٽين تي فجر مهل کنڌيونءَ ٻڌي ويندو آهي، يا اڳئين ڏينهن سج لهڻ مهل کنڌيون ٻڌي ڇڏيندو آهي. پوءِ جيئن تتر اندرلنگهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تيئن کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن. پوءِ جيڪڏهن شڪاري لڪل هوندو آهي ته بروقت شڪار کي هٿ ڪري وٺندو آهي. ٻيءَ صورت ۾ جهنگلي جانور ۽ نور وغيره لقمو بنائيندا آهن. پر جيڪڏهن کين ٻچن لاءِ کڻي وڃڻو هوندو آهي ته پوءِ سنڌيءَ جي پهاڪي واري ڪاروائي ٿيندي آهي.” گهاٽ ته چٽ، پر گهڙائي به گم.“ ساڳيءَ طرح شڪاري ته ويو، پر کنڌي به ساڻس گڏ ويئي. هن نموني واري شڪار کي پونگلي وارو شڪار چئبو آهي. هن ۾ ڪارا توڙي ڀورا تتر نر توڙي ماديون ڦاسائي سگهبا آهن.ڪڙهيءَ مان شڪار ڪرڻ: ڪڙهي اهو رَڇ آهي، جنهن سان مهاڻا يا ملاح ڍنڍن ۾ مڇي جهليندا آهن. هن جو هيٺيون پاسو ويڪرو ۽ مٿي چوٽي سوڙهي ٿيندي آهي، هيءَ ڇهن ڪاُٺين تي مخروطي نموني هوندي آهي. هن نموني جو شڪار پونگليءَ واري شڪار وانگر ڪبو آهي، مگر تفاوت فقط هيءُ هوندي آهي ته پونگليءَ واري شڪار ۾ تهن جي ڍڳيءَ کي چوڌاري ٽارين جو ويڙهو ڏيئي، ڳليون کليل ڇڏبيون آهن، پرهن شڪار لاءِ تهن جي ڍڳيءَ مٿان ڊگهين ٽارين جو هڪ جهوپڙو ٺاهبو آهي. انهن ٽارين جون پاڙون پري پري کوڙي فقط انهن جون ٽيون ملائي ڇڏبيون آهن، پوءِ ٻه-ٽي ڏينهن روزانه انهن تهن ۾ ان جا داڻا وجهي ڇڏبا آهن، جيئن تتر چڱيءَ طرح هري مري ۽ ڊپ ڊاءُ جهلي وڃن. پوءِ شڪاري کليل ڪڙهي کڻي وڃي انهيءَ جهوپڙيءَ هيٺان تهن مٿان رکندو آهي ۽ ڀر ۾ ٺهيل هڪ کُڏڻي ۾ لِڪي ويهندو آهي. ڪڙهيءَ جي چوٽيءَ ۾ هڪ سنهي ڏور پيل هوندي آهي، ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، جنهن سبب ڪڙهيءَ جو جيڪو پاسو ماريءَ جي طرف هوندو آهي، اهو زمين تي ڄميل رهندو آهي ۽ ٻيو پاسو مٿي کڄي ويندو آهي. پوءِ شڪاري اها رسي ڪليءَ ٻڌي ڇڏيندو آهي ۽ تترن جي اچڻ جو انتظام ڪندو آهي. سج اڀرندي ئي بکايل تتر سڌو چوڳي لاءِ پهچي ويندا آهن ۽ سڀيئي گڏجي ان ڍڳيءَ کي چؤگرد ڦولهڻ لڳندا آهن. انهيءَ ٽائيم تي شڪاري پنهنجو پاڻ تي اهڙو ضبط رکندو آهي، جو سندس ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌي نه سگهبو آهي. جڏهن سڀيئي تتر پوري تڪ هيٺ اچي ويندا آهن، تڏهن شڪاري ڏور ڪليءَ مان ڍري ڪندو آهي ته ڪڙهي تترن مٿان اچي ويندي آهي ۽ شڪاري يڪدم کڙڙيءَ مان نڪري ڪڙهيءَ هيٺ ڦاٿل سمورا تتر جهلي پنهنجي قبضي ۾ ڪندو آهي. هن طرح واري شڪار مان ڪو اتفاقي تتر سلامت بچندو آهي، جو ڪڙهيءَ جي رَڇ کان ٻاهر رهجي ويندو آهي.

 

ڍٻيءَ سان شڪار ڪرڻ:

هن شڪار لاءِ سخت ڌاڳن وارو رڇ (ڄاري) تيار ڪبو آهي. جنهن جي ڊيگهه ڇهه فوٽ ۽ ويڪر پنج- ڇهه فوٽ هوندي اٿس. سندس رنگ هلڪو ڀورو يا هلڪو ناسي هوندو آهي. اهو رڇ ڪاُٺين جي چونڪ سان ٻڌل هوندو آهي، جو چونڪ سنهين ڪاُٺين مان تيار ڪبو آهي ۽ اهو چونڪ کلي ۽ بند ٿي سگهندو آهي. سندس ٻنهي ڇيڙن جي سامهون چوٽين وٽ ٻه ڪليون لڳل هونديون آهن، جن ۾ رڇ جون ڏوريون ٻڌل هونديون آهن ۽ هڪ ڊگهي ڏوري وچ ۾ پيل هوندي اٿس، جنهن جي ڇڪڻ سان چونڪ بند ٿي رائنٽي (ننڍو قبو) جي نموني بنجي ويندو آهي ۽ چوڌاري وچ جو دائرو ڦري ويندو ۽ ڏور ڍري ڪرڻ سان چونڪ ڌرتيءَ تي ليٽي پوندو آهي. رڇ زمين تي پاٿارجي ويندو آهي. اهڙي رڇ تيار ڪرڻ بعد تهن جي چوڳ وڃي جهنگ ۾ وجهبي آهي. جهڙيءَ طرح ڪڙهي يا ڀونگلي واري شڪار لاءِ ڪبو آهي.

مگر هن ۾ نه ٽارين جو ويڙهو ڏبو آهي ۽ نه وري ٽارين مان جهوپڙي ٺاهبي آهي، پر ڪنهن وڻ جي ويجهو، جنهن وڻ ۾ شڪاري سندس لڪڻ لاءِ کڏڻو ٺاهيندو آهي. اتي ظاهر اڇي پٽ تي تهن جي ڍڳي ڪبي آهي. جنهن ۾ ان جا داڻا خاصي انداز ۾ ملائي ڇڏبا آهن، جيئن پکي چڱيءَ ريت هري ويندا آهن، پوءِ ماري سج لهڻ وقت اتي وڃي تهه ميڙي، هڪ طرف ڪري زمين تي ڍٻي اڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح جيئن ڍٻيءَ جي چونڪ جون ڪاُٺيون ۽ ڏوريون زمين ۾ بند ٿي وڃن، ائين ڪرڻ لاءِ انهن جي مٿان ٿوري مٽي وجهي انهن کي ڍڪي ڇڏبو آهي، ۽ ڄاريءَ مٿان ٿورا تهه وجهي ان کي به لڪائي ڇڏبو آهي. مطلب ته ان جو ڪوبه نشان ظاهر ڏسڻ ۾ نه اچي. جنهن بعد اڏيل ڍٻيءَ جي وچ تي تازن تهن جي ڍڳي ٺاهي اَن ۾ ان جا داڻا وجهي ڇڏبا آهن ۽ صبح جو فجر مهل شڪاري وڃي سندس ٺاهيل کڏڙيءَ (کڏڻي) ۾ لِڪي ويهندو آهي ۽ ڍٻيءَ واريءَ ڏوريءَ جو ڇيڙو پنهنجي هٿ ۾ جهلي ويهندو آهي. صبح ٿيڻ سان ڪارا تتر ۽ ڀورا تتر نر توڙي ماديون يا ڳيرا، ڪٻرو، سيڙها، جهرڪيون، مطلب ته جيڪي به پکي انهيءَ هنڌ چوڳي تي هريل هوندا آهن، اهي اچي گڏ ٿيندا آهن، پوءِ جڏهن شڪاري ڏسندو آهي ته اوچتو سڀني پکين جي مٿان ڍٻيءَ جي ڄاري ويڙهجي ۽ ڦري ويندي آهي، پوءِ ڏوريءَ کي ڪنهن ڪلي يا وڻ سان ٻڌي ڇڏيندو آهي. جيئن ڍٻي وري پٽ تي ڪِري کلي نه وڃي. ان بعد هڪ هڪ پکيءَ کي ڍٻيءَ مان ڪڍندو بند ڪندو ويندو آهي. هيءَ طريقو خاص طرح تترن لاءِ پاراتو آهي. جهڙيءَ طرح ڪنهن ماڻهوءَ کي پٽبو آهي ته شل بنياد بس ٿئيس. يعني انهيءَ آڪهه مان ڪو به سلامت نه رهي، تهڙيءَ طرح تتر به جيڪي ڍٻي تي ايندا آهن، سي گهڻو ڪري سمورا وٺجي پوندا آهن ۽ منجهانئن ڪوبه سلامت واپس ڪونه ويندو آهي.

رڇ يا ڄاريءَ سان تترن جو شڪار ڪرڻ : هن شڪار لاءِ هڪ قسم جو خاص رڇ تيار ڪبو آهي، جو سنهي ۽ مضبوط سٽ مان ٺاهبو آهي. سندس رنگ هلڪو ڀورو يا ناسي هوندو آهي. ۽ اهڙو نفيس هوندو آهي، جو بلڪل ويجهو وڃڻ بعد ڏسي سگهبو آهي. سندس ويڪر ڇهه- ست فوٽ ۽ ڊيگهه اسي کن فوٽ يا ان کان به وڌيڪ هوندي آهي، هن قسم جو شڪار ٻن طريقن سان ڪبو آهي، پهريون طريقو هيءُ آهي ته وڻن جي قطار جيئن واهن ۽ ڪڙين جي ڪپن تي هوندي آهي، انهن وڻن ۾ ٻوليندڙ تترن جي هڪ پاسي ڪنهن وڏي گهاٽي وڻ جي ٽن طرفن کان اها ڄاري (رڇ) ڦيرائي ڇڏبي آهي، جنهن جو ٿورو هيٺيون حصو زمين تي به پٿارجي ويندو آهي. اهو رڇ اهڙيءَ طرح وڻ تي وجهبو آهي، جيئن هيٺان ڪنهن به هنڌان ڪابه وٿي نه رهي، جتان تتر ٻاهر نڪري سگهن. پوءِ وڻن جي قطار جي ٻئي پاسي کان جتان تتر هوندا آهن، اتاهين وڻن کي آهستي آهستي ٺڪائبو آهي. جنهن آواز تي تتر اڳتي ڀڄڻ شروع ڪندا آهن. هيءُ شڪار گهڻو ڪري ٻنپهرن جو ڪبو آهي. جنهن وقت تتر گهڻو اُڏامندا نه آهن، مگر پيرن ڀر ڊوڙندا هڪ وڻ مان ٻئي وڻ ۾ هليا ويندا آهن. هن نموني وارو شڪار ٻه ڄڻا گڏجي بهتر نموني ڪري سگهندا آهن، ڇوته هو ٻنهي وڻن کي ٻنهي پاسن کان ٺڪائيندا ايندا آهن، جنهنڪري تتر ڪنهن پاسي نڪري نه سگهندا آهن ۽ صرف انهيءَ وڻ تي هليا ايندا آهن،جنهن وڻ تي رڇ پيل هوندوآهي، ان وڻ ۾ رڇ مان بچيل حصي مان اندر لنگهي ايندا آهن. انهيءَ وقت شڪاري تڪڙو انهيءَ کليل طرف کان وڻ کي ڦري ايندا آهن ۽ ڳالهائڻ ۽ زور سان وڻ کي ٺڪائڻ لڳندا آهن، جنهن سبب تتر ڊڄي وٺي زور سان ڊوڙندا آهن، جيئن وڻ مان ٻاهر نڪري اُڏامي وڃن. زور سان ڊوڙڻ سبب وڻ مان نڪرندي ئي ڄاريءَ ۾ اٽڪي پوندا آهن ۽ ڄاري کين ويڙهي ويندي آهي. پوءِ شڪاري هڪ هڪ تتر کي چونڊي ڄاريءَ مان ڪڍي ٻڌي پاڻ وٽ قابو ڪندو آهي. اهڙن تترن مان ڪي اتفاقي تتر بچي به ويندا آهن. جيڪي يا ته ڄاريءَ ۾ پوري ريت نه وڪوڙبا آهن يا پاسي کان ڄاريءَ کان ٻاهران مٿي وڻ مان نڪري ويندا آهن ۽ ڪي وري سڌو وڻ جي چوٽيءَ کان آسمان طرف اڏامي ويندا آهن. هن نموني جو شڪار هڪ ماڻهو ئي ڪري سگهندو آهي.

 

ٻيو طريقو:

سياري جي موسم ۾ جڏهن وڻن ۾ ڏٿ وغيره گهٽ ٿي ويندو آهي. ان وقت خاص طرح ڀورن تترن جا ولر پوٺن تي نڪري زمين کوٽي ڌاڃوڙا ڪڍي کائيندا آهن. جنهن لاءِ هو ڪنهن گهاٽي وڻ جو انتخاب ڪري، ان جي ڀر ۾ زمين کوٽي ڌاڃوڙا ڪڍي کائيندا آهن ۽ خوف جي وقت يڪدم ڊوڙي وڃي وڻ ۾ پناهه وٺندا آهن. اهڙي نموني چوڳ صبح جو ۽ شام جو ڪندا آهن ۽ ٻنپهرن توڙي رات جو گهاٽي جهنگل ۾ پهچي، آستانن تي وڃي آرام ڪندا آهن. شڪاري سندن چوڳ واري جڳهه جاچي ڀر واري وڻ کي ٻاهران ٽن طرفن کان ڄاري ويڙهي چوٿون چوڳ وارو پاسو کليل ڇڏي، پر ان جي سامهون ڪٿي لڪي ويهندو آهي ۽ جڏهن تتر چڳ ۾ مشغول ٿيندا آهن، تڏهن ڪپڙي لوڏڻ سان يا ڪنهن ٻئي نموني اهڙيءَ ريت ٽاهه ڏيندو آهي، جيئن هو اُڏامي نه وڃي. تترن جي وڻ ۾ وڃڻ بعد شڪاري نڪري نروار ٿيندو آهي ۽ تڪڙو تڪڙو وڻ ڏانهن ڊوڙندو آهي. جنهن ڪري تتر هراسجي خوف وچان تڪڙو وڻ مان ٻاهر نڪري اڏامڻ لاءِ اندران ٻاهر ڊوڙي نڪرندا آهن، تيئن ڄاري ۾ ڦاسي قابو ٿي پوندا آهن. هنن مان جيڪي ڄاري ۾ پوريءَ ريت نه ٻڌبا آهن يا پاسن کان نڪري ويندا آهن يا سڌوئي آسمان طرف اُڏامي ويندا آهن، سي بچي ويندا آهن.

ڀڳو يا ڍٻوءَ سان تترن جو شڪار ڪرڻ:

هن شڪار لاءِ اٽڪل ڏيڍ وال ڊگهو ۽ سوا وال ويڪرو ڪپڙو ٺاهبو آهي، جنهن جي هڪ طرف وچ ۾ ٻه ننڍا سوراخ ڪبا آهن، جن جي وچ ۾ ايتري وٿي هوندي آهي، جيتري ٻن اکين جي وچ ۾ ٿئي ٿي. ان ڪپڙي کي هٿراڌو گيڙو رنگ ۾ ٻوڙبو آهي. ڪپڙي تيار ٿيڻ بعد ان کي بانس جي ڪاُٺين واري ڪئنچيءَ ڇاپ ڪمانن مٿان ٻڌي، هڪ ڇٽيءَ جي نموني تيارڪبو آهي. ڪپڙو ڪمانن مٿان اهڙو ڇڪيل هوندو آهي، جو هوا لڳڻ سان به چرپر نه ڪندو آهي. ان کان سواءِ هن شڪار لاءِ خاص قسم جو هڪ رڇ تيار ڪبو آهي، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل ڏهه- ٻارهن فوٽ ۽ ويڪر پنج- ڏهه فوٽ هوندي آهي، انهيءَ رڇ جي ڊيگهه وارا ٻيئي پاسا پاڻ ۾ ملائي اُن کي بند ڪبو آهي. جيئن هڪ ڪؤنرو ٺهي پوي. پوءِ سندس هڪڙي پاسي کي بند ڪري ڇڏبو آهي، جيئن هڪ ڳوڻ وانگر بنجي وڃي ۽ سندس کليل پاسي ۾ هڪ چؤڪنڊو ۽ سنهين ڪاٺين جو چونڪ اهڙي طرح بند ڪبو آهي، جيئن اهو پاسو هميشه کليل رهي ۽ ڪؤنري اندر سنهين ڪاُٺين واريون ڪمانون ٻڌي اهڙي نموني تيار ڪبو آهي، جو بند ڪرڻ مهل هڪ پاڪيٽ وانگي بند ٿي وڃي ۽ ماڻهو کيس ڪلهي تي رکي يا هٿ ۾ جهلي کڻي هلي سگهي، پر جڏهن کيس کولجي ته هڪ گنديءَ (ٻهراڙي جاماڻهو اناج رکڻ لاءِ مٽيءَ مان هڪ وڏو ٿانو ٺاهيندا آهن) وانگر يا تيل جي خالي ڊم وانگر اهڙي نموني بنجي وڃي، جيئن پاڻيءَ جو پائيپ پاسيرو رکيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. شڪار وقت ماري، ڪپڙي واري ڇٽي منهن آڏو ڏيئي تترن جي ڳولا شروع ڪندو آهي. سڄو ڪپڙي جي ڇٽيءَ اندر لڪل رهندو آهي. فقط گوڏي کان هيٺ ڄنگهون ظاهر ڏسڻ ۾ اينديون آهنس ۽ شڪاري ڇٽيءَ وارن سوراخن مان سڀڪجهه ڏسندو رهندو آهي، جيئن برقعي پاتل عورت ڏسي سگهندي آهي. جڏهن تتر اهڙي ڇٽي ڍڪيل ماڻهوءَ کي ڏسندا آهن، تڏهن ڊڄڻ ڀڄڻ جي بجاءِ حيرت سان ان ڏانهن بيٺا ڏسندا آهن. ڪي ڪي ته انهيءَ ماڻهوءَ جي سامهون ڊوڙي ايندا آهن ۽ سندن وچ ۾ ست_ اٺ گز مفاصلو باقي هوندو آهي. ان بعد پنهنجي منهن بيخوفاڻي سان پيا چڳندا ۽ گهمندا ۽ مٽيءَ ۾ لٽيندا وتندا آهن، ۽ مٿن خوف جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي. ان بعد شڪاري ڪو وزنائتو گهٽ ڏسي اهو رڇ جنهن کي گودر چئبو آهي، سو ڊگهو ڪري اڏي ڇڏيندو آهي ۽ سندس پاسا ٽارين بند ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ ڦري تترن جي پٺئين پاسي کان اچي کين رڇ جي طرف ڪاهڻ شروع ڪندو ۽ کين آهستي آهستي اهڙيءَ طرح ڪاهيندو ويندو آهي، جيئن پاسي ڀڄي نه وڃن، پر سڌو گودر ڏانهن هليا وڃن. کين اهڙي نموني آخري قطار ۾ آڻبو آهي، جهڙي نموني ڍور چرڻ لاءِ وڃڻ وقت سڌو گس (پيچرو ) وٺي هلندا آهن، پوءِ جڏهن گودر اندر لنگهڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن کين تيز ڪبو آهي، جيئن سمورا جلدائيءَ سان اندر هليا وڃن، پر جيڪڏهن ڪجهه ڍرائي ڪئي ويئي ۽ پهريون تترگودر اندر ڇيڙي تائين پهچي ويو ۽ پريان رڇ کي بند ڏسڻ تي هڪدم تيزيءَ سان واپس هٽندو ۽ ٻين کي به اڳتي وڌڻ کان روڪيندو، جنهن سبب سمورا تتر واپس دروازي مان نڪري اڏامي هليا ويندا. تنهنڪري هن شڪار لاءِ وڏي ڄاڻپ ۽ جلدائيءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ مشڪلات وارو ۽ ڏکيو شڪار آهي. شڪار وقت جڏهن سمورا تتر گودر اندر هليا ويندا آهن، ۽ ڏسبو آهي ته تتر واپس ورڻ وارا آهن ته ان وقت شڪاري جُتي ڦِٽي ڪري گودر طرف تڪڙو ڊوڙندو آهي، جنهن ڪري جيڪي تتر گودر کان ٻاهر هوندا آهن، سي اڏامي ويندا آهن، باقي اندرين کي روڪي وٺندو آهي، ۽ يڪدم گودر اندر هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ۽ ڦٿڪڻ شروع ڪندا آهن، جن کي شڪاري هڪ- هڪ ڪري جهلي گودر مان ڪڍي ڇٻيءَ يا ٽوڪريءَ ۾“ جيڪا پاڻ سان شڪار رکڻ لاءِ رکبي آهي، ان ۾ وجهندو ايندو آهي. سمورن تترن ڪڍڻ بعد گودر کي ويڙهي رکندو آهي ۽ ڇٻي پٺن سان ٻڌي ڀڳوءَ واري ڇٽي هٿ ۾ کڻي منهن سامهون ڏيئي وري ٻين تترن جي تلاش ۾ نڪرندو آهي، ۽ انهن کي هٿ ڪري ساڳئي نموني سان ڦاسائيندو آهي. اهڙي نموني روزانو ڪڏهن گهڻا ڪڏهن ٿورا تتر هٿ ڪندو آهي. ڪڏهن پنجويهه- ٽيهه تتر به جهليندو آهي ته ڪڏهن صفا خالي به رهندو. هي شڪار صبح جي وقت يا شام جو ڪري سگهبو آهي، جڏهن تتر چوڳ تي نڪرندا آهن، ۽ ظاهر ڏسي سگهبا آهن، مگر ٻنپهرن وقت شڪار نه ٿيندو آهي، ڇو ته ان وقت تتر آرام لاءِ وڻن ۾ لڪل هوندا آهن. هيءَ شڪار جيتريقدر فائديمند آهي اوترو نقصان ڪار به آهي، ڇوته شڪاريءَ جي منهن آڏو ڪپڙو آيل هوندو آهي فقط اکين وارن سوراخن سان ڏسي سگهندو آهي، سا به پري پري نظر ڪري سگهندو آهي، ان کان سواءِ سندس خيال سڄو تترن طرف هوندو آهي ۽ کيس پنهنجي اڳيان واريءَ ويجهيءَ سر زمين جو ڪوبه سڌو سماءُ نه هوندو آهي، جنهنڪري ڪٿي کڏن کوٻن ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندو آهي، وڻن جي سڪل کتين سان ٽڪرائجي ويندو آهي، جنهن مان کيس جاني نقصان پهچندو آهي ۽ بعضي ڪنهن عضوي کي ضرب اچي ويندي اٿس، ان کان سواءِ ڪنهن وقت ٻِرَ تي ويٺل يا پاٿاريل بلا سان سندس ٽڪر ٿيندو آهي، جنهن کان ڏنگجي حياتي وڃائڻي پوندي اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org