سيڪشن؛  مضمون

ڪتاب: چار مقالا

باب: --

صفحو :3

2- سنڌي ڊرامو

 

مرحوم حضرت مولانا عبيدالله صاحب سنڌي نور الله مرقده جن جي خدمت ۾ هڪ دفعي ڪنهن طالب العلم عرض ڪيو ته ”سائين، هيءُ جو قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته قيامت ۾ هر هڪ انسان جا اعمال سندس سامهون اچي بيهندا ۽ هن جا اعضا خود هن جي ڪردار ۽ گفتار، جيڪي هن فاني دنيا ۾ ڪيا هوندائين تن بابت شاهدي ڏيندا، اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ نه آئي آهي، لهاذا مهرباني فرمائي ان مسئلي تي روشني وجهڻ فرمايو! ”سبحان الله! شال رب العزت مرحوم جي خاڪ کي روشني وجهڻ فرمائي ۽ سندس روح پاڪ تي پنهنجي عنايات بي غايات جي پالوٽ ڪري، جنهن تي هن طرح ارشاد فرمايو. مولانا صاحب جن جواب ۾ فرمايو ته ”ابا، اوهان ڪڏهن سئنيما ڏٺي آهي؟ طالب جواب ۾ باادب اعتراف ڪيو ته هن ٻاهران سئنيما ڏٺي آهي. تڏهن پاڻ فرمايائون ته پوءِ معاملو صاف آهي، جڏهن کانئن وضاحت طلب ڪئي ويئي، تڏهن وري پاڻ سوال پڇيائون ته مون کي ٻڌايو ته ڪوبه اداڪار (ايڪٽر) جيڪي به عمل اسٽوڊيو ۾ ڪئميرا جي اڳيان ڪري ڏيکاري ٿو، اهو ساڳيو اداڪار، فلم تيار ٿي وڃڻ بعد پاڻ به ڪنهن سئنيما هائوس ۾ ويهي، انهيءَ ساڳئيءَ فلم جو معائنو ڪري سگهي ٿو يا نه؟ طالب وراڻيو ته تحقيق سائين، هو پنهنجي اداڪاري (ائڪٽنگ) پاڻ پنهنجي اکين سان عام تماشبينن وانگر ملاحظه ڪري سگهي ٿو. تڏهن پاڻ فرمايائون ته بس اوهان جي سوال جو جواب اوهان کي ملي ويو. طالب وري به مزيد وضاحت طلب ڪئي، جنهن تي مولانا عليه رحمته جن فرمايو ”ابا، هيءَ ساري ڪائنات هڪ عظيم اسٽوڊيو وانگر آهي، جنهن ۾ قدرت جي ڪئميرا، انساني اعمالن جي فلم متواتر تيار ڪندي ٿي رهي ۽ هن دنيا جي اسٽيج تي سڀئي انسان ائڪٽرن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا نظر اچن ٿا ۽ روزِ جزا کين پنهنجي ڪيل ڪردارن ۽ گفتارن جو نهايت چٽيءَ طرح نظارو ڪرايو ويندو، جنهن کان هو هرگز انڪار ڪري نه سگهندا. اهڙيءَ طرح هنن جا اعضا مٿن شاهد هوندا. هٿن ۽ پيرن سان جيڪي ڪيو هوندائون زبان سان جيڪي چيو هوندائون، اکين سان جيڪي ڏٺو هوندائون، ڪنن سان جيڪي ٻڌو هوندائون، اهو سڀ سندن اڳيان عيان هوندو.

مٿيون مثال مون صرف ان ڪري ڏنو آهي ته اوهان صاحبن کي يقين ٿئي ته هيءَ ڪائنات سڄو هڪ ڊرامو آهي ۽ انساني زندگي اداڪاريءَ کان زياده اهميت نٿي رکي. هن دنيا جي اسٽيج تي اداڪار انسان، پنهنجي هر هڪ قول ۽ فعل لاءِ ڪيتري قدر مجبور يا مختار آهي، ان کي بالائي طاق رکي فقط هيترو قبول ڪرڻو ئي پوي ٿو، ته هن دنيا جي اسٽيج تي ويچارو انسان محض هڪ ائڪٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون حرڪات و سڪنات ڪري رهيو آهي. درحقيقت ڊرامو هڪ فطري امر آهي ۽ ابتدائي آفرينش کان ئي وٺي انسان ۾ نقل ڪرڻ جو عنصر موجود آهي. هو هميشه ٻين جي جسماني چرپر جو نقل ڪندو رهي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو ڊرامو ڪنهن به اثر کي ٻين تائين پهچائڻ ۽ جذبات کي اڀارڻ جو هڪ ڪارآمد ذريعو ثابت ٿيو آهي. ڊرامي جي ابتدا نقاليءَ سان ٿي آهي ۽ نقالي هڪ انساني جبلت آهي، جا فطرتن سندس طبيعت ۾ سمايل آهي.

اسين روزانو ڏسي رهيا آهيون ته ٻار جڏهن سمجهه ڀريو ٿئي ٿو، تڏهن نقل ڪرڻ سکي ٿو. کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، خواه ٻي حرڪات سڪنات ۾ ٻين جو نقل ڪرڻ شروع ڪري ٿو. استاد ارسطاطاليس جو قول آهي ته نقالي انساني جبلتن ۾ داخل آهي ۽ ان جي ابتدا ٻاراڻيءَ عمر کان شروع ٿئي ٿي ۽ ان جي ارتقا جو انتهائي ڪمال عمل ڊرامو آهي، ۽ ڊرامو عين فطرت آهي. هرهڪ ننڍو پنهنجي وڏي جي نقل ڪرڻ لاءِ منتظر ۽ بيتاب آهي ۽ اها فطري بيچيني ئي، هن فن لطيف يعني ڊرامي جي ابتدا آهي، جنهن کان ادبيات جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. اهائي نقالي آهي جا ڊرامي جو پيش خيمو آهي ۽ ڊرامو ادب جي ابتدائي منزل آهي.

ڊرامي جي فن جا ڪيترا پهلو آهن؟ ڪيترا بنيادي عناصر آهن؟ ڊرامي جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ڪٿي ان جنم ورتو، ڪٿي ڦليو ڦُليو، ڪٿي پايهء تڪميل تي پهتو، اهو هڪ نهايت ئي طويل بحث آهي، جنهن جو هتي مفصل ذڪر ڪرڻ منهنجي مقصد کان ٻاهر آهي، جيئن مون پنهنجي مقالي ”سنڌي ناول“ ۾ عرض ڪيو آهي ته ادب جي هرهڪ پهلوءَ، نثر خواه نظم جي ابتدا هميشه مذهب کان ٿي آهي، ساڳيءَ طرح ڊرامي جو آغاز به ساڳين حالتن هيٺ ٿيل ٿو ڏسجي. اول اول يونانين ۽ هندن، جن جي مذهبن ۾ اصنام پرستيءَ جو رواج گهڻو هو، اتي ڊرامي جهڙي فن کي فطري سهولتون مهيا ٿي مليون ۽ هنن پنهنجي ديوتائن ۽ ديوين جي قصن کي ڊرامائي شڪل ۾ پيش ڪيو. مگر چونڪ ڊرامو هڪ قوم جي زندگيءَ جو عڪس آهي ۽ ادب جي هڪ اعليٰ ترين شاخ آهي، تنهن ڪري ضروري هو ته وقت جي حالتن موافق ڊرامي جو مقصد به بدلبو رهي، دراصل ڊرامو هرهڪ ملڪ ۽ وقت جي جدا جدا ماحول جي تقاضا آهر عوام جي اخلاق ۽ معاشري جي آئيني هجڻ جي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏوگڏ عوام جي تفريح طبع جو پڻ ذريعو آهي. درحقيقت ڊرامي جو اصل مقصد صرف تفريح نه آهي، مگر قوم لاءِ تبليغ ۽ تلقين جا فرائض پڻ افضل نموني ۾ انجام ڏيئي سگهي ٿو. مگر جهڙيءَ طرح اسان پنهنجي ناول نويسيءَ واري مقالي ۾ اشارو ڪيو آهي ته غير مهذب يا فاحش ناولن مان بجاءِ اصلاح جي بڇڙائي وڌي ٿي. ساڳيءَ طرح ڊرامي نويسيءَ جي اهم جوابداري به جيڪڏهن ڪن نااهل ماڻهن جي سپرد ڪئي ويئي ته فائدي جي بجاءِ ضرور نقصان ٿيندو ۽ عوام جي مذاق ۽ اخلاق خراب ٿيندا، تنهن ڪري ادب جي ڪشتي بانن جو فرض آهي ته بلڪل سختيءَ سان ڏسن ته ڊرامي مان سچو پچو مقصد حاصل ٿئي ٿو يا نه، ۽ ڪوشش وٺي انهن ۾ مناسب تبديلي آڻين، جيئن عوام جا اخلاق نه بگڙن، جهڙيءَ طرح اڄڪلهه سئنيمائن اندر صرف عشقيه ناٽڪ ڏيکاري قوم جي نونهالن جي ستياناس ڪئي وڃي ٿي، جنهن به کيل کي جانچي ڏسبو ته ضرور ڪانه ڪا ڇوري هوندي ۽ پٺيانس ٽولا عاشقن جا هوندا. عشق ته وري اهڙو سستو هوندو جو يا ڪنهن تالاب جي ڪناري تي گهاگهر ڀريندي اکيون اٽڪي وينديون يا ڪنهن ٽرين ۾ بئگ بدلجي وڃڻ سان نينهن جي ناؤڪ چُڀي ويندن يا ڪنهن بس ۾ ڪلهو ڪلهي سان لڳڻ شرط چت چورائجي ويندو يا ڪنهن جهنگل ۾ سير ڪندي طوفان ۾ دوپٽو اڏامي وڃي، ڪنهن عاشق بدنام جي ڪلهن ۾ پوندو ۽ حضرت عشق اچي حاضر ٿيندو يا ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ عشق جو انڌ چڙهي ويندو يا ڪنهن سئنيما جي سر ويندو يا مندر ۾ مصيبت پوندي يا ڪو موٽر جو ائڪسيڊنٽ ٿيندو يا هوٽل جي ڪمري ۾ لنئون لڳندي يا اسپتال ۾ آپريشن ٽيبل تي مٿو ويندو. مطلب ته اهڙا ڊراما ته سم قاتل کان گهٽ اثر ڪونه ٿا رکن.

منهنجي ڌيان ۾ ڊرامي جا مکيه ڀاڱا صرف ٻه آهن جن کي انگريزي زبان ۾ (1) ٽرئيجڊي (2) ڪاميڊي چيو وڃي ٿو. جن جو ترجمو عربيءَ ۾ حزنيه ۽ طربيه ٿي سگهي ٿو. سنڌي زبان ۾ ٽرئيجڊي اهو ڊرامي جو قسم آهي، جنهن جي ساري قصي جي پڇاڙي غم يا حزن ۾ پوري ٿئي. هن کي جيڪر ٻين الفاظن ۾ غم انجام ڊرامو سڏجي. ڪاميڊي اهو ڊرامي جو قسم آهي جنهن جي سڄي ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي طرب يا خوشيءَ ۾ ختم ٿئي. ان کي جيڪر ٻين لفظن ۾ خوش انجام ڊرامو ڪوٺجي. گهڻا ماڻهو اڪثر خوش انجام ڊرامي ڏسڻ ۾ راضي هوندا آهن، جنهن لاءِ هنن وٽ اهو دليل هوندو آهي ته ”هي دنيا اڳيئي رنج و محن سان ڀري پيئي آهي ۽ انسان

ويچارو سدائين پيو ڳڻتين ۾ ڳري، ويتر جو تفريح جو موقعو ملي، اهو به وڃي ڪنهن غم انجام ڊرامي ۾ صرف ڪجي ته يقينن اها هڪ مصيبت ٿي پوندي. مگر منهنجو رايو ته هيءُ آهي ته رنج ۽ مصيبت جو ڊرامو ڏسندي، انسان ڳنڀير نظر اچي ٿو، اداڪارن جي ڏک کي هو پنهنجو ڏک ڪري سمجهي ٿو. هنن کي روئندي ڏسي کانئس به کلڻ موڪلائي وڃي ٿو. هنن جي اعمالن ۾ هو پنهنجي جذبات جو عڪس ڏسي ٿو. هنن جي حياتي ۾ کيس پنهنجي زندگي نظر اچي ٿي. هو پاڻ کي انهن کان جدا ڪري نٿو سگهي. ٿورن جي پڪار هزارن جي پڪار ٿيو پوي. غم انجام ناٽڪ ڏسندي انسان جيڪي ڳوڙها ڳاڙهي ٿو سي سندس اندر جو ميل ڌوئي کيس غلاظتن کان صاف ۽ پاڪ ڪن ٿا. بيشڪ اهڙي اثر پيدا ڪرڻ لاءِ ڊرامي جو مضمون نهايت اعليٰ هئڻ گهرجي ۽ ٻولي سپڪ ۽ سلوڻي هجي. غم انجام پلاٽ، ڏسندڙ جي منهن تي ملال ضروري آڻي ٿو، مگر اهو ملال نه آهي، پر هڪ تاثر آهي جو ماڻهو جي چهري تي سندس ڪن اعليٰ خيالات ۾ محو هجڻ وقت ڏسبو آهي. خوش انجام ناٽڪ ۾ بظاهر انسان کي سڀ ڪجھ پنهنجي مرضيءَ موجب ملي وڃي ٿو ۽ اداڪار جيڪو چاهين ٿا، اهو سڀ کين حاصل ٿئي ٿو. مگر حقيقت ان جي برعڪس آهي. حياتيءَ ۾ ڪيترائي واقعا آدميءَ جي خلاف خواهش ٿين ٿا. هن جون مرادون گھڻي ڀاڱي اڻپوريون رهجي وڃن ٿيو. ڪيترا دفعا انسان جو تير نشان تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪري پوي ٿو ۽ کنڊ بدران کيس لوڻ نصيب ٿئي ٿو. غم انجام ناٽڪ ڏيکاري ٿو ته ”بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي“. انسان جي تقدير سندس تدبير کان وڌيڪ طاقت مند آهي. خوش انجام ناٽڪ ۾ هر طرف کان خوشي ئي خوشي آهي. انهيءَ دنياءَ ۾ سج اڀري ٿو تنهن کي ڪارا ڪڪر نٿا ڍڪين. انهيءَ دنياءَ ۾ دائما ڏينهن آهن. جيڪڏهن بعضي کڻي رات ٿئي به ٿي، ته اها سهائي رات آهي نه اونداهي. اتي سراسر روشني ۽ خوشي آهي ۽ ڏک درد جو ڪو به نشان ڪونهي. غم انجام ناٽڪ ڏيکاري ٿو ته گل جي چوڌاري ڪنڊن جو لوڙهو آهي. بهشت جي بهاريءَ  سان گڏ دوزخ جا عذاب به آهن. شربت جي پيالي ۾ زهر پڻ گڏيل ٿي سگھي ٿو. ائين هرگز سمجھڻ نه گھرجي، ته ڏک درد جو داستان، انسان کي محض مايوس ۽ نااميد ڪري ٿو، مگر غم انجام ناٽڪ ۾ مکيه اداڪار (هيرو) موت ۾ ئي محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو.

                         مرين تان ماڻئين، جانب جو جمال

        هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته سنڌي ڊرامن جي ابتدا ڪڏهن کان ٿي، ڪهڙين ٻولين جو مٿس اثر پيو. ڪهڙا ڪهڙا ڊراما اسان جي پياري زبان ۾ لکيا ويا. ڪهڙن ڪهڙن صاحبن هن ميدان ۾ قلم فرسائي ڪئي ۽ هن فن لطيف کي سنڌ اندر ڪهڙو مستقبل آهي؟

سال 1853ع ۾ جڏهن انگريزن جي ڪوشش سان سنڌي زبان جي الف_ب ٺهي راس ٿي، ان وقت تائين. سنڌي ناول خواهه ڊرامي جو نالو به ڪونه هو. بعد ۾ رفتي رفتي سنڌي اسڪول ۽ انگريزي اسڪول کليا، تڏهن اتي ننڍن ننڍن مڪالمن لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ جو رواج پيو، جن ۾ پاڻ خاص طرح هندو عنصر جو وڏو حصو هو. هوڏانهن هندوستان ۾ اردو زبان زور وٺندي ٿي ويئي ۽ ڪي ناٽڪ ڪمپنيون پڻ وجود ۾ آيون، جن جي سعيي ۽ ڪوشش سان چند عشقيه ڊراما ڇپجي ظاهر ٿيا ۽ اسيٽج تي آندا ويا. مثلاً راجا اندر، خدا دوست، خوبصورت بلا، هرشچندر، ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد ۽ شڪنتلا وغيره، اسان جي پياري سنڌ جي وڇڙيل تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ هڪ ”جميله“ نالي جنهن کي عام طور”جنبيلان“ سڏيو ويندو هو ۽ ٻي ”رازل“ نالي ٿئيٽريڪل ڪمپنين طرفان، نيپئر روڊ تي ٻه ٿئيٽر هائوس قائم ٿيا، مٿي ذڪر ڪيل کيل متواتر ڏيکاريا ويندا هئا ۽ سڄي سنڌ مان شوقين جوان ڪهي اچي اهي ڏسندا هئا. بعد ۾ گجراتي ڪمپنيءَ پڻ ساڳئي روڊ تي جنم ورتو ۽ هڪ شاندار ٿئيٽر هائوس تعمير ڪرايو، چونڪ سنڌي ماڻهو اردو زبان سان گھڻي قدر مانوس هوندا آهن، لهاذا انهن ۾ پڻ فني رشڪ جاڳيو ۽ چند سنڌي اديبن ڊراما لکڻ شروع ڪيا. انهن ڊرامي نويسن ۾ جيتوڻڪ وڏو حصو هندو صاحبن جو هو، تاهم اسان سنڌي زبان مسلمانن کي فخر آهي جو پهريون شخص جنهن هن راهه ۾ مضبوط قدم رکيو، اهو هو اسان جي سنڌ جو ماياناز، مشهور ۽ لاثاني اديب مرحوم مرزا قليچ بيگ صاحب حيدرآبادي. مرحوم مرزا صاحب هن فن تي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ اول حجاب جو پردو چاڪ ڪري ٻين سيکڙاٽن لاءِ راهه کولي وڌي. پهريون ناٽڪ جو مرزا صاحب مرحوم سال 1880ع  ۾ لکيو اهو هو ”ليليٰ مجنون“ ان بعد 1885ع ۾ وري خورشيد نالي هڪ ڊرامو لکيائين جو ڪنهن گجراتي ناٽڪ جو ترجمو هو. ان بعد ڪيترن هندو سڄڻن جن جي ادبي خدمات جو اعتراف نه ڪرڻ هڪ وڏو گناهه ٿيندو، هيٺئين طرح ڌڙا ڌڙ ڊراما لکڻ شروع ڪري ڏنا.

(1)              1888ع ۾ ديوان ڪوڙي مل چندن مل ”راجا هرشچندر“ نالي هڪ ڊرامو لکيو جو هڪ سنسڪرت ڊرامي جو ترجمو هو.

(2)             جلد ئي ماسٽر جيٺانند ساڪن ڀريا ”نل دمينتي“ نالي هڪ ڊرامو تيار ڪيو، جو ڪنهن هندي ڊرامي جو ترجمو هو.

(3)             مسٽر لوڪ سنگهه ۽ ليلا رام سنگھ هڪ ڊرامو ”دروپديءَ“ نالي سان لکيو.

(4)             ساڳئي مسٽر ليلا رام سنگھ ٻه ٻيا ناٽڪ لکيا جن جا نالا ”موهن تارڪا“ ۽ ”سورجن راڌا“ هئا.

ياد رکڻ گھرجي ته 1885ع کان وٺي ڊرامي نويسي شروع ٿي، مگر 1894ع تائين لکيل ڊرامن مان ڪوبه اسٽيج تي ڪونه آندو ويو. جلد ئي سنڌ ۾ ڊرئميٽڪ سوسائٽيون قائم ٿيون. مثلاً سال 1894ع ۾ ڊي. جي ڪاليج اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي، جنهن سال 1913ع  تائين چڱو ڪم ڪيو ۽ جيڪي به سنڌي زبان ۾ ناٽڪ شايع ٿيا. اهي ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي آندا ويا. سال 1896ع ۾ وري به مرزا صاحب مرحوم هڪ ڊرامو ”شڪنتلا“ نالي سان لکيو.جو اصل ڪاليداس جي هندي ڊرامي جو ترجمو هو. ان بعد حيدرآباد سنڌ ۾ به هڪ ”حيدرآباد اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ قائم ٿي. هن سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ ڪي ناٽڪ مسٽر نانڪرام ڌرمداس لکي پيش ڪيا. جن مان چند هي آهن: (1) فريبي فتنه (2) نيڪ انجام (3) پتي شيوا (4) پريم ڀڳتي جو هڪ هندي ناٽڪ ” بلو منگل“ جو لفظ بلفظ ترجمو هو. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ هڪ ٻي به ناٽڪ منڊلي قائم ٿي، جنهن جو نالو هو”نصرپور پرديسي سارسوت برهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ هن ڪمپنيءَ به ڪيترائي ناٽڪ شايع ڪرايا، جن مان چند هي آهن: (1) دورنگي دنيا (2) پريمي پتنگ (3) بيوفا قاتل (4) ڪلجڳ جا ڪلور (5) ڪشور موهني وغيره.

سال 1907ع ۾ وري لاڙڪاڻي ۾ ڊرامي جو شوق جاڳيو ۽ ”چانڊڪا اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ قائم ٿي. جنهن جو مکيه ڪارڪن مسٽر ڪشنچند بيوس هو. هن ڪمپنيءَ موهن تارڪا، هرشچندر، شڪنتلا ۽ چندرا ولي کيل اسٽيج تي آڻي ڏيکاريا. سال 1917ع ۾ ”ڌرم اپڪار اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ شڪارپور ۾ قائم ٿي. جنهن ۾ مسٽر چانڊومل کتريءَ ”مهجور“ ۽ ”چندر“ ٻه کيل لکيا.

مٿي ذڪر ڪيل زمانو سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو پهريون دﺆر چئجي ته بجا آهي، جنهن ۾ تقدير کي تدبير تي غالب ڏيکاريو ويندو هو ۽ انسان کي حقير، ناتوان ۽ عاجز تعبير ڪيو ويندو هو. هن بعد سنڌي ڊرامي جو ٻيو دﺆر شروع ٿيو، پهرئين دﺆر ۾ اوهان صاحبن ڏٺو ته سڀئي سنڌي ڊراما، اردو يا هندي ڊرامن تان ترجمو ڪيا ٿي ويا، مگر ٻئي دﺆر ۾ وري جن صاحبن انگريزي زبان ۽ ٻين ٻولين تان ڊراما ترجمو ڪرڻ جي شروعات ڪئي، هنن ترجمن جو آغاز پڻ مرزا قليچ بيگ مرحوم کان ٿيو، پهرئين دﺆر ۾ انسان تقدير تي ڀاڙي ويهي ٿو ۽ ان کي هر شيِءِ آ غالب سمجھي ٿو، مگر ٻئي دﺆر ۾ نظريو بلڪل بدليل نظر اچي ٿو، جتي انسان سعيي ڪوشش ۽ تدبير سان پنهنجي تقدير ٺاهي سگھي ٿو، ۽ عليٰ لاعلان چئي ڏئي ٿو ته قسمت انسان جي فعلن جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سندس فعل نيڪ آهي ته سندس قسمت به چڱي آهي. اهو نظريو هن دﺆر ۾ ڊرامن ۾ ان ڪري داخل ٿيو جو اڪثر ڊراما جيڪي انگريزي زبان مان ترجمو ڪيا ويا. اُهي سڀ هڪ عظيم المرتبت انگريزي ڊرامي نويس شيڪسپيئر جي ناٽڪن جو ترجمو هئا، جن جو تاڃي پيٽو اهوئي نظريو آهي. جن حضرات شيڪپيٽر جي ڊرامن جا ترجما ڪيا آهن، انهن مان مرزا صاحب مرحوم خصوصيت سان قابل آهي. صاحب موصوف هيٺيان ڊراما ترجمو ڪيا:

(1)              ڪنگ ليئر ”شاهه ايليا“ جي نالي سان.

(2)             مرچنٽ آف وينس ”حسنا دلدار“ جي نالي سان.

(3)             سمبيلائين ”شمشاد مرجانه“ جي نالي سان.

(4)             ٽوجنٽلمين آف ويرونا ”گلزار ۽ گلنار“ جي نالي سان.

(5)              هئمليٽ ”شهزادو بهرام“ جي نالي سان.

ازانسواءِ مرزا صاحب مرحوم لارڊلٽن جي مشهور ناول ” مارننگ ائنڊ نائٽ“ جو ترجمو ”فيروز“ نالي ڊرامي جي صورت ۾ ڪيو. صاحب موصوف هڪ اردو ناٽڪ ”خوبصورت بلا“ جو ترجمو پڻ ”نيڪي بديءَ“ جي نالي سان ڪيو. مرزا صاحب جي گھڻن ناٽڪن ۾ مثال طور ”خورشيد“ يا ”نيڪي بديءَ“ ۾ نثر جيڪواستعمال ڪيل آهي، تنهن ۾ تڪ بنديءَ وارو قديمي طريقو جنهن کي جيڪر شاعر اڻو نثر چئجي. اختيار ڪيل آهي.

مرزا صاحب مرحوم جي خدمت کان پوءِ جن به ٻين صاحبن ڊرامي تي طبع آزمائي ڪئي، انهن جومختصر ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. مسٽر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ شيڪسپيئر جي هئمليٽ جوسنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مسٽر ڀاڳچند آڏواڻيءَ شيڪسپيئر جي ”اَٿيلو“ نالي ڊرامي جو ترجمو ڪيو. مشهور سنڌي اديب مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ وري شيڪپيئر جي ڊرامي ”ڪنگ جان“ جو ترجمو ڪيو، جنهن جو نالو ”حرص جو شڪار“ رکيائين. انهن کان سواءِ هيٺين صاحبن سندن نالن سامهون ڄاڻايل ڊراما لکيا:

(1)              مسٽر آسانند مامتورا ٽئگور جي ڊرامي پوسٽ آفيس جو ترجمو”ڊاڪ گھر“ جي نالي سان ڪيو.

(2)             مسٽر تيرٿ وسنت ٻه ڊراما لکيا. هڪ ٽئگور جي ناٽڪ ”چترواليءَ“ جو ترجمو ٻيو شيڪپيئر جي ڊرامي ”قلو پطرا“ جو ترجمو”ملڪ“ جي نالي سان لکيو.

(3)             مسٽر شيوا سنگھ هريسنگھ اجواڻيءَ هڪ مشهور ناٽڪ نويس. شيريدان جي ڊرامي ”پزئرو“ جو ترجمو ”ڪنشٽ“ نالي سان ڪيو.

(4)             مسٽر تيجومل شاهاڻي، هڪ ڊرامو ”پرتاب سنگھ“ نالي سان لکيو.

(5)              سنڌ جي مشهور معروف اديب مسٽر لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ سن 1911ع ۾ هڪ ڊرامو ”نقد ڌرم“  ٻيو 1919ع ۾ ”ڀارت ڄاوا اٿ اٿي جاڳ“ نالي سان لکيا.

(6)             مسٽر موٽومل گدواڻيءَ سن 1927ع ۾ هڪ ناٽڪ ”وسند لڪشمي“ شايع ڪيو.

(7)             مسٽر ليکراج عزيز پڻ ٻه ناٽڪ هڪ ”ڪمار اجيت سنگھ“ ۽ ٻيو ”غريبان مار“ لکيا.

(8)             مسٽر ڪشنچند ”بيوس“ وري هڪ خوبصورت بلا، ٻيو سورداس، ٽيون هرشچندر، چوٿون پرت پوڄارڻ، پنجون هارجيت وغيره نالن سان ڊراما لکيا.

(9)             مسٽر هرومل پريمچند پڻ هڪ ڊرامو ”نول لڪشمي“ نالي شايع ڪرايو.

سنڌي ڊرامي نويسيءَ جو ٻيو دﺆر هتي ختم سمجھڻ گھرجي.

سال 1923ع ۾ جڏهن بنگلاديش جي هڪ عظيم الشان شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جا ڊراما دلچسپيءَ سان پڙهيا ۽ ترجما ڪيا ويندا هئا، تڏهن حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ ”لٽرري ڊرئميٽڪ ڪلب“ جو بنياد پيو. هن ڪلب جو اصول اهو هو ته جنهن صورت ۾ ڊرامو زندگيءَ جو هوبهو هڪ آئينو آهي، تنهن صورت ۾ ڇو نه هڪ ناٽڪ، جو سنڌي زبان ۾ لکيو وڃي، سو زماني جي حالات، وقت جي واقعات ۽ مسائل تي لکڻ ۾ اچي ۽ ان ۾ معاشرتي يا سماجي ڪمزورين کي ننديو وڃي ۽ انهن جي دور ڪرڻ جي ڪوشش وٺڻ ۾ اچي! هاڻي مٿئين اصول جي مدنظر ڊراما لکجڻ شروع ٿيا. هن ڪلب جي هڪ شاخ ڪراچيءَ ۾ کلي ۽ خانچند درياڻيءَ جيڪي چند ڊراما لکي پيش ڪيا. انهن جا نالا هي آهن:

(1)              ” ملڪ جا مدبر“ جو ”پلر آف دي سوسائٽي“ جو ترجمو هو.

(2)             ”ديش صدقي“ جو ” ميٽرلنڪ “ تان ورتل هو.

(3)             ”انسان ڪي شيطان“، ”ساروز آف دي سيٽن“ جو ترجمو هو.

(4)             ” غلط فهمي“ جو ”اسٽيلن“ تان ترجمو ڪيل هو. ان کان سواءِ ٻيا به چند ننڍا ڊراما مثلاً ”رتنا“، ”زمينداري ظلم“، ”زماني جي لهر ۽ بک جو شڪار“ پڻ لکي شايع ڪيائين. مٿي اوهان سڀ هندو صاحبن جا نالا ٻڌندا ٿا اچو، جنهن ڪري اوهان کي ضرور افسوس ٿيو هوندو ته مرزا قليچ بيگ مرحوم کانپوءِ وري ڪو به مسلمان ڊرامي نويس ٻڌڻ ۾ ئي ڪونه آيو آهي. مگر اوهان جو اهو ڏک خوشيءَ ۾ مٽجي ويندو، جڏهن اوهان کي هاڻ چند مسلم هستين جا اسماء گرامي به ٻڌڻ ۾ ايندا.

مسٽر احمد چاڳلا نالي ڪراچيءَ جي هڪ ادبي خدمتگار، حيدرآباد ٽئگور ڪلب وارن کي هڪ ”خوني“ نالي ناٽڪ تُرڪي زبان تان ترجمو ڪري پيش ڪيو. ان کان علاه هينري ابسن جي ڪن ڊرامن جا ترجما، مثلاً ”ديس جو دشمن“ ۽ ”ڀوت“ نالي پڻ لکي پيش ڪيائين. هن بعد اسان جي محترم آغا عبدالنبي ڪليڪٽر جي ڀاءُ مرحوم آغا غلام نبي خان پڻ هڪ ڊرامو بنام ”دنيا دورنگي عرف عشق نيرنگي“ شايع ڪيو، جنهن جي پڙهڻ سان نهايت گھڻو درد ۽ انتهائي درجي جي خوشي به هڪ وقت محسوس ڪئي وڃي ٿي. ان کان پوءِ اسان جي بلند پايي اديب مسٽر عثمان علي انصاريءَ جو نالو پڙهڻ سان پڙهندڙ حضرات ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙندي. صاحب موصوف پڻ شيڪپيئر جي چند ناٽڪن جا بهترين سنڌي ۾ ترجما ڪرڻ سان، سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي سنڌي ادب جا گھڻگھرا ڪڏهن به وساري نٿا سگھن. سندس ٻه ڊراما ”جرم وفا“ ۽ ”گمراهه دوست“ بيشڪ ادبي شاهڪار آهن، جي صاحب موصوف شيڪسپيئر جي ”سمبلائين ۽ ٽوجينٽلمين آف ويرونا“ تان ترجما ڪيا آهن. هن بعد وري به اسان جي هندو ڀائرن جي خدمتن جو ذڪر ايندو جن جي اڻٿڪ ڪوششن هميشه ڪجھ نه ڪجھ سنڌي ادب ۾ اضافو ڪندي رهي هئي. مسٽر لالچند امر ڏنو مل صاحب هيٺيان ڊراما لکيا:

(1) عمر مارئي (2) سسئي پنهون (3) سهڻي ميهار (4) ڪنگس وائين جو ترجمو ۽ ٻيا هڪ ائڪٽ وارا ناٽڪ لکيائين جن مان چند هي آهن: (1) لک ڏيڍ کي لت (2) وچن (3) گانڌي (4) بسنتي ديوي (5) عملدار ڪي رعيت آزار (6) سيڻ ڪي ويڻ وغيره وغيره. ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻيءَ ”ليلا چنيسر“ جي آکاڻي ”هڪ رات“ جي نالي سان ڊرامائي صورت ۾ آڻي پيش ڪئي. مسٽر رام پنجواڻيءَ وري ”مومل راڻي“ جو قصو ڊرامي ۾ آندو. پروفيسر منگهارام اُڌارام ملڪاڻيءَ پڻ هيٺيان چار ڊراما تيار ڪيا: (1) قسمت، (2) ايڪتا جو آلاپ، (3) کن جي خطا، (4) انارڪلي.

يڪبار وري به هندو ڊرامي نويسن جي وقفي کان پوءِ چند مسلم اديبن جي لکيل ناٽڪن جو ذڪر ڪجي ٿو. انهن صاحبن مان هڪ مسٽر محمد عثمان ڏيپلائي آهي، جنهن صاحب سنڌي ادب جي ميدان جي هر هڪ گوشي ۾ پنهنجو قلمي مرڪب خوب ڊوڙايو آهي. تاريخ افسانا، ناول، مذهب، فن ڊراما، شعر، سياست، مطلب ته اخبار نويسيءَ تائين به وڃي ڪمال ڪيو اٿس. هن صاحب ڪيترائي ننڍڙا انقلابي ڊراما لکيا آهن، جن جا نالا آهن: نورجھان جو پٽ، سجائي موڙي، ڪانگريسي ڄار، شاهدي ۽ نجومي وغيره.

پڇاڙيءَ ۾ بندي جو نالو به سنڌي ڊرامي نويسن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

منهنجو ڊرامو ”بدنصيب ٿري“ جو مون 1939ع ۾ تعليم بالغان جي تبليغ ڪرڻ جي خيال کان جوڙيو هو سو ڪافي مقبول عام ٿي چڪو آهي. جن صاحبن جي مطالعي هيٺ آيو هوندو، اهي ئي ان جو قدر ڪري سگھندا. نه فقط ايترو، مگر منهنجو هڪ ٻيو ڪتاب ”ڊزن ڊايالاگ“ جي نالي سان پڻ ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، ان ۾ جيڪي ٻارهن ڊايالاگ درج ڪيل آهن انهن مان هرهڪ پنهنجي جاءِ تي پسنديده آهي. علاوه ازين منهنجو ٽيون ڪتاب ”حسن پروين“ پڻ پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. هن ۾ جملي ٽي ننڍا مگر مڪمل ڊراما آهن:

(1) حسن پروين، (2) قول جي سچائي، (3) ميوه مشقت، ازانسواءِ تازو هڪ ننڍڙو هڪ ائڪٽ وارو ڊرامو ”ولي عهد جي چونڊ“ نالي سان لکي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ جي گذريل سالانه نمبر ۾ شايع ڪرايو اٿم. هو پڻ عوام کي ڪافي پسند پيو آهي.

1954ع کان وٺي هن دﺆر تائين صرف ڪن چند اديبن جا ڊراما شايع ٿيا آهن. ازانسواءِ سماهي مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ خواهه ٻين ڪن رسالن ۾ ڪي انگريزي ۽ اردوءَ تان ترجمو ٿيل ڊراما پڻ ڇپجي چڪا آهن.

جدا جدا ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ۽ ڪن ثقافتي ۽ ادبي ميڙن ۾ به بعض اوقات ڊراما اسٽيج تي آندا وڃن ٿا. اهي يا ته اڳ ۾ ئي لکيل هوندا آهن. يا وري موقعي جي مناسبت سان ڪنهن اديب کان اهڙو ڊرامو لکايو ويندو آهي.

ادبي حلقن ۾ سنڌي ڊرامي جي قلت واري احساس کي ”ريڊيائي ڊرامي“ به ڪنهن حد تائين دور ڪيو آهي. اسان وٽ ڊرامي نويسيءَ جو هو هڪ نئون قسم آهي، جو ريڊيو تان نشر ڪيو وڃي ٿو. هن وقت تائين جيڪي به وڌيڪ ڊراما لکيا ويا آهن، تن جي مختصر فهرست هيٺ درج ڪجي ٿي.

                                     

                                          ترجما

 

1. ٽپال گھر         (ٽئگور)          مترجم الاهي بخش بلوچ

2.موسم ۽ محنت  (ريڊيائي ناٽڪ) مترجم مصطفيٰ قريشي

3. سورج مکي     (ريڊيائي ناٽڪ) مترجم ممتاز مرزا 

4. معزز طوائف   (زان پال سارتر) مترجم غلام نبي ميمڻ

5.اي ڪپهه جا گوگڙا  (سردار گربخش سنگھ) مترجم: محمد خان جمالي

6.کلندي کلندي مري ويو          (چيخوف) مترجم: چنا بشير

7.انصاف                             (وليم شيڪپيئر)

                               مترجم: محبوب علي جوکيو

 

طبعزاد

 

1. چوڙيلڻ                                  رائچند چيلهار

2.. وڻجارا                                  سندري اتمچنداڻي

3. نجومي                                  محمد عثمان ڏيپلائي

4. هيڊروجن بم کان پوءِ                 ابن حيات

5. جن جھونا ڳڙهه جلايو                 ظهور انصاري

6. دريا خان                                 شبير چنا

7. دلڪشا                                  محمد اسماعيل عرساڻي

8. سورٺ ۽ راءِ ڏياج                     محمد اسماعيل عرساڻي

9. جھڪندڙ ديوارون                     موهن ڪلپنا

10. ضعيف انسان                         ايم. يو. ملڪاڻي

11. آخري رات                             ممتاز مرزا

12. گھاتو گھر نه آئيا                      سراج

13. روپ ٻهروپ (ريڊيائي ناٽڪ)        آغا سليم

14. چوراهو (ريڊيائي ناٽڪ)             مراد علي مرزا

15. اڪبر جو هڪ ڏينهن                 سراج

16. سڃا سيج پلنگ                       شبير چنو

اوهان صاحبن سنڌي زبان جي تقريبن سـﺆ سوا ڊرامن جا نالا ٻڌي في الحال ته نهايت خوش هوندا ته شڪرانا خدا جا، اسان جي سنڌي زبان به ڊرامن جو ڪافي ذخيرو رکي ٿي. مگر اوهان کي اهو معلوم ڪري بلڪل افسوس ٿيندو ته انهن ڊرامن جي حياتي فقط هڪ حباب واري حياتي هئي. انهن ڊرامن مان صرف ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا باقي وڃي رهيا آهن، جي اڃا ساهه کڻن پيا، ورنه ٻيا سڀ پنهنجي فطرت موت هن کان گھڻو اڳ مري چڪا آهن ۽ پهرين ئي ايڊيشن ڇپجڻ بعد وري ڪنڌ ڪو نه کنيائون. ان جو وڏو ڪارڻ هيءُ هو ته انهن ڊرامن مان طبعزاد ڊراما بلڪل ٿورا يا قطعي ڪونه هئا. اڪثر ڪري سڀئي ٻين ملڪن جي ٻولين تان حرف بحرف ترجما ٿيل هئا. جن ۾ تهذيب، رسم ۽ رواج پڻ ڌارين هئي. تنهن ڪري سنڌين جي دل بستگيءَ جو باعث هرگز ڪين بڻيا.

ٻيو هيءُ سبب به هو ته هندو ڊرامي نويسن جي ناٽڪن ۾ مذهبي عصبيت جو هجڻ ۽ هندو رسم ۽ رواج جو ذڪر اذڪار مسلمانن جي دلچسپيءَ لاءِ قطعن سامان مهيا ڪري نه سگھيو.

ٽيون سبب جو نظر اچي ٿو سو شايد هو ته سنڌ ملڪ جون اهي قديم آکاڻيون مثلاً مومل_ راڻو، سسئي_پنهون، عمر_ مارئي، سهڻي_ ميهار، ليلا_ مجنون ۽ دودو_ چنيسر وغيره جن کي سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن پنهنجي قصن، ڪهاڻين، شعرن، ٽيهه اکرين، ٽيهه راتين، ڏوهيڙن بيتن ۾ لکي لکي پڙهندڙن جو اهڙو ته نڪ ۾ دم ڪيو آهي. جو اهي قصا وري ٻڌڻ لاءِ هو هرگز تيار ڪين آهن. اوهان صاحبن شايد اهو مشهور قصو ٻڌو هجي ته ڪنهن ملڪ جي حاڪم پنهنجا ايلچي دنيا جي هر ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيا ته هو مختلف ملڪ گھمي اچي، کيس انهن ملڪن جو حال احوال ٻڌائين. اهي ايلچي قسمت سان اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ پڻ اچي پهتا ۽ سير وسياحت ڪري جڏهن واپس ويا. تڏهن پنهنجي حاڪم کي سڀني ملڪن جي حالات جو جيڪو جائزو ورتو هئائون، ان کان مطلع ڪيائون، جڏهن سنڌ ملڪ جو وارو آيو، تڏهن عرض ڪيائون ته حضورانور! سنڌ ملڪ ۾ مڪمل امن وامان ۽ سک سلامتي آهي. ملڪ نهايت سائو ستابو آهي. ڪنهن کي به دنيا جو ڪوبه فڪر دامنگير ڪونه آهي.  فقط هڪ ماجرا جا اسان کي ڏسڻ ۾ آئي، اها هيءَ هئي ته سنڌ ملڪ ۾ چيو ٿي ويو ته گھڻو وقت اڳي ڪي چار عورتون ٿي گذريون آهن. جن مان چون ٿا ته هڪ ويچاري رلي مئي، ٻي ٻڏي مئي، ٽي رڙي مئي، ۽ چوٿين سڙي مئي. مگر اڃا سوڌو انهن لاءِ روڄ پٽڪو لڳو پيو آهي ۽ سنڌ جا سڀئي شاعر ۽ اديب فقط انهن جي ئي مرثيه خوانيءَ ۾ محو آهن،. انهن چئن عورتن جا نالا هئا ”سسئي، سهڻي، مارئي ۽ مومل.“

درحقيقت مٿيون لطيفو صرف ان ڪري بيان ڪيو ويو آهي ته اسان جا شاعر ۽ اديب هاڻي جيڪو ڪو نئون ادبي ورق ورائين ۽ دﺆر حاضر جي ضرورتن جي عين مطابق پنهنجا اشعار، ناول يا ڊراما لکن، ورنه سنڌي قصن جون اهي چار سورميون جي شيڪسپيئر جي هيروئنن کان هزار درجه بلند مرتبه آهن، سي هرطرح عزت سان ياد ڪرڻ جي لائق آهن.

هڪ ٽيون نقص جو پڻ سنڌي ڊرامن ۾ ڏسجي ٿو، سو اهو آهي ته انهن جي ٻولي تڪ بنديءَ تي لکيل آهي، جا گويا شاعرانه نثر آهي ۽ غير فطري آهي. انڪري پڻ انهن ڊرامن گھڻي جاذبيت ڇڏي ڏني آهي. جيڪڏهن ڪوبه اديب دنيا مان رحلت ڪري وڃي ٿو ته سندس پٺيان نه هن جي اولاد ۾ صلاحيت آهي جو پنهنجي وڏي جي محنت زنده رکندو اچي ۽ وقت جي تقاضا آهر انهن کي ڇپائيندو رهي. ۽ نه وري ڪي اسٽيٽ جي طرفان اهڙا ادارا آهن، جن کي هن ادبي خزاني جي محفوظ ڪرڻ جي اون هجي، تنهن ڪري ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي جو هيءُ فن لطيف روز بروز ترقيءَ جي بجاءِ تنزل ڏي تڪڙو رڙهندو رهي!

جن به ادبي صنفن جي ترقيءَ جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي، تن سڀني مان ڊرامي جي صنف پوئتي پيل آهي، ان جا ڪهڙا اسباب ٿي سگھن ٿا، تنهن جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪري چڪو آهيا. سنڌي ڊرامن کي جيارڻ ۽ مقبول بنائڻ لاءِ گھڻي جدوجهد جي ضرورت آهي. انفرادي ڪوششيون ان سلسلي ۾ شايد بر صواب ٿي نه سگھن. اسان کي ان باري ۾ اجتماعي ۽ قومي سطع تي عملي پروگرام بنائڻ گھرجي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org